آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

ڊپٽي ڪليڪٽر جي هيءَ آتم ڪٿا

علامه آءِ آءِ قاضي صاحب فرمائيندا هئا. ڏکي، سُکي، زندگي، هر ماڻهوءَ کي ميسر هوندي آهي. ائين جي، رڳو هرڪو پڙهيو لکيو ماڻهو، پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکي وٺي، ته هوندَ هر ٻوليءَ جو ادب، سوانحي ڪتابن سان مالا مال ٿي وڃي. دنيا ۾ ڏٺو ويو آهي، ته رڳو مشهور ماڻهن ئي پنهنجون آتم ڪٿائون، يا ته خود پاڻ پئي لکيون يا ٻين ڪن ته وري، ٻين قلمڪارن کان به پئي لکرايون. مثال طور هند ۾، مهاتما گانڌي، خان عبدالغفار خان، امرتا پريتم، قرة العين حيدر ۽ ائين سنڌ ۾ وري مرزا قليچ بيگ، علامه عمر بن محمد دائود پوٽي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، شيخ اياز، مخدوم طالب المولي (منهنجو ننڍپڻ) يا پرڏيهه ۾ ٽالسٽاءِ، رسول حمزه توف، پئبلو نيرودا، گارشيا مارڪُئيز، فيڊرل ڪاسترو، ۽ گورڪي وغيره پنهنجون آتم ڪٿائون پاڻ ئي لکيون آهن يعني انهن هزارين فنڪارن، مصورن ۽ سياستڪارن جو ئي ذڪر آئون نٿو ڪريان جن ٻيا قلمڪار هائير ڪري پنهنجون جيونيون انهن کان لکرايون. اجھو قطع نظر، اهڙن سوانح عمرين کان جي ويجھي ماضيءَ ۾، هندو ئي ڇا، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ به اهڙا ڪيئي ريٽائرڊ ڪامورا، ڪرنيل ۽ جرنيل تازو سامهون آيا آهن جن ماڻي ورتل ڊگهي ڄمار مان فائدو وٺندي ۽ واندڪائيءَ جي وندر طور ئي سهي ۽ باوجود پروفيشنل قلمڪار نه هجڻ جي پنهنجون طرح طرح جون آتم ڪٿائون پاڻ ئي لکي ورتيون آهن.بي شڪ ته قليچ بيگ صاحب به هڪڙو ريٽائرڊ ڪامورو (ڊپٽي ڪليڪٽر)هئو پر گڏوگڏ نشانبر، عظيم ليکڪ به هو پر هن به پنهنجي خود نوشت ”سائوپن يا ڪارو پنو“ 1923 ع ڌاري، ريٽاير ٿيڻ جي چوڏهن ورهين کانپوءِ ئي ستر ورهين جي ڄمار ۾ پهچڻ بعد لکي ڪئي.
اجھو هن، آتم ڪٿا..... ”زندگي هڪ سفر“.... جو مصنف سائين محمد علي شيخ پڻ ريٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر آهي، جنهن جي ڄمار هن وقت 90 پلس آهي. شيخ صاحب برابر ته، قليچ اصاحب وانگر روينيو ڊپارٽمينٽ مان ريٽائر ٿيل ڪامورا آهن، پر مرزا صاحب وانگر ليکڪ وغيره قطعي نه. (ها! اِها ٻي ڳالهه، ته سندن سڳن ڀاڻيجن مان، بطور ليکڪ دانشور، انعام شيخ ۽ ان جي وڏي برادر امان الله شيخ جو نالو ادب ۽ قومي سياست ۾ وڏي احترام سان ورتو ويندو آهي). جيئن هن آتم ڪٿا جي مطالعي مان، مون ڄاتو، ته محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي سائين محمد علي شيخ لاڙڪاڻويءَ جو، هونئن روينيو ڊپارٽمينٽ ۾، ڪو به ماڻهو، پوءِ تپيدار مقرر ٿئي، يا هو ڪليڪٽر وڃي بڻجي، اهڙي نوڪري، ڪوئلن جو ڪاروبار ئي سڏبي آهي، ۽ ٽانڊن جي اهڙي آڙاهه مان، ڪي آڱرين تي، ڳڻن جيترا ئي ماڻهو، گل و گلزار ٿي اتان پارُ پوندا آهن. ظاهر آهي جيئن سڀ ماڻهو هڪڙي شڪل جهڙا ناهن، ايئن روينيو جا سڀ ڪامورا به ”هٿ ـــ ڪارا“ نه چئي سگهبا. پير علي محمد شاهه راشديءَ پنهنجي مشاهيرن بابت لکيل ڪتاب.... ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ ۾ لکيو آهي..... ڇڙو هي ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا قليچ بيگ ئي نه، ٽنڊي ٺوڙهي سان واسطو رکندڙ، ڪنهن به مرزا آفيسر جي سنڌ جي ڪنهن به تعلقي ۾، جي تقرريءَ بابت ماڻهو ، ٻڌندا هئا ته سک جو ساههُ کڻي چوندا هئا.... ”هائو ٻيلي، اِهي معزز ۽ اشراف ماڻهو، اسان کان رشوت بلڪل ئي نه گهرندا“. سائين محمد عليءَ جي هن ”داستان حيات“ کي پڙهندي، بقول سندن، زندگيءَ ۾ آزمائش جا ڪيئي اهڙا سونهري طوفان چؤطرف کان مون کي ويڙهڻ ۽ وڪوڙڻ لاءِ وڌيا، پر هر اهڙي طوفان منجھان، مان عزت ۽ آبرو سان.... ”مڇڻ پاند پسايئيئن“ چئي، پنهنجا ڪپڙا ۽ روح آلوده ٿيڻ کان بچائيندو رهيس.
نهايت احتياط ۽ خوداريءَ سان، روينيو کاتي ۾ زندگي گذاري ۽ هاڻي، پوئين دؤر ۾ لکيل هن پوتا ميل کي پڙهندي پڙهندي، ڪتاب ۾ آندل البم اندر شيخ صاحب جي نيڪ صورت، تصوير ڏانهن، جنهن وقت به اک کڻي مون ڏٺو ٿئي ته ڄڻ فيض صاحب جي، هيءَ سِٽَ سندن چپن مان، مون کي صاف صاف ٻڌڻ پئي آئي: بابا..... مرزا صاحب! پڪ ڄاڻو!

هر داغ هي اس دل په، بحر داغِ ندامت

ها! ياد آيم، ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي هونئن ته ساري حياتي صاف شفاف.... پر پاڻ جڏهن ضلع دادوءَ جي ٿرڙي محبت تعلقي ۾ مختيار ڪار هئا، ته راڌڻ ريلوي اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر جي نياڻي ايلس سان عشق ۾ اکيون ضرور ته چار ڪري ويٺا هئا. پر شيخ صاحب جي هن ”زندگي نامي“ ۾ ٻيو ڪوئي عيش عشرت ته ڇڏيو، قليچ بيگ صاحب وانگر ڇڙو ڪو هڪڙو به عشق اسان کي ڳوليو نٿو لڀي، ها! ڪراچي جي ڪلبن وارا ڪي ڊانس ٻانس، يا مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ سندن عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچي بيٺل ڪي حسينائون اسان کي ضرور نظر آيون. ۽ بقول شيخ صاحب، هر اهڙي ڏکئي وقت، مان مرشد جو نالو وٺي، پاڪ و پاڪيزه دامن سان مان پارُ پوندو رهيس.
هونئن بظاهر ته هيءَ آتم ڪٿا. روينيو کاتي ۾ گهاريل 35 ورهين جي ڪٿا آهي، پر هن ڄمار (90+) ۾ وڏا سفر، نه ڪري سگهڻ جي باوجود، شيخ صاحب يادن ۾ ڊگهو سفر ڪندي، پري پري تائين نڪري ويا آهن. سندن ولادت 1924ع ڌاري سنڌ مٿان برٽش راڄ دؤران ٿي هئي. اُنَ بعد پوءِ هڪڙو پُورو خلافت موومينٽ جو دؤر.... پوءِ ورهاڱو... لڏ پلاڻ.... پوءِ فوجي راج، پوءِ قهري مارشلائون.... پوءِ نام نهاد جمهوري دؤر.... پوءِ جمهوريت جي قتلام وارو زمانو ..... وچ ۾ ڪِئَر ٽيڪر حڪومتون.... ۽ شيخ صاحب ان دؤران پنهنجي وقت جي روينيو کاتي جي آفيسرن، سنڌ جي ميرن، پيرن، وڏيرن جي عذابن ۽ هاڃن دلچسپ بيان ڪندي ڪندي، جڏهن ٻڌائڻ ٿا لڳن، ته پاڻ قائد اعظم، نواب بهادر يا جنگ، نواب غيبي خان چانڊيي، خواجه ناظم الدين ۽ سردار عبدالرب جهڙن بزرگن کي به روبرو ۽ اکين سان ڏٺو پئي. اهو پڙهي حيرت وٺيو پئي وئي، ته اڇا! گذريل صديءَ جي انهن يادگار ۽ عجوبهءِ روزگار انسانن جون مورتون به، شيخ صاحب ڏٺيون ويٺي.... ۽ اهي سڀ ته خير، ڪڏهوڪو هاڻي هليا ئي ويا، پر بقول شيخ صاحب، هن جي پنهنجن هڪ جيڏن همعصرن، همسفرن ۽ هم منصبن مان به دنيا ۾ هاڻي ڪو ورلي ئي يار، وڃي باقي بچيو آهي يعني..... بقول محسن ڀوپالي.... شيخ صاحب جي دل جي ڳالهه هتي هيءَ به ته:

محسن هماري ساٿ، بڙا حادثا هوا
هم رهه گئي، همارا زمانا گذر گيا

هونئن هن زندگي نامي ۾، اِهو پڙهي به ڪيڏي ته خوشي ٿي، جو پيراناساليءَ جي باوجود، ڪي ورهيه اڳ شيخ صاحب، عمرو به ادا ڪري آيا آهن، ۽ منجھن وضعداري اڄ به ايتري جوڪو عزيز قريب بيمار ٿئي، ته ڪوشش ڪري ان جي عيادت وڃي ڪندا ۽ جي ڪو گذاري وڃي ته هٿ فاتحه لاءِ پڻ ڏکويل خاندان وٽ وڃڻ کي پنهنجو فرض ڪري ڄاڻندا آهن. نوڪريءَ سانگي ۽ بدلين سدلين ۾، پاڻ برابر ته سنڌ جا اڪثر تعلقا ۽ ضلعه گُهمي ڦري ڏٺائون پئي، پر هاڻي واري پوئين زندگيءَ ۾، پڪنڪ بهاني ئي سهي، ننگرپارڪر، ٿر، ٺٽي، مڪليءَ جي سياحت بابت لکيل سندن احوال ۽ گڏوگڏ گدو بندر ۾ چرين جي اسپتال ۾ گهاريل ”چار گهڙيون چرين سان“ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾، شراب چڪائڻ واري فيڪٽريءَ ڏسڻ بابت، پاڻ جيڪي جيڪي پنهنجا مشاهده جنهن دلچسپ پيرائي ۾ لکيا آهن، انهن ته هن آتم ڪٿا کي ويتر ۽ بي حد دلچسپيءَ سان پڙهڻ لائق بنائي ڇڏيو آهي. ظاهر آهي، هر انسان، انسان ئي آهي ۽ فرشتو، ٿي نٿو سگهي، پر شيخ صاحب جي هيءَ آتم ڪٿا پڙهي کين آئون فرشته صنف انسان ضرور ته مڃڻ تي مجبور ٿي پيو آهيان. برابر هر انسان، عيبدار به آهي ته گنهگار به، پر جنهن حد تائين به محمد علي شيخ صاحب، پاڻ کي دنياوي گناهن، حق تلفين ۽ براين کان آجو رکي سگهيا آهن، ضرور رکيو اٿن. موٽ ۾ قدرت کين، انهيءَ جو، اُجر هي عطا ڪيو جو کين ستن نياڻين ۽ ٻن فرزندن جو نيڪ صالح اولاد عطا ڪري ڇڏيو. جيڪي هن وقت سڀ جا سڀ، اولادي اوڪادي ۽ پنهنجن پنهنجن ٻَچن سان خوش ۽ شاد آباد زندگي گذاري رهيا آهن.
ها! روان دوان ۽ سلاست ڀريي نثر ۾ لکيل، محمد علي شيخ صاحب جي هن آتم ڪٿا جي سٽ سٽ مان، ساري انسان ذات لاءِ، هڪڙو سنيهو به ته مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي.... ڪهڙو سنيهو.... ڪهڙو پيغام!؟ اجھو سندن ساري زندگيءَ جي حاصلات تي اڌارڪ، ڀٽائي صاحب جي هن سٽ وارو هي سنيهو ته.....
سا ڪا هڙ هلاءِ جو آگي اڳيان اُڀهين.


[b]نصير مرزا
[/b]