آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

نئين ديري بنگلي جي ڳالهه

R.A Mohammadi (آر_اي_محمدي) ڪمشنر صاحب رتيديري تعلقي اندر گشت ۾ نئين ديري پئي آيو، جيئن ته نئين ديري بنگلي ۾ ڪوبه فرنيچر، گلم، غاليچا، صوفا سيٽ وغيره موجود نه هئا، انهيءَ ڪري مختيارڪار صاحب محراب خان مهر مون کي چيو ته نئين ديري وڃي خانبهادر احمد خان ڀُٽي صاحب کي چوان ته گهربل فرنيچر ڏئي ته جيئن نئين ديري واري بنگلي کي فرنش ڪري سگهجي. مان سپروائيزنگ تپيدار علي شير خان منگيءَ (عبدالقادر منگي صاحب جن جي والد صاحب) کي پاڻ سان گڏ وٺي نئين ديري خانبهادر احمد خان صاحب جن سان ان سلسلي ۾ ملڻ ويس، پر پاڻ شڪار تي ويل هئا. شام جو سج لٿي ڌاري، جڏهن پاڻ شڪار تان موٽيا ته کين پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪرايم.
خانبهادر صاحب پوءِ ٻاهر اچي ويٺا ۽ اسان ٻئي به سندن سامهون ويٺاسين. اسان جي اچڻ جي باري ۾ پڇڻ تي مون کين مٿين حقيقت ٻڌائي، ته ان ڪم لاءِ مختياڪار صاحب جن اوهان ڏانهن موڪليو آهي. خانبهادر صاحب جن جي مهمان نوازيءَ ۽ خوش اخلاقيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هو نهايت ئي مهمان نواز ۽ بلند اخلاق جا صاحب هئا.
مون کان احوال وٺي چيائون ته خانصاحب اوهان تڪليف ڇو ڪئي آهي، سپروائيزنگ تپيدار کي ئي موڪلي ڏيو ها ته اهو ئي ڪافي هو. اوهان گهربل سامان جي لسٽ ٺاهي سپروائيزنگ تپيدار کي ڏئي ڇڏيو، پوءِ سامان ڀلي کڻائي وڃي، مان پوءِ سپروائيزنگ تپيدار سان صلاح مشورو ڪري سامان جي لسٽ ٺاهي کيس ڏئي رتيديري موٽي آيس.
رات جو اٽڪل 12 ڌاري سخت ٿڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ دفتردار صاحب جا پٽيوالا آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته ڪمشنر صاحب جن پهريائين رتيديري ايندا ۽ هتان ٿي، پوءِ نئين ديري ويندا. مختياڪار صاحب جن ته اڳ ئي نئين ديري روانا ٿي ويا هئا ۽ ائين کين ڪمشنر صاحب جن جي رتيديري اچڻ جو اطلاع نه ملي سگهيو هو، جنهن ڪري مون ان وقت ئي اهڙو اطلاع مسٽر احمد بخش علوي ائڊمنسٽريٽر ميونسپالٽيءَ کي ڏياري موڪليو، جيئن شهر جي صفائي وغيره جو بندوبست ڪري. مان پوءِ پاڻ وڃي پير بخش خان گهانگهري جي رتيدري واري بنگلي مان گهربل فرنيچر کڻائي اچي رتيديري وارو بنگلو فرنش ڪرايو، جو ان ۾ پڻ موزون فرنيچر رکيل نه هو.
صبح جو ڪمشنر صاحب جن پنهنجي بيگم صاحبه ۽ هڪڙي ننڍي ڪڪي سان گڏ بنگلي تي پهتا. ٻنهي کي بنگلي تي ترسائي پاڻ آفيسون توڙي شهر گهمڻ هليا ۽ اهي گهمي واپس بنگلي تي پهتا ته کين چانهه ڏني وئي. چانهه سان گڏ ڊراءِ فروٽ، بسڪيٽ وغيره جو بندوبست ته اڳ ٿيل هو. ڪمشنر صاحب جن آفيسون وغيره گهمڻ هليا هئا ته پٺيان سندن بيگم صاحبه کي چانهه ۽ ان سان گڏ بسڪيٽ ۽ ڊراءِ فروٽ به ڏنا ويا هئا. ڪمشنر صاحب جن چانهه پي رواني ٿيڻ لاءِ نڪتا ته شايد کين به بسڪيٽ ۽ ڊراءِ فروٽ وغيره پيش ڪيا ويا هئا، جو مون کان پڇيائون ته اهو بندوبست ڪنهن ڪيو هو؟! مون کين وراڻيو ته هيءُ بندوبست اسان ڪيو هو. جنهن تي چيائون ته سندس پڇڻ کان سواءِ آئينده اهڙو بندوبست نه ڪندا ڪيو. پوءِ پاڻ نئين ديري روانا ٿي ويا.
مسٽر هادي بخش شيخ صاحب مختيارڪار هو، جو مان هڪڙي ڏينهن خريف جي معافي ڏسڻ لاءِ پنهنجي ايريا (تعلقي هيڊ ڪواٽر جي پنجن ميلن اندر) ۾ پئي ويس. مختيارڪار صاحب ان ڏينهن هيڊڪواٽر ۾ موجود هو ۽ سندس ٻاهر گشت ۾ وڃڻ جو پروگرام نه هو. مان سپروائيزنگ تپيدار علي شير خان منگيءَ جي سرڪل رتيديري جي ديهه ڪوڏراڻيءَ پئي ويس، انهي ڪري خزاني جون چاٻيون هن هٿان مختياڪار صاحب ڏانهن موڪليم ۽ کيس چيم ته صاحب کي به ٻڌائي ڇڏي ته مان ساڻس گڏ ديهه ڪوڏراڻيءَ ۾ معافي ڏسڻ هلان ٿو.
جيئن ته ان هڪ ڏينهن ۾ سڄي ديهه جو ڪم پورو نه ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري رات الهرکئي شاهه جي ڳوٺ ۾ ترسي پيس، جو هن پنهنجو ڳوٺ منظور ڪرائڻ لاءِ جيڪا درخواست ڏني هئي، اها مون ئي سفارش ڪري مٿي موڪلي هئي ۽ سندس نالي ڳوٺ منظور ٿيو هو. انهيءَ ڪري مون کي دعوت ڏئي ويو هو. رات جو مانيءَ کان پوءِ راڳ جو پروگرام به الهرکئي شاهه رکيو هو. اڃا ماني ويٺي کاڌيسين ته مختياڪار صاحب جو پٽيوالو آيو ۽ اچي چيائين ته صاحب توهان کي گهرايو آهي. مون کيس چيو ته ماني کائون ته هلئون ٿا. ماني کائيندي ئي ٿوري دير کان پوءِ وري هڪ ڪوٽوار به مختيارڪار صاحب جو ساڳيو ئي نياپو اچي ڏنو. دل ۾ ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر زيردستيءَ جي ڪري ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيس.
ماني کائي راڳ جو پروگرام ڇڏي سپروائيزنگ تپيدار علي شير خان کي چيم ته هل ته هلئون ۽ اسان گهوڙن تي چڙهڻ لڳاسين، ان دوران گلاب خان جوڻيجي حد جي تپيدار چيو ته هو به اسان سان گڏ هلندو. مون هن کي هلڻ کان منع ڪئي، ڇاڪاڻ جو جوڻيجن ۽ زنگيجن جو پاڻ ۾ خوني تڪرار هلندڙ هو. انهيءَ ڪري گلاب خان تپيدار هميشه ‘مينهون’ نالي هڪ محافظ بندوق سان گڏ کڻندو هو، پر هُو منع ڪرڻ تي نه مڙيو، پوءِ مان، سپروائيزنگ تپيدار، تپيدار گلاب خان ۽ سندس محافظ مينهون گهوڙن تي چڙهي رات جو هڪ _ ڏيڍ ڌاري سڌو مختيارڪار صاحب جي در تي آياسين ۽ سندس دروازي تي لٺيون هڻي کيس ننڊ مان اٿاريوسين. مختيارڪار صاحب ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته خزاني جون چاٻيون ڏئي هليا ويا! مون کيس چيو ته صاحب چاٻيون اوهان کي سپروائيزنگ تپيدار هٿ ۾ اچي ڏنيون ۽ اوهان کي منهنجي نالي اهو به ٻڌايائين ته معافي ڏسڻ ٿو هلي ۽ خزاني کي ڪهڙو ڌاڙو پيو لڳي جو هن وقت گهرايو اٿوَ. ائين به کيس وڌيڪ چيم ته صاحب وڃي ٻيو هيڊ منشي گهرائي. مان ائين چئي وڃڻ لڳس، جنهن تي چيائين ته توهان کي تڪليف ٿي آهي، معاف ڪجو. مون وڌيڪ ساڻس نه ڳالهايو پر دل ۾ کيس دڙڪا ڏيندو پنهنجي گهر آيس ۽ ٻيا به پنهنجي گهر هليا ويا.
مختيارڪار محمد عثمان صاحب کان ٻه ڏينهن موڪل وٺي لاڙڪاڻي آيس. ٻئي ڏينهن شام جو مان رتيديري واپس ويس ته سج لٿي کان به دير سان مختيارڪار صاحب مون کي گهرايو، مان اتي پهتس ته ڪجهه تپيدار ۽ هڪ ٻه سپروائيزنگ تپيدار اڳ ئي موجود هئا. صاحب موصوف پن جي ٻيڙي پيئندو هو، پر ان وقت ڏٺم ته رواجي حالت کان مڙئي سرس ٻيڙيون پي رهيو هو، جو اڃا هڪ ٻيڙي ڇڪي پوري پيو ڪري ته يڪدم ٻي پيو دکائي ۽ پاڻي به هڪ گلاس مٿان ٻيو گلاس ٿي پيتائين. مان ته سمجهي ئي نه ٿي سگهيس ته اڄ هن کي الائي ڪهڙي ڳالهه ايتري خشڪي ڏئي ڇڏي آهي. ٿوري وقت کان پوءِ مون کي ۽ وليج عملي کي رخصتي ڏنائين ته اوهان ڀلي وڃو، پر مون کي ويندي مهل اهو چيائين ته سڀاڻي سڀ تپيدار پاڻ سان گڏ سندس آفيس ۾ وٺي اچان؟ صبح جو جڏهن سڀ تپيدار گڏ ٿيا ته مون چوائي موڪليومانس ته هنن کي وٺي اچان، پر چوائي موڪليائين ته هو پاڻهي کين گهرائيندو.
مون کي هڪ ٻن تپيدارن کان حقيقت بابت پڇا ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته ديهه ڪوڏراڻيءَ ۾ ڪڻڪ جو فصل تمام گهڻو ٿيندو آهي. ان ديهه ۾ مختيارڪار صاحب کاتيدارن کان سڌا پئسا وٺي ڍل جي معافي ڏني آهي، انهيءَ ڪري واسطيدار تپيدار کي دستور مطابق جيڪا سندس حصي جي رقم ملڻ کپندي هئي، اها ڪانه ملي آهي، جنهن جي ڪري هنن اسٽرائيڪ ڪئي آهي. اهو ئي ڪارڻ جو مختيارڪار کي ايڏي پريشاني ٿي آهي.
جيئن مان اڳي ئي ذڪر ڪري آيو آهيان ته هڪڙو سپروائيزنگ تپيدار حاجي نيڪ محمد نهايت ئي بدنيت هوندو هو ۽ پنهنجي گندي ذهنيت جو ميرو خان تعلقي ۾ به مظاهرو ڪري چڪو هو. هتي به هن شرارت ڪري مختيارڪار صاحب کي بدظن ڪيو ته اسٽرائيڪ هيڊ منشيءَ ڪرائي آهي. حالانڪ مان ٻه ڏينهن موڪل تي هيس ۽ اسٽرائيڪ جي خبر منهنجن ملائڪن کي به ڪانه هئي.
بهرحال صاحب موصوف هن ذليل سپروائيزنگ تپيدار جي چوڻ ۾ اچي ويو، جيڪو به ڪاغذ کيس صحيح ڪرڻ لاءِ موڪليم پئي، اهو هڪ نه ٻئي مڙئي سڙئي سبب ۽ بهاني سان صحيح ڪرڻ بنا واپس ڪرڻ لڳو. ائين ڏينهن گذرندا رهيا ۽ 15 ڏينهن اسان ٻنهي هڪٻئي جي شڪل به ڪانه ڏٺي. مختيارڪار جي اهڙي روش ڏسي مون کيس ٻن مهينن جي ڊگهي موڪل لاءِ درخواست ڏياري موڪلي ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن موڪل منظور ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏئي، پر هن اها درخواست پورو مهينو پاڻ وٽ رکي ڇڏي ۽ مٿي نه موڪلي.
پوءِ جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب مير شهداد خان ٽالپر رتيديري گشت ۾ آيو ته مون ان کي چيو ته مختيارڪار صاحب کي چوي ته منهنجي موڪل واري درخواست مٿي ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪلي، جنهن جي چوڻ کان پوءِ هن موڪلي ڏني. منهنجي موڪل ته منظور ٿي، پر منهنجي جاءِ تي اڃا ٻيو ڪنهن هيڊ منشيءَ جو آرڊر ڪونه ٿيو هو. جنهن ڪري مان لاڙڪاڻي وڃي نائب دفتردار مسٽر الهه وسائي مهر کي چيو ته منهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو هيڊ منشي مقرر ڪيو ته جيئن مان چارج ڇڏيان. هن مون کي ٻڌايو ته هاڻي هڪ نئون سرڪيولر آيو آهي، جنهن مطابق هيڊ منشي نوڪريءَ جي سينيارٽيءَ موجب رکڻو آهي ۽ هائر جي امتحان کي ڪا اهميت ڪانهي ڏيڻي، انهيءَ ڪري منهنجي صلاح اٿئي ته پنهنجي موڪل رد ڪرايان ڇو جو منهنجي سروس ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ هئي ۽ منهنجي رورٽ ٿيڻ جو گهڻو امڪان هو. مون کيس چيو ته مختيارڪار منهنجي موڪل رد ڪرائڻ واري درخواست هيڏي نه موڪليندو. تنهن هوندي به، مان سندس ڏنل مشوري تي رتيديري واپس ويس. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو ۽ شام جو وڃي مختيارڪار سان سندس بنگلي تي مليس ۽ چيومانس ته منهنجي موڪل منظور ٿئي کي مهينو گذري ويو آهي، پر منهنجو عيوضي اڃا تائين مقرر ڪونه ٿيو آهي ۽ مان هاڻي موڪل رد ڪرائڻ ٿو چاهيان، انهيءَ ڪري هيءَ منهنجي اهڙي درخواست ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن موڪليو ۽ ايترو به چيومانس ته اوهان ڀلي ائين به لکو ته مان کيس سندس تعلقي ۾ نه کپان، پر هن درخواست موڪلڻ کان انڪار ڪيو. سڀاڻي تي آچر جو ڏينهن هو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب به ڳوٺ ويل هو، نه ته انهيءَ کان درخواست فارورڊ ڪرائي سگهان ها. مون کي خبر هئي ته مولا بخش شيخ سٽي سرويئر، جيڪو منهنجو دوست به هئو، ان نواب امير علي لاهوريءَ جي اسٽيشن روڊ تي جيڪا زمين هئي، ان جي پلاٽنگ ڪئي هئي، انڪري هُو نواب صاحب ۾ ڪافي اميد رکندو هو. مون پوءِ اها درخواست مولا بخش خان کي ڏني ته نواب صاحب کي ڏئي ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪلي ته جيئن منهنجي موڪل رد ٿئي. نواب صاحب پوءِ اها درخواست ڊپٽي ڪمشنر سيد الطاف حسين ترمزي صاحب ڏانهن موڪلي ڏني ته منهنجي موڪل رد ڪري ۽ کيس پارت به ڪيائين. ڊپٽي ڪمشنر صاحب نه رڳو منهنجي موڪل رد ڪئي، پر رتيديري مان بدلي ڪري لاڙڪاڻي تعلقي ۾ هيڊ منشي مقرر ڪرڻ جو آرڊر درخواست تي ئي ڪري درخواست آفيس ڏانهن دفتردار صاحب (گوهر علي خان بلوچ) کي ڏياري موڪليو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب منهنجي جاءِ تي مسٽر الطاف حسين قادري (جيڪو ان وقت پروبيشنري مختيارڪار هو ۽ کيس ڇهه مهينا تعلقي ۾ ٽريننگ وٺڻي هئي) ان کي آرڊر ڪري رتيديري تعلقي ۾ هيڊ منشي ڪري موڪليو. سومر ڏينهن صبح جو مان اهو آرڊر هيڊ آفيس مان وٺي رتيديري ويس پئي ته قادري صاحب چيو ته تون هل ته پاڻ به ٻي بس ۾ اچي ٿو. هو جيڏي مهل آيو ته کيس چيم ته هل ته هلي مختيارڪار صاحب سان روبرو ملئون ۽ منهنجي چارج ڇڏڻ جي ۽ اوهان جي چارج وٺڻ جي کانئس اجازت وٺئون. اسان ساڻس وڃي ملياسين. هن ٻنهي کي اهڙي اجات ڏني. صاحب موصوف پوءِ مون کان پڇيو ته منهنجي موڪل منظور ٿي وئي، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته مون کي بدلي ڪري تعلقه هيڊ منشي لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو اٿائون. جنهن تي چيائين ته اهڙو آرڊر ڪٿي آهي. ان آرڊر جي ڪاپي ته منهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ پئي ئي هئي، جا مون ڪڍي کيس ڏيکاري ۽ ان آرڊر کي ڏسڻ سان ئي سندس شڪل ڦري وئي ۽ ڪاراٽجي وئي، پر وڌيڪ ڪڇيائين ڪونه. خير مان ته رتيديري ۾ چارج ڇڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ چارج ورتي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن مختيارڪار صاحب لاڙڪاڻي آيو ته دفتردار گوهر علي خان بلوچ صاحب کي چيائين ته اسان مختيارڪارن جي عزت اها آهي، جو هن هيڊ منشيءَ جي موڪل روڪرائڻ جي درخواست اوهان ڏانهن موڪلي به ڪانه هئي، پر تڏهن به اوهان نه رڳو سندس موڪل رد ڪئي، پر مورڳو ان کي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ هيڊ منشي ڪري رکيو، جنهن تي دفتردار صاحب کيس ٻڌايو ته آرڊر ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن پاڻ ئي ڪري موڪليو هو، انڪري هو ڇا پئي ڪري سگهيو.
مختيارڪار صاحب مون کي جيڪا سالياني مخفي رپورٽ (Annual Confidential Report) ڏني، اها ٻي ته سموري سٺي ڏني، البت پڇاڙيءَ ۾ هڪ سِٽ لکي ڇڏيائين ته (He keeps friendship with Tapedars) يعني هو تپيدارن سان دوستي ٿو رکي، پر اها رپورٽ Adverse يعني خلاف نه ليکي وئي هئي ۽ نه ئي اها مون ڏي موڪلي ان تي ڪو پڇاڻو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو خلاف رپورٽ واسطيدار آفيسر کي موڪلي ان کان وضاحت طلب ڪئي آهي. محمد عثمان خان پوءِ ڪنهن عرصي کان پوءِ وارهه ۾ مختيارڪار ٿي آيو هو.
محمد يعقوب اگهم صوبيدار هڪ رات پاڻ وڃي هڪ گهر ۾ ڌاڙو هنيو هو ۽ ٻئي ڏينهن تي وري ان ڌاڙي جي جاچ ۾ پاڻ ئي ويو ته گهر جي عورتن هن کي سڃاڻي ورتو ۽ چيائونس ته رات ڌاڙو ته تون ئي هڻي ويو هئين ۽ هاڻي وري جاچ ۾ به تون آيو آهين. هن کي پوءِ ان ڏوهه ۾ گرفتار ڪري رتيديري سب جيل ۾ بند ڪيو ويو هو.
عبدالله خان چنه صاحب، جيڪو انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضلع جو ڪليڪٽر هو، اهو رتوديرو تعلقه آفيس وزٽ ڪرڻ آيو. آفيس وزٽ ڪري سب جيل وزٽ ڪرڻ هليو. مان ساڻس گڏ هيس. کيس سب جيل پئي وزٽ ڪرايم. جڏهن ڪليڪٽر صاحب به بئرڪ وٽ پهتو، جنهن ۾ محمد يعقوب اگهم صوبيدار نظربند هو ته محمد يعقوب ڍنڍڪرون ڏئي روئڻ لڳو. ڪليڪٽر صاحب کي چئي رهيو هو ته هو بيڏوهي آهي. هو ڪيترو وقت ائين ئي روئيندو رهيو. ڪليڪٽر صاحب جن خاموش بيٺا هئا ۽ هن ساڻس هڪ اکر به نه ڳالهايون. پوءِ وڌي ٻي بئرڪ ڏانهن هليا.
احمد نواز انڙ لاڙڪاڻي تعلقي جي مختيارڪار جو سرشتيدار هو. هن کي قيصر خان جتوئي وڪيل ائنٽي ڪرپشن وارن هٿان ٽرئپ ڪرايو. احمد نواز انڙ تي ڇاپي هڻڻ وارو سرڪل آفيسر محمد ملوڪ خان بگٽي هو، جنهن لاءِ چوڻ ۾ ته ائين ايندو هو ته ايماندار هو، پر جڏهن هن ڇاپو هنيو ته پئسا جيڪي رشوت ۾ ڏنل پئي ڄاڻايا ويا، اهي پٽ تان کنيا ويا هئا ۽ نه احمد نواز انڙ جي قبضي مان، پر جيڪو مشير نامو ٺاهيو ويو، ان ۾ ائين ڄاڻايو ويو ته پئسا احمد نواز انڙ جي بدن تلاشيءَ مان هٿ ڪيا ويا هئا. کيس ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو، جنهن ۾ هن کي هڪ هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي، پر قيد جي سزا نه ڏني وئي. تڏهن به هن جي نوڪري ختم ٿي وئي. هو ويچارو هائر جو امتحان به پاس ڪيو ويٺو هو، پر هن جي ان ڪيس ۾ مليل سزا جي ڪري سندس نوڪري ۽ ڪيريئر ختم ٿي ويا. محمد ملوڪ بگٽي ڊپٽي سپريٽنڊنٽ ٿي رٽائر ٿيو.
”نادر به نادر آ پر قادر به قادر آ“ جي مصداق ڇا ٿيو، جو محمد ملوڪ بگٽيءَ جو پٽ عبدالرزاق بگٽي رتيديري اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر هو. مان ان وقت رتيديري ۾ هيڊ منشي هوس. عبدالرزاق بگٽي ميڊيڪل آفيسر هڪ ڏينهن اسپتال ۾ ڊيوٽيءَ تي ئي هو ۽ سندس والد بزرگوار محمد ملوڪ بگٽي (جو ان وقت رٽائر ٿي چڪو هو) سندس پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺو هو، جو ڪنهن ماڻهو ڊاڪٽر صاحب کي 300 (ٽي سو رپيا) رشوت ۾ اچي ڏنا. هن اهي اپئسا بٽون کولي ان ۾ وجهي بٽون سوٽ جي پوئين کيسي ۾ اڃا مس وڌو ته ائنٽي ڪرپشن وارن مٿس ڇاپو اچي هنيو. هن وٽان سندس والد صاحب جي موجودگيءَ ۾ رشوت ۾ ورتل پئسا برآمد ڪري کيس گرفتار ڪري وٺي ويا. ڊاڪٽر صاحب تي اهو ڇاپو سندس ئي استپال جي ليڊي ڊاڪٽر ئي هڻايو هو، جنهن سان سندس اڻبڻت ٿي پئي هئي. ڪيس هلندي ڊاڪٽر بگٽي سعودي عرب فرار ٿي ويو. ڪيترن سالن کان پوءِ موٽي آيو ته کيس نوڪري تي وري چاڙهيو ويو. هن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿي رٽائر ڪيو. ڊاڪٽر علي خان منهنجو سوٽ ان ڇاپي هڻندڙ پارٽيءَ سان گڏ آيل هو ۽ اهو ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ ويندو ڪندو هو، پر ڪيس ڪونه هلندو هو ۽ هو ائين بنا شاهدي ڏيڻ جي ڪيس جي ٻي تاريخ وٺي موٽي ايندو هو، ان ٻڌايو هو ته ويهه سال کن گذري ويا آهن پر اهو ڪيس ايئن ئي پينڊنگ پيو هو، پوءِ جي خبر ناهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيو ۽ ڪيس جو ڪو نبيرو ٿيو يا ائين جو تيئن اڃا پيل آهي.
الله تبارڪ تعاليٰ ائين محمد ملوڪ بگٽي سرڪل آفيسر ائنٽي ڪرپشن جي ڪڌي ڪم جو نتيجو هن دنيا ۾ ئي کيس اکين سان ڏيکاري ڇڏيو. باقي اڳتي جي خبر ته خاوند پاڪ کي ئي آهي ته کيس معاف ڪري يا اڃا ٻي سزا به ڏئي.
هڪڙي ڏينهن مون کي لاڙڪاڻي ڪنهن ضروري ڪم جي ڪري رتيديري کان لاڙڪاڻي وڃڻو هو. مون سرڪل نئين ديري جي سپروائيزنگ تپيدار کي چيو ته گاڏي ته گهرائي. هن پوءِ نواب نبي بخش خان جن جي گاڏي گهرائي، جا نواب صاحب جن جو ڊرائيور ئي ڪاهي آيو هو. مون سان گڏ ان ڪار ۾ قادر بخش اعواڻ، جو رتيديري ۾ A.S.I هو، اهو به هو. جڏهن اسان رتيديري مان نڪتاسين ته اهو لڳ ڀڳ سج لهڻ جو وقت هو. اسان جڏهن رتيديري کان پنج ميل مفاصلي تي بنگل ديري شهر جي ويجهو پهتاسين ته ڏٺوسين ته بنگل ديري شهر جي ٿورو اڳيان هڪڙو قداور ماڻهو، جنهن کي مٿي تي پٽڪو هو، هٿ ۾ بندوق کنيو، رستي جي وچ وٺي بيٺو هو. گاڏي جڏهن سندس ويجهو پئي پهتي ته تيئن وچ رستي کان ٿورو پوئتي هٽندو پئي ويو. ڪار جڏهن هن جي ويجهو پهتي ته به روڊ سان لڳ بيٺو هو ته ڊرائيور ڪار سڌي هن جي مٿان پي چاڙهي ته ان همراهه روڊ لڳ کامي ۾ وڃي ڪري جان بچائي. اتي سج لهي ويو هو ۽ ٿوري اوندهه ٿي چڪي هئي. مون ڊرائيور کي چيو ته بابا ٿورو خيال ته ڪرين ها ۽ همراهه کي ذري گهٽ ماري وڌو هيئي. جنهن تي هن چيو ته سائين جي هو ڀڄي جان نه بچائي ها ته مان کيس ماري به ڇڏيان ها. منهنجي اها صلاح اٿوَ ته رات جي وقت گاڏي ڪڏهن به نه روڪيندا ڪيو، جو اسان گهڻو زمانو ڏسي ويٺا آهيون. مان جڏهن تعلقه رتيديري ۾ آخري دفعو 21.03.1968 کان 22.06.1968 تائين هيڊ منشي هوس ته ان وقت مسٽر ڪمال الدين شيخ مختيارڪار صاحب هو.
انهن ڏينهن ۾ جناب ذوالفقار علي خان ڀُٽي صاحب جن تي سندس ڪن مخالفن الزام هنيو هو ته هن سرڪاري ٽريڪٽر ننڍن کاتيدارن جي نالن تي رعايتي ڪرايي تي حاصل ڪري پنهنجي زمين تي هلرايا آهن ۽ هن سرڪار کي ٽرئڪٽرن جي ڪرايي جو نقصان پهچايو هو. مسٽر غلام صديق قادري ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس لاڙڪاڻي ((D.S.P Larkana) ان سلسلي ۾ انڪوائري ڪري رهيو هو. ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ جي حيثيت ڪري مون کي ٽرئڪٽر ڊرائيورن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کڻندو هو، پر ڪنهن به ڊرائيور (جيڪي اڪثر ڪري سڀ ذات جا پنهور هئا) ڀُٽي صاحب جن جي خلاف بيان ڪونه ڏنو. سڀني ٽرئڪٽر ڊرائيورن جو اهو ئي چوڻ هو ته هنن ٽرئڪٽر انهن ئي ننڍن کاتيدارن جي زمينن تي هلايا آهن، جن جي نالي اشو ڪيا ويا هئا. انهيءَ ڪري ڀُٽي صاحب جن تي لڳايل الزام ڪوڙو ثابت ٿيو. قادري صاحب نهايت ايماندار هو ۽ ٿاڻي وارن جي ماني نه کائيندو هو، پر سندس منجهند جي ماني لاڙڪاڻي مان سندس گهران ايندي هئي. هن S.P ٿي رٽائر ڪيو.
ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جن جو عزت جي وانڍ ديهه ۾ زرعي فارم هو، جنهن ۾ ان وقت چوڌاري نگاهه جي حد تائين ڪڻڪ جو سٺو تيار فصل بيٺو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعو منهنجي نواب نبي بخش خان ڀُٽي صاحب جن سان سندن ڳوٺ ۾ سندس مخصوص رهائش واري ڪمري ۾ نويڪلائيءَ ۾ ملاقات به ٿي هئي. پاڻ نهايت ئي خوش خلق هئا ۽ سندن گفتگو جو انداز به ڏاڍو سهڻو هو ۽ مون کي منجهن نواب وارو غرور قطعي محسوس ڪونه ٿيو. صاحب موصوف جن جو ذاتي ڪمرو به نهايت خوبصورت سينگاريل هو.
هڪڙي ڏينهن مون کي مختيارڪار صاحب گهرائي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب (سيد الطاف حسين ترمزي) فون ڪئي آهي ته سندس نياڻيءَ جي شادي آهي، سو مهمانن لاءِ ڪي سٺا بسترا سردار پير بخش خان ڀُٽي جن کان گهرائي ڏيو. مختيارڪار صاحب مون کي چيو ته مان پاڻ وڃي سردار پير بخش خان سان ملي بسترا وٺي کڻائي اچان. مان ساڻن سندن ڳوٺ بنگلي ۾ مليس ۽ مٿيون احوال ڪيومانس. جنهن تي چيائين ته سندن پڻ مهمان آيل آهن ۽ بسترا انهن لاءِ گهربل آهن ۽ وڌيڪ ڪونه ٿي سگهندا، جو ڏئي سگهجن. مون اهو جواب ٻڌي ڪلمو پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس، جو مون کي پڪ هئي ته بسترا هڪ دفعو وڃن ها ته وري انهن جي واپس ٿيڻ جي اميد ئي نه ڪجي ها ۽ معاملو منهنجي ڳچيءَ ۾ ئي پئجي وڃي ها. پوءِ واپس اچي مختيارڪار صاحب کي سردار پير بخش خان وارو احوال ڪيم، خبر ناهي ته پوءِ مختيارڪار ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي ڇا ٻڌايو.
خانبهادر احمد خان ڀُٽي صاحب جن جي وفات کان پوءِ ائين به ٻڌڻ ۾ آيو ته سندن بيگم صاحبه ڀُٽا خاندان ۾ ئي رهڻ پئي چاهيو ۽ اهڙي خواهش سردار پير بخش ڀُٽي کي به ٻڌرائي هئي ته ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿي، جيئن ان ئي خاندان ۾ رهي سگهي، پر سردار صاحب پنهنجي خاندان وارن جي منع ڪرڻ تي کيس جواب ڏياري موڪليو ته هو ساڻس شادي نه ڪري سگهندو.
خانبهادر احمد خان ڀُٽي جيڪا زمين پنهنجي بيگم صاحبه جي کاتي ۾ ڪرائي کيس ڏني هئي، اها سردار پير بخش خان ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي جن جي ڳوٺ جي ويجهڙائي ۾ هئي. بيگم صاحبه شايد اهو خيال ڪري ته متان ڀُٽي خاندان وارا ان تي قبضو نه ڪري وڃن، اها پنهنجي سموري زمين جلباڻين کي مقاطع تي ڏئي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته جلباڻين ۽ ڀُٽن جو پاڻ ۾ قديمي تڪرار هلندڙ هو ۽ ٻيو ته جلباڻي بنسبت ڀُٽن جي ڏاڍا سرڪش هئا.
جڏهن ان زمين جو فصل تيار ٿيو ته جلباڻين خيرات ڪرڻ جو رٿيو، اها خبر ممتاز علي خان ڀُٽي کي پئي ته هن مختيارڪار کي فون ڪئي ته خيرات جو رڳو بهانو آهي ۽ جلباڻي فساد ڪرائيندا، انهيءَ ڪري هو جلباڻين کي منع ڪري ته خيرات نه ڪن. مختيارڪار صاحب مون کي گهرائي اها حقيقت ٻڌائي ۽ چيائين ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. مون کين چيو ته مان هن کان اڳ به رتيديري ۾ چار دفعا هيڊ منشي ٿي رهيو آهيان ۽ مون کي ذاتي طور اها به خبر آهي ته جلباڻي ۽ ڀُٽا پاڻ ۾ گهڻي عرصي کان تڪراري آهن ۽ جلباڻي خاص ڪري ته علي نواز خان تمام سرڪش آهي، انهيءَ ڪري هنن پاران فساد ڪرائڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري جيئن اوهان کي ممتاز علي خان ڀُٽي فون تي چيو آهي ته جلباڻين کي خيرات ڪرڻ کان منع ڪيو. مختيارڪار پوءِ جلباڻين کي خيرات ڪرڻ کان منع ڪئي، جنهن بعد هنن خيرات جو پروگرام رد ڪري ڇڏيو.
هڪڙي ڏينهن شام جو مون کي اطلاع مليو ته منهنجي ڀاڻج امان الله جي گهرواري سخت بيمار آهي ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پر جيئن ته اليڪشن جي ووٽرن جي لسٽن جو ڪم هلندڙ هو، انهيءَ ڪري مختيارڪار چيو ته اهو ڪم ختم ڪري پوءِ وڃ. ڪم رات جو 12 وڳي ڌاري پورو ٿيو ته مختيارڪار هڪڙو سپاهي گهرائي ان کي چيو ته لاڙڪاڻي ويندڙ ٽرڪ روڪي ان ۾ مون کي لاڙڪاڻي موڪلي. مان لاڙڪاڻي پهچي سڌو اسپتال ويس ۽ ڏٺم ته امان الله جي گهرواريءَ جي حالت نهايت تشويشناڪ هئي ۽ رات جو 3 وڳي ڌاري وفات ڪري وئي. صبح جو هن کي دفنائي اچي تڏي تي ويٺاسين ته اوجاڳي ڪري منهنجي اک لڳي وئي. ڪجهه وقت کان پوءِ اک کلي ته ڏٺم ته مون وارو پٽيوالو نياز ويٺو هو. هن کان اچڻ جو پڇيم ته ڪيئن آيو آهين ته چيائين مختيارڪار مون کي گهرايو آهي. بابي الهڏنه خان مرحوم ۽ چاچي غلام محمد خان مرحوم چيو ته هو ويٺا آهن ۽ نوڪري آهي انهيءَ ڪري مان رتيديري وڃان . مان پوءِ مختيارڪار جي سڏ تي رتيديري هليو ويس. رتيديري ۾ ئي هيڊ منشي هوس، جو منهنجو مختيارڪار جو پروموشن جو آرڊر ٿيو.
قمبر تعلقه ۾ مان ٻه دفعا هيڊ منشي ٿي رهيس.
• 03.08.1953 کان 21.06.1954 تائين
• 06.09.1954 کان 12.11.1954 تائين
قاضي محمد انور مرحوم (ويٺل مٽياري) مختيارڪار هو ۽ هن ئي مون کي ميرو خان تعلقه مان بدلي ڪرائي پاڻ وٽ هيڊ منشي ڪري گهرايو هو. هڪڙي ڏينهن نصرت حسن صاحب جن (ڊپٽي ڪمشنر صاحب) قمبر تعلقه آفيس وزٽ ڪرڻ آيا، پر مان ان ڏينهن آفيس ۾ موجود ڪونه هوس ۽ لاڙڪاڻه سيشن ڪورٽ ۾ ڪنهن ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ ويو هوس. صاحب موصوف جن تعلقه آفيس وزٽ ڪري منهنجي آفيس پڻ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ وزٽ ڪئي ۽ سندس اڳ جاري ڪيل هدايتن موجب آفيس فائيل ترتيب سان رکيل ڏسي مطمئن ٿيا ۽ مختيارڪار صاحب جن کي چيائون ته مون کي چوي ته روالر جي لائسنس لاءِ درخواست ڪري ته ڏيانس. مون پوءِ اهڙي درخواست ڏني ۽ D.M صاحب جن روالور جو لائسنس ڏنو. ان زماني ۾ روالور جو ليسن باعث عزت سمجهيو ويندو هو، پر مان لائسنس وٺي سال به سال لائسنس جي نئين ڪرائڻ جي في ڀري ڀري بيزار ٿي پيس، پر هاڻ ڪجهه سالن کان سرڪاري ملازم کي هڪ هٿيار ليسن ۽ نئين ڪرائڻ جي في ڀرڻ کان سواءِ رکڻ جي اجازت مليل آهي. انهيءَ کان پوءِ ان في مان جان ڇٽي آهي. 1954ع ۾ روالور ته مون ورتو ۽ هٿيڪو به ڪري رکندو هوس، پر ليسن اڪثر گم ٿي ويندو هو ۽ مسٽر محمد خان وڌو جيڪو D.M صاحب جي جڊيشل برانچ ۾ A.D.M جو سرشتيدار هوندو هو اهو ليسن جي Duplicate ڪاپي ڪڍرائي ڏيندو هو.
مسٽر محمد خان وڌو ۽ مان ڪنهن وقت ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ انسپيڪشن برانچ ۾ گڏ ڪلارڪ هوندا هئاسين. اسان جي ان وقت کان پاڻ ۾ گهاٽي دوستي هوندي هئي. مان جڏهن به ضلع هيڊ ڪواٽر کان ٻاهر تعلقه هيڊ منشي هوندو هوس ته پنهنجي گهرواري جڳهه ان کي ڏئي ويندو هوس. محمد خان وڌي مرحوم جي گهرواري هڪ دفعي ڪنهن هنڌ منهنجي گهرواريءَ کي ملي ته چيائين ته کيس اسان واري جڳهه ڀاڳ واري ٿي لڳي جو کيس اتي پٽ جي اولاد ٿي ۽ ان کان اڳ کين ڪا پٽ جي اولاد ڪانه هئي. مسٽر محمد خان وڌو ۽ سندس دوست شاهه محمد قادري ٻئي قمبر جا ويٺل هئا ۽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا. انهيءَ ڪري مان جڏهن قمبر ۾ هيڊ منشي هوس ته محمد خان وڌي جي واسطي سان شاهه محمد قادري به منهنجو دوست ٿي ويو هو. شاهه محمد قادريءَ جي والد عبدالڪريم قادريءَ کي بوٽن جو دڪان هوندو هو، پر پيءُ پٽ ۾ ٺاهه ڪونه هو، انهيءَ ڪري شاهه محمد قادري پنهنجي پيءُ جي دڪان تي نه ويهندو هو. مون پوءِ کيس کنڊ جي راشن جو هڪ دڪان منظور ڪرائي ڏنو هو، جتان پنهنجو گذرسفر ڪندو هو. وقتي لاڙڪاڻي واري جڳهه هن کي بنا ڪرايي جي ڏئي ويندو هوس ۽ مون کي ضرورت پوڻ تي خالي ڪري ڏيندو هو.
شاهه محمد قادري پوءِ ڪراچي وڃي ويٺو ۽ هن اتي ٻه شاديون به ڪيون، هڪ سنڌين مان ۽ ٻي مهاجرن مان. ڪراچيءَ ۾ هو لاڙڪاڻي ضلع جي چانورن جي واپارين کان سندن پپري گودام تي چانورن جي موڪليل لاٽ تي في ٻوري 5 (پنج) رپيا وٺندو هو ۽ سندن لاٽ بحال ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو هو يا ڪڏهن لاٽ خراب هئڻ ڪري چانورن موڪليندڙ واپاريءَ تي ڪو ڏنڊ وغيره لڳندو هو ته ان جي گهٽتائي ڪرائڻ ۾ به مدد ڪندو هو. هن جون ٻئي گهرواريون الڳ الڳ جڳهن ۾ رهنديون هيون. هن جي هڪڙي جڳهه ڪراچي سول اسپتال جي ويجهو هوندي هئي، جتي مان ساڻس هڪ دفعي ڪراچي ويو هوس ته مليو هوس.
شاهه محمد قادري ته پوءِ ڀُٽي صاحب (ذوالفقار علي خان) جن تائين پهچي ويو. هن لاءِ رنگين محفلون به رچائيندو هو. جنهن جو ان وقت جي اخبارن ۾ ذڪر به آيو هو، جڏهن شاهه محمد قادريءَ جي پٽ فرخ قادريءَ جي سردار واحد بخش ڀُٽي جي قتل ۾ ملوث هجڻ ڪري گرفتار ٿيو هو. منهنجا ٻئي دوست محمد خان وڌو ۽ شاهه محمد قادري ڪافي عرصو اڳ وفات ڪري ويا آهن.
محمد خان وڌي جو ذڪر نڪتو آهي ته هن ۽ مولوي محمد ابراهيم ميمڻ قمبر واري جو پاڻ ۾ ناسازيءَ جو احوال به ڪري ٿو ڇڏيان، ڇاڪاڻ جو مسٽر محمد خان وڌو منهنجو سڀني کان وڌيڪ گهاٽو دوست هوندو هو، ايتريقدر جو مون کي وقتي پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت پوندي هئي ته ان کان وٺندو هوس ۽ پوءِ واپس ادا ڪري ڇڏيندو هوس.
محمد خان وڌي ۽ مولوي محمد ابراهيم ميمڻ جن جو قصو ايئن آهي، جو هنن ٻنهي گڏجي زمين خريد ڪئي هئي. ٻئي خوشحال هئا. اڳتي هلي ٻنهي جي وچ ۾ ان گڏجي خريد ڪيل زمين تان تڪرار ٿي پيو. هڪڙي ڏينهن مولوي محمد ابراهيم ان تڪراري زمين تي ويو ته هارين کيس خون ڪري ڇڏيو. ان جو الزام محمد خان وڌي تي لڳو ته مولوي صاحب جو قتل هن ڪرايو آهي. خير اڳتي هلي مولوي صاحب جي فرزندن ۽ محمد خان وڌي وچ ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ تڪراري زمين مولوي صاحب جي پٽن کي ڏياري وئي. محمد خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ۽ مولوي صاحب جي پوٽي جي وچ ۾ نوڪ جهوڪ هلندي ايندي هئي، جنهن جو آخر نتيجو اهو ٿيو جو مولوي صاحب جي پوٽي هڪڙي ڏينهن مرحوم محمد خان وڌي جي نوجوان فرزند تي بندوق جو سڌو فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين وچ ۾ پوءِ ڳالهيون ڪرائي چئن چڱن مڙسن ٺاهه ڪرائي ڇڏيو.
تعلقه جي سالياني انسپيڪشن ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جي انسپيڪشن برانچ جو عملو قمبر آيو هو. مون نائب دفتردار محمد پنهل خان جتوئيءَ کي چيو ته مهرباني ڪري انسپيڪشن ميمي ۾ مختيارڪار صاحب جي ڊائريءَ تي ڪي مخالف ريمارڪ نه ڏجو. باقي جيڪي ٻيو ميمي ۾ لکڻو هجيوَ، اهو ڀلي لکجو، پر انسپيڪشن ختم ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي مان دفتردار صاحب ميمو پڙهڻ آيو ۽ ان وقت مختيارڪار صاحب، مان ۽ نائب دفتردار به وٽس ويٺا هئاسين ته انسپيڪشن ميمو پڙهندي جڏهن مختيارڪار جي ڊائريءَ تي ڪڍيل رمارڪ پڙهيا ته اهي ڪجهه خلاف هئا، جنهن تي مون کي دل ۾ ڪجهه ڪاوڙ لڳي ۽ ان وقت مختيارڪار صاحب پڻ مون ڏانهن نهاريو. مختيارڪار صاحب مون کي چيو هو ته انسپيڪشن جي معاملي کي ۽ خرچ پکي کي مان پاڻ منهن ڏيان ۽ سندس ڪو واسطو نه هوندو. محمد پنهل جتوئي، نائب دفتردار، مون کي خاطري به ڪرائي هئي ته هو مختيارڪار جي ڊائريءَ تي ڪي به خلاف ريمارڪ نه ڪڍندو، پر ان جي باوجود هنن خراب ريمارڪ ڪڍيا هئا، جنهن تي مون کي ڪاوڙ ته آئي ئي هئي، انهيءَ ڪري مون وچ خرچ هلائيندڙ تپيدار محمد عثمان ميرجت کي چيو ته انسپيڪشن برانچ وارن کي جيڪا سالياني شرح ڏبي ڪبي هئي، اها کين نه ڏئي جنهن تي نائب دفتردار ناراض ٿي ويو هو.
ان انسپيڪشن واري موقعي تي انسپيڪشن برانچ جي عملي کان علاوه ساڳي ئي وقت ڊپٽي ڪمشنر صاحب، دفتردار صاحب ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن جي قمبر ۾ منزل ڪيل هئي، جنهن جو خرچ ان زماني ۾ به 7000 (ست هزار) رپيا ٿي ويو هو ۽ ان خرچ پکي جي پورائي لاءِ مون ديوان ٿانورداس گتي واري کان پئسا وٺي خرچ هلائيندڙ تپيدار کي ڏنا هئا ۽ کيس تپيدارن جون ٽن مهينن جون اڳواٽ پگهارون لکائي ڏنيون هيون، جن مان هن آهستي آهستي پئسا وصول ڪيا. ڊپٽي ڪمشنر جي انسپيڪشن برانچ جو عملو تعلقه جي انسپيڪشن ختم ڪري واپس لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو. غلام محدم سومرو صاحب ان وقت دفتردار هو.
چئن _ پنجن ڏينهن کان پوءِ انسپيڪشن برانچ جو عملو شهدادڪوٽ تعلقه جي انسپيڪش ڪرڻ پئي ويو ته نائب دفتردار مون کي چوائي موڪليو ته مان ساڻس قمبر اسٽيشن تي ملان، پر مان ڪونه ويومانس. هن پوءِ منهنجي بدلي ڪرائي هيڊ آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪ ٽو P.A ريهئبليٽيشن مقرر ڪرايو، جتي مون تاريخ 25.06.1954 تي وڃي چارج ورتي. مان جڏهن وري ٻيو دفعو قمبر تعلقه جو هيڊ منشي ٿي ويس ته مختيارڪار صاحب قاضي محمد انور سروي ٽريننگ تي ويل هو ۽ تعلقه مختيارڪار جي چارج مون وٽ هئي.
هڪڙي ڏينهن منهنجي آفيس جي ڪلارڪ محمد عظيم جتوئيءَ مون کي چيو ته هڪڙو اريگيشن جو داروغو سندس زمين مان وڻ وڍائي کڻي ٿو وڃي ۽ جيئن ته اسسٽنٽ انجنيئر صاحب اوهان جو عزيز آهي (هو مهنجو ماسات هو) انهيءَ ڪري انهيءَ کي سندس پارت ڪيو ته داروغي کي سندس زمين مان وڻن وڍڻ کان منع ڪري. مان پوءِ کيس ساڻ وٺي اسسٽنٽ انجنيئر مسٽر عبدالحميد خان وٽ ويس، جنهن کي مون وڃي مٿين حقيقت ڪئي، پر هن داروغي کي ڪجهه چوڻ بجاءِ منهنجي ڪلارڪ محمد عظيم جتوئيءَ کي ويتر دڙڪا ڏنا ۽ چيائين ته هو کيس جيل ۾ وجهائيندو. ان تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر مون مسٽر عبدالحميد خان کي ڪجهه ڪونه چيو ۽ اٿي هليوآيس. پنهنجي ڪلارڪ کي چيم ته داروغي کي ڇڏي، سندس ٻين عزيزن تي مون کي فرياد لکي ڏئي ته مان وارنٽ ڪڍي کين گرفتار ڪرايان، پوءِ ڏسئون ته عبدالحميد شيخ ڇا ٿو ڪري، پر منهنجي ڪلارڪ چيو ته سائين اوهان عزيزن ۾ تڪرار ڪرائڻ نه ٿو چاهيان ۽ هن فرياد نه لکي ڏني. عبدالحميد خان ۽ مان ٻئي پاڻ ۾ ماسات هوندي به هڪ ٻئي کان پاسيرا ٿي وياسين.
هڪڙي ڏينهن منهنجو چاچو غلام قادر شيخ، پنهنجي ڀاڻج بدرالدين شيخ، جيڪو منهنجو پڦاٽ هو ۽ مون وٽ تپيدار هو، ان جي گهر قمبر آيو ۽ مونکي نياپو ڪيائين ته ساڻس ملي وڃان. مان ساڻس ملڻ ويس ۽ ملي اوطاق ۾ ساڻس ويٺو هوس ته ڪجهه دير کان پوءِ عبدالحميد خان به اتي آيو. مون کي ته ڪا خبر ڪانه هئي ته چاچي غلام قادر مون کي ڇو گهرايو آهي، پر عبدالحميد جي اچڻ جي ٿوري دير کان پوءِ مون کي چيائين ته تون ۽ عبدالحميد هڪ ٻئي کان پاسيرا آهيو، سو ڀاڪر پائي پاڻ ۾ ٺهي وڃون. جنهن تي مون کيس چيو ته ڳالهيون ٻڌو، پر هن ان کان انڪار ڪيو. جنهن تي مون کيس چيو ته اوهان منهنجا وڏا آهيو. اوهان پنهنجي زبان سان چئو ته مان عبدالحميد کان معافي وٺان جو مون کي اوهان لاءِ عزت آهي، پر هن ان کان به انڪار ڪيو. پوءِ چيائين ته اکر مهر ٿا ڪيون، ان ۾ جيڪو هارائي اهو معافي وٺي ۽ پوءِ ائين ئي هن ڪيو، جنهن ۾ عبدالحميد خان هارايو ۽ مون کان معافي ورتي. هتي ڳالهه معافي وٺڻ جي ناهي، پر فيصلي جي طريقي اختيار ڪرڻ جي آهي ۽ ڪنهن کي اخلاقي جرئت هجڻ جي آهي، جو ڪنهن کي سچ چئي سگهي. هيءَ ڳالهه ته 52 سال (ٻاونجاهه سال) اڳ اخلاقي جرئت جي ڪال (نه هجڻ) جي آهي. اڄ جي دور ۾ ڪنهن ۾ به اخلاقي جرئت جو هجڻ ۽ قصوروار کي مُنهن تي قصوروار چوڻ جو تصور ڪرڻ ئي پاڻ کي بيوقوف ئي بڻائڻ آهي.
هڪڙي ڏينهن آفيس ۾ ويٺو هوس ته ديوان ٿانورداس ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ صاحب قمبر ۽ مسٽر وجاهت حسين سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ صاحب جن آيا ۽ چيائون ته هاءِ ڪورٽ جي انسپيڪشن ٽيم ڪورٽن جي انسپيڪش ڪرڻ ٿي اچي، سو انهن لاءِ قمبر وارو بنگلو فرنش ڪرائي ڏيو. مون بنگلو ٺيڪ ٺاڪ ڪرائي کين اطلاع ڪرايو ته اچي نظر مان ڪڍي وڃن ۽ اهي اچي ڪري ڏسي بندوبست مان بلڪل مطمئن ٿيا. پوءِ چيائون ته رڌ پچاءَ لاءِ ٿانو ٿپا ديڳڙا وغيره گهرائي ڏيو، جو انسپيڪشن پارٽي ٻه ڏينهن کن رهندي ۽ انهن جي ماني وغيره ڪرائبي. مون کين چيو ته اوهان ان لاءِ ڪا تڪليف نه ڪيو. مان تپيدار کي چئي ٿو ڇڏيان ته ماني ٽڪيءَ جو سمورو بندوبست هو پاڻهي ڪندو، پر اوهان رڳو هر ٽائيم تي ڇا ڇا تيار ٿيندو، اهو کيس ٻڌائجو ته ان موجب کاڌو تيار ڪرائي. پوءِ سارو بندوبست تپيدار ڪيو.
ديوان ٿانورداس صاحب ڪجهه عرصي بعد دفتردار ٿي آيو. مان ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب (1964ع ۾) قمبر جن وٽ هيڊ منشي هوس ۽ مسٽر محمد لطف الله صاحب جن اسسٽنٽ ڪمشنر هئا. مون کي هڪڙي ڏينهن ديوان ٿانورداس دفتردار صاحب جن گهرائي چيو ته منهنجي خلاف هڪڙي درخواست ٿي آهي، جيڪا ڊپٽي ڪمشنر صاحب (سيد عبدالواسع موئني صاحب) اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب ڏانهن انڪوائريءَ لاءِ موڪلي آهي. جيئن ته اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جي بدلي ٿيل آهي، انهيءَ ڪري درخواست تي انهيءَ کان ئي رپورٽ ڪڍرائي ڇڏيان. مان پوءِ اچي صاحب موصوف جن کي اها حقيقت ڪئي ۽ کين عرض ڪيم ته اوهان پاڻ رپورٽ ڪڍو ته سٺو. هن ٻڌايو ته هن ان درخواست تي ڪجهه لکيو به آهي پر پوءِ هو غسل ڪرڻ باٿ روم ۾ هليو ويو هو ۽ ڪاغذ سندس بيڊ روم ۾ پيل آهن جي گهرائي ورتائين ۽ مون کي چيائين ته اصل حقيقت ڇا آهي؟ مون صاحب جن کي چيو ته اها رڳو دشمنيءَ سبب ڪئي وئي آهي ۽ جن جن جي مون سان دشمني هئي، انهن لاءِ جيئن جيئن مان صاحب جن کي چوندو پئي ويس، انهيءَ لائين تي هُو رپورٽ لکندو ويو ۽ رپورٽ لکي لفافي ۾ بند ڪري ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن پٽيوالي هٿان ڏياري موڪليائين. مون پٽيوالي کي چيو ته اهو لفافو ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جي اسٽينوگرافر مسٽر اسلم بيگ کي هٿ ۾ ڏجانءِ ته صاحب کي ان وقت ئي پيش ڪري. هن اهو لفافو ان وقت ئي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي اندر ڏياري موڪليو، جنهن رپورٽ پڙهي ان تي ڪاغذ فائيل (File) ڪرڻ جو آرڊر ڪري موڪليو ۽ دفتردار صاحب پوءِ ڪاغذ فائيل ڪري ڇڏيا.
مسٽر وجاهت حسين جيڪو قمبر ۾ سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئسجسٽريٽ هو (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان اهو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو هو ۽ هاڻي وفات ڪري ويو آهي)
قمبر تعلقه مختيارڪار جي چارج مون کي ئي هئي، جو هڪڙي ڏينهن مسٽر عبدالخالق ابڙو ڊپٽي سپريٽينڊنٽ پوليس D.S.P مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت ڪچهري ڪئيسين، جو هُو به ميهڙ جو ويٺل هو ۽ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسين، پر هُو مون کان سينيئر هو. جنهن مهل واپس پئي ويو ته مون کي چيائين ته مختيارڪار صاحب جي نائڪ رسول بخش کي ٿاڻي تي موڪلجو، جو هن کان ڪجهه پڇاڳاچا ڪرڻي آهي. رسول بخش گوپانگ کي پوءِ ٿاڻي تي موڪليم پر جڏهن اتان واپس آيو ته منهنجي آڏو روئي ٻڌايائين ته سندس نياڻي محمد عرس گوپانگ هن جي خلاف ٿاڻي تي ڪا درخواست ڏني آهي، جنهن تي D.S.P کيس زن دختر گاريون ڏنيون آهن ۽ جيئن ته مختيارڪار جي چارج به مون وٽ آهي، انهيءَ ڪري هو ٻئي ڪنهن کي چوندو، انهيءَ ڪري مان محمد عرس گوپانگ خلاف فرياد لکي ڏيانوَ ته هن خلاف وارنٽ ڪڍي ڏيو، جي هُو پاڻ وڃي تعميل ڪرائيندو. مان ان وقت اٿيو بيٺو هوس ۽ آفيس مان نڪرڻ وارو هوس جو منهنجو ڀيڻيويو حاجي پير بخش ٻارن سان گڏ حج تان ان ڏينهن واپس پئي آيو ، انڪري مان لاڙڪاڻي پئي ويس ۽ سيٺ لڇمڻداس جي ڪار به گهرائي هيم، جا ٻاهر بيٺي هئي. مان پوءِ ويهي رهيس ۽ رسول بخش نائڪ کي چيم ته فرياد لکرائي اچ. هُو پوءِ پنهنجي نياڻي محمد عرس خلاف چوريءَ جي فرياد لکائي کڻي آيو. مان سندس بيان وٺي ڪيس فائيل تي آڻي کيس محمد عرس گوپانگ خلاف بنا ضامن جوڳو وارنٽ ڪڍي ڏنو، جو هن ٿاڻي تي وڃي تعميل ڪرڻ لاءِ ڏنو، جنهن تي پوليس محمد عرس گوپانگ کي سندس دڪان تي درزڪي ڪم ڪندي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي.
مان آفيس مان اٿي گهر آيس ته بخشل خان مگسي ۽ بخشل خان جهنڊيل منهنجي جاءِ تي آيا ۽ اچي چيائون ته محمد عرس جو ضامن کڻو. مون کين چيو ته ڪلاڪ ڏيڍ مس ٿيو آهي، جو مون وارنٽ ڪڍيو آهي، انهي ڪري هن وقت ضامن ڪونه کڻندس ۽ سڀاڻي آچر آهي. باقي سومر ڏينهن مان محمد عرس جو ضامن کڻندس، پر هنن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هڪدم لاڙڪاڻي وڃي قاضي فضل الله وزير صاحب کي منهنجي خلاف شڪايت ڪيائون ۽ وڌيڪ چيائونس ته هو دوست محمد هڪڙي جو ماڻهو آهي، انڪري سندس قمبر مان بدلي ڪرايو. قاضي فضل الله وزير صاحب جي چوڻ تي ڊپٽي ڪمشنر قاضي سچيڏني صاحب جن مون کي قمبر مان بدلي ڪري هيڊ آفيس ۾ رکيو.
منهنجي چارج ڇڏڻ کان اڳ مختيارڪار صاحب (قاضي محمد انور) سروي ٽريننگ تان موٽي آيو ۽ مون کي چيائين ته تون معافي ڏسڻ هليو وڃ ۽ پاڻ ڪليڪٽر صاحب (قاضي سچيڏنه صاحب) ڏي بدلي بند ڪرائڻ لاءِ وڃي ٿو. جيڪڏهن بدلي بند ڪيائين ته به احوال موڪليندوسانءِ، جي بند نه ڪيائين ته به نياپو ڪندوسانءِ، ته پوءِ اچي چارج ڇڏجان. مان پوءِ تپيدار در محمد شيخ جي تپي ۾ معافي ڏسڻ هليو ويس. ٻئي ڏينهن تي مختيارڪار صاحب هيڊ ڪواٽر ۾ موٽي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪليو، جنهن تي مان موٽي آيس. مختيارڪار صاحب ٻڌايو ته ڪليڪٽر صاحب چيو آهي ته حال في الحال چارج ڇڏي اچي، هيڊ آفيس ۾ چارج وٺي ۽ هفتي کان پوءِ کيس وري قمبر بدلي ڪندو، پر هفتي گذرڻ کان اڳ ئي ڪليڪٽر صاحب جي بدلي ٿي وئي ۽ هو چارج ڇڏي هليو ويو.
مون پوءِ قمبر مان چارج ڇڏي اچي لاڙڪاڻي هيڊ آفيس ۾ ريهئبيليٽيشن برانچ ۾ چارج ورتي، جتي هدايت الله ابڙو P.A.E Collector هو ۽ سندس ماتحت هيڊ ڪلارڪ هوس. نور محمد قريشي، جيڪو به قمبر تعلقه ۾ ئي تپيدار هو ۽ عبدالعليم عقيلي دفتردار جو منظور نظر هو، انهيءَ کيس منهنجي خلاف ورغلايو ته مون معافيءَ ڏيڻ ۾ کاتيدارن کي رعايت ڪئي هئي ۽ جيڪي سروي نمبر سٺي فصل وارا هئا، انهن جي به ناجائز طور معافي ڏني هئي. دفتردار هن جي چوڻ ۾ اچي ويو ۽ پوءِ پاڻ پنهنجي سر تعلقه آفيس قمبر ۾ هيڊ منشيءَ جي آفيس ۾ ويهي منهنجي ڏنل معافيءَ جا تفصيل وٺي مسٽر غلام محمد خان سومرو، جيڪو نواب غيبي خان چانڊيي جي وفات کان پوءِ سندس جاگير تي رسيور مقرر ٿيل هو، ان کي چيائين ته منهنجي ڏنل معافي چيڪ ڪري، ڇاڪاڻ جو ان وقت قمبر سب ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب قادر بخش خان لاڙڪ کي وارهه تعلقي جي مختيارڪار محمد مريد ڏاوچ جي تمام گهڻي ڏنل معافيءَ جي سئو سيڪڙو معافي چڪاس لاءِ موڪليو هيائون. منهنجي ڏنل معافيءَ ۾ ڪا هروڀرو ايتري رعايت ڏنل ڪانه هئي، ڇاڪاڻ جو جن جن سروي نمبرن جي فصلن جي غلام محمد سومري صاحب چڪاس ڪئي هئي، انهن کي منهنجي ڏنل معافيءَ کان ذرا گهٽ معافي چڪاس کان پوءِ به ملي پئي. پر احتياط طور مون مسٽر غلام قادر سومري وڪيل جيڪو مسٽر غلام محمد سومري صاحب جن جو عزيز هو ۽ جنهن سان منهنجي دعا سلام هئي، ان کي چيو ته صاحب موصوف (غلام محمد خان سومري صاحب) کي چوي ته منهنجي خلاف ڪا رپورٽ نه ڪڍي ۽ هن ڪابه منهنجي خلاف رپورٽ نه ڪڍي.
البت معافي چڪاس ڪندڙ آفيسر کي معافيءَ جي ڏسڻ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪو(No favoritism) سرٽيفڪيٽ ڏيڻو هوندو آهي ته معافيءَ ۾ ڪا پاسداري ٿيل ڪانه آهي، اهو سرٽيفڪيٽ هن صاحب نه پئي ڪڍيو. اها ڳالهه سندس هيڊ منشي الهوسائي خان مهر مسٽر قادر بخش لاڙڪ (جيڪو قمبر سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، پر کين تعلقه وارهه جي مختيارڪار محمد مريد جي ڏنل معافيءَ جي سئو سيڪڙو چڪاس ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو) ان سان ڪئي، جنهن مسٽر غلام محمد سومري صاحب جن کي منهنجي لاءِ چيو ته هو پنهنجي دوستيءَ وارو ۽ نوجوان آهي، متان ان جو مستقبل خراب ڪرين ۽ جيڪڏهن تون اهو (No favoritism) وارو سرٽيفڪيٽ نه ڪڍندين ته هو پاڻ ڏيندو، جنهن کان پوءِ غلام محدم سومري صاحب اهو (No favoritism) وارو سرٽيفڪيٽ اشو (Issue) ڪيو. اهڙيءَ طرح دفتردار عقيلي صاحب جيڪي مون کي بدنيتيءَ تي ٻڌل سازش تحت نقصان پهچائڻ پئي چاهيو، ان ۾ هُو ڪامياب نه ٿيو ۽ الله پاڪ مون کي هن جي سازش کان پناهه ۾ رکيو.
هتي مان اهو به ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته قادر بخش خان لاڙڪ جو سالو شاهنواز خان لاڙڪ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ ئي پڙهندو هو، جو سندس والد صاحب حاجي خان ميهڙ ۾ وڪالت ڪندو هو. هو مون کان سينيئر هو، پر منهنجو گهاٽو دوست هوندو هو ۽ اسان پاڻ ۾ ڏاڍا حجائتا هوندا هئاسين. اها خبر قادر بخش لاڙڪ صاحب جن کي به هئي، جو هو به ٿورو عرصو ميهڙ ۾ پڙهي ويو هو. انهيءَ ڪري صاحب موصوف مون کي سندن زيردست هئڻ باوجود ڏاڍو سٺو ڀائيندو هو. شاهنواز خان لاڙڪ هڪڙي دفعي قمبر قادر بخش خان لاڙڪ وٽ آيو، جو اتي گشت ۾ آيل هو. انهن ڏينهن ۾ قادر بخش خان لاڙڪ ڪنهن جي ورغلائڻ تي مون تي ٿورو ناراض ڏسڻ ۾ ايندو هو. قمبر واري بنگلي تي قادر بخش لاڙڪ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب انور ڪمري ۾ ويٺو هو ۽ مان ۽ شاهنواز خان لاڙڪ ورانڊي ۾ پئي ڪچهري ڪئي. هن ڳالهيون ڪندي مون کان پڇيو ته قادو (قادر بخش لاڙڪ) توسان ڪيئن ٿو هلي، جنهن تي مان چيومانس ته هلي ته سٺو ٿو، پر شل نه رِڇَ جي رڳ تي اچي. جنهن تي کلي چيائين ته تون وري ائين ٿو چوين. مان جڏهن دادوءَ ۾ S.D.M هوس ته هڪڙي دفعي شاهنواز لاڙڪ اتي مون وٽ آيو هو، جو ڪا عورت کڄي وئي هئي ته مون کان سرڪاري جيپ وٺي ان جي ڳولا لاءِ ويو هو. هڪڙي دفعي مان لاڙڪاڻه ۾ هيڊ منشي ئي هوس جو سکر وڃڻ ٿيو. قادر بخش لاڙڪ صاحب ان وقت سکر ۾ دفتردار هو ۽ مون چيو ته ساڻس ملندو وڃان پوءِ ساڻس آفيس ۾ وڃي مليس. مون ڪجهه وقت ترسي کانئس موٽڻ جي اجاز گهري ته پاڻ نه ڇڏيائين ۽ مون کي زوريءَ پنهنجي بنگلي تي (جو سندس آفيس جي ئي ويجهو هو) وٺي هليو ۽ پاڻ سان گڏ ماني کارائي پوءِ وڃڻ جي اجازت ڏنائين. قادر بخش خان لاڙڪ ائڊيشنل ڪمشنر هو، جو جوانيءَ ۾ 44 سالن جي عمر ۾ سال 1964ع ۾ دل جي دوري پوڻ سبب انتقال ڪري ويو.
پيرزادو عبدالستار چيف منسٽر صاحب قمبر شڪار ڪرڻ آيو هو. پير علي محمد راشدي صاحب ۽ مسٽر رحيم بخش سومرو، جيڪي ٻئي ان وقت سندس ڪابينا ۾ وزير هئا، ساڻس گڏ آيل هئا. پيرزادو صاحب صبح جو سويل غيبي ديري ڏانهن شڪار تي هليو ويو هو ۽ مختيارڪار صاحب (قاضي محمد انور) به ساڻن گڏ ويل هئا. پير علي محمد راشدي صاحب ۽ رحيم بخش خان سومرو، حاجي غلام حسين خان شيخ جي قمبر واري بنگلي تي رهيل هئا. راشدي صاحب جن روينيو جا وزير هئا. مان ساڻن ملڻ لاءِ غلام حسين خان شيخ جي بنگلي تي ويس ۽ ساڻن ملي ويٺس ته راشدي صاحب چيو ته هيڊ منشيءَ کان معافيءَ جو احوال وٺئون جو اهو معافي ڏسڻ جو وقت هو ۽ ڪجهه معافي مون ۽ مختيارڪار صاحب ڏسي به ڇڏي هئي. مون پڇا ڪرڻ تي راشدي صاحب کي ٻڌايو ته مختيارڪار صاحب گهڻي معافي ڏسي ڇڏي آهي. باقي ٿوري رهيل به ترت ڏسي ڇڏيندو.
حاجي غلام حسين شيخ راشدي صاحب جن کي چيو ته هن سال ساريال فصل سٺا نه ٿيا آهن، انهيءَ ڪري معافي ڏني وڃي. ان تي صاحب موصوف کيس چيو ته گذريل سال فصل سٺا ٿيا هيوَ، جنهن تي حاجي غلام حسين چيو ته برابر سٺا ٿيا هئا. وري راشدي صاحب کانئس پڇيو ته انهيءَ کان اڳئين سال فصل ڪيئن ٿيا هئا. ان تي حاجي صاحب چيس ته سٺا ٿيا هئا. پوءِ راشدي صاحب جن چيس ته پاڻ ئي چئو ٿا گذريل ٻنهي سالن ۾ فصل سٺيا ٿيا هئا، پر ٻنهي سالن ۾ ائين ته ڪونه ڪيوَ جو سرڪار کي سڏي ٻه ڏوڪڙ وڌيڪ ڏيو ها ته فصل سٺا ٿيا آهن. پوءِ مان راشدي صاحب جن کان اجازت وٺي واپس آيس.
مان قمبر ۾ ڪجهه ڏينهن بخار سبب بيمار هوس ۽ آفيس به ڪونه پئي ويس. ڊاڪٽر هولارام کان علاج ڪرائيندو هوس، ان وقت ۾ M.B.B.S ڊاڪٽر ڪي چند ئي هوندا هئا. بيمار اڪثر ڪري علاج حڪيمن ۽ نيم ڊاڪٽرن کان ڪرائيندا هئا. هولارام به انهن مان ئي هو، پر هٿ ۾ شفا هوندي هيس. هڪڙي ڏينهن مون کي جاءِ تي ڏسڻ آيو ۽ واپس ويو ته شهاب الدين شيخ تپيدار کي منهنجي لاءِ چيائين ته T.B (سلهه) اٿس. ان زماني ۾ انهيءَ بيماريءَ جو ڏاڍو ڏهڪاءُ هوندو هو، جنهن لاءِ علاج به ڊگهو ٿيندو هو ۽ پرهيز به سخت ڪرڻي پوندي هئي. مان ان وقت سگريٽ به ڇڪيندو هوس، سي به گهڻا ته نه، پر ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڇڪيندو هوس پر آئي وئي لاءِ 555 سگريٽن وارو دٻو، جنهن ۾ 50 سگريٽ هوندا هئا، هميشه موجود هوندو هو. ڊاڪٽر هولارام جي مون کي T.B هجڻ واري ڳالهه تي ٿورو خوف وٺي ويو. مان هڪدم ڪراچيءَ وڃي لالواڻيءَ جي ايڪسري مشين، جيڪا سعيد منزل ۾ هوندي هئي ۽ تمام سٺي ۽ شهرت واري هئي، اتي وڃي ڦڦڙن جو ايڪسري فوٽو ڪڍايو، پر الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان رپورٽ بلڪل صاف آئي ۽ ڦڦڙن ۾ ذري ڀر به ڪو نقص ڪونه هو، تڏهن وڃي مون کي اطمينان ٿيو، پر اهو ڏينهن ٿيو جو مان سگريٽ پيئڻ اصل لاءِ ڇڏي ڏنو. ان کان پوءِ به مان وقتي وقتي ڦڦڙن جي چڪاس ڪرائيندو رهيس، پر رپورٽ هميشه صاف ئي ايندي رهي آهي.
قاضي غلام مصطفيٰ صاحب ڊئريڪٽر سروي سيٽلمينٽ سنڌ قمبر ۾ دوري تي آيو ته مون کي چيائين ته هو جڏهن ڪراچي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته خانصاحب مٺل خان شيخ سندن ڊرگهه ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ جي دعوت ڏئي ويو هو. انهيءَ ڪري ان کي نياپو موڪليان ته کيس شڪار ڪرائي، جو اها شڪار جي موسم هئي. مان خانصاحب مٺل خان شيخ جن ڏانهن قاضي صاحب جن کي شڪار ڪرائڻ جو نياپو ته موڪليو، پر خانصاحب چوائي موڪليو ته اسان پهريون شڪار گورنر جنرل/صدر کي ئي ڪرائيندا آهيون ۽ ان کان پوءِ ئي ٻئي ڪنهن کي شڪار ڪرائيندا آهيون ۽ جيئن ته پهريون شڪار اڃا ڪونه ٿيو آهي، انهيءَ ڪري هن وقت قاضي صاحب جن کي شڪار ڪرائڻ کان مجبور آهيون. مون پوءِ اها حقيقت قاضي صاحب جن کي ٻڌائي. (اها هئي اڳئين زماني جي معزز ماڻهن جي صاف گوئي).
حاجي محمد عليءَ خان کهاوڙ جي خود داريءَ جو ذڪر به ڪري آيو آهيان، جو هن مختيارڪار کي بنگلي تي ماني موڪلڻ کان انڪار ڪيو هو.
هتي مون کي نواب امير علي خان لاهوريءَ جن جي صاف گوئيءَ جا لفظ اڄ به ياد آهن، جڏهن منهنجو نانو مرحوم حاجي جان محمد شيخ کين نواب جي لقب ملڻ تي مبارڪ ڏيڻ پئي ويو ته مون کي به ساڻ وٺي ويو هو. نواب صاحب کي جڏهن مبارڪ ڏنائين ته خير مبارڪ چوندي ان سان گڏ ناني مرحوم کي چيائين ته کين پنهنجي بنگلي جو نواب ڪيو اٿن.
سال 1955ع ۾ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جون چونڊون ٿيون. چونڊن کان ٿورا ڏينهن اڳ مون سان هيڊ آفيس ۾ پير بقاءُ الله راشدي گڏيو. چيائين ته اوهان اليڪشن جي ڊيوٽي ڪندئو ته مون چيومانس ته جيڪڏهن ڊيوٽي لڳندي ته ضرور ڏيڻي ئي پوندي.
عبدالڪريم چانڊيو ۽ پير بقاءُ الله راشدي ساڳي سيٽ تي مد مقابل هئا. عبدالڪريم چانڊيو، تڪ ۾ اليڪشن مهم ۾ محسوس ڪيو هو ته سندس کٽڻ جو امڪان گهٽ هو، جو انهيءَ تڪ ۾ مير بخشل خان مگسي، پير بقاءَالله راشدي جي مدد ڪري رهيو هو، جنهن جو اثر رسوخ گهڻو هو. پوءِ خبر ناهي ته الائي ڪهڙي خيال سان دوست محمد خان هڪڙي کي منهنجي نالي چيو ته جيڪڏهن کيس رانوتي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪرائيندو ته هو (عبدالڪريم) کٽندو. ٻيءَ صورت ۾ هن جو کٽڻ محال هو، ڇاڪاڻ جو رانوتي پولنگ اسٽيشن وارا ووٽر خاص ڪري مير بخشل خان مگسيءَ جي اثر وارا ۽ پڪا ووٽر هئا.
قدرت طرفان ڪا پير بقاءُالله راشديءَ جي مقدر ۾ ان سيٽ تي شڪست Defeat لکيل هئي، جو مان اليڪشن جي اڳئين ڏينهن تي قمبر اوچتو ويس. قادر بخش خان لاڙڪ ڊپٽي ڪمشنر جن جي اڳ ئي اتي منزل هئي، جنهن کي شايد دوست محمد خان هڪڙي (جنهن جا صاحب موصوف سان سٺا تعلقات هئا) منهنجي نالي چيو ته هن کي رانوتي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪرائي ڏيو ۽ کيس اهو به منهنجي نالي ٻڌايائون ته هو قمبر آيو آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب مون کي چوائي موڪليو ته لاڙڪاڻي واپس نه وڃجانءِ، جو مون کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چونڊ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسر ڪري مقرر ڪرائيندا. ايئن مون کي اوچتو رانوتي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر ڪري رکيو ويو، جتي اڳي محمد صادق فوڊ ڊپارٽمينٽ جي اڪائونٽنٽ کي پرزائيڊڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو هو. مون رات جو 12 وڳي ڌاري وڃي پرزائيڊنگ آفيسر جي چارج ورتي. اهي سياري جا ڏينهن هئا ۽ پولنگ تي ووٽنگ صبح جو ستين وڳي کان شروع ٿيڻي هئي.
رات جو ڏيڍ بجي ڌاري پير بخش خان گهانگهرو، رتيديري وارو، مون وٽ آيو ۽ چيائين ته دوست محمد خان هڪڙو اوهان کي نٿو چئي سگهي، انهيءَ ڪري هن کيس موڪليو آهي ۽ مون کي ڪجهه نه ڪجهه بئلٽ پيپر ۽ بئلٽ باڪس ڏيو. مون ان کي بئلٽ پيپرن وارا سو سو وارا چار _ پنج بوڪ ۽ ٻه بئلٽ باڪس ڏنا. مون کي ته بخش خان مگسيءَ سان ذاتي دشمني ته اڳ ئي هئي، جو هن قاضي فضل الله وزير صاحب کي اهو چئي ته هو دوست محمد هڪڙي جو ماڻهو آهي، مون کي سال 1954ع ۾ قمبر تعلقه هيڊ منشيءَ تان بدلي ڪرائي هيڊ آفيس ۾ رکايو هو.
رات جو چئين _ پنجين وڳي ڌاري پير بخش خان گهانگهرو ٻئي بئلٽ باڪس ووٽن سان ڀري پيتيون (باڪس) ۽ بئلٽ پيپرن جا ڪائونٽر فائل ۽ ڪجهه رهيل بئلٽ پيپرن سميت بئلٽ پيپرن وارا بڪ واپس ڏئي ويو. مون اهي ٻئي بئلٽ باڪس سيل ڪري رکي ڇڏيا. صبح جو ساڍي ستين وڳي ڌاري احمد نواز اعواڻ وڪيل پير بقاءَ الله راشديءَ جو جنرل ايجنٽ مون وٽ آيو ۽ چيائين ته بئلٽ باڪس سندن روبرو سيل ڪيان، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته ووٽنگ صبح جو سوير ستين وڳي کان شروع ٿي آهي ۽ هي ٻه بئلٽ باڪس (جيڪي ووٽن سان ڀريل پير بخش خان گهانگهرو واپس ڏي ويو هو ۽ مان سيل ڪري رکيا هئا) ڀرجي ويا آهن ۽ هاڻي جيڪا بئلٽ باڪس رکبي سا اوهان جي روبرو سيل ڪبي. پر هو بنا ڪجهه ڪڇڻ جي يا بحث ڪرڻ جي دل ۾ الائي ڇا سمجهي بيٺو ئي ڪونه ۽ واپس هليو ويو.
الله پاڪ جي اها مهرباني ٿي جو پير بقاءَ الله راشديءَ جو جنرل ايجنٽ مسٽر احمد نواز وڪيل جيڪو بخشل خان مگسيءَ جو تمام گهاٽو دوست هو ۽ بخشل خان مگسي لاڙڪ نه ته وٽس گهڻو ايندو هو، اهو اڌ منو ڪلاڪ دير سان آيو، انهيءَ ڪري منهنجي پت رهجي آئي.
سخت سياري هئڻ ڪري ووٽنگ جو عمل تمام آهستي پئي هليو. پولنگ بوٿ جو اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر ويٺا هئا ۽ ووٽرن کي بئلٽ پيپر روٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اشو ڪري رهيا هئا. مان اتي ويس ۽ مون اميدوارن عبدالڪريم چانڊيي ۽ پير بقاءَالله راشدي جي پولنگ ايجنٽن کي ايجنٽ نامو ڏيکارڻ لاءِ چيو. عبدالڪريم چانڊيي جي پولنگ ايجنٽ جي ايجنٽ نامي تي اميدوار (عبدالڪريم چانڊيي جي صحيح ٿيل هئي، جنهن کي مون اتي ويهڻ جي اجازت ڏني، پر پير بقاءَ الله راشديءَ جي پولنگ ايجنٽ جي ايجنٽ نامي تي سندس اميدوار پير بقاءَ الله راشديءَ جي صحيح ٿيل ڪانه هئي، جنهن کي مون چيو ته بابا اميدوار جي صحيح ته ڪانهي، انهيءَ ڪري ڪهڙي خبر ته تون ان جو ايجنٽ به آهين يا نه!؟ هن کي مون بوٿ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ته ايجنٽ نامي تي صحيح ڪرائي پوءِ اچي ويهه. هن پوءِ اريگيشن واري فون تي پير بقاءَ الله سان رابطو ڪيو، جيڪو 3 وڳي شام جو پولنگ اسٽيشن تي پهتو. انهيءَ وچ ۾ هڪ طرفو ڪم پئي هليو. پير بقاءَ الله راشديءَ چيو ته اوهان سندس ايجنٽ کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. جنهن تي مون چيومانس ته ايجنٽ نامي تي اوهان جي صحيح ٿيل ڪانه آهي، اها ڪري ڏيوس ته مان ويهاريانس. ايستائين ته سڄو قصو ختم ٿي چڪو هو. پير بقاءَ الله شاهه پوءِ ڪٿان وڃي A.D.M سان لاڙڪاڻي رابطو ڪري کيس چيو ته رانوتي پولنگ اسٽيشن تي فساد ٿي پيو آهي. انهيءَ ڪري پوليس موڪليو، حالانڪ اهڙي ڳالهه ڪانه هئي، ووٽن جي ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ مون باقي ڪم اسٽيٽمينٽ ... وغيره ٺاهڻ جو ختم ڪيو، جيڪي ڪاغذ لفافن ۾ بند ڪرڻا هئا، اهي بند ڪري سڄي ڪارروائي جيڪا به ڪرڻي هئي، اها پوري ڪري سمورو سامان ٻورين ۾ وجهرايو پئي ته ايتري ۾ ٻاهران ڪنهن جيپ جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مون پٽيوالي کي ٻاهر موڪليو ته ڏسي ته ڪير آيو آهي. ائين ڪندي امام علي شاهه پوليس انسپيڪٽر اندر مون وٽ آيو، جنهن کان پڇا ڪئي ته اوهان ڪيئن آيا آهيو، جنهن ٻڌايو ته A.D.M صاحب کي فون ٿي هئي ته رانوتي پولنگ اسٽيشن تي فساد ٿي پيو آهي ۽ پوليس موڪليو. مان پاڻ سان پوليس ٽرڪ ۾ وٺي پئي آيس، پر اها رستي تي خراب ٿي پئي انهيءَ ڪري ان کي اتي ڇڏي مان آيو آهيان.
مون کيس چيو ته ڪوبه فساد ڪونه ٿيو آهي ۽ پولنگ بلڪل خير خوبيءَ سان ختم ٿي وئي آهي. مون پوءِ سامان واريون ڳوٿريون سيل ڪري سندس حوالي ڪيون ته قمبر خزاني آفيس ۾ وڃي پهچائي. مان کانئس انهن جي رسيد وٺي لاڙڪاڻي هليو آيس. نتيجي ۾ عبدالڪريم چانڊيي 804 ۽ پير بقاءَ الله راشدي 27 ووٽ کنيا ۽ ائين پير بقاءَ الله راشدي هارائي ويو. مير بخشل خان مگسيءَ کي به خبر پئجي وئي ته دوست هڪڙي جو ماڻهو ڪيئن ٿبو آهي.
ان وقت ۾ پير علي محمد راشدي صاحب روينيو جو وزير هو. بخشل خان مگسي ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويو آهي. امام علي شاهه پوليس انسپيڪٽر جي باري ۾ مسٽر محمد حسن سومري رٽائرڊ S.P، جيڪو منهنجي جڳهه جي سامهون رهندو آهي، تنهن ٻڌايو ته هو S.P ٿيو هو ۽ خودڪشي ڪئي هيائين.