شاعري

جيڪڏهن

ڪتاب ”جيڪڏهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر حسين جاگيراڻي آهي.
حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو.
Title Cover of book جيڪڏهن

ڀلا هن ماهه پارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

ڀلا هن ماهه پارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ
ستاري يا ستارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

هزارين رنگ فطرت جي اکين مان ٿا ٽمن بابا
رڳو اڇا ۽ ڪارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

شفق کي هڪ لمحي ڏسجي ته ٻئي لمحي ۾ ڇا ڏسجي
شفق يا کير ـــ ڌارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

ته ڪنهن منظر نِگاريءَ سان اکين جي موهه کي ماريو
ته ڪنهن منظر نِگارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

چپن سان منهنجي محبوبا چٻاڙيو ذهن منهنجي کي
سفاڪا ۾ مڪارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

خزان جهڙي جواني سان اسان خوش خوش گذاريون ٿا
بسنتي هن بهارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

کُٽن سڀ پنڌ پيڙا جا وڌن يا پير باغين جا
ڦُٽن چاري مان چارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

تون ڀل معشوق جي تِر تان سڄو ”ايران“ گھوري ڇڏ
”سمرقند“ يا ”بخارا“ ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

هُو ڀائر ها ۽ هڪڙي پيءُ جو اولاد ها ٻيئي
سو ”اورنگزيب“، ”دارا“ ۾، اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

ڇُهي سگهجي چکي سگهجي نه جنهن کي مڌ مکي سگهجي
اُنهي ساري کان سارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

سڄو عالم ازّلي حسن سان سرشار ”حسين“ آهي
ته هُنَ، هڪ حسن آرا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ