آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ جي شروعات

مان روينيو کاتي ۾ 15.06.1949 تي ڪلارڪ ٿي نوڪري ۾ گهڙيس. مان B.Sc گرئجوئيٽ هوس. انهيءَ ڪري مئٽرڪ واري ڪلارڪ کان چار ساليانيون اضافي انڪريمينٽن سميت شروعاتي پگهار 62 رپيا ماهوار ملندي هئي. مئٽرڪ واري ڪلارڪ جي شروعاتي ماهوار پگهار 50 رپيا هئي ۽ ساليانو اضافو 3 رپيا ماهوار ملندو هو.منهنجي پهرين پوسٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر قمبر سب ڊويزن جي آفيس ۾ ڪلارڪ طور ٿي. ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر نور محمد خان ڀٽي صاحب هو. مئٽرڪ پاس ڪلارڪ کي پهريان کاتي جو امتحان (Sub _ Service Departmental) ڏيڻو پوندو هو. ان کان پوءِ ئي کيس هائر جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ملندي هئي، پر گرئجوئيٽ ڪلارڪ کي اهو امتحان نه ڏيڻو پوندو هو. کيس ڏيڍ سال ڪلارڪي جي عرصي کان پوءِ هائر جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ملندي هئي، پر ان اجازت ملڻ کان اڳ ۾ ڇهه مهينا تعلقي ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ لازمي طور ڪلارڪ ٿي رهڻو پوندو هو. هائر جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ئي روينيو کاتي ۾ مٿين عهدن تي ترقي ملندي هئي. مان ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ 15.06.49 کان 17.04.50 تائين رهيس. ان کان پوءِ مون کي بدلي ڪري ڏوڪري تعلقي آفيس ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي مان 17.04.50 تي ئي وڃي چارج ورتي. تعلقي آفيس ڏوڪريءَ ۾ ان وقت ٻيا ڪلارڪ نصير محمد ڀُٽو، غلام مصطفيٰ ڀُٽو ۽ عبدالله چنو هئا.جيئن ته جنهن ڪلب ۾ ٻيا ڪلارڪ رهندا هئا ۽ ان ۾ وڌيڪ ڪنهن جي رهڻ جي گنجائش ڪانه هئي، انهيءَ ڪري رهائش لاءِ مسٽر غلام نبي شيخ، جيڪو ڏوڪري هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسر صاحب هو، ان بورڊنگ هائوس ۾ مٿي هڪ ڪمرو ڏنو هو (جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان). باقي ماني ڪلارڪن واري ڪلب ۾ ئي کائيندو هوس. مون کي سيڪنڊ منشيءَ جي ٽيبل ڏني وئي. نصير محمد ڀُٽو خزانچي هو. سيڪنڊ منشي ۽ خزانچيءَ جون ٽيبلون آفيس ۾ مٿي ٿلهي تي هيون، جيڪي ٻئي هڪٻئي جي ڀرسان هيون. باقي ٻين ڪلارڪن جون ٽيبلون هيٺ رکيل هيون.
جيئن ته ان وقت ۾ ڏوڪريءَ ۾ نئشنل بئنڪ جي برانچ نه هوندي هئي، انهيءَ ڪري پئسي جي ڏيتي ليتي تعلقي آفيس ۾ ئي سب ٽريزي ذريعي ٿيندي هئي. سب ٽريزي آفيسر هونءَ ته مختيارڪار ئي هوندو هو، پر اهو ڪم تعلقي هيڊ منشي تي ڇڏيل هوندو هو. وصولي (ڍل جي) ڪري رقم گهڻي ٿي ويندي هئي ته اها نئشنل بئنڪ لاڙڪاڻي موڪلبي هئي يا جڏهن وري بلن جي ادائگي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پئسن جي ضرورت پوندي هئي ته نئشنل بئنڪ کان ئي گهرائبا هئا. اسٽامپ وغيره به لاڙڪاڻي نئشنل بئنڪ کان گهرائبو هو.
ان وقت تعلقه مختيارڪار قادر بخش خان لاڙڪ مرحوم ۽ تعلقه هيڊ منشي رسول بخش خان ميراڻي هئا. آفيس ۾ هڪ ڪوٺي هوندي هئي، جنهن کي Strong room ڪوٺبو هو جنهن ۾ هڪ ٽجوڙي رکيل هوندي هئي، جنهن کي ڊبل لاڪ ڪري سڏيو ويندو هو، جنهن جي هڪ چاٻي هيڊ منشيءَ وٽ ۽ ٻي خزانچي وٽ هوندي هئي. رقم جڏهن روزانو ڏيتي ليتيءَ ۾ گهڻي جمع ٿيندي هئي ته اها هيڊ منشي ۽ خزانچي گڏجي وڃي رکندا هئا يا وري ادائگين لاءِ گهرج هوندي هئي ته به ٻئي گڏجي وڃي اتان ڪڍائيندا هئا. باقي روزانو ڏيتي ليتيءَ کان پوءِ جيڪا ٿوري رقم رهندي هئي ته اها خزانچيءَ کي مليل پيتيءَ ۾ رهندي هئي. روزانو آفيس ٽائيم کان پوءِ اها پيتي به سٽرانگ روم ۾ ئي رکبي هئي ۽ ان جي چاٻي خزانچيءَ وٽ ئي هوندي هئي.
سٽرانگ روم کي ٻاهران ٻه تالا لڳايا ويندا هئا، جن مان هڪ جي چاٻي هيڊ منشيءَ وٽ ۽ ٻي خزانچي وٽ رهندي هئي. تالن مٿان سيل هڻبي هئي ۽ اها انچارج گارڊ کي گهرائي ڏيکاربي هئي، جا هو صحيح ڏسي هيڊ منشيءَ کي اهڙي تصديق جي رپورٽ ڪندو هو.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو مير محمد پلهه تپيدار ڍل جي وصوليءَ جا 13000 (تيرنهن هزار) کن رپيا چالان ٺاهي خزاني ۾ پيارڻ آيو، پر ڏيتي ليتيءَ جو وقت ختم ٿي ويو هو ۽ اڪائونٽ جا ڪتاب به بند ٿي چڪا هئا. انهيءَ ڪري اها ڍل واري رقم ان ڏينهن جمع نه ٿي سگهي. مير محمد پلهه تپيدار پوءِ چالان ۽ رقم واري ٿيلهي خزانچي نصير محمد ڀٽي کي ڏني ته حال في الحال پنهنجي پيتيءَ ۾ وجهي رکي ۽ صبح جو پياري ڇڏي. خزانچي هن کان ٿيلهي ته ورتي پر پيتي ۾ وجهڻ هن کان وسري وئي ۽ اها ٻاهر ئي کانئس رهجي وئي. آفيس بند ٿيڻ کان پوءِ موالي ميري پٽيوالي جڏهن آفيس جي روزاني صفائي پئي ڪئي ته هن اها ٿيلهي ڏٺي، جا هن کڻي وڃي رڪارڊ روم ۾ محفوظ ڪري رکي ڇڏي. صبح جو جڏهن آفيس ۾ آياسين، تڏهن ميرو پٽيوالو خزانچيءَ جي سامهون مشڪندو پئي ڦريو ۽ کيس چيائين پئي ته ميان ڪا شيءِ گم ته ڪانه ٿي اٿئي. پر هن جو ايڏانهن ڌيان ئي نه پئي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ميري پٽيوالي اها ٿيلهي رڪارڊ روم مان کڻي اچي کيس ڏني، جنهن مان چالان ۾ ڏيکاريل رقم مان هڪ رپيا به گهٽ ڪونه هو. اها هئي اڳي موالين ۾ به ايمانداري، هاڻي وارن موالين جا پرڪار ته سڀني کي ساريا پيا آهن. ميري موالي پٽيوالي پنهنجي باري ۾ ٻه دلچسپ ڳالهيون به ٻڌايون هيون جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
هن ٻڌايو ته پاڪستان اڃا وجود ۾ نه آيو هو. تعلقه هيڊ منشي ديوان صاحب هوس. جنهن لاءِ مان هڪ گهر مان روز کير وٺي ايندو هوس. هڪڙي ڏينهن کير وٺڻ ويس. هن اهو مون کي آڻي ڏنو. اڃا هيٺ هن جي گهر جي در وٽ ئي ويٺو هوس. کير وارو ٿانءُ وٺي آڏو رکيل هو. مون کي ننڊ جي پنڪي لڳي وئي. ايتري ۾ گهر ڌياڻي يا گهر جي ٻي ڪنهن عورت در سان لڳ ڪاڪوس ۾ پيشاب ڪرڻ ويٺي. مان ان ڪاڪوس جي ٻاهران ئي ويٺو هوس ته مائيءَ جي پيشاب جي شرراٽ تي اوچتو منهنجي اک کلي ته هڪل ڪري مائيءَ کي چيم، کوٻلي اهو ڇا ٿي ڪرين ۽ ديوان جي کير ۾ پاڻي ڇو ٿي ملائين! مائي پوءِ وڃي پنهنجي مرد کي اٿاريو جنهن پوءِ مون کي چيو ته اڙي ميرا موالي اڃا اتي ويٺو آهين. کير جو توکي ڏئي ويو هوس اهو آڏو پيو اٿئي. پوءِ مان کير وارو ٿانو کڻي هليو آيس.
هن پنهنجي باري ۾ ٻي ڳالهه ٻڌائي ته هڪڙي ڏينهن ڏوڪري اسٽيشن جي پليٽ فارم تي بيٺو هوس ته اتي هڪڙو همراهه هڪ نهايت خوبصورت ڇوڪريءَ ساڻ ڪيون پليٽ فارم تي گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺو هو. کيس اها ڇوڪري ڏاڍي وڻي وئي ۽ ور ور ڪري کيس چتائي پئي ڏٺائين. آخر اهو همراهه کيس جهاڙي ويو ۽ ڀرسان اچي چيائين ته ڇوڪري وڻئي ٿي نه. جنهن تي هن کيس هاڪار ۾ جواب ڏنو. پوءِ ان ماڻهوءَ کيس چيو ته ڇوڪري سندس ڌيءَ آهي جي تون چوين ته توسان پرڻايانس، جنهن هن خوش ٿي کيس هائوڪار ڪئي جو ڇوڪري کيس ڏاڍي وڻي وئي هئي، پر اڳلو همراهه به پڪو هو. کيس چيائين ته سندس ڌيءَ کي ڪجهه آرزو آهي. ان جي علاج جي دوا لاءِ حڪيم ڳجهه جي پِتي آڻڻ لاءِ چيو آهي. اهو هٿ ڪري ڏي. هن چيو ته، اهو ڳجهه جو پتو ڪٿان آڻيان، پر همراهه ڪو مورڳو اڳئي هڪ ڍونڍ سامهون ڏٺو هو، جنهن کي ڳجهين پئي پٽيو، سو کيس چيائين ته هو سامهون ڏسين ٿو ڍونڍ کي ڳجهون پٽن پيون، انهن مان وڃي هڪ ٻه پڪڙي آءُ. هن جي چوڻ تي هن ڇا ڪيو جو اڇي چادر مٿان وجهي وڃي ڍونڍ جي ڀرسان آهستي وڃي ليٽي پيو. پوءِ جيئن تي ڳجهون ڍونڍ کي چڪڻ آيون ته هن کڻي هڪ ڳجهه جي ڄنگهه ۾ هٿ وڌو ئي مس ته ان سندن نڪ ۾ چڪ وجھي ڇڪي وري هيٺ اڇلايو ۽ ٻه ٽي دفعا ساڻس ان ڳجهه اهڙي تعدي ڪئي ۽ هو رتورت ٿي ويو. پوءِ هن جي رڙين تي ماڻهن اچي کيس ڇڏايو. هو رت ڳاڙيندو آيو ۽ ديوان هيڊ منشيءَ وٽ ويو، جنهن کيس ڏسي چيو هيءُ توکي ڇا ٿيو آهي ته هن کيس چيو ته هڪڙو ماڻهو ساڻس ريلوي پليٽ فارم تي وڙهيو آهي ۽ ان اها حالت ڪئي آهي. هيڊمنشيءَ ٻئي پٽيوالي کي ان همراهه کي وٺي اچڻ لاءِ روانو ڪيو، جو تڪڙو تڪڙو وڃي ان کي ڇوڪريءَ سوڌو وٺي آيو، جو ٽرين اڃا ڪانه آئي هئي. ديوان هن کي ڏاڍي ڇنڊ پٽي ته تون اسان جي پٽيوالي سان ڇو وڙهيو آهين. سندس هيءَ حالت ڪئي اٿئي. جنهن تي ان ماڻهوءَ هيڊ منشي صاحب کي چيو ته سائين هيءُ ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هن کيس سربستو مٿيون احوال ٻڌايو، جيڪو ٻڌي هيڊ منشيءَ ميري پٽيوالي ڏاڍي ڦٽ لعنت ڪئي ۽ ان ماڻهوءَ کي سندس ڇوڪريءَ سوڌو وڃڻ جي اجازت ڏني.
اسان تعلقه آفيس جي ملازمن مان ٻن ڄڻن مان ۽ مير نصير محمد ڀٽي هائر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ترقي ڪري S.D.M جي عهدي تي پهچي رٽائر ڪيو. غلام مصطفيٰ ڀُٽو پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو، پر جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. عبدالله چنه هائر امتحان ڪونه ڏنو. باقي چڱي عرصي کان پوءِ سينيارٽيءَ جي لحاظ کان هيڊ منشيءَ جي عهدي تي پهچي هن رٽائر ڪيو.
مونکي ڏوڪري تعلقه آفيس ۾ ٽريننگ جا ڇهه مهينا پورا ٿيا ته مون کي تار تي بدلي ڪري لاڙڪاڻه ڪليڪٽر صاحب جي آفيس ۾ انسپيڪيشن برانچ ۾ ڪلارڪ ڪري مقرر ڪيو ويو، جتي تاريخ 20 آڪٽوبر 1950ع تي اچي چارج ورتم. ان وقت مسٽر عبدالوارث شيخ نائب دفتردار هو ۽ ٻيا ڪلارڪ مرحوم محمد خان وڌو (ويٺل قمبر) ۽ علي اڪبر شاهه (ويٺل نئون ديرو) هئا. اسان جي Combination ڏاڍي سٺي هئي. نائب دفتردار صاحب به ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هو. سندس ڳالهائڻ سدائين جهيڻو ۽ بنا ڪنهن ڪاوڙ جي هوندو هو. ان وقت انسپيڪشن برانچ وارا اسان سڀ نائب دفتردار توڙي ڪلارڪ رشوت کان البت پري هوندا هئاسين. باقي جڏهن تعلقه آفيسن ۾ سالياني انسپيڪشن تي ويندا هئاسين ته جيڪا انسپيڪشن جي شرح مقرر هوندي هئي اها وٺڻ ۾ اسان انڪار ڪونه ڪندا هئاسين، جا تعلقي جي وليج عمله (تپيدارن کان ملندي هئي ۽ نه ڪنهن پبلڪ جي ماڻهوءَ کان.
سال 1951ع ۾ نوابزادو احمد سلطان احمد چانڊيو صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ چونڊ ۾ اليڪشن ۾ بيٺو هو. ان جي مقابلي ۾ مسٽر حيدر بخش جتوئي بيٺو هو، جنهن کي ڏاڍي تڪليف ڏئي سڃ ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو. علي گوهر خان بگٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ مان ۽ ٻيا ڪلارڪ غيبي ديري واري پولنگ اسٽيشن تي ڊيوٽيءَ لاءِ ويا هئاسين. محمد يوسف چانڊيو، ٺٽي وارو، به سلطان احمد چانڊئي جي اليڪشن مهم لاءِ آيو هو. پولنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان ڊيوٽيءَ تي آيل عملي واري سڀني نواب غيبي خان چانڊئي سان ملاقات ڪئي هئي. هو ڏاڍو پيرسن ٿي چڪو هو ۽ ڏاڍو سخي مرد هو. هن سال 1954ع ۾ وفات ڪئي.
مان روينيو کاتي ۾ اهو ئي ارادو ڪري گهڙيو هوس ته هائر جو امتحان پاس ڪري مٿي ترقي ڪيان، ڇاڪاڻ جو ان کان سواءِ ترقي مشڪل هوندي هئي. سڄي عمر ڪلارڪيءَ ۾ ڳهڻو پوندو هو. انهيءَ ڪري ڪلارڪيءَ دوران ئي مون هائر جي امتحان جي ڪورس وارا ڪتاب، گهر ۾ پڙهڻ شروع ڪيا هئا. بهرحال تاريخ 11.12.51 کان هائر جي امتحان ڏيڻ لاءِ Study leave (موڪل) ورتم. انهيءَ دوران مون ڪورس جا سڀ ڪتاب مڪمل طور پڙهي ڇڏيا هئا. جيئن ته ان وقت منهنجي گهر ۾ بجلي ڪانه هئي، انهيءَ ڪري مان مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل جي جڳهه ۾ مٿي ڪمري ۾ پڙهندو هوس، جو ان وقت سندس شادي به ٿيل ڪانه هئي. پاڻ اڪيلو هيٺ رهندو هو. سندس آفيس ۽ لئبرري به هيٺ ئي هونديون هيون. سندس جڳهه ٽائون ٿاڻي جي بلڪل ويجهو هوندي هئي، جيڪا منهنجي جاءِ کان به ڪو گهڻو پري ڪانه هئي. ڪجهه ٽائيم کان پوءِ عبدالله انصاري مرحوم به هائر جي امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ موڪل ورتي، هو اڳ هڪ ڀيرو فيل ٿيو هو. هي سندس ٻي اٽيمپٽ (Attempt) هئي. هن مون کي چيو ته هو به مون سان گڏ اتي ئي پڙهندو. عبدالوحيد ڪٽپر هن جو به دوست هو، انڪري کيس به عبدالله انصاريءَ جي مون سان گڏ ڪمري ۾ پڙهڻ تي اعتراض ڪونه هو. اسان ٻئي گڏجي امتحان جي تياري ڪرڻ لڳاسين. جڏهن امتحان جا ڏينهن ويجها آيا ته ٻئي ڪراچيءَ ڏانهن روانا ٿياسين. امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٺندي هئي. امتحان جو سينٽر ڪراچيءَ ۾ ئي هو. اسان لاڙڪاڻي کان پهريائين دادوءَ آياسين. منهنجو چاچو غلام محمد مرحوم اتي ئي نوڪري ءَ ۾ هو. چاهيم ته ان کان موڪلائيندو وڃان. دادوءَ مان روانگيءَ وقت چاچي غلام محمد خان چيو ته سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار مبارڪ جي زيارت ڪجو، دعا گهرجو. مولوي عزيز الله اتي قلندر شهباز واري مسجد ۾ ئي نماز پڙهندو اٿوَ، ان کان به دعا گهرائيندا وڃجو. اسان ٻئي پوءِ سيوهڻ شريف اچي رات چنيسر خان بروهي (جيڪو اتي ان وقت هيڊ منشيءَ هو) وٽ ترياسين. صبح جو فجر جي نماز ان مسجد ۾ پڙهي مولوي عزيز الله صاحب جن کي چيو ته اسان ٻنهي جي حق ۾ دعا گهري. مولوي صاحب جن مون کي چيو ته تون امتحان تي نه وڃ جو تو پڙهيو ئي ڪونهي ۽ عبدالله انصاريءَ کي چيائين ته تون ڀلي وڃ ۽ پوءِ دعا گهريائين. مان اتي ٿورو دلشڪستو ٿي پيس. سيوهڻ اسٽيشن تي پهچي مان پنهنجي لاءِ لاڙڪاڻي جي ۽ عبدالله انصاريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ دريءَ تان پئي ورتي. ٻنهي گاڏين جي سيوهڻ اسٽيشن تي ڪراسنگ هئي. منهنجين ٽڪيٽن وٺڻ بابت عبدالله انصاري ٻڌي (مرحوم کي خدا جنت ۾ جاءِ ڏي) مون کي چيو ته اهو ڇا ٿو ڪرين. مون کي ٽڪيٽ وٺڻ واري دريءَ کان هٽائي پاڻ ٻنهي لاءِ ڪراچيءَ جون ٽڪيٽون ورتائين. اسان ٻئي پوءِ ڪراچي اچي جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ رهياسين. امتحان جو سينٽر N.J.V هاءِ اسڪول ۾ هو. جتي روزانو امتحان ڏيڻ ويندا هئاسين. ڪُل نو پيپر هئا، جن مان روزانو ٻه ٻه پيپر ٿيندا هئا ۽ آخري ڏينهن هڪڙو پيپر هوندو هو. امتحان ۾ ڪي پيپر بنا ڪتابن جي ۽ ڪي ڪتابن سان هوندا هئا، جن لاءِ سوالن جا جواب ڪتاب مان ڏسي ڏئي سگهبا هئا.اهڙي اجازت هئي، هڪڙي ڏينهن With Books وارو پيپر هو ته پيپر هلندي منهنجي پٺيان ويٺل هڪ اميدوار هڪ سوال جي جواب واري ڪتاب جو سيڪشن نمبر پڇيو، جوکيس مون ٿورڙو ڪنڌ ورائي ٻڌايو. اهو شايد پبلڪ سروس ڪميشن جو ملازم هو، جيڪو اميدوارن مٿان نظرداري ڪرڻ لاءِ بيٺل هو ته جيئن امتحان ۾ ڪاپي نه ڪن. ان ڏسي ورتو ۽ هڪدم مون وٽ اچي چيائين ته تو ايئن ڇو ڪيو. مون ان سان وڌيڪ ڪجهه ڪونه ڳالهايو، جو مون کي ڊپ ٿيو ته مورڳو امتحان هال مان ئي نه ٻاهر ڪڍي ڇڏي. اهڙو اختيار وٽس هو. خير سان امتحان ڏئي آچر جي ڏينهن واپس لاڙڪاڻي پهتاسين. امتحان ۾ ڪل 42 اميدوار ويٺا هئاسين، جن مان رڳو 14 پاس ٿياسين ۽ 28 ڄڻا فيل ٿيا. مان سنڌ ۾ پهرئين نمبر تي آيس. عبدالله انصاري نائين نمبر تي آيو. لاڙڪاڻي مان مون ۽ عبدالله انصاري سان گڏ قمرالدين ڀٽي ۽ ڪو هڪ ٻيو به امتحان ۾ ويٺا هئا، پر اهي فيل ٿيا. مان اپريل 1952ع واري ٽرم ۾ امتحان ۾ ويٺو هوس، جنهن جو نتيجو جون 1952ع تي ظاهر ٿيو. سال ۾ امتحان جو ٻيو ٽرم آڪٽوبر کان پوءِ هائر جو امتحان ڏئي موٽڻ کان پوءِ مان مولوي صاحب محمد قاسم مشوري ۽ حافظ امام بخش جن کان پنهنجي ڪاميابي لاءِ الله تعاليٰ کان دعا گهرائڻ ويو هوس ته حافظ امام بخش صاحب جن منهنجي سيني تي هٿ رکي چيو ته الله تبارڪ تعاليٰ تي ڀروَسو رک. هو انشاءَالله توکي ڪامياب ڪندو. مان پنهنجي هائر جي امتحان ۾ ڪاميابي ۽ پوري سنڌ ۾ پهرين نمبر تي اچڻ کي قدرت جو هڪ معجزو ئي سمجهندو آهيان، ڇاڪاڻ جو مولوي عزيز الله صاحب جن جي منع ڪرڻ تي (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان) ايترو ته دلشڪستو ٿيو هوس، جو امتحان ۾ ويهڻ جي وري همٿ نه ساري سگهان ها. الله پاڪ جا لک احسان آهن، جنهن مون کي ڪامياب ڪري منهنجو مستقبل روشن ڪيو، نه ته سڄي زندگي ڪلارڪيءَ ۾ ئي ڳهجي ڳهجي برباد ٿي وڃي ها.
مان آچر تي ڪراچيءَ امتحان ڏئي واپس لاڙڪاڻي آيس ته منهنجي پٽ ارشاد احمد کي بخار ٿي پيو. هو منهنجو پهريون ٻار هو ۽ سندس عمر اٽڪل ٽي سال کن هئي. سندس علاج هلي رهيو هو، پر سندس طبيعت ۾ ڦيرو ڪونه پئي آيو. بخار تمام وڌي ويو هو ۽ رات ٿي وئي هئي. مان پوءِ ٽانگو ڪري ٽانگي واري کي چيم ته ڊاڪٽر ادريس ڏي هل، جنهن تي هن چيو ته ڊاڪٽر ادريس ڪونه ايندو جو دير ٿي وئي آهي. گذريل رات به هڪڙو ماڻهو هن ڏي کيس وٺي ويو هو پر ڊاڪٽر ادريس ڪونه آيس. کيس مون پوءِ چيو ته چڱو ڀلا ڊاڪٽر مقبول الحق ڏي هل، ڊاڪٽر مقبول الحق يڪدم رات وارن ڪپڙن ۾ ئي هليو آيو ۽ ٽانگي تي چڙهي جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي ساڻ ڪري گهر وٽ پهتس ته ٻڌايائين ته ڪڪڙو وفات ڪري ويو. مان ڊاڪٽر صاحب کي في ڏني پئي، پر هن منهنجي گهڻي اسرار کان پوءِ به نه ورتي. پوءِ کيس ٽانگو ڪري ڏنم، جنهن تي چڙهي هو واپس گهر ويو. ان وقت ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪي گهڻا ڊاڪٽر ڪونه ٻڌبا هئا، نه وري ڪي گهڻيون ليڊي ڊاڪٽر ئي هونديون هيون. ڊاڪٽرن ۾ گهڻو ڪري چئن ڊاڪٽرن وٽ مريض علاج ڪرائڻ لاءِ ويندا هئا. 1. ڊاڪٽر ابوطالب 2. ڊاڪٽر ڪئپٽن، ايس ايم ادريس، 3. ڊاڪٽر بدرالحق ۽ 4 ڊاڪٽر مقبول الحق. سڀني جي ڪلينڪ بندر روڊ تي هوندي هئي.
ڊاڪٽر ابو طالب جي ڪلينڪ ٽانگا اسٽئينڊ ڀرسان بندر روڊ تي ڪنڊ تي هوندي هئي. ان جي بورڊ تي ته ڊگريون چڱيون لکيل هونديون هيون، پر ڇا ٿيو جو هن جا ٻه مريض انجيڪشن هڻڻ وقت فوت ٿي ويا. انهيءَ ڪري هن بدنامي ٿيڻ سبب لاڙڪاڻو ڇڏي وڃي لاهور وسايو. ليڊي ڊاڪٽرياڻيون به، ٻه ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، جيڪي مشهور هيون. هڪڙي بيگم اشرف عباسي، جيڪا سول اسپتال ۾ هوندي هئي. ٻي هئي سرلا ديوي، جيڪا گهڻو ڪري ته ميونسپل ۾ نوڪريءَ ۾ هئي.
مان هائر جي تياري پئي ڪئي ته هڪڙي نهايت دکدائڪ خبر ٻڌم ته منهنجو مامو گل حسن شيخ انتقال ڪري ويو آهي. هو ڪراچي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو. ان جو لاش ڪراچيءَ مان کڻايون پئي آيا. اهو ٻڌي مان اوڏانهن ويس ته ٿوري وقت کان پوءِ لاش به پهتو. اتي خبر پئي ته هن زهر پي آپگهات ڪيو هو. مون جڏهن هن جو منهن ڏٺو ته هن جي چهري ۾ ڪابه تبديلي نه پئي نظر آئي. ايئن پئي لڳو جيئن ننڊ پيو هجي. شڪل ۾ ڀورو هو. ان وقت به اهڙو ئي ڀورو پئي لڳو. البت هن جي پيرن جا آڱوٺا ساوا هئا. اها خبر نه پئجي سگهي ته هن آپگهات ڇو ڪيو هو.
مان لاڙڪاڻي هيڊ آفيس ۾ نوڪريءَ ۾ هوس ته منهنجو مرشد سائين غلام مرتضيٰ شاهه صاحب ۽ سندن فرزند سائين محمد شاهه جن حج تان موٽيا هئا. لاڙڪاڻي ۾ حاجي حسين بخش شيخ سندن مريد هو. انهيءَ وٽ آيا هئا. مان به کين پنهنجي جڳهه تي برڪت خاطر وٺي آيو هوس. چڱو وقت ترسي منهنجي ۽ منهنجي گهر ڀاتين لاءِ دعا خير گهري پوءِ روانا ٿي ويا.
پنهنجي هيڊ منشيءَ واري دور بابت ذڪر ڪرڻ کان اڳ مسٽر غلام حيدر چنڙ، جيڪو لاڙڪاڻه ضلع ۾ اسسٽنٽ ريهئبليٽيشن مختيارڪار ٿي آيو هو، تنهن پنهنجي هيڊ منشيءَ واري وقت جو هڪ قصو ٻڌايو، جيڪو هتي ورجائڻ چاهيان ٿو.
مسٽر غلام حدر چنڙ زباني، ته هُو تعلقه شهدادپور (ضلع سانگھڙ ۾ هيڊ منشي هو ته هڪ ڏينهن سندس ڪورٽ ۾ ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪيس جو چالان پيش ٿيو، جنهن ۾ ڄام ڪانڀو خان (مرحوم ڄام صادق عليءَ جو والد) ۽ ان جو ڊرائيور جوابدار ڄاڻايل هئا. ان دور ۾ اهڙا ڪيس هيڊ منشي، جيڪو ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ به هوندو هو، جي ڪورٽ ۾ هلندا هئا. دراصل قصو اهو هو جو ڄام ڪانڀو خان پنهنجي فارم ۾ وڃي رهيو هو. ڪار سندس ڊرائيور هلائي رهيو هو. ٽرئفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڊيوٽيءَ تي بيٺل ٽرئفڪ هيڊ ڪنسٽيبل کين گاڏي روڪڻ جو اشارو ڪيو. جنهن تي ڄام ڪانڀو خان ناراض ٿيو. سندس ڊرائيور گاڏي روڪي اچي هيڊ ڪنسٽيبل کي منهن تي چماٽ هڻي ڪڍي. کيس چيائين ته ڏسين نه ٿو ته ڪار ۾ ڄام ڪانڀو خان ويٺل آهي. هيڊ ڪنسٽيبل ٿاڻي تي وڃي ٻنهي خلاف ٽرئفڪ قانونن جي خلاف ورزيءَ جي فرياد F.I.R داخل ڪرائي. ڪيس جو چالان مسٽر غلام حيدر چنڙ جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. اها خبر جڏهن ڄام ڪانڀو خان کي پئي ته هن ان وقت جي آءِ جي يعني انسپيڪٽر جنرل آف پوليس شريف صاحب سان ڳالهايو، جيڪو وٽس شڪار ڪرڻ ايندو هو، جنهن هيڊ ڪنسٽيبل کي نوڪري تان سسپينڊ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڪيس ڪورٽ ۾ هلندو رهيو، پر هر شنوائيءَ تي مهمل ٿيندو رهيو، ڇاڪاڻ جو ڊرائيور ته ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو هو، پر ڄام ڪانڀو خان حاضر نه ٿيندو هو ۽ جوابدار جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪيس هلائي به نه پيو سگهجي. ايئن لڳ ڀڳ ڇهه مهينا کن گذري ويا. هوڏانهن هيڊ ڪنسٽيبل سسپينڊ ٿي ويٺو هو. هڪڙي ڏينهن اهو هيڊ ڪنسٽيبل پنهنجا ننڍڙا معصوم ٻار ساڻ ڪري وٽس آيو. ڏاڍو ستايائين ته هنن معصوم ٻاڙن تي رحم کائي منهنجي ڪيس جو فيصلو ڪيو، جو هو هاڻي سخت پريشان حال آهي، سندس معصوم ٻارڙن تي رحم اچي ويو. کانئس پڇيم ته هاڻي ڪيس جي شنوائي ڪڏهن آهي. هن تاريخ ٻڌائي، جنهن کان پوءِ مسٽر غلام حيدر چنڙ هيڊ ڪنسٽيبل کي مشورو ڏنو ته ان تاريخ تي هڪ ماڻهوءَ کي سٺي پوشاڪ پهرائي جيئن هو معتبر ماڻهو نظر اچي ان کي پاڻ سان گڏ ڪورٽ ڏي وٺي اچي ۽ جيڏي مهل پٽيوالو ڄام ڪانڀو خان ۽ ڊرائيور کي پڪاري ته جوابدار ڪورٽ ۾ حاضر ٿين ته اهو ماڻهو ڊرائيور سان گڏ اندر ڪورٽ ۾ هليو اچي ۽ پڇڻ تي ٻڌائي ته هو ڄام ڪانڀو خان آهي.
پوءِ ان ڪيس جي رکيل تاريخ تي هيڊ ڪنسٽيبل سندس ڏنل مشوري تي عمل ڪيو ۽ جڏهن ڊرائيور ۽ ساڻس گڏ ٻيو ماڻهو اندر ڪورٽ ۾ آيا ۽ ان ماڻهوءَ پنهنجي نالي چيو ته هو ڄام ڪانڀو خان آهي ته هن ڪيس هلائي کيس ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڊرائيور کان رقم وصول ڪري ۽ فرضي ڄام ڪانڀو خان تي وڌل ڏنڊ جي رقم پاڻ ڀري سموري رقم خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ٻه ٽي ڏينهن رکي هيڊ ڪنسٽيبل وٽس آيو. چيائين ته سائين مون کي فتوا جي ڪاپي مهرباني ڪري ڏيو ته مان آءِ جي صاحب کي وڃي ڏيکاريان، جا هن کيس ڏئي ڇڏي. هيڊ ڪنسٽيبل پوءِ فتوا واري ڪاپي کڻي وڃي آءِ جي صاحب کي ڏيکاري ته منهنجو ڪيس سچو ثابت ٿي ويو آهي هاڻ مون کي نوڪريءَ تي چاڙهيو پر آءِ جي صاحب فتوا جي ڪاپي ڏسي چيو ته هيءَ ڪوڙي آهي. ڄام ڪانڀو خان ڪورٽ ۾ حاضر ٿي نه ٿو سگهي.
آءِ جي صاحب پوءِ D.M انور عادل صاحب کي لکي موڪليو ته اوهان جي هيڊ منشيءَ ڪوڙي فتوا ڏني آهي، انهيءَ ڪري مٿس قدم کڻو. D.M صاحب A.D.M عبدالعليم عقيليءَ صاحب کي گهرايو ۽ چيائين ته هيءَ جاچ ڪر ته ڳالهه ڇاهي!؟ عقيلي صاحب پوءِ غلام حيدر چنڙ کي گهرايو ۽ پڇا ڪئي، جنهن تي هن کيس چيو ته اوهان آفيسر صاحبن سان ڪوڙ ڪونه ڳالهائبو ۽ هن سربستي ڳالهه کيس ٻڌائي. A.D.M صاحب وڃي D.M صاحب کي سمورو احوال ٻڌايو. D.M صاحب پوءِ آءِ جي صاحب کي ڪورٽ جي بي ادبيءَ جو (Contempt of Court) نوٽيس جاري ڪيو ته اوهان مئجسٽريٽ جي فتوا کي ڪوڙو چئي ڪورٽ جي بي ادبي ڪئي آهي، اوهان انهيءَ بجاءِ مٿين ڪورٽ ۾ اپيل ڪري پئي سگهيا.آءِ جي صاحب ڳالهه کي ڳچيءَ ۾ پوندو ڏسي ڄام ڪانڀو خان کي ساڻ ڪري D.M صاحب وٽ سندس آفيس ۾ لنگهي آيو. تنهن کان پوءِ ئي D.M صاحب اهو Contempt of Court وارو نوٽيس واپس ورتو. ايئن قصو ختم ڪيو.اهو هو ان وقت ڪورٽن جو احترام، مئجسٽريٽن جي عزت ۽ آفيسرن جو پنهنجن زيردستن کي تحفظ ڏيڻ. مون کي پڻ سروس دوران ڪن موقعن تي پنهنجن آفيسرن کان تحفظ مليو هو، جن جو ذڪر اڳتي ايندو. اڄ اهو وقت ڪاٿي آهي، جو آفيسر پاڻ ئي ڪکن تي پير رکي ٿا ڏينهن گذارين، سي زيردست کي ڪهڙو تحفظ ڏيندا، انهيءَ ڪري انهن تي نه ڀاڙجي، پر هر ڪم احتياط ۽ اڳ پوءِ سوچي ڪرڻ گهرجي.
ڪورٽ ۾ مئجسٽريٽن جي باري ۾ هڪ پنهنجي وقت جو داستان به ٻڌائي ڇڏيان ته بهتر ٿيندو.
مان ان وقت رتيديري ۾ تعلقه هيڊ منشي ۽ ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ هوس، جو هڪڙي ڏينهن احمد حسين لوڌي، جيڪو سي آءِ ڊي ۾ انسپيڪٽر هو، لاڙڪاڻي مان فون ڪئي ته کيس وارنٽ گهربل آهن اهي ڪڍي ڏي، مون کيس چيو ته اچ ته پوءِ ڏسنداسين.
هو جڏهن مون وٽ آيو ته ٻڌايائين ته منڊي دائري (ضلع سکر) ۾ ڪن ماڻهن سان سندس تڪرار هلندڙ آهي، انهن خلاف وارنٽ کپن. پاڻ فرياد وٺي وارنٽ ڪڍڻ بجاءِ مون وڃي قاضي خدا بخش، جيڪو رتيديري ۾ سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو ۽ جنهن سان ڪراچيءَ پڙهائي دوران ساڳي هاسٽل ۾ رهڻ هوندو هو، ساڻس سٺي دعا سلام هوندي هئي، تنهن کي وڃي چيو ته مسٽر احمد حسين کان سڌي فرياد وٺي کيس وارنٽ ڪڍي ڏيو. هو هوندو ته سخت هو پر چيائين ته ٻيو ڪو هجي ها ته نه ڪري ها پر مون کي انڪار نٿوڪري. هن پوءِ فرياد وٺي وارنٽ اشو ڪري احمد حسين کي ڏنا، جيڪي هن وڃي تعميل ڪرايا. جوابدار ڌر وارا سکر جي D.M صاحب (محمد الياس يوسفاڻيءَ) وٽ پهتا، جنهن لاڙڪڻي جي D.M صاحب (عبدالله خان چنه) جن کي لکي موڪليو ته اهو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پر هن کيس واپس لکي موڪليو ته اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته ڪيس ڪوڙو آهي ۽ ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ۽ جيڪو ڪورٽ فيصلو ڪري.
ان کان پوءِ، جوابدارن، احمد حسين لوڌيءَ سان ٺاهه ڪيو.
هڪ منهنجي ذات جو قصو اهو ايئن آهي ته مان تعلقه قمبر ۾ هيڊ منشيءَ ۽ ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ هوس، جو اتي هڪ ماڻهوءَ کي ڪن خون ڪري لاش هڪ واهيءَ جي پيٽ ۾ پُوري ڇڏيو پر واهيءَ جي تري کان لاش جي پوريل جڳهه جو دڙو ڪجهه مٿي ظاهر پئي ڏسڻ ۾آيو. فوتيءَ جي وارثن جي درخواست تي D.M صاحب اهو لاش کوٽائڻ جو آرڊر ڪيو. جيئن ته اهو ڪم مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ ٿيندو هو، انهيءَ ڪري پوليس مون کي ساڻ ڪري واردات تي هلي. فوتيءَ جي وارثن جي روبرو لاش کوٽي ڪڍيو ويو. مون فوتيءَ جي سڃاڻپ سندس وارثن کان ڪرائي جن لاش ڏسي سڃاڻي تصديق ڪئي ته برابر اهو ان فوتيءَ جو ئي آهي. اهڙو مشير نامو تيار ڪري کانئن ان مشير نامي تي صحيحون ورتيون. وڌيڪ جيڪا پوليس کي ڪارروائي دانستخامو وغيره تيار ڪرڻو هو، اها هنن پنهنجي ڪارروائي پوري ڪئي ۽ واپس آياسين.
اهو خون جو ڪيس سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ هو، مان ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ ويس. سرڪاري وڪيل منهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. جوابدارن جو وڪيل مرحوم شمس الدين ابڙو هو. منهنجي Examination in chief شاهدي ڏيڻ کان پوءِ هن مون کان آڏي پڇا شروع ڪري پڇيو ته توهان پاڻ لاش جي سڃاڻپ ڪرائي هئي ۽ لاش اوهان جي روبرو ڪڍيو ويو هو. مون کيس جواب ۾ چيو ته ها لاش منهنجي روبرو ڪڍيو ويو هو ۽ ان جي سڃاڻپ مون فوتيءَ جي فلاڻن وارثن کان ڪرائي. اهڙو مشر نامو تيار ڪري ان تي سندن صحيحون به ورتيون هيون. ان کان پوءِ هن ٻيا ٻه چار سوال آڏي پڇا ڪندي وري ساڳي سوال تي آيو ته اوهان پاڻ لاش جي سڃاڻپ ڪرائي. ان سوال ڪرڻ تي سيشن جج صاحب کيس سخت لهجي ۾ چيو ته:
You have already asked this question and he (my self) has given its reply. Why are you repeating the same question? After all he is third class Magistrate.
اها هئي اڳي ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ جي به سيشن جج صاحبان وٽ عزت ۽ انهن تي اعتماد.
اڄڪلهه جي مئجسٽريٽن ڪوڙا 164 جا بيان ، اڃا به خون جي ڏوهن ۾ ڪوڙا اقبال جرم جا بيان وٺي نه رڳو پاڻ کي ڏٺو ڪيو آهي، پر 164 جي پنهنجي ورتل بيان ۽ Confession جي اهميت ئي ختم ڪري ڇڏي آهي، جو جوابدار خواهه شاهد ٿيندي ئي انهن کان ڪورٽ ۾ انڪار ڪندا آهن ته هنن ايئن ناهي چيو ۽ نه جرم قبوليو آهي. مئجسٽريٽ جي اهميت ته اڳ وانگر اڄ سوڌو موجود آهي. ٿاڻي تي ڇاپو هڻڻو هجي يا ڪو ائنٽي ڪرپشن وارن کي ڇاپو هڻڻو هجي وغيره ته ان ۾ مئجسٽريٽ جي موجودگي لازمي قرار ڏني وڃي ٿي.
لاڙڪاڻي ۾ صلاح الدين پٺاڻ، محمد پور محله ۾ رهندو آهي. اهو پاڻ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس جي آفيس ۾ آفيس سپرينٽينڊنٽ رهي رٽائر ٿيو آهي. هن جو گهڻو وقت اڳ پنهنجي ڀاءُ سان جاءِ تي تڪرار ٿيو هو، جنهن ۾ پوءِ ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو هو. اهڙو ٺاهه هنن لکت ۾ ڪري ان وقت جي D.S.P ڊسوزا کان تصديق به ڪرائي ڇڏي، پر ٿورو وقت اڳ وري هنن وچ ۾ ساڳئي معاملي تي تڪرار پيدا ٿي پيو، جنهن تي صلاح الدين ان ڊي ايس پي جي تصديق ٿيل بيان جي آڌار تي ڪورٽ ۾ ويو، پر ڪورٽ ان کي ڪا اهميت نه ڏني، جو اهو ڪنهن مئجسٽريٽ جو تصديق ٿيل نه هو. پوءِ عبدالستار شيخ، صوبيدار کي وٺي مون ڏانهن آيو ته تصديق ڪري ڏيان. ان وقت مان مئجسٽريٽ وارهه تعلقه هوس، پر مون ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري کين موٽائي ڇڏيو.
مون هائر جو امتحان پاس ڪيو ته مون کي جون 1952ع ۾ ميرو خان تعلقه ۾ ان وقت جي هيڊ منشي عبدالاحد کي رورٽ ڪري هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو، جو هن ان وقت هائر پاس ڪانه ڪئي هئي. هو پوءِ آڪٽوبر 1952ع واري ٽرم ۾ هائر جي امتحان ۾ ويٺو ۽ سنڌ ۾ پهرين نمبر پوزيشن سان ڪامياب ٿيو.
ميرو خان ۾ 28.06.52 تي وڃي چارج ورتم ۽ وقفي وقفي سان مان ٽي دفعا هيٺين وقتن تي اتي هيڊ منشي ٿي رهيس.
1) 28.06.52 To 29.07.53 1-1-10
2) 25.09.58 To 13.05.59 0-7-18
3) 29.01.60 To 10.03.60 0-1-11
Total Period 1-10-0
انهن عرصن ۾ ميرو خان ۾ محمد رمضان خان چانڊيو، محمد اعظم انصاري، مير محمد ڪولاچي ۽ علي رضا شاه صاحب جن مختيارڪار ٿي آيا هئا. مون جڏهن ميرو خان تعلقي ۾ پهريون ڀيرو هيڊ منشيءَ جي چارج ورتي ته محمد رمضان خان چانديو مختيارڪار هو. هو نهايت ايماندار ۽ نيڪ نيت هو ۽ رهڻي ڪرڻيءَ ۾ به سادگيءَ سان هلندو هو. کيس پٽ جي اولاد ڪانه هئي. فقط هڪ نياڻي هئي. سندس ٻي گهرواريءَ کي دم جو عارضو هو، انڪري تڪليف سبب آفيس ۾ البت گهٽ ايندو ڪندو هو. ڪم ڪار ڏاڍو سهڻي نموني هلندو هو. ڪاغذ کيس سندس جاءِ تي موڪلي ڏبا هئا، جي صحيح ڪري موڪليندو هو. مون تي نهايت مهربان هوندو هو.
مون کي ان وقت ۾ سٺي لٽي ڪپڙي پائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، جو عيال جو بار به گهڻو ڪونه هو. ڪاليج ۾ به پنج سال عرصو سفيد پوشيءَ سان گذاريو هيم. هيڊ منشيءَ جي شروعاتي پگهار 100 رپيا هوندي هئي، پر ٻه ڏوڪڙ به فضيلت ڀرئي نموني ملي ويندا هئا. ان وقت ۾ سستائپ به هئي. انگلش ڪلاٿ به نهايت سٺو هوندو هو. سو هڪ ڀيري مسٽر محمد رمضان شورو صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر (ان وقت ڊپٽي ڪمشنر نه سڏبا هئا) ميرو خان گشت ۾ آيو ۽ شاهه پور بنگلي ۾ ترسيو، جو ميرو خان شهر کان ميل ڏيڍ کن ٻاهر هو. ان دور ۾ اڄ وانگر ڪليڪٽر صاحب جي منزل وقت ماڻهن جا انبوهه ڪونه اچي گڏ ٿيندا هئا، جو هر ڪنهن غريب توڙي امير جا تعلقي سطح وارا ڪم کين بنا ڪنهن تڪليف ڏيڻ جي ڪري ڇڏبا هئا. انهيءَ ڪري کين مٿين آفيسرن وٽ ڪم لاءِ وڃڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري رڳو مختيارڪار صاحب ۽ مان ڪليڪٽر صاحب جن جي آمد تي سندن استقبال لاءِ بنگلي تي وياسين.
ان وقت مون کي هلڪي سائي رنگ جي سمر ڪلاٿ جي پئنٽ ۽ ساڳي ڪپڙي جي بشرٽ پاتل هيون ۽ سفيد سٺي سئنڊل پاتل هئي. ڪليڪٽر صاحب جن جي آمد کان پوءِ به اسان ٻه ڄڻا رڳو سندن سامهون ويٺل هئاسين. ڪليڪٽر صاحب مختيارڪار صاحب کان منهنجي باري ۾ پڇيو ته هيءُ توهان جي تعلقي جو زميندار آهي ڇا؟ جنهن تي مختيارڪار صاحب ٻڌاين ته هيءُ سندس هيڊ منشي آهي، پر ڪليڪٽر صاحب جن وڌيڪ ڪجهه ڪونه پڇيو. مختيارڪار ۽ هيڊ منشي ڪيڏا به شريف هجن۽ هڪٻئي سان ٺيڪ نموني هلندا هجن، پر وليج عمله (سپروائيزنگ تپيدار ۽ تپيدار) هروڀرو سدائين ٻنهي جي وچ ۾ اجائي ڪوڙيون ڳالهيون ڪري منجهن غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن ته جيئن ناجائز فائدا وٺندا رهن.
ان وقت ميرو خان تعلقي ۾ به هڪڙو نهايت بدنيت سپر وائزينگ تپيدار (حاجي نيڪ محمد) هوندو هو، جنهن جي منهن مان ئي سدائين بدنيتي پئي بکندي هئي. سدائين هڪ نه، ٻي شرارت ڪرڻ هن جي عادت ٿي وئي هئي. سو هن مختيارڪار صاحب کي چئي هڪڙي سوڀي نالي تپيدار جي ٺاري وڌي تپي مان بدلي ڪرائي. جيتوڻيڪ هن جي سرڪل ۾ ئي ڪونه هو، جو کيس ان کان ڪا شڪايت هجي.
اهو سوڀو تپيدار ۽ ٻيا تپيدار گڏجي مون وٽ آيا ۽ چيائون ته تپيدار جي بدلي بند ڪرائي ڏيو. مان ان لاءِ مختيارڪار صاحب کي وڃي عرض ڪيو، پر هن نه مڃيو. اهو بدلي ٿيل تپيدار محمد يوسف ناريجي سپروائيزنگ تپيدار جو ماتحت هو. مون کانئن پڇيو ته کيس ته تپيدار کان ڪا شڪايت ڪانهي، جنهن تي هن چيو ته کيس ڪابه شڪايت ڪانهي. ڀلي سندس بدلي بند ٿي ته هو راضي آهي.
ان کان پوءِ مون بابي الله ڏني خان کي لاڙڪاڻي تار ڪئي ته مان سخت بيمار آهيان. ان وقت ۾ اڃا ٽيليفون ڪانه هوندي هئي. ان کان پوءِ وري مون کيس ٻي اهڙي ايڪسپريس تار موڪلي. ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر حاجي شاهه محمد شيخ صاحب جن جي منزل ميرو خان ۾ ٿي هئي. مون کي اها به خبر هئي ته هو ميهڙ ۾ ڪنهن وقت ۾ مختيارڪار هو ته بابي الله ڏني خان تي ڏاڍو مهربان هو، جو هو ان وٽ سندس زيردست سپروائيزنگ تپيدار ٿي رهيو هو. منهنجن ٻن لاڳيتن تارن پهچڻ تي بابو الله ڏنو ۽ چاچو غلام محمد، جيڪو پڻ دادوءَ کان لاڙڪاڻي آيل هو، ٻئي پريشان ٿي ويا. چاچي غلام محمد جنهن تار پهچڻ وقت ماني پئي کاڌي ته اها ڇڏي ٻئي منهنجي ناني جان محمد خان مرحوم، مامي محمد نواز مرحوم، منهنجي سهري حاجي محمد مبارڪ ۽ ٻن ٽن سؤٽن سميت سڄي وئگن ڀرجي ميرو خان پهتا ۽ سڌو گهر ويا جو مان ٻارن سان رهندو هوس. گهران پڇا ڪرڻ تي کين ٻڌايائون ته صبح آفيس ڏي ويو آهي. وڌيڪ کين ڪا خبر نه هئي. پوءِ سڀئي پنڌ آفيس ڏانهن اچي رهيا هئا ته مان آفيس مان اٿيو گهر پئي آيس ته سڀئي رستي ۾ مليا. مون کان پڇيائيون ته ڳالهه ڇا آهي. مان کين چيو ته گهر هلئون ته ٻڌايانوَ ٿو. پوءِ گهر پهچي مون بابي الله ڏني خان ۽ چاچي غلام محمد خان کي چيو ته ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب کي چئي تپيدار جي بدلي بند ڪرائي ڏيو. جنهن تي چاچي غلام محمد چيو ته بدلي بند ڪرايون ٿا، پر مختيارڪار صاحب Annual confidential report متان خراب ڏئي. مون چيو ته ڀلي رپورٽ خراب ڏي، ان جو فڪر ڪونهي، پر بدلي بند ڪرائي ڏيو. پوءِ بابو الله ڏنو، چاچو غلام محمد ۽ مان ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن وٽ بنگلي تي آياسين، جتي ٻنهي اچي کيس احوال ڪيو. ان تي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب چيو ته هنن کي تڪليف ڇو ڏني اٿئي. تون پاڻ اچين ها ته به ٺيڪ هو، جنهن تي مون چيومانس ته سائين مان اوهان جو زيردست هوس، انهيءَ ڪري ڪيئن پئي اچي سگهيس ۽ اوهان کي ڪيئن پئي چئي سگهيس.
بهرحال ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن تپيدار جي بدلي رد ڪئي ۽ اهڙو آرڊر ڪڍي مون کي ڏنو، جو مان کڻي آيس ۽ اهو مختيارڪار صاحب ڏانهن Perusal (ملاحظي) لاءِ موڪليم.
انهيءَ کان پوءِ به مختياڪار صاحب مون کي سالياني مخفي رپورٽ (Annual confidential report) اهڙي سٺي ڏني، جنهن جو مان تصور ئي نه پئي ڪري سگهيس. اها جنسي رپورٽ مون کي مرحوم ڪريم بخش شيخ، جيڪو ان وقت نائب دفتر دار هو، تنهن ڏيکاري ۽ مون پاڻ پڙهي ڏٺي. هن ته ايترو به چيو ته تنهنجي رپورٽ ۾ مختيارڪار ڊڪشنريءَ جو ڪو سفارشي لفظ ئي ڪونه ڇڏيو آهي ۽ واقعي هو به ايئن. اهڙا فياض ۽ ڪشاده دل آفيسر اڄ چند ئي ڪي هجن ته هجن، نه ته ٻيو ٿيو مڙئي خير!
سال 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اليڪشن پئي ٿي. مان تنهن وقت ميرو خان ۾ ئي هيڊ منشي هوس. ميرو خان وارو تڪ اصل کان قاضي فضل الله صاحب جو هو ۽ سدائين اتان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ايندو هو، پر جيئن ته هُو ان وقت نااهل قرار ڏنل هو، انهيءَ ڪري ان پنهنجي ڀاڻج قاضي عبدالمنان صاحب کي ان تڪ تان اميدوار ڪري بيهاريو هو.
قاضي عبدالمنان پنهنجي اليڪشن مهم ۾ ميرو خان تعلقي ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مون وٽ به ايندو رهندو هو. مون کي سندس چوڻ هو ته جڏهن به مون وٽ اچي ته ماني ضرور کائيندو.
مون کيس چيو ته ميرو خان شهر جا حال ته ڏسو ٿا ڄڻ واهڻ آهي. اوهان اليڪشن مهم ڪري گهڻو وقت ترسي به ڪونه سگهندئو. انهيءَ ڪري جيڪي تيار هوندو اهو حاضر ڪبو. اها ڳالهه هن کي به دل سان لڳي ۽ چيائين ته اهو ٺيڪ آهي ۽ جيڪي به ان وقت تيار هوندو اهو ئي کائيندو. پوءِ ڪڏهن چڱي ڀاڄي هوندي هئي ته اها به کائيندو هو ۽ ڪڏهن سبزي هوندي هئي ته اها به ڏاڍي خوشيءَ سان کائيندو هو، پوءِ توڙي واڱڻن جي ڀاڄي ئي ڇو نه هجي. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو جو ان وقت ڪا ڀاچي موجود نه هوندي هئي ۽ ڏسندو هو ته اها تيار ٿيڻ ۾ دير ٿيندي ته انبڙين جي کٽاڻ سان ئي ٻه گرهه ماني کائي اليڪشن مهم تي روانو ٿي ويندو هو. الله پاڪ جي مهربانيءَ سان قاضي عبدالمنان چونڊ ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. پوءِ پنهنجي مامي قاضي فضل الله صاحب جن جي ذاتي ڪوشش سان سنڌ حڪومت ۾ آبپاشي کاتي جو وزير ٿيو.
وزير ٿيڻ کان پوءِ هن مون کي چيو ته لاڙڪاڻي اچ ته ڪليڪٽر صاحب کي چئي توکي سٺو تعلقه شهدادڪوٽ وٺرائي ڏيان ته مان اتي هيڊ منشي ٿي وڃان. مان کيس هائوڪار ته ڪئي، پر وٽس ڪونه ويس، جو اهو ضمير جي خلاف پئي سمجهيم ته وڃي وزير صاحب ج در تي ويهان. پوءِ جڏهن سندس مرضي پوي ته گهرائي يا مورڳو گهرائي ئي نه، ته به مالڪ آهي. باقي ڪم ته ٿيو اڃا پوءِ جي ڳالهه. ان وقت لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر C.S.P آفيسر نصرت حسن صاحب هو، پر پوءِ ترت ئي منهنجي ميرو خان تعلقي مان بدلي ڪري، قمبر ۾ هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو، جنهن لاءِ اهو ٻڌو هيم ته قمبر جي مختيارڪار قاضي محمد انور صاحب (مٽيارين جو ويٺل) منهنجي گهر ڪري اتي رکرايو هو. بهرحال قمبر به چڱو تعلقو ليکبو هو.
خير وقت گذرندو رهيو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ ادا غلام نبي مرحوم جيڪو دادوءَ ۾ (R.F.O) رينج فاريسٽ آفيسر هو. ان تي ٻيلي جي وڻن کي ناجائز طريقي وڍائڻ جو الزام لڳو، جنهن جي انڪوائري سرڪل آفيسر ائنٽي ڪرپشن شيخ نظير احمد ڪري رهيو هو. ان جي اها ئي ڪوشش هئي ته ادا غلام نبيءَ جي دادوءَ مان بدلي ٿئي ۽ سندس بدلي ٿي به پئي. اهڙي خبر کيس به پئجي وئي. هن مون کي چيو ته قاضي عبدالمنان وزير صاحب کي چئي سندس بدلي روڪرايان. مان کيس انڪار نه پئي ڪري سگهيس، ڇو ته سندس بدلي ٿيڻ کان پوءِ سرڪل آفيسر مٿس شاهد زوريءَ به بيهاري وڃي ها ۽ ايئن پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي آفيسرن آڏو سٺو ڏيکاري سگهي ها ۽ هوڏانهن ادا غلام نبي سخت تڪليف ۾ اچي پئي سگهيو.
اهي مڙئي ڳالهيون ذهن ۾ رکي مان وزير صاحب سان سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ملڻ ويس. پاڻ اتي ترسيل هو. وڃي ساڻس ملڻ جي رپورٽ ڪرائي ته يڪدم مون کي گهرائي پاڻ سان گڏ صوفي تي ويهاريائين.ان وقت سندن سامهون ميرو خان تعلقي جا چڱا ڀلا ڪيترائي زميندار آبادگار (جيڪي سندس ووٽر به هئا ۽ انهن جي ئي ووٽن آڌار هن منزل تي پهتو هو) ويٺا هئا ۽ سڀني جو کانئس اهو ئي مطالبو هو ته کين زمينن جي واٽر ڪورسن جا ماڊول موڪرا (ويڪرا) ٿي ملن. هنن سڀني کي ٻڌي پوءِ مون ڏي منهن ڪري مُشڪي چيائين ته محمد علي ٻڌين ٿو ته هر ڪو ٿو چوي ته ماڊول موڪرو ڪري ڏيو، پر مان هڪڙو ڄڻو ڪيترن جا ماڊول موڪرا ڪري سگهندس.
وزير صاحب پوءِ مون کان احوال وٺڻ شروع ڪيو ته مان جنهن غرض لاءِ وٽس ويو هوس اهو ٻڌايومانس، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي P.A کان D.O ليٽر ٽائيپ ڪرائي ۽ صحيح ڪري ڏنو ته هيءُ کڻي وڃي فاريسٽ منسٽر صاحب (سردار احمد خان راڄپر) کي ڏيو ۽ انشاءَالله ته ادا غلام نبيءَ جي بدلي ڪانه ٿيندي. مان پاڻ ته ڪونه وڃي سگهيس، پر اهو ليٽر حاجي محمد عثمان ڪراچي کڻي وڃي وزير راڄپر صاحب کي ڏنو. ان وقت ادا غلام نبيءَ جي بدليءَ جا ڪاغذ به وزير صاحب جي ميز تي پهتل هئا، پر هن قاضي عبدالمنان وزير صاحب جي D.O پهچڻ تي بدلي نه ڪئي ۽ ادا غلام نبي دادوءَ ۾ ئي R.F.O طور ڊيوٽي ڪندو رهيو.
هيڏانهن سرڪل آفيسر نظير احمد شيخ جي اها ئي سخت ڪوشش لڳي پئي هجي ته ادا غلام نبي ڪيئن به ڪري دادوءَ مان بدلي ٿئي. ٿوري ئي وقت گذرڻ کان پوءِ وري ادا غلام نبيءَ کي خبر پئي ته سندس دادوءَ مان بدلي ٿئي پئي. هن پوءِ وري به قاضي عبدالمنان صاحب کي چوڻ لاءِ ته بدلي بند ڪرائڻ جو چيو. قاضي عبدالمنان صاحب ان وقت ڪراچيءَ هو. مون روبرو وڃي احوال ڪيومانس، جنهن فون تي چيف ڪنزرويٽر آف فاريسٽس کي ڏاڍي سخت لهجي سان ڳالهائي ڇنڊ پٽيائين، تنهن پاڻ اڳي بدلي بند ڪرائي هئي ۽ هاڻي وري ٿا کيس بدلي ٿا ڪيو ۽ ڏسو ته ادا غلام نبيءَ جي ڪنهن به صورت ۾ بدلي نه ٿئي. ان کان پوءِ سندس بدلي رڪجي وئي ۽ هو دادوءَ ۾ رهيو. سرڪل آفيسر جي ايڏي ضد هئڻ باوجود انڪوائري ثابت نه ٿي. هتي اهو پڻ ذڪر ڪريان ته ميرو خان جي عرصي کان اڳ ئي قاضي عبدالمنان صاحب مرحوم جن سان منهنجي چڱي دعا سلام هوندي هئي جو ٻئي ساڳي ئي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين ۽ ڪيترا اهڙا به موقعا ٿيا جو منهنجي ڪمري ۾ اچي پڙهندو به هو.
سال 1958ع ۾ ميرو خان تعلقي ۾ سارين جي فصل کي ڪيڙو لڳو هو. ساريالو فصل بلڪل تباهه ٿي ويو هو. آبادگارن پاران بالا آفيسرن کي پڪارون ڪيون ويون هيون، جنهن جي ڪري ان وقت جي ڪليڪٽر صاحب محمد يوسف جوڻيجو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر مدد علي نظاماڻي صاحب (شايد ته ان وقت جي ڪمشنر صاحب) جن پنهنجي سر گهوڙن تي چڙهي وڃي ميلن تائين فصل جو معائنو ڪيو هو، پر سارين جي ان جو ڪڻو به بيٺل فصلن ۾ ڪونه ڏٺائون. خير اهي صاحب فصل جو معائنو ته ڪري موٽي ويا. اهو وقت فصلن جي معافي ڏسڻ يعني ڍل معاف ڪرڻ جو هو. هيڊ منشي تعلقه هيڊ ڪواٽر کان پنجن ميلن اندر ۽ ان ايراضيءَ کان ٻاهر مختيارڪار معافي ڏسندا هئا، پر اسان ٻنهي (مختيارڪار صاحب ۽ مان) معافي ڏسڻ اڃا شروع ڪانه ڪئي هئي جو جنرل ايوب صاحب جي مارشل لا لڳي، جنهن جو پوري ملڪ ۾ وڏو ڏهڪاءُ هو. ايتريقدر جو جيڪي عورتون ڪجهه سال اڳ ڪي رهزن ڀڄائي ويا هئا يا ڪن پاڻ ڀڄي وڃي يارن سان پرڻو ڪيو هو، اهي سڀ اتي پنهنجن ٻچن ٻارن سميت پنهنجن مالڪن ڏانهن واپس موٽي آيون يا کين سندن يارن ئي ازخود مالڪن ڏانهن خوف وچان موٽائي موڪليو.
آفيس جي ڪم جو دٻاءُ به ڏاڍو وڌي ويو هو. روزانو رات جو يارهين ۽ ڪڏهن ته ٻارهين بجي تائين به ڪم ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ڪم جي دٻاءَ جي ڪري مان آفيس کان واپس ايندي روزانو ميرو خان اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر مسٽر محمد الياس صاحب، جيڪو بنگالي هو، ان کان Letamin ۽ برن (Berin) انجيڪشنون لڳرائي ايندو هوس، جو اسپتال آفيس کان گهر موٽندي رستي تي هئي. جيستائين مان آفيس کان واپس اچان تيستائين هو ويچارو به منهنجو انتظار ڪندو هو ته اچان ته انجيڪشن هڻي.
خير معافي ڏسڻي شروع ڪرڻ کان اڳ مان لاڙڪاڻي وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن سان مليس ۽ کانئن پڇيم ته سائين تعلقي جي ساريل فصل جو اوهان ۽ ڪليڪٽر صاحب جن پاڻ معائنو ڪري آيا آهيو ۽ هاڻي جيڪو حڪم ڪيو ته فصل جي معافي ڏجي يا نه. ڊپٽي ڪليڪٽر مدد علي نظاماڻي صاحب نهايت شريف، خدا ترس ۽ غريبن جو همدرد هوندو هو ۽ چيائين ته ڪنهن سان ناانصافي نه ڪجو. هوڏانهن ڪليڪٽر صاحب جن حڪم جاري ڪيو ته جيڪا معافي ڏسو ته ان جي نتيجي جي رپورٽ روزانو کين سڌيءَ طرح موڪلي وڃي، حالانڪ عام رواجي حالتن ۾ رپورٽ ڪڏهن به ڪليڪٽر صاحب جن کي ڪانه موڪلي ويندي هئي ۽ اپيل ٻڌڻ جو اختيار به ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب کي هوندو هو ۽ ان جو فيصلو آخري هوندو هو.
مان معافي ڏسڻ شروع ڪئي جنهن ۾ مون 80 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو تائين سروي نمبرن کي سموري ڍل جي معافي پئي ڏني. ڪليڪٽر صاحب جن کي رپورٽون پهچڻ شروع ٿيون ته هو صاحب ڏاڍو ناراض ٿيڻ لڳو ۽ منهنجي سفارش ڪيل معافي پاڻ پنهنجي سر روبرو چڪاس ڪرڻ لاءِ ميرو خان آيو، پر مان ان ڏينهن تعلقه هيڊ ڪواٽر ۾ موجود ڪونه هيس جو ڪنهن ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ويل هوس.
ڪليڪٽر صاحب گهوڙي تي سوار ٿي معافي جي چڪاس ڪرڻ شروع ڪئي. ساڻس گڏ محمد پناهه تنيو تپيدار ۽ شايد ته حد جو سپروائيزنگ تپيدار به گڏ هئا، جيڪي کيس چڪاس ڪرائيندا پئي ويا. الله پاڪ جا لک شڪرانا جو سمورا فصل سر زمين تي سالم بيٺل هئا ۽ ڪوبه فصل لڻيل ڪونه هو، جو ڪيڙي لڳل فصل جو پلال به ڍور نه پيا کائن. ڪيڙي لڳل فصل کي لڻڻ کان پوءِ جيڪو ناڙ رهيو پئي، سو تمام ڳاڙهو ۽ گهاٽو پيو لڳندو هو، جنهن کي ڏسي معافي چڪاس ڪندڙ آفيسر معافي ڏسندڙ آفيسر جي بي ايماني ليکي پئي سگهيو، جنهن لاءِ سزا به سخت هوندي هئي. ايتريقدر جو ان کي نوڪريءَ مان ئي خارج به ڪري سگهبو هو. آخر ڪليڪٽر صاحب جن چڪاس ڪندي جڏهن ڪٿي به ان جو داڻو ئي نه ڏٺو ته تپيدار کي چيائين ته اهي فصل ڏيکار جن ۾ ڪجهه ان وغيره هجي، جنهن تي تپيدار کين عرض ڪيو ته سائين اهي فصل اوهان صاحب ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن ڪيترو مفاصلو اندر وڃي ملاحظه ڪري ويا هئا، جو آبادگارن ڪيڙي سبب فصل تباهه ٿيڻ جون دانهون ڪيون هيون، پر ڪليڪٽر صاحب چيس ته اهي ڳالهيون اسان کي ياد ٿورئي پون ٿيون. آخر ڪليڪٽر صاحب جن منهنجي تمام معافيءَ کان بلڪل مطمئن ٿيا ۽ مون کان ان باري ۾ ڪابه باز پرس نه ٿي.
ان سال ساريالي فصل کي ايتري حد تائين ڪيڙي جو حملو ٿيل هو، جو فصل جي سُنڊين کي به باهه ڏئي ساڙڻ جي مهم شروع ڪرائي وئي هئي ۽ ان پروگرام لاءِ Crash Program Munkhtiar مقرر ڪيا ويا هئا، جن جو ڪم ئي اهو هو ته زمين کي هر ڏياري سارين جون سنڊيون ٻاهر ڪڍرائي، انهن کي باهه ڏياري مڪمل طرح ساڙائڻو هو، جو ڪيڙو انهن سنڍين ۾ سڪل هو. الله پاڪ ايئن منهنجي عزت بچائي.
ميرو خان ۾ ان دور ۾ نئشنل بئنڪ جي برانچ ڪانه هوندي هئي، انهيءَ ڪري سرڪاري ڏيتي ليتي يا وصول ڪيل ڍل جي رقم تعلقه آفيس ۾ سب ٽريزيءَ ۾ ئي جمع ڪرائي ويندي هئي. جيڪڏهن پئسا گهڻا جمع ٿي ويندا هئا ته لاڙڪاڻي نئشنل بئنڪ کي موڪلي ڏبا هئا يا جڏهن پئسن جي ضرورت پوندي هئي ته اتان گهرائي وٺبا هئا.
تعلقه آفيس ميرو خان شهر کان ٻاهر پري هوندي هئي. ڀرپاسي ۾ ڪا وسندي ته نه هئي. پسگردائيءَ واريون سموريون زمينون ڪلراٺيون ۽ غير آباد هيون. مطلب ته آفيس صفا رڃ ۾ هوندي هئي. باقي تعلقه آفيس ۾ سب جيل ۽ ان تي مقرر ٿيل پوليس عملو هوندو هو. فيبروريءَ جو مهينو هو، جو هڪ ڏينهن ڍل جي رقم لک کان به وڌيڪ آئي، جا مون ۽ آفيس جا سڀ ڪلارڪ ڳڻي رهيا هئاسين ته ڳڻي پوءِ خزاني روم ۾ رکيل ٽجوڙيءَ ۾ رکائبي. جيئن ته آفيس سڃ ۾ هئي، انهيءَ ڪري جيل جي هڪڙي سپاهيءَ کي حفاظت لاءِ ڪرسي پنهنجي ڪمري ۾ اندر رکرائي ان تي ويهاري ڇڏيندو هوس، جو ٻاهر ٿڌ ڏاڍي هئي ۽ سپاهيءَ کي ٿڌ ۾ ٻاهر ورانڊي ۾ ويهارڻ مناسب نه پئي سمجهيم.
سپاهي ڪمري ۾ اندر در جي ڀرسان ويٺو ئي هو، جو مون ۽ آفيس جي ڪلارڪن آفيس ۾ ٿلهي تي پئسا پئي ڳڻيا. جيئن ته رقم تمام گهڻي هڪ لک رپين کان به وڌيڪ هئي، انهيءَ ڪري مون کي دل ۾ وهم ويٺو ته ايتري رقم سپاهي ڏسي جيڪڏهن سندس دل بي ايمان ٿي پوي ۽ رائيفل اسان تي سڌي تاڻي رقم ڦري ڀڄي وڃي ته اسان کيس ڇا ڪري سگهنداسين، پر مورڳو عذاب ۾ اچي وينداسين. ان کان پوءِ مون اهڙن موقعن تي سپاهيءَ کي اندر ڪمري ۾ ويهارڻ بند ڪري ڇڏيو. کيس ورانڊي ۾ ويهاريندو هوس، جتان رقم تي سندس نظر نه پئجي سگهي.
بهرحال اها رات الله پاڪ کي سنڀاليندي جيئن تيئن گذري. خير خوبيءَ سان ڪم پورو ڪيو. سموري رقم خزاني روم ۾ رکيل ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري، مون سک جو ساهه کنيو.
هڪڙي سال ڪنٽرولر سنڌ جي آفيس جو آڊيٽر ميرو خان خزاني آفيس (سب ٽريزي) جي انسپيڪشن ڪرڻ آيو هو. ان دوران ڏيتي ليتي پائين تائين به ٿيندي هئي. هڪ رپئي ۾ 16 آنا ۽ هڪ آني ۾ 12 پايون هيون. خزانچي وٽ ڏيتي ليتي بند ٿيڻ وقت جيڪا رقم وٽس بچندي هئي، ان ۾ گهڻو ڪري پايون به هونديون هيون. جيئن ته پايون ڏکيائيءَ سان ملنديون هيون، انهيءَ ڪري خزانچي هڪ آني جون پايون مٽائي، ڏيتي ليتيءَ ختم ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ پايون پنهنجي پيتيءَ ۾ ئي ٻي رقم جي هيٺان مس چٽو رکي جدا ڪري رکيون هيون ته جيئن ضرورت وقت اتان کڻي سگهجن. آڊيٽر خزانچي واري پيتيءَ ۾ پيل رقم جي ڳڻپ وقت ڇا ڪيو، جو سڄي پيتي کڻي اونڌي ڪئي ته سڀ پايون گڏجي ويون. انهيءَ ڪري خزانچي جي ڪتاب ۾ ڄاڻايل بئلنس کان ڪجهه پايون وڌيڪ ٿيون، جنهن تي هن هڪ لنبو چوڙو خراب انسپيڪشن ميمو ڪڍيو. اهو آڊيٽر ڪرسچن هو ۽ اهو موقعو به ڪرسمس جو هو. مون تر واري تپيدار، جيڪو اهڙن موقعن يا آفيسرن جي منزل وغيره تي خرچ پکو هلائيندو هو، تنهن کي چيو ته بي ايمان ڪرسچن آڊيٽر کي ڪو شراب جو آڌيو وٺي ڏي. پوءِ جڏهن هن جو اهو پيٽ جو سور لٿو ته اڳيون ڪڍيل ميمو ڦاڙي اسان جي چوڻ مطابق نئون انسپيڪشن ميمو لکيائين، جنهن ۾ ڪابه اعتراض جوڳي ڳالهه يا ڪا بي قاعدگي ڄاڻايل ڪانه هئي.
منهنجي ميرو خان واري وقت ۾ حاڪم علي گوپانگ ۽ پير محمد بروهيءَ کي گڏيل ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. مون کي جڏهن ڪو ڪپڙو وٺڻو هوندو هو ته انهن کي گهرائيندو هوس. اهي اوطاق ۾ ويهي ڪپڙو ڪڇي ڏئي پئسا وٺي وينداهئا. اهي ٻئي پوءِ ڪافي زمينون ڪري ويا. اناج جي واپار مان ڪمائي ڪروڙ پتي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. پير محمد بروهي ته وفات ڪري ويو آهي. حاڪم علي گوپانگ سان اٽڪل ڏهه سال اڳ ملاقات ٿي هئي. هو پيرسن ۽ ڪمزور هو. هن وقت ان جي باري ۾ ڪا وڌيڪ خبر ناهي.
جيئن مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مان ميرو خان تعلقي ۾ مختلف وقتن تي ٽي دفعا هيڊ منشي ٿي رهيو هوس. انهن مان هڪ موقعي تي مسٽر محمد اعظم انصاري تعلقي مختيارڪار هو. هن هڪ ڏينهن حاجي محمد علي خان کهاوڙ جي ڳوٺ ڪارڙن پاسي گشت جو پروگرام رکيو. شايد ته پرتال ڪرڻ جو پروگرام هو. حاجي صاحب جن منجهند جي مانيءَ جي دعوت پنهنجي ڳوٺ ڪارڙن ۾ مختيارڪار صاحب جن کي ڏني جا هن قبول ڪئي هئي. مختيارڪار صاحب جيڏي مهل گشت پورو ڪري منزل واري بنگلي تي پهتو ته حاجي صاحب کي چوائي موڪليائين ته هو سندن ڳوٺ ڪارڙا ڪونه ٿو اچي سگهي. ماني بنگلي تي ڏياري موڪليو. بنگلو ڪارڙن ڳوٺ کان ٻن ميلن کن جي پنڌ تي هو، پر حاجي محمد علي خان کهاوڙ مختياڪار کي ورندي ۾ چوائي موڪليو ته هن سندس دعوت پنهنجي ڳوٺ ڪارڙن ۾ ڪئي هئي. کيس بنگلي تي ماني ڪانه ڏياري موڪليندو ۽ نه ڏياري موڪليائين. هو بک تي ئي رهيو يا شايد تپيدار بنگلي تي ماني تيار ڪرائي.
هڪڙي ڏينهن مختيارڪار صاحب وٽ شام جو سندس جڳهه تي ويس ته ڳالهه ڪيائين ته ڊپٽي ڪليڪٽر مظهر علي شيخ صاحب، جيڪو ان وقت قمبر سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ تعلقه ميرو خان به ان سب ڊويزن ۾ هو، چيو آهي ته سندس پٽ عبدالقيوم شيخ شڪارپور ڪاليج ۾ پڙهندو آهي ۽ ڪاليج ۾ مسٽر محمد اڪرم انصاري انگريزيءَ جو پروفيسر آهي (اڪرم انصاري مختيارڪار محمد اعظم انصاريءَ جو عزيز هو) ان کي چئجي ته سندس پٽ کي انگريزيءَ ۾ سٺيون مارڪون ڏئي. ان دور ۾ تعلقه مختيارڪارن کي سرڪاري گاڏي جيپ وغيره ڪانه مليل هوندي هئي ۽ وڌيڪ ته انهن ڏينهن ۾ پوري تعلقي ۾جيپون رڳو ٻن زميندارن کي هونديون هيون. هڪ مهيسرن وٽ ۽ ٻي حاجي محمد علي خان کهاوڙ ڪارڙن واري وٽ. مختيارڪار صاحب کي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جي مٿئين ڪم لاءِ شڪارپور وڃڻو هو، جنهن لاءِ کيس جيپ گهربل هئي. مون کيس چيو ته حاجي محمد علي خان کي جيپ موڪلڻ لاءِ چوائي موڪليو. مان نٿو سمجهان ته هو انڪار ڪندو. پهريائين ته مختيارڪار صاحب حاجي صاحب کي جيپ موڪلڻ لاءِ چوائي موڪلڻ لاءِ تيار نه هو، پر کيس ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جو سندس پٽ لاءِ ڪم چيو هو ته لاچار حاجي صاحب جن کي جيپ لاءِ چوائي موڪليائين پر هن ڪانه موڪلي.
مون پوءِ مختيارڪار صاحب کي چيو ته جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته مان حاجي صاحب جن کي پنهنجي پاران چوائي موڪليان، جو حاجي صاحب جن مون کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. جڏهن به ميرو خان يا لاڙڪاڻي ڪم ڪار سانگي ايندا هئا ته مون وٽ اچي ترسندا هئا. مختيارڪار صاحب جي هائوڪار ڪرڻ تي مان محرم ڪوٽوار، جنهن وٽ ڀلو گهوڙو هوندو هو، ان کي حاجي صاحب جن ڏانهن نياپو ڪري موڪليو. پر ڪوٽورار موٽي آيو، جو حاجي صاحب ان وقت ڳوٺ ۾ موجود ڪونه هو. باقي حاجي صاحب جي پوٽي سڪندر حيات خط لکي موڪليو ته اسان جا جاءِ جا ماڻهو بيمار آهن جن کي سڀاڻي علاج لاءِ شهدادڪوٽ وٺي وڃڻو آهي. جيئن ته هو ٻارن کي ٽانگي تي نه وٺي ويندا آهن انهيءَ ڪري جيپ موڪلڻ کان لاچار آهيون. اهو خط جنهن مهل پهتو ته مان مختيارڪار صاحب وٽ ئي ويٺو هوس ۽ مون کيس چيو ته هنن کي هيءَ لاچاري آهي، جا صحيح به آهي.
پوءِ مان موٽي جاءِ تي اچي سمهي رهيس ته صبح جو چئين بجي ڌاري جيپ جو آواز منهنجي در تي ٿيو، جنهن تي پٽيوالي ٻاهر وڃي ڏٺو ته حاجي صاحب جن جي ڊرائيور صيفل جيپ آندي هئي ۽ حاجي صاحب جن جو لکيل خط به کڻي آيو هو، جنهن ۾ حاجي صاحب جن لکي موڪليو هو ته سندن پوٽي سڪندر حيات خان ٻارن کي علاج لاءِ موڪلڻ جو مون کي جيڪي لکي موڪليو هو، اهو درست هو، پر پاڻ سڪندر حيات کي چيائين ته هيڊ منشيءَ کين اڳي ڪڏهن به ڪو ڪم ڪار ڪونه چيو آهي. هيءُ پهريون ڀيرو ئي آهي، جو جيپ جو چوائي موڪليو اٿائين. انهيءَ عرصي جيپ ڊرائيور سان موڪلجي ٿي.
مون اهڙو احوال مختيارڪار صاحب کي موڪليو ۽ کيس چوائي موڪليو ته تيار ٿين ته شڪارپور وڃي پروفيسر اڪرم انصاريءَ کي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن جي پٽ عبدالقيوم جي پارت ڪن، پر هن مون کي به ساڻس گڏ شڪارپور هلڻ لاءِ چوائي موڪليو. پوءِ گڏجي شڪارپور وياسين. پاڻ محمد اڪرم انصاريءَ کي عبدالقيوم جي پارت ڪيائين. پوءِ مون کي چيائين ته هو ٽرين ۾ ڳوٺ دادوءَ ٿو وڃي ۽ مان ڀلي جيپ ۾ ميرو خان وڃان. مون پوءِ ميرو خان پهچي جيپ حاجي صاحب ڏانهن ڏياري موڪلي.

هڪ معتبر ماڻهوءَ کان ٻڌل قصو.
ميرو خان ۾ محمد حسن نالي ڪئنال اسسٽنٽ ٻارن سان رهندو هو. ان جي ڀرسان ئي روينيو کاتي جو هڪ ڪوٽوار خيرو کوکر ٻارن سان رهندو هو، جنهن جي زال تي محمد حسن ڪئنال اسسٽنٽ ايترو ته عاشق ٿي پيو، جو خيري ڪوٽوار کي چوائي موڪليائين ته اچ ته زالن تي سودو ڪيون، جو هو پنهنجي زال کيس ڏي ۽ خيرو ڪوٽوار پنهنجي زال هن (محمد حسن) کي ڏئي، پر غيرتمند ڪوٽوار اهو برداشت نه ڪيو ۽ پنهنجا ٻار ڳوٺ بهرام ڇڏي آيو ۽ ايئن بي غيرت ڪئنال اسسٽنٽ کي دلي حسرت رهجي وئي.مان بهرحال محمد حسن ڪئنال اسسٽنٽ تي اهو الزام ڪونه ٿو هڻان ته هن جا خيرو کوکر ڪوٽوار جي زال سان ڪي اڳ ناجائز تعلقات هئا.
سال 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن پئي ٿي، انهيءَ سلسلي ۾ مون کي سڀ پولنگ اسٽيشنون ڏسي هيڊ آفيس کي رپورٽ ڪرڻي هئي، جو ان وقت مختيارڪار موجود ڪونه هو. مان ٻيون سڀ پولنگ اسٽيشنون چڪاس ڪري رات جو ميرو خان هيڊ ڪواٽر ۾ پهتس. باقي هڪڙي پولنگ اسٽيشن بٺي رهيل هئي. جيئن ته صبح جو مون کي رپورٽ موڪلڻي هئي، انهيءَ ڪري رات جو ئي اها پولنگ اسٽيشن ڏسڻ جو پروگرام رکيم، جو ان دور ۾ مڪمل امن امان هوندو هو. رات جو سفر ڪرڻ ۾ ڪو خوف خطرو ڪونه هوندو هو. رٿيل پروگرام مطابق مون تپيدار محمد پناهه جروار کي چوائي موڪليو ته پنهنجو ٽانگو آڻي جو بٺيءَ هلڻو آهي. هن وٽ پنهنجو ذاتي ٽانگو ۽ گهوڙو هئا ۽ ٽانگو پاڻ هلائيندو هو. پوءِ رات جو هڪ وڳي ڌاري ان ٽانگي ۾ وارهه برانچ جي اسٽيشن پاٿ سان وياسين پئي، ان ٽانگي ۾ محمد پناهه تپيدار جو دوست جنهن جو نالو به محمد پناهه هو، پڻ ٽانگي ۾ آڏو تپيدار ۽ منهنجي وچ ۾ ويٺو هو. ٽانگي ۾ پٺيان محرم ڪوٽوار، جو ڏاڍو برجستو هو، ويٺو هو. رات اونداهي هئي، پر انسپيڪشن پاٿ تمام سٺي حالت ۾ هئي. ٽانگو مزي مزي سان هلي رهيو هو. اهي اونهاري جا ڏينهن هئا، پر رات جو مڙئي ڪجهه هوا لڳي پئي. ڪجهه پنڌ اڳتي هلياسين ته پري کان سامهون هڪل ٿي، جنهن تي محمد پناهه تپيدار اوڏانهن ٽارچ هنئي ته ان تي سامهون ڪا گار ٻڌڻ ۾ آئي، جنهن تي تپيدار ڪاوڙ ۾ اچي سندس پاسي ۾ رکيل بندوق کڻي سڌي ڪري سامهون گار اچڻ طرف فائر ڪرڻ تي هو ته مون کيس روڪيو ته صبر ڪر ۽ تڪڙ نه ڪر. انهيءَ دوران ٽانگو هلندو پئي رهيو. ڪجهه مفاصلو اڳتي هلياسين ته ٽانگي ۾ جنهن پاسي مان ويٺو هوس ته ان پاسي وارهه برانچ جي پاٿ تي قربان علي ڀٽي تپيدار بيٺو هو، جنهن مون کي ڏسي چيو ته خان صاحب آهي. مان ٽانگو روڪرائي کانئس پڇيو ته هن بيگاهه وقت اتي ڪيئن بيٺو آهين؟ جنهن تي ٻڌايائين ته هو پاڻ ۽ قاسم ڊکڻ گدڙن جي شڪار تي آيا هئا. قاسم ڊکڻ وارهه برانچ جي ٻئي ڪپر تي هو. مون قربان ڀُٽي تپيدار کي چيو ته خدا تعاليٰ سر بچايو اٿئي، جو محمد پناهه جروار تو طرف بندوق سڌي به ڪئي هئي ۽ فائر ڪرڻ تي ئي هو، جو مون روڪي وڌومانس، پوءِ اسان اڳتي روانا ٿي وياسين.
علي رضا شاهه (ويٺل شڪارپور) به ميرو خان ۾ مختيارڪار ٿي آيو هو. ان جي سڪندر حيات کهاوڙ ڪارڙن واري سان ڏاڍي دوستي ٿي وئي هئي. منهنجي به سڪندر حيات خان سان اڳ ئي دوستي هئي، جيڪا خبر علي رضا شاهه صاحب کي به هئي. انهيءَ ڪري جڏهن به سڪندر حيات خان وٽس ايندو هو ته مختيارڪار صاحب مون کي به گهرائي وٺندو هو ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. علي رضا شاهه صاحب مون کي ڏاڍي عزت ڏيندو هو ۽ پنهنجو زيردست نه سمجهندو هو.
مير محمد ڪولاچي صاحب (ويٺل ميرپور ماٿيلو) به ميرو خان ۾ مختيارڪار ٿي آيو هو، توڻي جو هو مون سان سٺو هلندو هو، پر هن جهڙو ذليل مختيارڪار يا ٻيو ڪو ڪامورو اڄ تائين مون نه ڏٺو آهي.
هن جي ذلالت جي ڳالهه ايئن آهي جو ميرو خان سب جيل ۾ هڪ عورت منهن ڏوهه ۾ نظربند هئي. اها هڪ ڪنڊ واري عام خلق کان پري بئرڪ ۾ رهي پئي هئي. ٿورن ڏينهن ۾ سردار عالم خان گوپانگ به ڪنهن جرم ۾ ڦاٿو. سب جيل ميرو خان ۾ هڪ بئرڪ ۾ بند ٿيو، پر ان بئرڪ تي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ جي نظر پوندي هئي، جي کيس جيل ۾ پيل ڏسندا ويندا هئا. عالم خان گوپانگن جو سردار هو. انهيءَ ڪري هو ڏاڍو شرمسار ٿيندو هو. هن پوءِ مختيارڪار (مير محمد ڪولاچيءَ) کي الائي به ڪيئن راضي ڪيو، جنهن ڪري مختيارڪار کيس بند واري بئرڪ جنهن ۾ عورت ڦيڻ بند هئي، ان ۾ رهايو، جيئن مٿس ڪنهن جي نظر نه پوي. عورت کي عالم خان گوپانگ واري کليل بئرڪ ۾ شفٽ ڪيو ويو. ان بئرڪ جي دروازي تي پاڻ پنهنجي سر هٿوڙي سان ڪوڪا ٺوڪي انهن ۾ پڙدو ٻڌي ڇڏيو ته جيئن ان عورت تي ڪنهن به لنگهوڙ جي نظر نه پوي.
سردار محمد جعفر خان بلوچستان صوبي ۾ نائب تحصيلدار هو. سندس والد سردار محدم حسين خان جي زمين ميرو خان تعلقي ۾ حاڪم شاهه جي ڀرسان کنيل هئي. انهيءَ جي سنڀال لاءِ ايندو ڪندو هو ته مون وٽ به ايندو هو. هڪ ٻه ڀيرا لاڙڪاڻي به مون وٽ آيو هو . زردالن جي پيتي به هڪ ٻه دفعا موڪلي هئائين. مان به هڪ ڀيرو وٽس ڪوئيٽا ويو هوس، هو توغي روڊ تي رهندو هو.
سڪندر حيات کهاوڙ ۽ مان زيارت وڃي، اتي ٻه مهينا کن آرام ڪرڻ جو پروگرام رٿيو. انهيءَ ڪري مون 13.05.1959 کان ٻن مهينن جي موڪل ورتي.
پروگرام ايئن طئه ڪيوسين ته مان شام جو سڪندر حيات کهاوڙ جي ڳوٺ ڪارڙا ۾ ويندس. اتي رات جي ماني کائي ٿوري رات ٺرندي ته ٻارهين وڳي ڌاري سندس جيپ ۾ زيارت لاءِ روانا ٿينداسين.
سڪندر حيات خان سيڌو پاڌو (گهه، اٽو، چانور وغيره) ۽ هنڌ بسترا، گلم غاليچا جيپ ۾ رکرايا ۽ ماني کائي رٿيل پروگرام مطابق رات جو 12 وڳي ڪارڙن مان روانا ٿياسين. سڪندر حيات جو ڏاڏو حاجي محمد علي خان کهاوڙ به اسان سان گڏ هليو، پر سندس پروگرام رڳو ڪوئيٽا تائين هو. سڪندر حيات پنهنجو ڊرائيور صيفل ۽ بورچي حاجي به ساڻ کنيا، جيڪي جيپ ۾ پويان سامان تي ويٺا هئا. جيپ هن پاڻ پئي هلائي. ڪلاڪ، ڏيڍ مس عيدن شاخ جي پاٿ سان هلياسين ته اوچتو وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ گاڏي بند ٿي وئي. هيٺ لهي ڏٺوسين ته عيدن شاخ کي چڱو ڀلو گهارو پئجي ويو هو ۽ پاڻي تيز پئي وهيو. شايد ته شاخ ۾ اڳيئي ڪا روڻ پيل هئي. پوءِ جيپ ۾ پٺيان گهڻي سامان جي وزن ڪري روڻ واري هنڌ گهارو انڪري پئجي ويو هوندو، جو انهيءَ جڳهه وٽ پاٿ جي مٽي ويهي وئي هوندي. جيپ جا اڳيان ويل ته گهاري مان نڪري ويا هئا پر پويان ويل ان ۾ ڦاسي پيا، پر خدا تعاليٰ پناهه ڏني، جو جيپ پوئتي ڪلٽي نه کاڌي نه ته خدا ڄاڻي الائي ڪهڙو حشر ٿئي ها. اها جڳهه روجهاڻ وارن پٽن جي هئي. پئسو ڏوڪڙ به هر ڪنهن کي چڱو ساڻ هو، پر حاجي محمد علي خان توڻي سڪندر حيات کي هٿيارن هوندي به، ٻنهي مان ڪنهن به ڪو هٿيار پاڻ سان نه کنيو هو. حاجي صاحب جن چيو پئي ته هتي اهڙو ڪوبه خوف خطرو ڪونهي جو هو پاڻ اتي ڪيترا دفعا شڪار ڪري ويو هو.
ڪجهه پنڌ تي ڳوٺ مان ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز پئي آيا. سڪندر حيات پنهنجي ڊرائيور ۽ بورچيءَ کي اوڏانهن موڪليو ته ڪن ماڻهن کي مدد لاءِ سڏي وٺي اچي، پر اڌ رات جو اٽڪل اڍائي _ ٽين وڳي جو وقت هو، انهيءَ ڪري ڪوبه ماڻهو سندن سڏڻ کان پوءِ به گهران نڪري مدد لاءِ ڪونه آيو. خير پوءِ ڊرائيور صيفل ۽ بورچي حاجي، جيڪي ٻئي سگها مڙس هئا، تن جيپ کي مٿي پٽي گهاري ۾ ڦاٿل پويان ويل ڪڍي ورتا. سڄي گاڏي عيدن شاخ تي پاٿ تي اچي وئي، پر گاڏيءَ جون ڪمانيون چٻيون ٿي ويون هيون، پر تڏهن به سڪندر حيات جيپ آهستي آهستي ڪاهيندو آيو ۽ ڪجهه مفاصلو ڪرڻ کان پوءِ هزيري بنگلي تي پهتاسين. اتي صاف ڏينهن ٿي ويو. بنگلي تي هڪڙو اريگيشن کاتي جو اوور سيئز صديقي جيڪو پاٽ شهر ضلع دادوءَ جو ويٺل مليو، جنهن سان پنهنجي واقفيت ڪرائي سين ۽ سارو احوال به ڪيوسين. هن چيو ته هتي اناج کاتي وارن جو گدام آهي ۽ ٽرڪ اچڻي آهي ۽ اها اچي ته ان جي ڊرائيور کي چئي جيپ جون ڪمانون سڌيون ڪرايون ٿا. پوءِ جڏهن ٽرڪ آئي ته ان جي ڊرائيور جيپ جون ڪمانيون سڌيون ڪري ڏنيون ۽ جيپ صحيح هلڻ لڳي. منجهند جو اچي جهٽ پٽ پهتاسين ۽ هوٽل تي ماني کاڌي سين. گرمي تمام ڏاڍي هئي. ايتريقدر جو هوٽل جي ٻاهران جيڪي گڏهه يا گهوڙا بيٺا نظر پئي آيا، اهي به بيٺي ڏاڍو سهڪي رهيا هئا. ماني کائي پوءِ اڳتي روانا ٿياسين. رات جو 12 وڳي سبيءَ پهتاسين. صحبت سراءِ ۾ کٽون وٺي ويٺاسين.
سبيءَ جي گرمي به، الله جي پناهه، مشهور آهي. وڌيڪ ته صحبت سراءِ جون ڀتيون به تمام اوچيون هيون. انڪري 12 وڳي رات کان 4 بجي صبح تائين ويٺي ئي گذاريسين. پوءِ حاجي صاحب جن چيو ته هلو ته ٻاهر هلي ڪنهن ميدان تي ٿيون، تيستائين فجر جي نماز جي مهل به ٿي ويندي. انهيءَ ڪري اتي نماز پڙهي پوءِ اڳتي هلجي. پوءِ ايئن ئي ڪيوسين ۽ مچ پهچي اتي وهنجي ٿورو آرام ڪري هوٽل تي ماني کائي ڪوئيٽا ڏانهن روانا ٿياسين. ڪوئيٽا پهچڻ تي حاجي محمد علي خان جن اتي ئي ترسيا ۽ اسان زيارت ڏانهن روانا ٿياسين.
ڪوئيٽا کان گلستان _ بوستان تائين ته رستو سٺو هو، پر اڳتي جڏهن رستو جبلن ۾ شروع ٿيو، اهو نهايت سوڙهو ۽ خطرناڪ هو. ٿوري ٿوري مفاصلي تي خطرناڪ موڙ هئا. ڪوئيٽا کان زيارت 76 ميل پنڌ تي آهي، پر جبلن ۾ 35 ميل کن رستو اهڙو ته تنگ خطرناڪ ۽ وڙ وڪڙن وارو هو، جو رستي تي چپي چپي تي سائن بورڊ لڳل هئا، جن تي لکيل هو (Keep on Blowing) (هارن وڄائيندا رهو) ڇاڪاڻ جو روڊ سوڙهو هئڻ ڪري آمهون سامهون ايندڙ ٻن گاڏين جو ڪراس ڪرڻ به ڏاڍو مشڪل هو. خير الله پاڪ کي سنڀاليندي رات جي وقت زيارت پهتاسين. ان دور ۾ زيارت ۾ ڪا خاص آبادي ڪانه هئي، اتي رڳو سرڪاري آفيسون ۽ ريسٽ هائوس هئا. سبي ضلع جو اونهاري جي مند ۾ هيڊ ڪواٽر سبي بجاءِ زيارت هئو. هينئر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته زيارت ڪافي آباديءَ وارو ۽ سرڪاري آفيسن کان علاوه خانگي بنگلن وارو شهر بنجي ويو آهي.
صبح جو مان اٿي نماز پڙهي ويٺس ته ٿوري مهل کان پوءِ هڪڙو سپاهي آيو ۽ چيائين ته جيئن ته ڪمشنر صاحب اچي ٿو، سو تحصيلدار صاحب موڪليو آهي ته جيپ وٺي اچينِ جو هو ڪمشنر صاحب جن ڏانهن پيو وڃي. جيپ هوٽل جي ٻاهران سامهون روڊ تي بيٺل هئي جا ڏسي شايد سپاهي آيو هجي مون سپاهيءَ کي چيو ته جيپ جو مالڪ ننڊ پيو آهي، اهو اٿي ته پوءِ تون اچجانءِ. باقي مان ته جيپ ڪونه ڏئي سگهندس. پوءِ جڏهن سڪندر حيات ننڊ مان اٿيو ته مون ساڻس اهو احوال ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ ساڳيو سپاهي وري آيو ۽ سڪندر خان کي جيپ ڏيڻ لاءِ چيائين، جنهن تي هن کيس سخت تڙي پٽائي ۽ چيائينس اسان سنڌ مان انهيءَ گاڏيءَ جي بيگر جي تتئون ته هت آيا آهيون ۽ هتي به اهائي بيگر. وڃي پنهنجي تحصيلدار کي چئو ته گاڏي ڪونه ڏيندس. سپاهي ويچارو ڪن ٻوساٽيون هليو ويو. اسان جي زيارت ۾ رهائش واري سموري عرصي دوران ڪڏهن به ڪونه آيو.
سڪندر حيات پوءِ چيو ته هاڻي تحصيلدار کي ريسٽ هائوس ۾ ڪنهن ڪمري ڏيڻ لاءِ ڪونه ٿا چئون. اتي هوٽل ۾ ئي رهيا پيا هونداسين. گلم، غاليچا، ڪمبل ۽ سوڙيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان وغيره ته سڀ ساڻ هئا ئي، انهيءَ ڪري سمورو عرصو ان هوٽل ۾ ئي رهياسين.
زيارت ۾ ان وقت ۾ ڪابه ٻه ماڙ جڳهه ڪانه هئي، سواءِ ريزيڊنسيءَ (Residency) جي، جنهن ۾ جناح صاحب گرميءَ جي ڏينهن ۾ اچي رهندو هو. ان ريزيڊنسيءَ ۾ هڪڙو چوڪيدار هوندو هو، جنهن جو خاندان پشت به پشت چوڪيدار رهندو پئي آيو، انهيءَ هلي اسان کي هيٺ مٿي ساري جڳهه گهمائي.
جناح صاحب ۽ سندس همشيره محترمه فاطمه جناح جن لاءِ ٻڌايائين ته اهي مٿي رهندا هئا. جناح صاحب جي علاج معالج وارو ڊاڪٽر صاحب هيٺ رهندو هو، پر جڏهن جناح صاحب کي تڪليف وڌي وئي ته ڊاڪٽر به مٿي پاسي واري ڪمري ۾ رهڻ لڳو هو.
زيارت ۾ ساوڪ به ڏاڍي هوندي هئي. خاص ڪري ريزينڊينسيءَ سامهون جيڪو چڱو وڏو لان هو، اهو ته ڄڻ سائو غاليچو پئي لڳو. اکروٽن جا وڏا وڻ به جام هئا، جن ۾ ان وقت ساوا اکروٽ به موجود هئا. پستن جا به ڪجهه ٻوٽا موجود هئا جن ۾ پڻ پستا ڦٽا بيٺا هئا.
اسان زيارت کان ٿوري مفاصلي تي آبشار، جيڪي جبلن جي وچ ۾ هئا، اهي به وڃي ڏٺا، جن جا نظارا ڏاڍا دلڪش هئا. هوا به تمام ٿڌي پئي لڳي. اسان زيارت ۾ ٻه مهينا کن عرصو رهڻ دوران ٻه دفعا ڪوئيٽا به گهمڻ وياسين. زيارت ۽ ڪوئيٽا جي آبهوا ۾ به وڏو فرق هو. اسان زيارت مان گرم ڪپڙا پائي ڪوئيٽا کان ويهه _ ٻاويهه ميل ٻاهر گلستان بوستان وٽ پهچندا هئاسين ته اهي ڪپڙا لاهي سوٽي ڪپڙا پائي ڪوئيٽا ايندا هئاسين.
ڪوئيٽا ۾ان دور ۾ يعني اڄ کان 45 سال کن اڳ به پڙدي جو گهڻو خيال ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ پٺاڻن جون نهايت خوبصورت شڪل، شباهت واريون چڱي وهيءَ واريون توڙي ننڍي عمر واريون جوان عورتون بلڪل کلي منهن روڊن توڻي بزارن ۾ گهمندي ڦرندي ڏسبيون هيون.
اها بي پردگي ته هاڻي عروج تي پهچي چڪي آهي، جو خاص ڪري شهرن ۾ ته ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ عورت برقعي سان نظر ايندي، خاص طرح حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ خاص طور لباس ۾ به عورتن وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي. اڳ واري دور جي گهرگهلن (ڍلن) ۽ زدامري ڪپڙي جي پوشاڪ جي جڳهه تي نهايت چست (تنگ) ۽ باريڪ (سنهي) ڪپڙي واريون ڊريسون پهرڻ هر عمر واري عورت جي پسنديده ڊريس آهي. ٻين سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۾ به سمجهان ٿو ته اها ئي حالت هوندي، پر مان ڪافي عرصي کان ايڏانهن ڪونه ويو آهيان انهيءَ ڪري ان باري ۾ ڪجهه خاطريءَ سان نٿو چئي سگهان. البت لاڙڪاڻي جڏهن ڪنهن شاديءَ جي موقعي تي وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي به مٿي ذڪر ڪيل حالت گهڻو ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڳچيءَ وٽ به پهراڻ کي آهستي آهستي هيٺ تي ئي سورينديون سرڪائينديون وڃن ۽ خبر ناهي ته ڪٿي وڃي دنگ ڪنديون.