شاعري

جيڪڏهن

ڪتاب ”جيڪڏهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر حسين جاگيراڻي آهي.
حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو.
Title Cover of book جيڪڏهن

خموشي جي خماريل ترجماني ٺيڪ آ جاني

خموشي جي خماريل ترجماني ٺيڪ آ جاني
اکين جي گفتگو ۾ بي زباني ٺيڪ آ جاني

محبت اهڙو فرقو جنهن ۾ ناجائز نه آ ڪجهه ڀي
گماني خوش گماني بدگماني ٺيڪ آ جاني

بقا جو فلسفو اصلن فنا جو فسلفو آهي
سمورو فلسفو باقي نه فاني ٺيڪ آ جاني

جنين جا آشيانا ها اُهي ڀي دربدر آهن
سو پنهنجي لاءِ هي بي آشياني ٺيڪ آ جاني

اسان جو عشق آ خالص زميني هي به ٺيڪ آهي
اوهان جو حسن آهي آسماني ٺيڪ آ جاني

سندءِ تعظيم منهنجو فرض آ سو فرض ۾ ڪهڙي
اگر پو ڀي مڃيو ٿا مهرباني ٺيڪ آ جاني

کڻي جو ڳالهه ۾ ٺهراءُ ڀي آ هچڪچاهٽ ڀي
مگر لفظن جي جملن جي رواني ٺيڪ آ جاني

مليا ڀي ناگَهاني ئي ته هاسين ناگَهاني ئي
جدا جي ٿي به وياسين ناگھاني ٺيڪ آ جاني

اسان تي ڀي پڇاڙي ۽ اوهان تي ڀي پڇاڙي آ
اسان جي ڀي اوهان جي ڀي جواني ٺيڪ آ جاني

بنيادي طور تي انسان اهڙو ناهه جهڙو آ
مگر جهڙو به آهي منهنجا جاني ٺيڪ آهي جاني