تعلقه مختيارڪار کپرو (ضلعه سانگهڙ)
مونکي امداد الله خان انڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ D.O ڪري کپري تعلقي جو مختيارڪار ڪري رکرايو. مان شاهبندر ۾ 02.12.1972 تي چارج ڇڏي تاريخ 06.12.1972 تي کپري ۾ چارج ورتي. قاضي فيض راڄڙ پير پاڳاري صاحب جو خاص ماڻهو مون وٽ ڪمين ڪارين ايندو هو ته ڪري ڏيندو هومانس، هو چوندو هو ته هن دور ۾ اوهان ئي ٿا اسان جا ڪم ڪيو ٻيو ڪو، جيڪر نه ڪري.
هڪڙي دفعي خليفو عاقل پير صاحب جو خاص خليفو، ملڻ آيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ رمضان شريف جي عيد هئي، خليفي صاحب چيو ته اسان جي ديهه جي کنڊ اسانجي ماڻهوءَ جو نالو ڪٽي ٻئي کي ڏني اٿن. مان ڪلارڪ کان کنڊ جي ڊيپو ڪيپرن جي لسٽ گهرائي ته برابر ائين هيو. مان ڪلارڪ کان پڇيو ته لسٽ ۾ ڄاڻايل ماڻهو کنڊ جي پرمٽ وٺي ويو آهي. جنهن تي هن ٻڌايو ته ڪونه کڻي ويو آهي. مون خليفي صاحب کي چيو ته اوهان کي کنڊ کپي ته ماڻهو ڏسيو ته پرمٽ ان جي نالي ڪڍي ڏيانوَ. هن نالو ڏنو جنهن کي مون خليفي صاحب واري ديهه جي کنڊ جي پرمٽ ڪڍي ڏني.
ڀُٽو صاحب ان وقت صدر هو، جو حيدرآباد ۾ ڊويزن جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ميٽنگ ڪوٺائي هُئائين، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر به ويا هئا. امداد الله خان انڙ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جڏهن ميٽنگ تان موٽيو ته مونکي چيائين ته ڀُٽي صاحب جن ميٽنگ ۾ پڇيو ته ماڻهن کي کنڊ چڱي طرح ملي ٿي ته خليفي محمد عاقل ايم پي اي اٿي چيو ته ها سائين سانگهڙ ضلعي ۾ صحيح نموني ملي ٿي، مون پوءِ صاحب موصوف کي خليفي عاقل واري مٿين سموري حقيقت ٻڌائي پر ان ڪجهه اکر به ڪونه ڪڇيو.
محمد عثمان چانهيو کپري ۾ ئي رهندو هو ۽ چڱو ڀلو زميندار ۽ نهايت شريف انسان هو. امداد الله خان انڙ جي شادي به سردار احمد خان جي نياڻيءَ سان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿي هئي ۽ مونکي به دعوت ڏني هئائين. مان کيس تحفي ۾ گمبٽ وارو هڪڙو کيس ڏنو هو. جنهن لاءِ مون کان پڇيائين ته اهو گهڻي مليو هيو. مان ٻڌايو مانس ته سائين مان هزار روپيا وارو پئي گهرايو پر اهو نه ملي سگهيو ۽ اهو 700 روپيا مليو هو جنهن مان اندازو لڳايم پئي ته کيس پسند آيو آهي تڏهن ته پڇي پيو.
مان کپري ۾ ئي مختيارڪار هيس جو مونکي پروموشن ڏئي ڪراچي ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ڪري رکيائون. مان پوءِ 30.01.1973 تي ڪراچي ۾ وڃي چارج ورتي.
**