منهنجا ايڪونجاهه پوسٽنگ آرڊر ٿيا.
گناهن ڀريل ۽ ثوابن کان عاري
سڄي زندگي آهي اهڙي گذاري
ڏسي ڏوهه پنهنجا ڏڪي ڏيل سارو
گناهن جي ڳٺڙي لڳي آهه ڀاري
وڃايم سموري حياتي اجائي
ڪريان ٿو مان توبهه ڪريان ٿو مان زاري
قيامت ٿي ڪوڪي سڏي ٿي قبر پڻ
الاهي نه ٿئي شل لحد منهنجي ڪاري
هتي ڀي هُتي ڀي کپي فضل تنهنجو
جهانن ٻنهي ۾ سندءِ فيض جاري
پنان تنهنجي در تان دعا روز شب ٿو
شفاعت طلب ٿو ڪريان ذات باري
”انيس“ آهه عاصي گنهگار مولا
سندءِ توهه تي آ تڳيو عمر ساري
شاعر الله بخش انصاري “انيس” لاهوري محله لاڙڪاڻو. ٻئي شعر جي هڪ مصرع ڪم جو ڪري ٿي قادري تقرير، عقل وارن جو ڪاروبار عبث ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۾ ميان علي محمد قادريءَ بابت مضمون ۾ لکيل.