آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

آغازِ سفر

منهنجو جنم تاريخ 12 اپريل 1924 تي ڳوٺ ٻُٽ سرائي تعلقي ميهڙ ۾ ٿيو. مان اڃا ٻارنهن مهينن کن جو هوس ته منهنجو والد بزرگوار مهرالله خان شيخ منهنجن ناناڻن واري ڳوٺ (پنهنجن ساهرن ۾) آريجا تعلقي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو. کيس اتي ئي دفنايو ويو. ايئن مان يتيم ٿي ويس. ڪافي عرصي گذرڻ ۽ سم سيلاب جي ڪري آريجن واري مقام ۾ ٻين پراڻين قبرن وانگر منهنجي والد مرحوم جي قبر جو نشان ته هن وقت موجود نظر نٿو اچي. تنهن هوندي به، وقتي وقتي اتي مُقام تي وڃي کيس ۽ مقام ۾ سڀني دفن ٿيل ميتن کي قُل پڙهي ختمو بخشي ايندو آهيان.آريجين گهڻو ڪري نثار علي عباسي جن سان وڃڻ ٿيندو آهي.
يتيم ٿيڻ کان پوءِ مان پنهنجن چاچن جي زير ڪفالت رهيس. مون کي چار چاچا 1- الهڏنو خان مرحوم 2- غلام محمد خان مرحوم 3- ميان نور گل خان مرحوم ۽ 4- محمد ادريس خان مرحوم هئا. وڏي ۾ وڏي چاچي الهڏني خان مرحوم کي مان بابو ۽ سندس فرزند مرحوم غلام نبيءَ کي ادا ڪري سڏيندو هوس. اڄ به جڏهن ڪٿي سندن ذڪر نڪرندو آهي ته کين ايئن ئي سڏيندو آهيان. بابو الهڏنو خان مرحوم روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار رهي رٽائر ٿيو ۽ اپريل 1980ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪيائين. چاچو غلام محمد مرحوم مختيارڪار ٿي سال 1969ع ۾ رٽائر ڪيو ۽ 67 سالن جي عمر ۾ جولاءِ 1979ع ۾ وفات ڪري ويو. چاچي نور گل خان مرحوم کي ڪرياني جو دڪان هو ۽ هن اپريل 1977ع ۾ وفات ڪئي. چاچو محمد ادريس مرحوم درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ هو پنهنجن مٿين ٽنهي ڀائرن کان اڳ وفات ڪري ويو هو.
بابي الهڏني مرحوم جو وڏو فرزند ادا غلام نبي مرحوم، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر جي عهدي تان دادوءَ مان رٽائر ٿيو هو ۽ 55 سالن جي ننڍي عمر ۾ ڪراچي اسپتال ۾ زير علاج هئڻ دوران وفات ڪيائين. کيس 5 آڪٽوبر 1977ع تي لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. چاچي محمد ادريس مرحوم جو اڪيلو فرزند رحمت الله سال 1964ع ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو ۽ پويان بيواهه ۽ هڪ پٽ رفيق احمد ڇڏيائين.
جيئن ته پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ترت ئي اسان جو سمورو خاندان آبائي ڳوٺ ٻُٽ سرائي ڇڏي اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش پذير ٿيو هو، انهيءَ ڪري منهنجا چارئي چاچا، ادا غلام نبي مرحوم منهنجو سؤٽ رحمت الله .... ۽ منهنجي ڏاڏي سڀ لاڙڪاڻي جي ابوبڪر مقام ۾ دفن ٿيل آهن. جيتوڻيڪ اسان جو گهر لاڙڪاڻي ۾ آهي، پر سال 3 مئي 2000ع کان حيدرآباد ۾ رهندا آهيون. منهنجي والده جنهن تاريخ 17 مئي 2004ع تي هتي حيدرآباد ۾ ئي وفات پاتي، ان کي به لاڙڪاڻي کڻائي وڃي ابوبڪر مقام ۾ ئي ٻين سڀني دفن ٿيل عزيزن جي ڀرسان دفنايو ويو. البت منهنجو ڏاڏو سدا رنگ خان مرحوم آبائي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ ۾ ئي مدفون آهي جو هن اتي وفات پاتي هئي. اسان جي اصلي آبائي ڳوٺ مان سڀ شيخ لڏي اچي هاڻي لاڙڪاڻي ، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا آهن.
اسان جي ڳوٺ ۾ ٻين ذاتين، جهڙوڪ اسراڻ، ٻٽ، ميراسي، قمبراڻي، حجم، يوڌ، پتوجا، پير گهراڻو، سيد سڳورا، ڊکڻ، ميربحر ڪنڀر وغيره اڃان به رهندڙ آهن. انهن ذاتين وارن مان پڻ جزوي فردن، نوڪريءَ يا ڌنڌي ڌاڙيءَ سانگي، لڏي وڃي ڪي ٻيا شهر وسايا آهن، پر انهن جي گهڻائي اڃا تائين پنهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ ۾ ئي رهي ٿي.
اسان جي ڳوٺ ۾ هندو به گهڻي تعداد ۾ رهندڙ هئا، جن کي پنهنجيون زمينون، باغ ۽ واپار ڪاروبار هئا، تن ۾ سيٺ نارو مل تمام مشهور ماڻهو هو، پر اهي سڀ هندو لڏي گهڻي ڀاڱي هندستان هليا ويا. تنهن وقت اسان جي ڳوٺ جا زميندار سرائي عبدالرحمان اسراڻ مرحوم، سرائي علي مراد مرحوم ۽ سرائي غلام رسول ٻٽ مرحوم هئا، جن جي ڳوٺ توڙي آسپاس ۾ سٺي عزت هوندي هئي.
انهن کان علاوه پير حجت الله شاهه مرحوم جو به ڳوٺ توڙي پسگردائيءَ ۾ سٺو اثر رسوخ هوندو هو. سندس مريدي خادمي به چڱي خاصي هئي. پير حجت الله شاهه مرحوم ڏاڍو رعبدار ۽ هشمت وارو هو ۽ سندس ڳالهائڻ به ڀڀڪيدار هوندو هو. بدن ۾ ڪجهه ڀريل هو، پر سندس قد ڪاٺ مطابق ڏاڍو ٺهندڙ بت هوس. سندس مُنهن ويڪرو ۽ گهاٽي ڪاري سونهاري مبارڪ سندس منهن تي گهڻي ٺهندي هئي ۽ دستار مبارڪ پڻ اهڙي ته سهڻي ٻڌل هوندي هئي، جو مون مٿين مڙني وصفن ۽ سندس سهڻي شڪل شباهت جهڙو ٻيو ماڻهو اڄ تائين نه ڏٺو آهي. نماز پڙهائڻ ۾ سندس قرائت بلند آواز، سهڻي، بلڪل کليل ۽ دل کي ڇڪيندڙ هئي. پير حجت الله شاهه جو ننڍو ڀاءُ انور شاهه به چڱي شڪل شباهت وارو هو، البت خاموش طبع هو، هو پڻ وفات ڪري ويو آهي ۽ ٻڌجي ٿو ته هن پٺيان ڪافي ملڪيت ڇڏي آهي. پير حجت الله شاهه مرحوم نهايت ڪشادي هٿ هئڻ جي ڪري، پنهنجي ننڍي ڀاءُ مرحوم انور شاهه جي ڀيٽ ۾ ڪا خاص ملڪيت ڪانه گڏ ڪئي هئي.
پير حجت الله شاهه مرحوم جو ذڪر نڪتو آهي ته ان بابت ڪي احوال اتي ئي لکي ٿو ڇڏيان. سال 1960ع ۾ وارهه ۾ تعلقي هيڊ منشي هوس. هڪ ڏينهن آفيس کان موٽيس ته ٻن ٽن مريدن سان گڏ منهنجي جاءِ تي ويٺل هئا. ساڻن ملي خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ سندن تڪليف ڪري اچڻ جو پڇيو. پاڻ چيائون ته اسان جا ڪجهه مريد مختيارڪار جي ڪورٽ ۾ مٿن هلندڙ ڪيس ۾ جيل ۾ بند آهن. انهن جو اسان کي ضامن ڪرائي ڏي. مون پير صاحب جن کي چيو ته مختيارڪار صاحب آهي پنهنجي خيال وارو ماڻهو، پر اوهان اميد سمجهي تڪليف ڪري آيا آهيو، انهيءَ ڪري مان کيس عرض ڪري ڏسان ٿو. پوءِ مختيارڪار منهنجي چوڻ تي انهن جوابدارن جو ضامن منظور ڪري کين آزاد ڪيو ۽ پير صاحب جن وٽ، جيڪي ڳوٺ جي هجڻ ڪري اميد ڀانئي آيا هئا، انهن وٽ منهنجي پَت رهجي آئي.
اسان جي ڳوٺ ۾ پير پنهل صاحب جن به وڏي بزرگ هستي ۽ ڪرامت وارا پير ٿي گذريا آهن. مون حياتيءَ ۾ پاڻ ته کين ڪونه ڏٺو هو، پر بابي الهڏني خان مرحوم، جيڪو دادو ضلعي ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ نوڪري ڪري چڪو هو، تنهن پير صاحب جن جي هڪ ڪرامت ٻڌائي هئي ته پير صاحب جن جا ٻه نوجوان نينگر هڪ ڀيري ٻه چار مريد ساڻ کڻي ڪاڇي ڏانهن سفر تي ويا هئا ته اتي ڪن ماڻهن ٻنهي نينگرن کي روڪي رکيو ۽ کين چيائون ته جيستائين اوهان جا والد بزرگوار پير صاحب جن پاڻ اچي اسان کي پنهنجي ڪا ڪرامت نه ڏيکاريندا، تيستائين اوهان کي هتان وڃڻ جي اجات نه ڏينداسين.
پير صاحب جي نينگرن انهيءَ ماجرا بابت هڪ درد ڀريو خط پنهنجي والد صاحب جن ڏانهن لکي موڪليو، جو کين ان وقت پهتو، جنهن وقت هو جمعي جي نماز جو خطبو پڙهي رهيا هئا. خطبي پوري ڪرڻ کان پوءِ پير صاحب جن اهو خط پڙهي روئي ويٺا ۽ جمعي جي نماز کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه مريد ساڻ کڻي، جتي سندن نينگر هئا، اوڏانهن روانا ٿيا. هوڏانهن ان ڳوٺ جي ماڻهن کي جڏهن پير صاحب جن جي اچڻ جي خبر پئي ته هنن ڇا ڪيو جو هڪڙي جيئري ماڻهوءَ کي ڪفن پارائي ميت طور کٽ تي سمهاري ڇڏيائون. پير صاحب جن اتي پهچي نينگرن سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري پر فرضي ميت جي وارثن کين اڳ ۾ ميت جي جنازي نماز پڙهڻ لاءِ عرض ڪيو. پير صاحب جن ڏانهُن ڏسي وري به کين نينگرن سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيو، پر هنن وري به جنازي نماز پڙهڻ لاءِ اصرار ڪيو. پير صاحب جن پوءِ فرضي ميت جي وارثن کان اجازت وٺي جنازي نماز پڙهي ڇڏي.
جنازي نماز پڙهڻ کان پوءِ ميت جي وارثن پير صاحب جن کي چيو ته سائين اسان اوهان جي ڪرامت ڏسڻ لاءِ هڪ زندهه ماڻهوءَ کي فرضي ميت ڪري سمهاريو هو. پير صاحب جن فرمايو ته بابا وڃي دفنايوس. وارثن جان کڻي ڏٺو ته واقعي به اهو ماڻهو رحلت ڪري ويو هو ۽ کيس وڃي دفنايائون.
پير صاحب جن جي اها ڪرامت ڏسي سڀني کين پيرن پئي آزيون ڪري معافي ورتي ۽ نه رڳو هڪدم کين سندن نينگرن سان ملايائون پر سڀ سندن مريد ٿيا ۽ ايئن سڄو ڪاڇو سندن مريد ٿي پيو.
ان وقت کان وٺي اڄ تائين پير صاحب جن جي گاديءَ جا ڪاڇي ۾ تمام گهڻا مريد آهن. جيتوڻيڪ اسان جي ڳوٺ جي زميندارن جو پاڻ ۾ ٺاهه بلڪل ڪونه هو ۽ هڪٻئي جا سخت مخالف هئا پر تڏهن به راڄ، ڳوٺ وارن کي هروڀرو آزاريندڙ نه هئا. ڳوٺ وارا سڀ پڻ هڪٻئي سان (هندو توڙي مسلمان) تمام ميٺ محبت ۽ امن امان سان گذاريندا هئا. البت سرائي غلام رسول ٻٽ مرحوم ۾ غرور ڏاڍو هوندو هو. هن کي خاص ڪري شيخن جي ڳوٺ ۾ پڙهيل لکيل هجڻ ۽ ڪاروبار هجڻ ڪري عوام ۾ عزت هوندي هئي. اها هن جي دل تي بار هوندي هئي. ايتريقدر جو بابي الله ڏنو خان مرحوم جو تنهن وقت تپيدار هو ۽ کيس عزت سان ڏٺو ويندو هو. اوطاق ۾ قران مجيد جي تلاوت ڪندي مٿس محمد قنبراڻيءَ هٿان حملو ڪرايو هئائين.
ڳوٺ ۾ ڪو سنهو ٿلهو جهڳڙو ٿيندو هو ته ڌرين وچ ۾ فيصلو ڳوٺ جا واسطيدار زميندار ئي ڪري ڇڏيندا هئا. تنهن وقت ڪي فيصلا خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ مرحوم ويٺل خيرپور جوسو، تعلقه قمبر، ضلع لاڙڪاڻو، به اچي ڪندو هو. هو بي ريائيءَ ۽ انصاف سان فيصلي ڪرڻ ۾ وڏي شهرت رکندو هو ۽ انهيءَ ڪري ان جي ڪيل فيصلي کي هر ڪو دل سان قبول ڪندو هو.
هڪڙي هنڌ ته مون هڪ معزز ماڻهوءَ واتان خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ مرحوم جي ڪيل هڪڙي فيصلي بابت ته ايئن به ٻڌو هو ته سندس هڪ ڀائٽيي هڪ ٻانهن زوريءَ کڻي اچي پاڻ وٽ ويهاري هئي. تنهن عورت جو مڙس وٽس اچي دانهي ٿيو، جنهن تي خانبهادر صاحب پنهنجي ڀائٽيي کي گهرائي گهڻو سمجهايو ته ٻانهن واپس ڪري، پر هن جي گس گساءُ ڪرڻ تي کيس ايئن چئي ڏنائين ته تون جيڪا ٻانهن کڻي آيو آهين ۽ اها توکي وڻي ٿي ته ٺيڪ آهي تون اها ڀلي پاڻ وٽ جهل ۽ پنهنجي زال کي وٺي اچ ته اها هن دانهي آيل مڙس جي حوالي ڪريان. هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو! ان چوڻ تي سندس ڀائٽيو کڻي آيل ٻانهن وٺي اچي سندس مڙس جي حوالي ڪئي. (وڌيڪ خبر خالق کي.)
(اڄ ڪلهه جيئن ته اهي حق جا فيصلا ڪرڻ وارائي نه رهيا آهن، انهيءَ ڪري هاڻي وارن فيصلن کي ڌرين پاران مڃيو ئي ڪونه ٿو وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ تڪراري ڌرين ۾ جهيڙا ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندا ٿا وڃن.)
ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوبه شيعو ڪونه ٻڌبو هو. پر ڀرپاسي واري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪي شيعا رهندڙ به هئا ته اهي به ڪڏهن ماتمي جلوس ڪڍي اسان جي ڳوٺ جو پاسو ڏئي لنگهڻ جي جرئت به نه ڪري سگهندا هئا. هينئر ته قصو ئي تبديل ٿي ويو آهي ۽ ٻٽ سرائي ۽ ميهڙ تعلقي جو ڳوٺ شاهه پنجو شيعن جا ڳڙهه سڏجن ٿا. ٻٽ سرائيءَ ۾ ته محرم جي تيرهين تاريخ تائين ماتم ٿيندو آهي ۽ اتان جو علي گوهر ٻٽ مرحوم (سرائي غلام رسول جو پٽ) دادو ضلع شيعا تنظيم جو صدر به هو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ منور علي خان ٻٽ پڻ ڪٽر شيعو آهي. البت سندن وڏو ڀاءُ مرحوم محمد صالح خان اهلسنت هو.
سيد محمود شاهه، سيد عبدالفتاح خان مرحوم جو پٽ، جيڪو پڻ اڳ اهلسنت هو، سو به هينئر پڪو شيعو ٿي ويو آهي.
اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان (ناري واهه جي پرئينءَ ڀر) جهتيالن جو ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ جو محراب خان جهتيال پنهنجي دور جو وڏو ناليوارو ملهه هو. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ يا تر ۾ چوري چڪاريءَ جي واردات به ڪا ورلي ٻڌبي هئي، سا به ڪنهن ڍور ڍڳي جي. پر ڀاڳئي جي سجاڳ ٿيڻ تي چور کيس گهوٻاٽا (ڏيڍ هٿ کن ڪاٺيءَ جا گهڙيل ڪلا) ڇاپڙ ڪري هڻي ڍور ڇڏي پاڻ بچائي ڀڄي ويندا هئا ۽ اڄ جهڙو ظلم ڪونه هو، جو ڀاڳئي جي جاڳڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليءَ جو نشانو بڻائي ٿڏي تي ماري وڏي آرام سان چور/ڌاڙيل هليا ٿا وڃن ۽ ڪوبه داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي. الٽو گهر ڌڻي، پوليس جا ڏنل عذاب پيا ڀوڳين.
اسان جي ڳوٺ ۾ البت ٻه ڄڻا بخشل ميراثي ۽ شريف لوهر چور ٻُڌبا هئا، پر اهي به ڳوٺ يا ويجهي تر ۾ ڪا واردات ڪونه ڪندا هئا. اهي پري ڪنهن جوءِ ۾ وڃي چوري چڪاري ڪندا هئا.
البت ڳوٺ ۾ چوريءَ جي هڪ انوکي واردات ٿي هئي. اها به منهنجي چاچي ميان نور گل خان جي دڪان مان ٿي هئي، جا ٻن ڄڻن حافظ محمد عثمان ۽ فريد ڪئي هئي. محمد عثمان اکين کان نابين هئو پر هن جا ٻيا حس ڏاڍا تيز هوندا هئا ۽ فريد اک کان ڪاڻو هوندو هو. هنن دڪان مان عطر جون شيشيون، ڏونگهيءَ جا کوپا ۽ نباتون وغيره کڻي وَرَ ۾ وجهي، جيئن دڪان مان ٻاهر نڪري رهيا هئا ته چوڪيدار کين ڏسي ورتو ۽ اچي حافظ عثمان کي پڪڙيو. باقي سندس ساٿي ڀڄي وڃي ڳوٺ کان ٻاهر اسڪول جي ڇت تي چڙهي سمهي پيو. چوڪيدار عثمان چور کي (جو نابين هو ۽ ڀڄي نه سگهيو) گهليندو پئي آيو ته سندس ور مان چورايل شيون ڪرنديون پئي آيون. پوءِ چوڪيدار هن کي اوطاق ۾ اچي سرائي علي مراد اسراڻ زميندار آڏو پيش ڪيو ۽ کيس سموري حقيقت ٻڌائي. سرائي علي مراد خان ته پوءِ عثمان چور تي پادر وسائڻ شروع ڪري ڏنا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيو چور فريد پاڻ پنهنجي ساٿيءَ کي ڏسڻ لاءِ اوطاق ۾ آيو؟ ڏٺائين ته هن تي پادرن جو وسڪارو هو. جنهن تي هن کي الاهي ڪهڙي کٽيءَ کنيو جو سرائي علي مراد کي چيائين ته هڻوس حراميءَ کي پادر. فريد جو آواز ٻڌي عثمان رڙ ڪندي زميندار کي چيو ته سائين اهو حرامي به مون سان گڏ هو. جنهن تي هن عثمان کي ڇڏي، فريد تي موچڙن جو ٺاهوڪو وسڪارو ڪڍي، ٻنهي کي سيکت ڏئي اوطاق مان روانو ڪيو. ان واردات سبب ڳوٺ ۾ هڪ پهاڪو مشهور ٿي ويو ته ”ڄڻا ٻه، اک هڪ، هليا آهن چوريءَ تي.“
تن ڏينهن ۾ عبدالرحمان بروهي نالي ڌاڙيل جو وڏو ڏهڪاءُ هوندو هو. ٻڌبو هو ته سندس ڀيڻ به سدائين ڌاڙن ۾ ساڻس گڏ هوندي هئي. هن لاءِ اهو پڻ ٻڌبو هو ته هو گهڻو ڪري وڏن ماڻهن کي ڌاڙا هڻندو هو ۽ کانئن ڦريل رقم غريبن کي ڏيندو هو. اهو به ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته هن کي هڪ تعويز ٻڌل هوندو هو، جنهن ڪري مٿس گولي به اثر نه ڪندي هئي.
ضلعي لاڙڪاڻي ۾ به ليمي ڪوش نالي وڏو ڌاڙيل مشهور هو، پر هو قرآن شريف جو وڏو احترام ڪندو هو. هڪ ڀيري منهنجن ناناڻن واري ڳوٺ آريجن ۾ هڪ شاديءَ جي موقعي تي ڌاڙو هڻڻ آيو ۽ ڀر واري گهر جي ڏاڪڻ تي چڙهي شاديءَ واري گهر ۾ وڃڻ جي پئي ڪيائين ته گهر ۾ عورتن ڪلام پاڪ مٿي تي رکي کيس ان جا واسطا وڌا، جنهن تي هنن کي چيائين ته ڪلام پاڪ هيٺ ڪيو ۽ هن ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ ساٿين سميت واپس هليو ويو.
ٻئي موقعي تي ليمون ڪوش ساٿين سميت منهنجي ناني رضا محمد مرحوم جي ڪپڙي جي دڪان ۾ ڌاڙو هڻڻ آيو. هن جي ساٿين ڪاٺ جي پيتيءَ مان ڪپڙن جا تاڪيا پئي ڪڍيا. ڳاڙهي پوتيءَ ۾ ويڙهيل قرآن شريف به اتي موجود هو. جيڪو هنن ٻاهر ڪڍيو ته ان کي ڏسي پنهنجن ساٿين کي چيائين ته اهو قران شريف آهي ڇا!؟ پر هنن کيس چيو هيءَ کنڌيءَ جي بندي آهي ۽ پوءِ هو ڪپڙو کڻي فرار ٿي ويا. ان کان ترت پوءِ ليمي ڪوش کي گولي لڳي هئي. هُو علاج هڪڙي خانگي ڊاڪٽر کان ڪرائيندو هو، پر ان مان بچي ڪونه سگهيو ۽ مري ويو. هاڻي ته ڌاڙيلن جا اڻکٽ ٽولا ٺهي ويا آهن، جيڪي اغوا جهڙيون وڏيون ۽ ٻيون راهزنيءَ جون عام جام وارداتون ڪندا ٿا رهن، پر سرڪاري/حڪومتي مشينري انهن آڏو بلڪل بيوس بڻيل آهي.
ملڪ ۾ سستائپ به ان زماني ۾ ڏاڍي هوندي هئي. مون کي اڄ به چڱيءَ طرح ياد اچي ٿو ته هڪ رپئي ۾ خالص مکڻ پنج پاءُ ملندو هو.
ماڻهو سادو کائيندا ۽ سادو هنڊائيندا هئا. پئسي ڏوڪڙ جي جيتوڻيڪ فراواني ڪانه هوندي هئي ته به ماڻهن وٽ شڪر ڏاڍو هوندو هو ۽ اڄ وارو قصو ڪونه هو جو پئسي جي گهڻائيءَ هوندي به ۽ خوش خوراڪ ۽ خوش پوشاڪ هوندي به، وڏي بي شڪري ۽ وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ جي هوس ۽ حرس عام آهي. جنهن جو نتيجو بي برڪتيءَ جي صورت ۾ سڀ اڳيان چِٽو آهي. کاڌي پيتي جون سڀ شيون جهڙوڪ: کير، مکڻ، گيهه، اٽو ويندي مرچن، مصالحن وغيره تائين، بلڪل خالص ملنديون هيون. اڄ جي دور وارو ملاوٽ جو مرض ۽ ماپ تور ۾ به کوٽ ڪرڻ جو ته تصور ئي نه هو. دڪاندار مورڳو سڀ سودو اَٽل سان ڏيندا هئا. گهرن ۾ به خالص مکڻ مان تيار ڪيل شيون استعمال ٿينديون هيون. اڄ وارن استعمال ۾ ايندڙ کاڌي جي تيلن_ ڊالڊا، حبيب ڪڪنگ آئل، پڪوان، تلو، مطلب ته ڪنهن به قسم جو تيل ڪونه استعمال ٿيندو هو. نه رڳو اهو پر پوءِ جڏهن ڊالڊا پهريائين ڪم اچڻ شروع ٿيو ته ماڻهوءَ کي ڊالڊا جو دٻو ظاهري کڻي اچڻ ۾ شرم محسوس ٿيندو هو ته جيئن ڪو ڏسي نه وٺي. انهيءَ ڪري لڪائي لڪائي آڻيندا هئا. کاڌي جي شين ۾ ملاوٽ جو مرض مهاجرن جي اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو. ڳاڙهن مرچن ۾ پڪين سرن جو پائوڊر ملائڻ، ڪارن مرچن ۾ پپيتي جو ٻج ۽ ڪڻڪ جي پيسائيءَ مهل ان ۾ سڪل مانين جو چورو گڏائڻ به انهن مهاجرن جون ئي ايجاد آهن. اهو ملاوٽ جو مرض ته هاڻي نه رڳو شهرن ۾ هلندڙ آهي پر هاڻي ته اهو به ٻڌجي پيو ته ٻهراڙين ۾ مکڻ لاءِ جيڪو کير ڄمائي ولوڙجي ٿو، ان ۾ ڊالڊا گڏي پوءِ ولوڙي ملاوٽي مکڻ ٺاهيو وڃي ٿو ۽ لسي هاري ٿي ڇڏجي جو اها پيئڻ جي قابل نه ٿي رهي. ڀاڳيا صبح وارو کير به گهڻو ڪري گهرن ۾ يا هوٽلن تي ئي وڪرو ڪري ٿا ڇڏين. ٻهراڙي وارن جو به هاڻي گهڻو زور چانهه تي آهي. اڄ ته آفيم جي موالين کي به آفيم خالص نٿو ملي ۽ اهي ان ۾ رسول جي ملاوٽ جي شڪايت ڪندا آهن ۽ ٻاڙ پوري ڪرڻ لاءِ کين آفيم جو مقدار وڌائي کائڻو ٿو پوي.
اسان جي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ رائيس ڪئنال (جنهن کي نارو سڏيندا هئاسين) تمام ويڪرو، اونهو ۽ تمام تيز وهڪري سان وهندو هو ۽ يڪ ساهي ٽٻي هڻي ناري جي پرئين ڪپ تي پهچڻ به ڏکيو لڳندو هو. هاڻي ته اهو نارو ئي نه رهيو آهي. لٽجي سوڙهو ٿي ويو آهي. ڳوٺ کان ٿوري مفاصلي تي مٺياڻين جو ڳوٺ اوڀر پاسي ۽ ٻيٽو جتوئي (عبدالحميد خان جتوئيءَ جو ڳوٺ) اولهه پاسي اٽڪل ٻن اڍائي ميلن جي پنڌ تي آهن. ناري (رائيس ڪئنال) جي پرينءَ ڀر جهتيالن ۽ ڪانڌڙن جا ڳوٺ آهن ۽ اسان جي ڳوٺ جي ميربحرن جا انبن وارا باغ به اُن ڀر هوندا هئا. اسان جي ڳوٺ ۽ مٺياڻين جي وچ تي ناري لڳ سيٺ نارو مل جو انبن وارو باغ هوندو هو. جنهن جا توڙي مير بحرن جي باغن جا انب به ڏاڍا مٺا ۽ لذيذ هوندا هئا. سيٺ نارو مل جي انبن جي باغ جي هڪ وڻ کي ته سڏيندا ئي پتاشو هئا.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وري باقراڻي جي باغن جا انب مشهور هوندا هئا. اهي سڀ ديسي انب هئا. اڄ ڪلهه جا قلمي انب سنڌڙي، چورسو، دوسيري، بگڻ ڦلي، سرولي وغيره گهڻو پوءِ آيا. هاڻي ته ديسي انبن وارا باغ مالڪن ڪٽائي ختم ڪري ڇڏيا آهن، جو ملڪ ۾ سم سيلاب وڌي وڃڻ ڪري انهن انبن ۾ شروع وارو سواد نه رهيو آهي. تڏهن به وقتي وقتي ديسي انب به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي اگهه جي لحاظ کان قلمي انبن کان سستا ملندا آهن.
جهتيالن جي ڳوٺ مان محراب خان جهتيال وقت جو وڏو ملههُ ٿي گذريو آهي. ساڳيءَ طرح ڪانڌڙن جي ڳوٺ مان ملان محمد رمضان ڪانڌڙو مشهور حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس جيئري اسان جو خاندان گهڻو ڪري کانئس ئي علاج ڪرائيندو هو. هن جي بابي الله ڏني خان سان ڏاڍي سٺي دوستي هوندي هئي. اسان جي ڳوٺ جي عبدالله خان پتوجي مرحوم ۽ مٺياڻن جي حاجي محمد بچل خان مٺياڻيءَ جي وري منهنجي چاچي غلام محمد خان سان گهاٽي ياري هوندي هئي. منهنجي دوستي پنهنجي همعمر ڳوٺ واري عبدالواحد ميراثي سان هئي (هو حال حيات آهي ۽ هاڻي ڪوٽڙي ۾ رهي ٿو) انهيءَ دور ۾ ناري جي اورينءَ ڀر کان پرئين پاسي اچ وڃ لاءِ ٻيڙي هوندي هئي جنهن لاءِ ٻنهي ڪپن تي ٿلهيون ۽ تمام مضبوط ڪاٺيون ڪافي هيٺ زمين ۾ کتل هونديون هيون، جن ۾ مضبوط ٿلهي نوڙي ٻڌل هوندي هئي. جنهن ۾ هڪ هڪڙي وڌل هوندي هئي جنهن جي آڌار تي ٻيڙي هڪ ڀر کان ٻيءَ ڀر آندي ويندي هئي ۽ ڪنهن به خوف خطري جي ڳالهه نه هوندي هئي پر هينئر ناري تي اچ وڃ لاءِ پڪي پل اڏيل آهي، جا تاج محمد خان شيخ (سائين ولي محمد خان مرحوم جي فرزند) پنهنجي سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري آبپاشي (ايريگيشن) واري دور ۾ ٺهرائي هئي. ان کان علاوه هن ميهڙ- راڌڻ رستي کان ٻٽ سرائي ڳوٺ تائين اٽڪل هڪ ميل کن ڪچو رستو پڻ ٺهرايو هو. اهو رستو هاڻي پڪو سيمنٽ جو ٺهيل آهي، جو شايد مرحوم محمد صالح ٻٽ ٺهرايو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس نالي جو بورڊ رستي جي منڍ تي لڳل آهي.
محمد صالح ٻٽ مرحوم ميهڙ ٽائون ڪاميٽيءَ جو اڪثر ڪري ائڊمنسٽريٽر ٿي رهيو هو. عبدالحميد جتوئيءَ جي سخت مخالفت هوندي به پوري ميهڙ شهر تي سندس ئي ڪنٽرول هوندو هو. هن ٻه شاديون هڪ پنهنجي خاندان مان ۽ ٻي مهاجرن مان ڪيون، پر ويچاري کي ٻنهي زالن مان اولاد ڪونه ٿيو.
اسان جي ڳوٺ وارو پرائمري اسڪول به پڙهائيءَ جي لحاظ کان ڏاڍو مشهور هو. جتي ڳوٺ جي پر ڀرپاسي وارن ڳوٺن جهڙوڪ، مٺياڻي، جهتيالن ۽ ڪانڌڙن، جا ٻار به چڱو خاصو پنڌ ڪري اچي تعليم پرائيندا هئا.
اسڪول ۾ استاد صاحبَ، سائين ولي محمد خان مرحوم هيڊ ماستر صاحب ۽ نائب ماستر صاحب سائين قطب علي شاهه مرحوم، سائين جان محمد خان شيخ مرحوم ۽ سائين غلام رسول جهتيال صاحب مرحوم هوندا هئا. سائين قطب علي سيد جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو هو. باقي ٻيا استاد ڪافي عمر پائي پوءِ وفات ڪري ويا.
هاڻي ته قصو بلڪل اُلٽو ٿي ويو آهي. استادن جي پڙهائڻ ۾ ڪا دلچسپي نه رهي آهي، نه ئي شاگردن وٽ هنن لاءِ ڪا عزت رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي ڊگهي عرصي کان تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي ۽ ان ۾ سڌاري جي اميد ويجهڙائيءَ ۾ نظر نٿي اچي.