آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

رٽائرمينٽ بعد اوليائن تي


شروعاتي دور ۾ تپيدارن جو ٽريننگ ڪاليج ۽ هاسٽل پٿورو (ضلعي ميرپورخاص) ۾ هوندو هو. ڪاليج جو پرنسپال ڪنهن مختيارڪار کي مقرر ڪيو ويندو هو. لارڪاڻي ۾ مسٽر عبدالوارث شيخ جيڪو نائب دفتردار ٿي رهيو هو ۽ ان وٽ مان ڪلارڪ ٿي رهيو هئس ته پوءِ اهو پروموٽ ٿي مختيارڪار ٿيو هو، هن کي ڪنهن وقت ۾ ان ڪاليج جو پرنسپال ڪري رکيو ويو هو ۽ سندس پرنسپال هئڻ جي عرصي دوران هڪ دفعو منهنجو به وٽس وڃن ٿيو هو ۽ هڪ رات به وٽس ترسڻ ٿيو هو.
نوڪريءَ دوران ۽ رٽائرمينٽ بعد هيٺين اوليائين ڪرامن/روحاني شخصيتن/بزرگن/نيڪ ماڻهن ۽ ٻين مشهور شخصيتن جي درگاهه شريف/مقبرن ۽ مزارن تي به وڃڻ ٿيو.
• شهيد عبدالله شاهه غازي (ڪراچي)
• سيد عبدالله شاهه اصحابي (مڪلي ٺٽو)
• مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (مڪلي ٺٽو)
• حضرت لال شهباز قلندر (سيوهڻ شريف ضلعو، دادو)
• شاهه گودڙيو صاحب (تعقلو ميهڙ ضلعو دادو)
• منهنجو مرشد سائين غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني گمبٽ، ضلعو خيرپورميرس
• حضرت داتا گنج بخش (لاهور)
• 9. سائين علي اڪبر شاهه صاحب ۽ سندن ننڍو ڀاءُ سائين علي اصغر شاهه صاحب (ميهڙ ضلعو دادو)
• اولياءَ الله قائم شاهه بخاري صاحب (لاڙڪاڻو)
• بزرگ محدم عثمان صاحب (نزد ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻو)
• مزار قائداعظم محمد علي جناح صاحب (ڪراچي)
• مقبره مغل شهنشاهه جهانگير خان (لاهور)
• مقبره راڻي نورجهان (لاهور)
• مزار علامه اقبال (لاهور)
• (17،16) پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي (انهن ٻنهي صاحبن جو مزارون مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب واري مقام (مڪلي ٺٽي) ۾ آهن.
• حضرت محمد قاسم مشوري صاحب (مشوري شريف تعلقو ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو)
• درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (ضلعو مٽياري)
• درگاهه حضرت سچل سرمست صاحب (درازا ضلعو خيرپور)
• پير پاڳاري صاحب جن جي وڏن بزرگن جي درگاهه پير جو ڳوٺ (ضلعو خيرپور)
• هالا شريف ۾ مخدوم خاندان وارن بزرگن جي درگاهه (ضلعو مٽياري)
• درگاهه اولياءَ الله شاهه اسماعيل صاحب (پريان لوءِ، ضلعو خيرپور)
• شهيد مخدوم بلاول صاحب جن جي درگاهه (مخدوم بلاول، ضلعو دادو)
• (26،25) علامه آءِ آءِ قاضي ۽ محترمه ايلسا قاضيءَ جون مزارون (ڄامشورو ضلعو دادو)
• (27) درگاهه اولياءَ الله پير پيهل صاحب (ڳوٺ ٻٽ سرائي منهنجو آبائي ڳوٺ تعلقو ميهڙ)
• (28) درگاهه سائين سمن سرڪار (تعلقه ٽنڊو باگو ضلع بدين)
(هن درگاهه تي ويندڙ زيارتي پاڻ سان گڏ اڪثر ڪڪڙ کڻي ويندا آهن، جيڪا هڪ روايت آهي، اهڙي ريت اُهو ڪڪڙ درگاهه جي متوليءَ کي ڏيندا آهن، درگاهه جي ان وقت جي متوليءَ سان به ملڻ ٿيو هو).
ضلعي بدين ۾ لواريءَ به وڃڻ ٿيو هو پر درگاهه بند پئي هئي ۽ اتي پوليس ڊيوٽيءَ تي هئي. اتي هر سال نقلي حج ڪرائڻ چاهيندا هئا، انهيءَ ڪري حڪومت سال بسال قلم 144 لڳائي نقلي حج ڪرائڻ تي پابندي هڻي ڇڏيندي آهي ۽ درگاهه بند رهندي آهي.
28. مزار شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب
29. مزار شهيد مير مرتضيٰ ڀُٽو صاحب
30. مزار شهيد شاهنواز ڀُٽو صاحب
31. مزار شهيد سنڌ جي راڻي بينظير ڀُٽو صاحبه
(مٿيون چارئي مزارون هڪ ئي هنڌ ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀُٽو تعلقي رتيديري ۾ آهن).
(32) ڳڙهي خيرو (ضلعي جيڪب آباد) ۾ به هڪ بزرگ جي مزار تي وڃڻ ٿيو هو پر بزرگ صاحب جو نالو ذهن ۾ نه ٿو اچي.
(33) بزرگ حماد الله صاحب هاليجي شريف (تعلقو پنو عاقل، ضلعو سکر).
(34) درگاهه شاهه پنجو صاحب (تعلقو ميهڙ).
(35) درگاهه شريف ميان غلام صديق شهدادڪوٽ (ضلعو لاڙڪاڻو).
(36) بزرگ ويهڙ شريف (ضلعو دادو).
(37) درگاهه عبدالرحيم گرهوڙي شريف