ڪنهن ڀلا ڄاتو اصل آ درد جو
خواهه عورت جو هجي يا مرد جو
ڪو به ڏاهو ڪين اڪلائي سگهيو
معاشري جو معاملو يا فرد جو
ها ڪيو ڀل تذڪرو پر پيار سان
مان مريد آهيان اِنهي بيدرد جو
ڄڻ ٿئي محسوس ٿي ڪائي مٺاس
تون جڏهن نالو وٺين ٿو درد جو
ڪيترا اقبال ان ۾ نقص ها.
تو چٽيو خاڪو جو ڪامل”مرد“ جو
علامه اقبال جو مردِ ڪامل