آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

تعليم حاصل ڪندڙ دوست

مون سان گڏ ميهڙ هاءِ اسڪول ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪاليجن ۾ جن ٻين شاگردن تعليم حاصل ڪئي وڃي، انهن مان ڪي زمينداريءَ سان لڳا. ڪن نوڪريون ماڻي وڏا عهدن تان رٽائر ڪيو. پر گهڻن وڃي وڪالت شروع ڪئي. انهن وڪيلن مان پوءِ اڳتي هلي ڪي ته سيشن جج به ٿيا. انهن مڙنيءَ سان تعليم پرائڻ واري ٽائيم ۾ دعا سلام ۽ ڪن سان چڱي دوستي به هوندي هئي. البت انهن مان ڪن هيٺين سان پوءِ پنهنجي نوڪريءَ واري عرصي ۾ به ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي/آهي.
• احمد نواز اعواڻ: مان ۽ هيءُ ڪرمان باغ واري لاڙڪاڻي جي ساڳي گهٽيءَ ۾ رهندا هئاسين. اسان ٻنهي جا گهر به ويجها ئي هوندا هئا. پوءِ خبر ناهي ته احمد نواز اعواڻ الائي ڇو پنهنجي گهر واري جڳهه سيالن کي وڪرو ڪري پاڻ وڃي نوابشاهه وسايو.
• عبدالوحيد ڪٽپر: هن لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي. ڪرمان باغ واري منهنجيءَ جڳهه ويجهو ئي هن جي جڳهه هوندي هئي. هو شام جي وقت ۾ پنهنجي جڳهه جي ٻاهران يارن دوستان سان ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ڪرسيون رکائي ويهندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان به وٽس وڃي ڪچهري ڪندو هئس. هن جو مون تي وڏو احسان ٿيل آهي. هن مون کي پنهنجي گهر ۾ مٿي هڪڙو ڪمرو ڏنو هو، جتي مان هائر جي امتحان جي تياريءَ لاءِ پڙهندو هئس. اڪثر ڪري دير تائين پڙهائيءَ ڪري رات جو اتي ئي سمهي پوندو هئس، انڪري جو تنهن وقت تائين منهنجي گهر ۾ بجلي نه هئي. ڪٽپر صاحب ان وقت اڃا ڪنوارو هو. سندس آفيس ۽ لائبرري هيٺ هوندي هئي ۽ اتي پاڻ رهندو هو. ڪافي عرصي کان ڪراچيءَ وڃي رهائش ڪئي هئائين، جتي هو وڪالت به ڪندو هو. هنن سٽن لکڻ کان چار پنچ ڏينهن اڳ 88 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب هُو ڪراچيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو.
• محمد صالح ٻٽ: هيءُ ۽ مان ٻئي هڪ ئي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ جا رهندڙ هئاسين. هو ڳوٺ جي زميندار سرائي غلام رسول خان جو وڏو وڏو فرزند هو. هن ايل ايل بي ڪري ميهڙ ۾ وڪالت شروع ڪئي. آخر تائين اتي ئي رهيو. عبدالحميد خان جتوئيءَ جي مخالفت کان پوءِ به ميهڙ شهر ۾ هن جو ئي وڏو اثر رسوخ هوندو هو. ميهڙ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو به اڪثر ڪري هو ئي چيئرمين ٿيندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مان ته پوءِ ٻٽ سرائن مان 1948ع ۾ شفٽ ٿي لاڙڪاڻي وڃي رهڻ لڳس. مان جڏهن 75_1974ع ۾ دادوءَ ۾ ايس ڊي ايم/اي ڊي ايم هوس ته تنهن وقت دادو سب ڊويزن ۾ چار تعلقا دادو، جوهي، خيرپور ۽ ميهڙ هوندا هئا. مان جڏهن ميهڙ گشت ۾ ويندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ ملڻ ايندو هو. ايئن چوندو هو، توکي ماني ته کارايان پر پوءِ پوءِ عبدالحميد خان جتوئي بدلي ڪرائي ڇڏيندئي، ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته مون کي عبدالحميد جتوئيءَ (جيڪو هن جي سخت مخالف هو) ئي ايس ڊي ايم ڪرائي رکرايو هو، جو ان وقت غلام مصطفيٰ خان جتوئي صاحب سنڌ جو وڏو وزير هو ۽ دادوءَ ۾ سڀ آفيسر عبدالحميد خان جي خواهش وارا ئي رکندو هو. ميهڙ سب ڊويزن 1977ع ۾ ٺهي، جنهن ۾ ميهڙ ۽ خيرپور تعلقا شامل هئا. دادو سب ڊويزن ۾ به صرف ٻه تعلقا دادو ۽ جوهي آهن. مان وري جڏهن 1982ع نومبر کان 11.04.84 (رٽائرمينٽ تائين) دادوءَ ۾ اي ڊي ايم هوس، تڏهن به هڪ ٻه دفعو آيو هو. هڪ دفعي ته عبدالله خان مهيسر به ساڻس گڏ آيو هو. مان به رٽائرمينٽ کان پوءِ جڏهن لاڙڪاڻي پئي ويس ته ساڻس ميهڙ ۾ ملندو ويو هوس.
• الاهي بخش ڪيهر: هيءُ اصل خيرپور ميرس جو ويٺل هو، پر ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي شروعات لاڙڪاڻي ۾ ئي ڪيائين ۽ ڪوڪڙي محلي ۾ رهائش اٿس. هن سان به ڪڏهن ڪڏهن سندس آفيس ۾ ڪچهري ڪندو هوس. هو نهايت خوش اخلاق ۾ ملنسار آهي. مان رٽائرمينٽ کان پوءِ جڏهن لاڙڪاڻي رهندو هوس ته روزانو صبح جو واڪ ڪندو هئس ۽ الاهي بخش خان به واڪ تي نڪرندو هو. هڪ ڀيري اسان ٻئي واڪ تان موٽندي لاڙڪاڻي اسٽيشن تي ٻئي هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿياسين ته مون کي چيائين ته محمد علي اسان جي خيرپور واري سموري سنگت وفات ڪري وئي آهي، باقي تون ۽ مان اڃا پيا هلون. ان ملاقات کي به ڪافي وقت ٿيو آهي. خيرپور واري سنگت ۾ هيٺيان شامل هئا.
• مسٽر غلام رسول صديقي: هيءُ اصل گمبٽ تعلقي جي گڏيجي شهر جو رهاڪو هو، پوءِ اچي خيرپور ۾ مستقل طور رهائش اختيار ڪيائين. هو وڪالت سان گڏ سياست ۾ به بهرو وٺندو هو. پ پ ۾ هو. ضلعي خيرپور پيپلز پارٽيءَ جو صدر ۽ سينيٽر به رٿي رهيو. مان ميرواهه ۾ تعلقي مختيارڪار هوس ۽ وري ايس ڊي ايم به ٿي رهيس ته جڏهن به خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ميٽنگ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته اڪثر ڪري منجھند جي ماني هن وٽ ئي کائيندو هوس. هن ۽ منهنجا ڪراچيءَ کان ئي گهاٽا لاڳاپا رهندا آيا هئا. ٻئي ساڳي هاسٽل جناح ڪورٽ ۾ رهندا هئاسين.
• فقير امير علي هيسباڻي وڪيل: هيءُ تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو رهاڪو هو. ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ وري هن سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي آهي.
• هادي بخش شيخ وڪيل: هيءُ گمبٽ ۾ رهندو هو پر هن سان به ڪاليج واري وقت کان پوءِ ملاقات نه ٿي آهي.
• محمد عمر خان ميمڻ: (ٻڌل قصو) هيءُ به خيرپور ضلعي ۾ تعلقي گمبٽ جي کهڙن شهر جو ويٺل هو. هن ڊي. جي. ڪاليج مان بي ايس سي ته ڪئي، پر نوڪري نه ڪيائين. ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي گورنڌنداس مارڪيٽ ۾ ٻڌي ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندو هو. ڪافي ملڪيت ٺاهي ويو. سندس اتي ڪوٺي به هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جا ڪپڙي وارا واپاري به ٻڌائيندا هئا ته هُو سندس ئي ڪوٺيءَ تي وڃي ترسندا هئا. پر پوءِ ٻڌو هئم ته محمد عمر سٽا هڻڻ شروع ڪيا. سٽن ۾ نقصان پوڻ ڪري مالي حالت ڪمزور ٿي ويئي هئس (وڌيڪ خبر خدا کي). اها هئي خيرپور واري سنگت جنهن جو ذڪر مٿي ٿيو.
• شاهنواز خان لاڙڪ وڪيل: هن سان نوڪريءَ دوران به گهڻي قدر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. ان ڏس ۾ ٻن موقعن جي ملاقات جو ذڪر اڳ ڪري آيو آهيان. ان کان سواءِ مان جڏهن پروموٽ ٿي مختيارڪار ٿيو هوس ته مون کي نواب شاهه ضلعي جي زرعي ترقياتي بئنڪ جي قرض جي وصوليءَ لاءِ نوابشاهه ۾ رکيو ويو هو. سڄو نوابشاهه ضلعو منهنجي حد هوندي هئي. هيڊڪواٽر به نوابشاهه ئي هو. مان ان دوران مونيڪا بازار ۾ هڪ ڪرايي تي ورتل جاءِ ۾ رهندو هوس. شاهنواز خان جو گهر مسجد روڊ تي هو ۽ اڪثر ڪري ملاقات ٿيندي هئي.
• محمد عرس خان ٻرڙو وڪيل: هيءُ تعلقي خيرپور ۾ گوزو ڳوٺ ۾ رهندو هو. مان جڏهن دادوءَ ۾ اي ڊي ايم هوس ته هڪ ٻه ڀيرا آيو هو. هڪ ڀيري ته هن اها به مهرباني ڪئي هئي جو ڏهاڪو کن پکي به موڪلي ڏنا هئائين.
هو جڏهن ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ته اسڪول جي فنڪشنن ۾ گهڻو ڪري فينسي ڊريس شو ۾ حصو وٺندو هو ۽ ڪنهن اهڙي بدليل لباس ۾ ايندو هو، جو سڀ شاگرد حيران ٿي ويندا هئاسين ۽ کيس سڃاڻي به نه سگهبو هو.
• فيض محمد خان ٻرڙو وڪيل: هيءُ ميهڙ شهر ۾ ٽڪنڊي بلڊنگ ۾ رهندو هو، جيڪا هن هندن جي لڏپلاڻ وقت بلڊنگ جي مالڪ سيٺ لولومل کان خريد ڪئي هئي. اها ٽڪنڊي بلڊنگ منهنجي نياڻي ڊاڪٽر رسول بخش جي گهر جي ڀرسان آهي. مان هڪ ڀيري ميهڙ ويو هوس ته فيض محمد خان جي پڇا ڪرڻ تي ڊاڪٽر رسول بخش ٻڌايو ته هو بيمار رهي ٿو ۽ ٻاهر نه نڪرندو آهي. پوءِ مان کانئس سندس طبيعت پڇڻ لاءِ ويس ۽ ساڻس ڪافي وقت ويهي ڪچهري ڪئي. هو بستري تي ئي ليٽيل هو. سال ٻه اڳ وفات ڪري ويو آهي. هن حَجَ به چڱا ڪيا هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هُو بيماريءَ ۾ به حج ڪري آيو هو. هن لاءِ اڳ به لکي آيو آهيان ته ٿوري ئي وقت ۾ وڪالت ڇڏي، پنهنجي زمين سنڀالي هئي. ان ملاقات ۾ هن اهو به ٻڌايو ته کيس پنهنجي مئٽرڪ پاس ڪرڻ تي عجب ٿيندو هو، جو هن چار پنج سال لاڳيتو آلجبرا جي پيپر ۾ هميشه ٻُڙي مارڪ کڻندو هو. هو مون کان جونيئر هو.
• غلام حيدر خان بلوچ وڪيل: هيءُ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هو. منهنجي 1942ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ميهڙ اسڪول ڇڏي وڃڻ کان 42 سال پوءِ اسان ٻنهي جي ملاقات ٿي هئي. جڏهن مان 1984ع ۾ دادوءَ ۾ اي ڊي ايم هوس ته هو پنهنجن پٽن جا ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ ڪڍرائڻ آيو هو، جيڪي مون کيس ڪڍي ڏنا هئا. ان ملاقات ۾ هن ٻڌايو ته احد يوسف صاحب جو صحت کاتي جو وزير هو، اهو سندس جونيئر هو.
• محمد سچل خان رند وڪيل: مان جڏهن سال 1980ع ۾ دادوءَ ۾ سٽي مئجسٽريٽ هوس ته نثار خان بلوچ جي خون جو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ هلندو هو، جنهن جو پرزائيڊنگ آفيسر برگيڊيئر هوندو هو. ميمبرن ۾ هڪ مئجسٽريٽ ۽ هڪ ميجر ويهندا هئا. ان ڪيس ۾ مون کي ئي مئجسٽريٽ طور ميمبر ڪيو ويو هو. محمد سچل رند صاحب ان ڪورٽ ۾ هڪ ڀيرو آيو ته ساڻس ملاقات ٿي هئي، پوءِ وري نه ملياسين.
• احمد خان بارڪزئي، قاضي خدا بخش ۽ عبدالجبار بچاڻي:
اهي ٽئي سيشن جج رهيا. ساڻن ڪاليج واري وقت کان پوءِ به پنهنجي نوڪريءَ دوران ڪيترائي ڀيرا ملاقاتون ٿينديون هيون. انهن بابت گهڻو ڪجهه ذڪر ڪتاب ۾ اڳ ئي لکي آيو آهيان. اهي ٽئي ڄڻا وفات ڪري ويا آهن.
• شمس الدين صديقي: هيءُ به ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. مون کان سال ٻه جونيئر هو. منهنجي سال 1942ع ۾ ميهڙ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري وڃڻ کان پوءِ وري ساڻس 35 سالن جي عرصي کان پوءِ 1977ع ۾ سانگهڙ ۾ ملاقات ٿي، جڏهن آئون اتي ايس ڊي ايم ٿي آيس ۽ هُو اتي سيشن جج هو. مان سانگهڙ ۾ 01.08.1977 کان 31.03.1979 تائين ايس ڊي ايم هوس. انهيءَ عرصي دوران ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿي هئي. احمد خان بارڪزئيءَ ۽ خدا بخش قاضيءَ جن کي ڏنل دعوتن ۾ به مون کيس مدعو ڪيو هو. هن جي باري ۾ به مان اڳ ۾ لکي آيو آهيان.
• جمال الدين خان ابڙو: هن سان هڪ ٻه ڀيرا رستي تي ويندي ملاقات ٿي هئي. هو اديب هئڻ سان گڏ سُٺي وڏي خلق وارو هو ۽ شڪل شباهت به سٺي هوندي هئس.
• غلام علي ميمڻ صاحب: هن ۽ مون سال 1947ع ۾ بي. ايس. سي.، ڊي جَي ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪئي هئي. هن سان 26 سالن کان پوءِ ملاقات ٿي. 1973ع ۾ جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هوس ته سندس آفيس ۾ وڃي ساڻس ٻه ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي هئي. هن لاءِ گهڻو ڪجهه اڳ ۾ لکي آيو آهيان.
• دوست محمد خان ابڙو صاحب: هن سان رڳو هڪ ٻه ڀيرا سندس جڳهه تي ملاقات ٿي هئي.
• نظام الدين ميمڻ صاحب: لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ دوران آفيس ويندي روڊ تي موجود پنهنجيءَ جڳهه جي ايوان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويٺو هوندو ته دعا سلام ٿيندي هئي. ساڻس آخري ملاقات ڪافي عرصو اڳ پاڪستان چوڪ وٽ نئشنل سيونگ سينٽر ۾ ٿي هئي، تنهن وقت سينٽر انچارج چانڊيو صاحب هو، جنهن وٽ مسٽر نظام الدين ميمڻ اڳ ئي ويٺو هو، جو مون وڃي ساڻس ملاقات ڪئي. کانئس پڇيم ته مون کي سڃاڻو ٿا، پر هن جي نظر تمام ڪمزور ٿي وئي هئي. چيائين ته مون ڳالهائڻ مان اوهان کي سڃاتو آهي.
• سيف الدين پنهور وڪيل: هيءُ به ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ مون کان سال سينئر هو. 1942ع ۾ منهنجي مئٽرڪ پاس ڪري وڃڻ کان پوءِ وري جڏهن مان دادوءَ ۾، 1974ع ۾، اي ڊي ايم ٿي آيس ته منهنجي ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ به اپيئر ٿيندو هو.
• ملڪ غلام ياسين (ويٺل ڪنڌڪوٽ): هن سان ڪاليج ۾ شاگرديءَ واري وقت 1947ع کان واقفيت هئي. هڪ ڀيري ڪنهن شاديءَ تي لاڙڪاڻي آيل هو ته مون کيس ڏسي ساڻس ملاقات ڪئي. هو هاڻي وفات ڪري ويو آهي.
• مسٽر امان الله قريشي صاحب: هيءُ سکر ۾ ئي وڪالت ڪندو آهي، هن سان به هڪ ڀيرو پنهنجي هڪ رشتيدار تي هلندڙ ڪيس جي سلسلي ۾ سکر وڃي مليو هوس. هو سکر ضلعي ۾ ئي ڊي. پي. پي. ٿي رهيو آهي. وري ساڻس ملڻ نه ٿيو آهي.
تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ نوڪريءَ دوران هيٺين وڪيل صاحبن سان به چڱي دعا سلام رهندي آئي آهي.
• مسٽر گل زمان: مان ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هوس ته ڪيسن ۾ منهنجي ڪورٽ ۾ گهڻو ايندو هو. انڪري هن سان چڱي دعا سلام ٿي ويئي هئي. اخبار ۾ پڙهيو هئم ته گل زمان خان کي قتل ڪيو ويو هو. ان حوالي سان پنهنجي سؤٽ عزيزالرحمٰن (جيڪو به ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندو آهي) کان پڇيم ته گل زمان کي ڇو قتل ڪيو ويو هو؟ جنهن تي هن جو چوڻ هو ته ڪنهن پارٽيءَ سان ملڪيت تي تڪرار هلندڙ هوس، انهيءَ دشمنيءَ ڪري سندس مخالفن هن کي قتل ڪرايو هو.
• غلام مصطفيٰ ميمڻ (وڪيل): ڪراچيءَ ۾ هيءُ به منهنجي ڪورٽ ۾ ڪيسن ۾ گهڻو ايندو هو، انهيءَ ڪري هن سان به چڱي دعا سلام ٿي وئي هئي، هڪ دفعو ته ٻارن سميت مون وٽ لاڙڪاڻي به آيو هو.
• قاضي محمد اشرف صاحب: هيءُ سينيئر ۽ قابل وڪيل هو. سٽي ڪورٽس ۾ ڪيس نه کڻندو هو پر سيشن ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلائيندو هو. منهنجي ڪراچيءَ مان بدلي ٿيڻ وقت هن مون کي فاروق هوٽل ۾ منجهند جي مانيءَ تي دعوت ڏني هئي ۽ مون کي چيو هئائين ته هو قلندر لعل شهباز جي ميلي ڏسڻ لاءِ سيوهڻ ايندو. ميلو منهنجي دادوءَ ۾ A.D.M جي تاريخ 17.04.1974 تي چارج وٺڻ کان ٿوري ئي وقت کان پوءِ ٿيڻو هو. قاضي اشرف صاحب پنهنجي هڪ دوست ۽ آخوند نظير احمد ائڊيشنل سيشن جج سان گڏ ميلو گهمڻ آيو. ميلو ڏسي رات جو واپس ڪراچيءَ هليا ويا هئا. مان اهڙو ذڪر اڳ به ڪري آيو آهيان.