سک يا سور زمانا ڳالهه ته ساڳي آ
تون يا منهنجي جانا ڳالهه ته ساڳي آ
ڪجهه به نئون يا ڪجهه به پراڻو ناهه رهيو
بت خانا مئخانا ڳالهه ته ساڳي آ
سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر ٺيڪ نه آ ڪجهه ڀي
دانا يا ديوانا ڳالهه ته ساڳي آ
آهه ”تضادن جي وحدت“ پر نه به هجي
ايمانا بي ايمانا ڳالهه ته ساڳي آ
دنيا آهه سراءِ مسافر ڇو سوچي
سوچي هانا يانا ڳالهه ته ساڳي آ
ڏٺم پُٺيري جنهن کي سمجھيم تون آهين
تون نه هئينءَ پر جانا ڳالهه ته ساڳي آ
Unity of Opposits
ورهيه ويا گذري جو ڪين وري آئي
خوشبوءِ رخسانا ڳالهه ته ساڳي آ
زندا مردا ڪو به فرق ناهي ڪنهن ۾
ڪاٺيون، ڪوڏر، ڪانا ڳالهه ته ساڳي آ
جي نه مُئين ”ڪربل“ ۾ ڀل ”موصل“ ۾ ئي
او ”ابنِ مرجانا“ ڳالهه ته ساڳي آ
ابن مرجانا ـــ عبيد الله ابنِ زياد، واقعه ڪربلا جو مرڪزي ڪردار.