آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

پبلشر نوٽ

آتم ڪٿائون ۽ ٻيو سوانحي ادب ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ نهايت اهميت واري حيثيت رکي ٿو. سماجَ سان لاڳاپيلَ مختلف شعبن جا غير معمولي ڪَمَ ڪندڙَ ڪردارَ جڏهن پنهنجي جيونَ جي سفرَ جون ڪهاڻيون قلمبند ڪندا آهن ته اهي ڪهاڻيون نسلن جي لاءِ راهه جي روشني بڻجي وينديون آهن.
محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. اسان جا بزرگ ۽ وڏڙا جن سماج ۾ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي عمر جا سونهري ورهيه خرچ ڪري ڇڏيا انهن جي عمر جي جمع پونجي سندن تجربن جي صورت ۾ سامهون ايندي آهي. هي ڪتاب انهيءَ حوالي سان نهايت وڻندڙ ۽ اهم ڪتاب آهي، جنهن کي ڇاپيندي ادارو پوپٽ پبلشنگ هائوس نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. اميد ته پڙهندڙ به هن ڪتابَ کي جيءَ ۾ جوڳي جاءِ ڏيندا.

[b]قربان منـــــگي
[/b]چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور