مختيارڪار تعلقه ميرواهه (ضلع خيرپور)
خيرپور ضلعي جو ان وقت ڊپٽي ڪمشنر سيد سردار احمد صاحب هو، (سيد سردار احمد صاحب سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ڪيو) نور خان گورنر، گمبٽ ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ معزز ماڻهن جي ميٽنگ ڪوٺائي هئي، ان وقت ساڻس سندس سيڪريٽري عثمان علي خان عيساڻي به گڏ آيل هو.
مونکي به ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن چيو هو ته شاهه محمد ٻانڀڻ ۽ عطا محمد لنڊ کي به ميٽنگ ۾ وٺي اچان. هو ٻئي هڪ ٻئي جا سخت مخالف هئا پر مان ٻنهي کي پاڻ سان گڏ شاهه محمد ٻانڀڻ جي جيپ ۾ وٺي ويس ۽ جڏهن گمبٽ پهتس، ڊپٽي ڪمشنر صاحب مون سان گڏ ٻنهي کي ڏٺو ته مُشڪي چيائين ته ٻنهي کي گڏ ڪيئن وٺي آيو آهين، جو صاحب موصوف کي به خبر هئي ته هو ٻئي پاڻ ۾ ٺهيل ڪونه هئا.
رحب علي خان لغاري (ويٺل تعلقه خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادو) پهريون سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ميرواهه مقرر ٿي آيو هو. هن جو ۽ منهنجو ڪواٽر ڀرسان هوندا هئا ۽ وچ ۾ رڳو هڪ گهٽي هئي. منهنجي ٺري ميرواهه مان بدلي ٿي وڃڻ بعد هن سان ملاقات وري تڏهن ٿي جڏهن مان دادوءَ ۾ A.D.M هيس ته هو پنهنجي مامي سجاول خان (جيڪو روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو) جي فوت ٿي وڃڻ بعد سندس هٿيار جو ليسن سندس وارث جي نالي ڪرائڻ آيو هو ۽ ان بعد وري ساڻس ملاقات ڪانه ٿي ، هُو سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو.
درگاهي منگي منهنجي ڪورٽ ۾ P.S.I هوندو هو، ان مونکي ٻڌايو هو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب ولايت مان واپس آيو هو ته هڪ دفعي سکر ۾ هڪ هٿ شناس کي پنهنجو هٿ ڏيکاريو هئائين، جنهن هٿ ڏسي کيس چيو هو ته تون پاڪستان جو صدر ٿيندين. ڀُٽو صاحب پوءِ مُشڪندو هليو ويو، درگاهي منگي به سيشن جج جي عهدي تي رهي رٽائر ڪيو. علي اڪبر شاهه ٽنڊي مير عليءَ ۾ رهندو هو، اصل ۾ هُو حيدرآباد دکن جو رهواسي هو پر پاڪستان ٿيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. ٽنڊي مير عليءَ ۾ سندس زمينون هيون انهيءَ ڪري هتي به جاءِ هيس ۽ اتي اڪيلو ئي رهندو هو. باقي سندس پوري فئملي بهادرآباد علائقي ڪراچي ۾ رهندي هئي. مون کي منهنجي ڪلارڪ غلام سرور جيڪو ٺريءَ ۾ ئي رهندو هو ، ٻڌايو ته علي اڪبر شاهه تمام سٺو ۽ ڏاڍو بردبار ماڻهو آهي. انهيءَ ڪري هن جا تعلقات سٺا هوندا هئا. هو مونکي اڪثر ڪڻڪ ۽ گهه (ان دور ۾ خالص گيهه استعمال ٿيندو هو) پنهنجي ڊرائيور جي هٿان رات جي وقت ۾ ڏياري موڪليندو هو جيئن ٻئي ڪنهن کي خبر نه پوي.
مون وٽ به جڏهن ڪنهن ڪم سان ايندو هو ته سندس گهڻو خيال ڪندو هئس ۽ بنان ڪم ڪرڻ جي کيس نه موٽائيندو هئس.
مان ڪنهن حد تائين پوليس سان تعاون ڪندو هئس، جو اسان جي به مجبوري هوندي هئي جو ڍل جي وصوليءَ جي ٽائيم ۾ پوليس جي مدد جي گهڻي ضرورت پوندي هئي پر مان ڪڏهن به سندن ناجائز ڪم نه ڪندو هئس.
هڪڙي دفعي هڪ خون جي ڪيس ۾ اقبال جرم جي بيان (Confession) ڏيارڻ لاءِ گلشير عباسي S.H.O پاڻ ڪونه آيو ۽ D.S.P اڪرام الدين چشتي جوابدار کي وٺي آيو. جوابدار کي ٻاهر پوليس جي حفاظت ۾ ويهاري پاڻ اندر آيو ۽ Confession رڪارڊ ڪرڻ واري ليٽر ڏيڻ کان اڳ زماني جون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو. ڳالهيون ڪندي هن اهو به ٻڌايو ته اندرا گانڌيءَ جا هڪ مسلمان بئريسٽر سان تعلقات ٿي ويا هئا، جيڪا ڳالهه مسلمانن کي نه پئي وڻي. پوءِ اهڙو عجب اتفاق ٿيو جو هڪ ڏينهن ڪجهه معزز شهري اُن سلسلي ۾ بئريسٽر جي بنگلي ٻاهران ساڻس ڳالهائي رهيا هئا جو اوچتو اندرا گانڌي اتي اچي نڪتي ۽ بئريسٽر جي بنگلي اندر هلي وئي، بئريسٽر گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو ته اوهان پاڻ سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ هُو پوءِ واپس هليا ويا.
مون ته هڪ هنڌ ائين به پڙهيو آهي ته نهرو خاندان هڪ فرد تي اڪتفا نه ڪندوآهي. هڪ دفعي ته ائين به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته اندرا گانڌي پنهنجو ڌرم ڇڏي مورڳو مسلمان ٿيڻ پئي چاهيو پر اها خبر جڏهن سندس پيءُ جواهر لال نهروءَ ۽ مهاتما گانڌيءَ کي پئي ته هنن ايلاز منٿون ڪري کيس ائين ڪرڻ کان باز رکيو. (اڪرام الدين چشتي D.S.P هندوستان جو ويٺل هو پر ورهاڱي بعد پاڪستان ۾ اچي آباد ٿيو هو) هُن بعد ۾ مونکي خون جي جوابدار جو اقبال جرم وارو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ليٽر ڏنو. مون جوابدار کي اندر ڪورٽ ۾ گهرايو ۽ ليٽر تي پنهنجي انيشل (دستخط) ڪانه ڪئي هئي، جوابدار جي ڪورٽ ۾ موجودگيءَ وقت پوليس جي ڪنهن به آفيسر کي اندر ناهي ويهاربو ۽ ليٽر آڻيندڙ آفيسر کي به ٻاهر هليو وڃڻ لاءِ چئبو آهي، جيڪو هليو ويندو آهي، ته جيئن جوابدار تي پوليس آفيسر جو ڪو خوف طاري نه هجي. البت مون D.S.P صاحب کي چيو ته اوهان منهنجي چيمبر ۾ وڃي ويهو.
Confession رڪارڊ ڪرڻ کان اڳ ڪي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون هونديون آهن، جنهن لاءِ مون ڪارروائي شروع ڪئي ۽ جوابدار کي چيم.
• مان مئجسٽريٽ آهيان ۽ توکي پوليس مون وٽ خون جي ڪيس ۾ اقبال جرم جو بيان ڏيڻ لاءِ حاضر ڪيو آهي.
• تون اهو بيان هر ڀرو ڏيڻ لاءِ ٻڌل ناهين.
• اهو تنهنجو اقبالِ جرم وارو بيان تنهنجي خلاف ڪورٽ ۾ شاهدي طور پيش ٿي سگهي ٿو.
• تون جيڪڏهن اهو بيان نه به ڏيندين ته توکي پوليس جي حوالي نه ڪيو ويندو.
• تون ان تي سوچ ويچار ڪري پوءِ جيڪو چوڻو اٿئي اهو چئو.
مون جوابدار کي ڪورٽ ۾ ئي ويهاري ڪلاڪ _ ڏيڍ سوچڻ لاءِ ڏنو. اُن بعد کيس ٻيهر گهرائي ساڳيون مٿيون ڳالهيون دهرائي ٻڌايم پر جوابدار بيان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته هن ڪو به اهڙو خون جو ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي.
انهيءَ حالت ۾ ڊي ايس پي جي ليٽر تي اهڙو آرڊر ڪري ته، جوابدار اقبالِ جرم بيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ جوابدار کي پوليس جي حوالي ڪرڻ بجاءِ جيل ۾ موڪلڻ کپندو هو. پر جيئن مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسان جون به ڪي مجبوريون هونديون آهن. انهيءَ ڪري مون D.S.P کي پنهنجي چيمبر مان گهرائي چيو ته اوهان سربستو ٻڌو آهي، اوهان جي عزت ڪري اوهان جي جنسي ڏنل ليٽر (جنهن تي مون پنهنجي پهچ جي ڇوٽي صحيح Initial به ڪانه ڪئي هئي) اوهان کي واپس ڪيان ٿو ۽ ڀلي اوهان جوابدار جو ڪنهن ٻئي مئجسٽريٽ وٽ وڃي Confession ڏياريو. D.S.P پوءِ ليٽر وٺي ۽ جوابدار کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو.
بعد ۾ خبر پئي ته پوليس ان جوابدار کي، ويجهن مئجسٽريٽن ڪوٽڏيجي يا خيرپور نه وٺي وئي پر کانئس، خبر ناهي ته ڪهڙي طرح، ناري تعلقي جي مختيارڪار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ احمد علي سومري وٽ اقبال جرم جو بيان ڏياري آئي. (احمد علي سومرو ڏوڪري تعلقه ۾ مختيارڪار ٿي رهي ويو هو ۽ گلشير عباسي S.H.O به ڏوڪري تعلقه جو ويٺل هو ۽ ٿي سگهي ٿو ان دوران ٻنهي جا ڪي پاڻ ۾ ويجها تعلقات رهيا هجن).
ميرواهه ۾ مُنهنجي مختيارڪاري وقت ۾ شمس الدين هيسباڻي اُتي وڪالت ڪندو هو ۽ منهنجي ڪورٽ ۾ به Appear ٿيندو هو. سال 1971 ۾ مُنهنجي بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ سال 1981 يا 1982 ۾ مان جڏهن ميرواهه ۾ S.D.M هئس ته هُو گمبٽ ۾ سينيئر سول جج يا ائڊيشنل سيشن جج هئو. جو هڪڙي رات مان گشت مان واپس ٺري ميرواهه پئي ويس ته هُو اوڏانهن اچي پيو ته ٻنهي جي رستي ۾ ملاقات ٿي هئي. هُو وري جڏهن حيدرآباد ۾ ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ جو جج ٿي رهيو ته مان ساڻس ملڻ ويس جو ڪجهه وقت گڏ گھاريو هيوسين پر منجهس ڪو ڪم ڪار ڪونه هو. مون پنهنجو ڪارڊ سندس نائڪ هٿان کيس موڪليو ته اُن هٿان چوائي موڪليائين ته ترسائينس ته مان گهرايانس ٿو. مان پوءِ نائڪ کي چيو ته مان مسٽر عبدالڪبير لغاري ائڊيشنل سيشن جج وٽان ٿي اچان ٿو. حالانڪه منهنجي مرضي وري اچي شمس الدين هيسباڻيءَ سان ملڻ جي ڪانه هئي. عبدالڪبير خان لغاري ۽ مان کپري ۾ مختيارڪاريءَ ۽ ٺري ميرواهه ۾ S.D.M جي وقت ۾ گڏ رهيا هئاسين پر عبدالڪبير صاحب ان وقت ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي رهيو هو، انهيءَ ڪري مان واپس آيس ته ورانڊي ۾ عبدالرحمٰن ڀٽي ائڊيشنل سيشن جج جي بورڊ تي نظر پئي. عبدالرحمٰن ڀٽي به ٺري ميرواهه جو ويٺل هو ۽ مان جڏهن ٺري ميرواهه ۾ مختيارڪار هئس ته هو ۽ منهنجو وڏو پٽ غلام ياسين گڏ پڙهندا هئا ۽ جڏهن شروع شروع ۾ سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ سليڪٽ ٿيو هو ۽ سندس پهرين پوسٽنگ ڪنڌڪوٽ ۾ ٿي هئي ته ان وقت مان دادوءَ ۾ A.D.M هئس ۽ پنهنجي سليڪشن ٿيڻ بابت ٻڌايو هئائين. مسٽر عبدالرحمٰن ڀٽي ان وقت ڪو چيمبر ۾ ئي ڪيس هلائي رهيو هو ۽ هڪڙو وڪيل سندس آڏو تقرير ڪري رهيو هو، هن جي مون تي نظر پئجي وئي ۽ نائڪ کي منهنجي لاءِ چيائين ته کيس اندر وٺي اچ. مان پوءِ سندس چيمبر ۾ وڃي ڪرسيءَ تي خاموش ٿي ويهي رهيس. جڏهن وڪيل پنهنجي تقرير ڪري هليو ويو ۽ مسٽر عبدالرحمٰن فارغ ٿيو ته ويهي ڪچهري ڪئيسين ۽ ڪچهريءَ دوران مون شمس الدين هيسباڻيءَ جي پرڪارن بابت ٻڌايومانس. جنهن تي چيائين هو سالم دماغ ناهي ۽ سندس زال سان به پوري پوت ڪانهي. سندس ۽ هن جا ٻار هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا آهن پر ٻنهي جو (سندس ۽ هيسباڻيءَ) پاڻ ۾ ڪيتري وقت کان زباني ڳالهائڻ ئي ڪونهي. مان پوءِ مسٽر عبدالرحمٰن ڀٽي صاحب سان چڱو ٽائيم ڪچهري ڪري هليو آيس. شمس الدين هيسباڻي هاڻي هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو آهي.
ٺري ميرواهه ۾ منهنجو نائڪ رُڪن جوڳي پراڻو ماڻهو هو ۽ هن ميرن جو (خيرپور رياست جي ميرن جو) وقت گهڻو ڪجهه ڏٺو هو. هن ٻڌايو ته ميرن جي وقت هُو سندن بيگرون وهندا هئا ۽ هڪڙي دفعي هُو ۽ ٻيا ماڻهو بيگر وهي رهيا هئا ته مير علي نواز خان باليءَ سميت گاڏيءَ ۾ شڪارگاهه، جنهن کي مهراڻو سڏيندا هئا، اُتي گهمڻ آيو ته رستي ۾ سندن گاڏي ڦاسي پئي، جنهن کي بيگر وهندڙ ماڻهن ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نائڪ رڪن جوڳي ٻڌايو ته سائين: بالي ڏاڍي سهڻي هئي، هن باليءَ جي ڀاءُ باگي لاءِ ٻڌايو ته هو سو روپئي جي نوٽ ۾ تماڪ ڀري سگريٽ ڪري ڇڪيندو هو. باليءَ واري خاندان جي آخري ڇوڪريءَ سان، ميرواهه ۾ تعلقه هيڊ منشي طور مون سان ڪم ڪندڙ عين العابدين شادي ڪئي هئي، عين العابدين قمبر تعلقي جو مختيارڪار ٿي آيو هو ۽ نوڪريءَ دوران يرقان جي عارضي ۾ مُبتلا ٿي ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
غلام رسول شاه، جيڪو خيرپور جو ناظم هيو ۽ جنهن موجوده پير پاڳاري صاحب جن جي والد صبغت الله شاهه جن کي انگريزن جي دور ۾ گرفتار ڪيو هو، ان باري ۾ رُڪن جوڳيءَ نائڪ ٻڌايو ته ناظم کيداري بنگلي تي منزل ڪئي، هن سان گڏ سپاهي به هئا، پاڻ بنگلي ۾ مٿي رهيو پيو هو ۽ سپاهي بنگلي جي ڀرسان ڪواٽرن ۾ ترسيل هئا. پير صاحب جي مريدن (حُرن) کي جڏهن اها خبر پئي ته رات جي وڳڙي ۾ هڪ هڪ ٿي لڪندي بنگلي جي ڀرسان اُسريل پن ۾ اچي ڪٺا ٿيندا ويا. صبح جو سوير جيئن هڪڙو سپاهي ڪونئرو کڻي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ ويو ته پن ۾ لڪل حُرن جي ڪٽڪ کي ڏسي موٽي پيو. حُرن به کيس ڪو ڏسي ورتو ۽ هڪدم سڀ پن مان نڪري کهينواري بنگلي جي ڏاڪڻ تان چڙهي مٿي ناظم تي حملو ڪرڻ لڳا. ناظم کي به خبر پئجي وئي سو هو روالور کڻي ڏاڪڻ جي مُنڍ وٽ اچي بيٺو. جيئن ئي ڪو حُر ڏاڪڻ ۾ مُنهن ڪڍيو ٿي ته اُن کي روالور سان شوٽ ڪندو ماريندو ويو ۽ ائين هن چار پنج ڄڻن کي گولي هڻي ماري وڌو. اهو ڏسي حُرن بنگلي جي پٺئين پاسي کان مٿي چڙهي اچي کيس سوگهو ڪري ورتو. پوءِ هُن کي پيرن کان ڪات سان ڪپڻ شروع ڪيو، اُن دواران هُن پوليس جي سپاهين کي مدد لاءِ گهڻو ئي سڏيو پر پنهنجي سر جي خوف کان ڪو به سندس مدد لاءِ ڪو نه آيو.
حُرن جڏهن ڪات سان سندس عضوا ٿي ڪٽيا ته هُن اُنهن کي آزيون نيازيون پئي ڪيون ته مونکي هڪدم ماري ڇڏيو ۽ ائين عذاب ڏئي نه ماريو پر حُرن سندس هڪ نه ٻڌي، ائين سندس سنڌ سنڌ ڪات سان ڪپي کيس اُڦٽ ماري هليا ويا. جيئن ته ناظم جو لاش ته رهيو ئي ڪو نه هو، سو سپاهي هُن جي جسم جا وڍيل عضوا گڏ ڪري گوشت جي ڀريءَ وانگر چادر ۾ ٻڌي کڻي هليا ويا.
ٺري ميرواهه ۾ پيپلز پارٽيءَ وارن جو جلسو سڏايل هو، جنهن کي ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب خطاب ڪرڻ آيو هو. ڀُٽي صاحب جن جي اچڻ کان ٿورو اڳ مسٽر امداد الله اُنڙ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مان جلسي گاهه کان ٻاهر رستي تي سندن اچڻ جي انتظار ۾ بيٺا هئاسين. ڀُٽو صاحب جنهن مهل آيو ته امدادالله خان اُنڙ کي ڏسي ڪار روڪيائين ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهائڻ شروع ڪيائين. مان ان وقت ٿورو پري ٿي وڃي بيٺس ۽ خبر ناهي ته پاڻ ۾ ڇا ڳالهايائون. ڀُٽي صاحب جن پوءِ جلسي گاهه ۾ وڃي خطاب ڪيو ۽ بعد ۾ واپس هليو ويو. جلسي ۾ ڪافي ماڻهو شريڪ ٿيا هئا جو ان دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جو وڏو طوفان هو ۽ هر ننڍي خواهه وڏي تي ڀُٽي صاحب جو سحر ڇانيل هو ۽ هر زبان تي “جيئي ڀُٽو” جو ئي نعرو هيو. ايتريقدر جو جڏهن ڪنهن واهه جي ٽاپ سان لنگهبو هو ته ننڍا ٻار به واهه ۾ ٽپو ڏيندي “جيئي ڀُٽو” جو نعرو هڻي، پوءِ واهه ۾ ٽٻي هڻندا هئا.
ان وقت ۾ کاتيدارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي لاءِ قرضن ڏيڻ جي مهم هلندڙ هئي، جنهن لاءِ گشتي ٽيمون تعلقي جي مُکيه ڳوٺن ۾ وڃي سرزمين تي قرض ڏينديون هيون. ان مُهم جي معائني لاءِ ڊپٽي ڪشنر سيد سردار احمد صاحب تعلقه ميرواهه جي ڳوٺ بوزدار وڏا جو پروگرام رکيو. مون صاحب موصوف کي چيو ته پوءِ ٺريءَ به اچو ۽ مان اُتي منجهند جي مانيءَ جو بندوبست به ڪندس صاحب اهو قبول ڪيو.
مان کاڌي جو بندوبست، ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي شان مطابق ڪيو. جنهن مهل مانيءَ کانئڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب، امداد الله اُنڙ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب ۽ مان ٽيبل تي ويٺاسين ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب کاڌو ڏسي چيو ته ايتري تڪليف ڇو ڪئي اٿو، مختصر نموني ئي ڪرايو ها.(سيد سردار احمد چيف سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪيو ۽ هاڻي هُو سياست ۾ آيو آهي ۽ سنڌ ڪابينا ۾ وزير آهي).
سيد سردار احمد صاحب جي خيرپور ضلعي مان بدلي بعد آغا رفيق حسين صاحب ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو. 1970 جي عام انتخابات ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ميرواهه تعلقه مان الاهي بخش خان ٻانڀڻ، گمبٽ تعقله مان پير گل شاهه صاحب ۽ خيرپور تعلقي مان قائم علي شاه صاحب جن سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊجي آيا هئا.
ميرواهه تعلقي جي سيٺارجا ٽائون ڪاميٽيءَ جي آڪٽراءِ (چنگي محصول) جو ٺيڪو شاهه محمد ٻانڀڻ ۽ سيٺ ولي، جنهن کي سيٺارجا ۾ ڪاٽن فئڪٽري هئي، جو گڏجي کنيل هو. مان ان وقت سيٺارجا ٽائون ڪاميٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر هُئس. مٿئين ٺيڪيدارن ڏانهن آڪٽراءِ جون ڪجهه قسطون رهيل هيون، جي هو پيارڻ لاءِ آماده نه هُئا. مون هنن ڏانهن نوٽيس ڪڍيا ته ٻه قسطون پياريائون ۽ ٻين لاءِ اسٽي آرڊر وٺي آيا.
حاجي شاهه محمد ٻانڀڻ نه رڳو الاهي بخش ٻانڀڻ جو ذات وارو هو پر سندس تمام ويجهن ماڻهن مان هو. هُن پوءِ الاهي بخش ٻانڀڻ کي منهنجي خلاف وٺي ڀڙڪايو. اُن وقت تائين اڃان وزارت ڪانه ٺهي هئي. مان گشت ۾ بوزدار وڏا ويل هُئس ۽ وڏيري حسين بخش خان بوزدار جي اوطاق تي ترسيل هئس ته هن مونکي ٻڌايو ته الاهي بخش ٻانڀڻ منهنجي خلاف تعلقي ۾ درخواستون گڏ ڪندو ٿو وتي، جنهن تي مون چيومانس ته ڀلي وڃي گڏ ڪري.
پوءِ الاهي بخش ٻانڀڻ، سيد قائم علي شاهه، امداد علي شاهه ڄاموٽ ۽ پير گل شاه چارئي اسيمبلي ميمبر منهنجي خلاف ڪمشنر صاحب عبدالسميع قريشي A.Sami Qureshi وٽ وڃي شڪايت ڪئي ته مان ڏاڍو راشي آهيان ۽ مونکي ميرواهه تعلقه مان بدلي ڪري. ڪمشنر صاحب، ڊپٽي ڪمشنر آغا رفيق حسين کان منهنجي باري ۾ پڇيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب کين ٻڌايو ته مختيارڪار وصوليءَ جو ڪجهه سخت آهي، باقي ڪم صحيح پيو ڪري ۽ کيس هُن مان ڪابه شڪايت ڪانهي. ڪمشنر صاحب پوءِ ميمبرن جي وفد کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ته مختيارڪار جي خلاف ڪابه ڳالهه ڪونه ٿو ڪري، انهيءَ ڪري هو مختيارڪار جي بدلي نه ڪندو ۽ سڀ ميمبر نااميد ٿي موٽي آيا.
ڪمشنر صاحب وٽ وفد جي صورت ۾ منهنجي خلاف وڃڻ واري خبر، مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب، جيڪو ان وقت ڪمشنر صاحب جن وٽ اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) هو، کي ڪئي وئي، جنهن تي مون کين چيو ته مان ڍل جي بي باقي رپورٽ ڪيان ته پوءِ پاڻ وڃي ڪمشنر صاحب سان روبرو ملندس. A.Sami Qureshi ڪمشنر صاحب جڏهن لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته مان وٽس H.V.C (هيڊ ورنيڪيولر ڪلارڪ) طور زيردست رهي چُڪو هُئس.
ڍل جي بي باقي رپورٽ ڪرڻ بعد مان وڃي ڪمشنر صاحب سان مليس ۽ چيومانس ته وٽن منهنجي خلاف اسيمبلي ميمبرن جو وفد آيو هو، جنهن تي چيائون ته ها پر مُون کين جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته مختيارڪار جي بدلي نه ڪندس. مونکي ايترو وڌيڪ چيائين ته ڪنهن سان زيادتي نه ڪجانءِ. مان بعد ۾ کين حاجي شاهه محمد ٻانڀڻ جي آڪٽراءِ جي بقايا نه پيارڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ کيس ٻُڌايم ته نوٽيس بعد هُن رُڳو ٻه قسطون پياريون آهن ۽ ٻين قسطن لاءِ اسٽي آرڊر وٺي آيو آهي.
عام چونڊن جي تاريخ کان چار پنج ڏينهن اڳ عيد جو موقعو هو ۽ عيد جي ڏينهن کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ ڪمشنر محمد صديق صاحب تعلقه فيض گنج وزٽ ڪرڻ پئي ويو. مان هنڱورجا وٽ وڃي رستي تي بيٺس ته ڪمشنر صاحب اڳواٽ گُذري ويو ۽ ان جي پويان امداد الله خان اُنڙ ڊپٽي ڪليڪٽر پنهنجي گاڏيءَ ۾ پئي ويو ته هُن مونکي ڏسي گاڏي روڪي. مان کانئن پڇيو ته عيد تي ڳوٺ وڃان يا نه!؟ . هُن مونکي اجازت ڏني ته ڀلي وڃ. مان پوءِ پنهنجي ڳوٺ لاڙڪاڻي هليو آيس.
ڪمشنر صاحب فيض گنج تعلقو وزٽ ڪري واپسيءَ ۾ ميرواهه سان آيو ۽ اچي ٺريءَ نڪتو. اتي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب پڇا ڪئي ته مختيارڪار موجود آهي؟ اُن تي موجود ماڻهن مان ڪنهن ٻڌايس ته ها سائين، ٿوري دير ٿي جو هتي آيو هو ۽ چئو ته کيس ڪواٽر تان گهرائي وٺون، جو ڪواٽر ٺري شهر کان ٿورو پري هو، پر ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب کي ته خبر هُئي ته هن پاڻ ئي مونکي عيد تي ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏني هئي انهيءَ ڪري چيائين ته هاڻي هن کي نه گهرايو، باقي اوهان مان ڪنهن شهر واري پولنگ ڏٺي آهي ته اُها ڪمشنر صاحب کي هلي ڏيکاريو. ڪمشنر صاحب پوءِ پاڻ هلي پولنگ اسٽيشن ڏٺي، جتي مليل هدايتن مُطابق ووٽرن جي اچڻ جو رستو الڳ ۽ واپس وڃڻ جو الڳ ۽ بوٿ وغيره جو انتظام ڏسي مطمئن ٿيو ۽ ٺريءَ کان رستي ۾ هڪ ٻه پولنگ اسٽيشنز ڏاتو دستي ۽ ڪنهن ٻيءَ جو به معائنو ڪري مطمئن ٿيو.
مان جڏهن عيد گذاري موٽي آيس ته امداد الله خان اُنڙ مون کي اُها ڳالهه ٻڌائي هئي.
شاهه محمد ٻانڀڻ هيڏانهن الاهي بخش ٻانڀڻ کي منهنجي خلاف ورغلايو هو ۽ وري خيرپور وڃي مقصود احمد شيخ A.D.M صاحب وٽ منهنجي خلاف شڪايت ڪئي. شاهه محمد ٻانڀڻ مقصود احمد صاحب کي ڪجهه فرنيچر ٺهرائي ڏنو هو، انهيءَ ڪري هُو ان جي اثر هيٺ هيو، اهڙي شڪايت تي هُن مونکي پاڻ وٽ گهرايو. مان جيئن ئي سندس آفيس ۾ گهڙيس ته مون کي چيائين ته تنهنجي خلاف درخواست ٿي آهي ۽ ائين چوندي ميز جو خانو کولڻ لڳو ته ان دوران مون کيس چيو ته پوءِ موڪل جي درخواست لکي ڏيانوَ پر هُن اُن لاءِ انڪار ڪيو ۽ وڌيڪ ڪجهه ڪونه ڪڇيائين. مان پوءِ کانئس اجازت وٺي موٽي آيس.
اها ساري حقيقت مُون اچي امدادالله اُنڙ صاحب سان ڪئي، هو ٻن ٽن ڏينهن بعد ٺري ميرواهه آيو ۽ ترسيو به شاهه محمد ٻانڀڻ جي بنگلي تي ئي هيو جو انهيءَ وٽ شڪار ڪرڻ آيو هو. هن پوءِ شاهه محمد ٻانڀڻ کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته A.D.M مختيارڪار کي ڇا ڪندو، جو ڊپٽي ڪليڪٽر هُو پاڻ هو. جنهن تي پوءِ شاهه محمد ٻانڀڻ پاڻ اٿي اچي مونکي ڀاڪر پاتو ۽ قصو وڌيڪ ڊگهو نه ٿيو ۽ اُنڙ صاحب وٽن شڪار ڪري واپس ڪوٽڏيجي روانو ٿي ويو.
شاهه محمد ٻانڀڻ جي ڪري ڊاڪٽر امداد علي شيخ به پاسيرو ٿي ويو، هُو هڪ ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ آيو پر هيڊ منشيءَ جي آفيس ۾ ويهي هليو ويو. مان جڏهن ڪيس کنيون ۽ کيس گهرايو ته هو موجود ڪونه هو. مون سرشتيدار کي چيو ته فون ڪرينس ته اچي، پر نه آيو. پوءِ مون سرشتيدار کي چيو ته ٻڌائينس ته مان وارنٽ ڪڍندوسانس. هن جي ائين ٻڌائڻ تي اچي شاهدي ڏئي ويو.
جڏهن اليڪشن ٿي هئي ته ان جو نتيجو پولنگ اسٽيشن تان جيئن جيئن پهچندو پيو وڃي، اهو ڪنهن مهل مان ته ڪنهن مهل سيٽلمينٽ مختيارڪار مسٽر غلام مصطفيٰ جوکيو، جيڪو منهنجي ڀرسان ويٺو هو، اُهو ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن کي ٻڌائيندا پيا وڃون.
امداد الله خان جي بدليءَ بعد سائين بخش ڪلهوڙو صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو. مون ميرواهه تعلقي جي ڍل جي بي باقي رپورٽ آخري تاريخ 31 جولاءِ تائين ڏئي ڇڏي هئي پر ان تاريخ تائين ڪوٽڏيجي تعلقي جي مختيارڪار مسٽر الله بخش انصاري، جو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، ڪونه ڪري سگهيو هو ان ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب سائين بخش ڪلهوڙو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ته ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڍل جي وصوليءَ ۾ مدد ڪرايان. مان رات جو ڪوٽڏيجي پُهتس ته خبر پئي ته ٻه تپيدارڍل جا پئسا کائي ويا هئا ۽ اهي هُو جمع نه پيا ڪرائين،جنهن ڪري ئي تعلقي جي بي باقي رپورٽ رُڪيل هئي. مُون مختيارڪار کي چيو ته ٻه سپاهي هٿ ڪڙين سان گهراءِ ۽ هڪ تپيدار جي مائٽن ڏانهن توهان وڃو ۽ ٻئي تپيدار جي مائٽن ڏي مان وڃان ٿو ۽ ٻنهي کي ٻڌي وٺون ٿا، پر مختيارڪار صاحب کي رڳو هڪ سپاهي هٿ ڪڙين سان ملي سگهيو ۽ مون کي چيائين ته اُهو ساڻ ڪري هڪڙي تپيدار جي مائٽن ڏي وڃان. مون پنهنجو نائب رڪن جوڳي ساڻ کنيو ۽ پوءِ ان تپيدار جي ڪوٽوار، رڪن نائڪ ۽ سپاهيءَ کي ساڻ ڪري جيپ ۾ وڃي تپيدار جي ڳوٺ کان ٿورو پرتي رستي تي جيپ روڪي ۽ ڪوٽوار ۽ نائڪ رڪن کي تپيدار جي پيءُ کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. انهيءَ دوران مون ڪوٽوار جي پرپٺ سپاهيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته تپيدار جي پيءُ کي جيئن ئي هٿ ڪڙي هڻڻ لاءِ چوانءِ ته اُها رڳو کڙڪائجان پر هڻجانس نه، ته انهيءَ وچ ۾ نائڪ مون کي چوندو ته سائين هي عزت وارا ماڻهو آهن، هٿ ڪڙي نه هڻايوس ۽ پئسا صبح تائين اچي ويندا، باقي تپيدار جي پيءُ کي ڪوٽڏيجي ڀلي وٺي هلو. پوءِ ڪوٽوار ۽ نائڪ رڪن وڃي تپيدار جي پيءُ کي گهران وٺي آيا، مون هن کي چيو ته تنهنجو پٽ ڍل جا سرڪاري پئسا کائي ويو آهي، (مون اصل کاڌل رقم کان هن کي هزار کن وڌيڪ ٻڌايا) ۽ هن کي مٿين رٿيل ترتيب موجب ڪوٽڏيجي وٺي آيس ۽ اچي تعلقه هيڊ منشيءَ ڌڻي بخش شيخ حوالي ڪيم ته هن کي جيل ۾ نه وجهجان پر ٻاهر پوليس جي نظرداريءَ ۾ ويهاري ڇڏجانءِ. تپيدار جي پيءُ پوئتي پنهنجن مائٽن کي چيو ته پئسا کڻي صبح جو ڪوٽڏيجي پهچجو، جي هو کڻي آيا ۽ جيترا پئسا دراصل تپيدار غبن ڪيا هئا، اهي وصولي ڪري ٻيا وڌيڪ کانئن نه ورتا. مان تپيدار جي پيءَ کي وٺي پئي آيس ته ڏٺم ته ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب ٻئي تپيدار جي بدران سندس ضامن کي پاڻ سان جيپ ۾ وٺيون پئي ويو، جنهن گمبٽ مل تان تپيدار پاران کاڌل پئسن جيترا پئسا وٺي ڏنا. پوءِ اهي اچي ٺري ۾ خزاني ۾ 31.7 واري تاريخ ۾ جمع ڪرايا. ڇاڪاڻ جو ڪوٽڏيجي ۾ نئشنل بئنڪ جي بر انچ هئي جنهن ۾ اڳين تاريخ ۾ پئسا جمع نه پيا ڪرائي سگهجن. مان انهن پئسن پيارڻ لاءِ 13 ڏينهن سب ٽريئري کليل رکي ۽ اهو سمورو عرصو 13 تاريخ اڪائونٽ جا ڪتاب کليل رکيا ۽ 13 جون ڊيلي ڏينهن شيٽون گڏي هيڊ آفيس ٽريئري ڏي موڪليون.
قسمت جي طرفان شايد ته منهنجو ٺري ميرواهه ۾ داڻو پاڻي اچي پورو ٿيڻ وارو هيو جو آغا رفيق حسين ڊپٽي ڪمشنر صاحب ٺري وزٽ ڪرڻ جو پروگرام رکيو ۽ سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ کليل ڪچهري ڪيائين. ان بعد ويندي وقت مون کان پڇيائين ته ميرواهه تعلقه ۾ توکي گهڻو وقت ٿيو آهي. مون ٻڌايومانس ته سوا ٻه سال کن ٿيا آهن. پوءِ چيائين ته گمبٽ ايندين جو گمبٽ جو مختيارڪار غلام محمد ٻگهيو بيمار ٿي پيو هو ۽ ڊگهي موڪل تي هليو ويو هو ۽ تعلقو خالي پيل هو. مون صاحب موصوف کي چيو ته گمبٽ ته مونکي پاڻ وڌيڪ سٺو ٿيندو جو ريلوي مين لائين تي آهي ۽ ڪاڏي اچ وڃ ۾ وڌيڪ سهوليت ٿيندي. صاحب موصوف جن پوءِ ٻن چئن ڏينهن ۾ ئي منهنجو گمبٽ تعلقي مختيارڪار جو آرڊر ڪرايو. (منهنجي ان آرڊر ٿيڻ تي الاهي بخش ٻانڀڻ پريس ڪانفرنس سڏائي ته منهنجي مخالفت ڪرڻ باوجود مونکي خيرپور ضلع مان ڪڍيو ته نه ويو پر رهندو ميرواهه تعقلي کان به کيس سٺو تعلقو گمبٽ ڏنو ويو هو).
بهرحال مان 23.10.1971 تي ميرواهه تعلقي جي چارج ڇڏي تاريخ 25.10.1971 تي گمبٽ تعلقه مختيارڪار جي چارج وڃي ورتي. مان ميرواه تعلقي ۾ تاريخ 08.09.1969 کان 23.10.1971 تائين رهيس جو ڪنهن به تعلقي ۾ مختيارڪار ٿي رهڻ جو سڀ کان وڏو عرصو هو. مان گمبٽ تعلقي ۾ 25.10.1971 کان 20.07.1972 تائين مختيارڪار ٿي رهيس.
مختيارڪاريءَ واري عرصي دوران مُنهنجو ڏکئي ۾ ڏکيو وقت گمبٽ تعلقي ۾ ئي رهيو. عيد جو موقعو هو جو مان ڳوٺ هليو ويو هيس ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب الله ڏنو خان ميمڻ جن به عيد ملهائڻ ڳوٺ هليا ويا هئا. اتفاق اهو ٿيو جو کُهڙن ۾ سُنين پنهنجي عيدگاهه ۾ عيد نماز پڙهي پوري مس ڪئي ته اهل شيعت وارن ساڳي عيد گاهه ۾ پنهنجون نکون وڇائڻ شروع ڪيون، جنهن لاءِ ڪو به جواز ڪونه هو ۽ اهو پهريون دفعو هو جو هنن ائين ڪيو، جهن تي ٻنهي يعني اهل سنت ۽ اهل شيعت جي ڌرين وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. اهل شيعت وارا اڳ ۾ ئي منصوبو سٽي آيا هئا ۽ عيدگاهه لڳ فقير علي شاهه جي باغ ۾ لٺيون ۽ بانٺا ڪٺي ڪري رکيا هئائون.. فساد وڌندي ڏسي تعلقي هيڊ منشي ۽ ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ گمبٽ، جيڪو ان وقت ڊيوٽي تي موجود هو، ان هوائي فائرنگ ڪرائي ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو ۽ فون تي اهڙو اطلاع مون کي ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر الله ڏني خان ميمڻ صاحب کي ڏنو ۽ اسان ٻئي واپس گمبٽ پهتاسين. مان جنهن وقت پهتس ته ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آغا رفيق حسين صاحب ۽ D.I.G انيس الرحمٰن صاحب اڳ ئي اتي پهچي ويا هئا. D.I.G صاحب جن مُرڪي مونکي چيو ته هي ڇا ڪرايو اٿئي، جنهن تي مان چيومانس ته سائين مان ته هاڻي پهتو آهيان، وڌيڪ خبر ته اوهان کي ئي هوندي جو اوهان اڳ ئي پهتل آهيو.
اهل سنت وارن جي عيدگاهه کي چؤديواري ڏنل ڪانه هئي ۽ اهل شيعت وارن جو اصرار هو ته کين به عيدگاهه لاءِ پلاٽ ڏنو وڃي، حالانڪه کهڙا شهر اندر سندن لاءِ امام بارگاهه ۽ ان سان لڳ عيد نماز لاءِ ڪافي وڏو ميدان هيو، جتي هو عيد نماز پڙهندا ايندا هئا ۽ عيدگاهه لاءِ پلاٽ ملڻ لاءِ هيءَ سندن نئين ۽ غير مناسب تقاضا هئي، جنهن ۾ مُکيه ڪردار سيد امام علي شاهه هو ، جيڪو اهل شيعت وارن جو صدر هو. اهل سنت وارا اهل شيعت وارن کي ٻئي پلاٽ ڏيڻ جي خلاف هئا. انهيءَ تڪراري معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ڳالهيون هلنديون رهيون، جنهن ۾ اهل سنت طرفان امان الله قريشي، طيب الدين عباسي (رٽائرڊ مختيارڪار) ٻيا ۽ اهل شيعت وارن مان امام علي شاهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا.
منهنجي ڊيوٽي روزانو صبح جو گمبٽ مان کهڙا (جو ٻن ميلن جي پنڌ تي هيو) وڃي امن امان جي صورتحال ڏسي D.M صاحب کي فون تي پوزيشن ٻڌائڻي پوندي هئي. ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي موقف تي قائم هيون ۽ ان تان هٽڻ لاءِ تيار نه هيون. آخر 31.12.71 تي رات جو ٻنهي ڌرين جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته کهڙا ٽائون ڪاميٽي آفيس جي سامهون روڊ جي پرئين طرف جيڪو تمام وڏو ميدان پيل هو، جنهن ۾ کهڙا شهر جو گندو پاڻي اچي گڏ ٿيندو هو، ان مان اهل شيعت وارن کي چار گُهنٽا ايراضي ماپ ڪري عيدگاهه لاءِ ڏنو وڃي. اهڙي لکت ۾ ٺهراءَ تي ٻنهي ڌرين جي معزز ماڻهن، جيڪي ميٽنگ ۾ شريڪ هئا، صحيون ڪيون، باقي مخدوم نيڪ محمد سجاده نشين کهڙا درگاهه شريف ۽ پير گل شاهه ايم پي اي تعلقي گمبٽ جيڪي ان ميٽنگ ۾ شريڪ ڪونه ٿي سگهيا هئا، انهن ٻنهي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن مونکي چيو ته کانئن لکيل ٺاهه تي صحيحون وٺي ڇڏيان، جيڪو بعد ۾ مون ٻنهي ڄڻن کي ٺاهه جي حقيقت ٻڌائي کانئن صحيحون وٺي ڇڏيون.
مون بعد ۾ ٺاهه مطابق اهل شيعت وارن کي چار گهنٽه ايراضي ماپ ڪري ڏيڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي ۽ واسطيدارڌرين مان، جن جن ٺاهه تي صحيحون ڪيون هيون، انهن کي اهڙو ليٽر لکي اطلاع ڪيو ۽ چيو ته هو ماپ واري تاريخ تي سرزمين تي موجود هجن ته سندن روبرو ماپ ڪجي. مقرر تاريخ تي اهل شيعت وارن جو صدر امام علي شاهه ۽ ساڻن ٻيا سرزمين تي آيا پر اهل سنت وارن مان ليٽر ملڻ باوجود ڪو هڪ به ڪونه آيو، حالانڪ مخدوم نيڪ محمد، امان الله قريشي ۽ طيب الدين عباسي کهڙا شهر ۾ ئي رهندا هئا.
بهرحال مان پلاٽ مان چار گُهنٽا ايراضي ماپ ڪرائي، ان جو قبضو امام علي شاهه کي ڏئي کانئس اهڙي قبضي ملڻ جو لکت ۾ بيان وٺي ڇڏيو. امام علي شاهه کي جيئن ئي پلاٽ جو قبضو مليو ته هُن بيل گاڏيون، جيڪي اڳ ئي تيار بيهاري ڇڏيون هُئائين، اُنهن سان مٽي ڍورائي پلاٽ جي ڀرائي ڪرائي ڇڏي. هوڏانهن فقير علي شاهه ڇا ڪيو جو هڪڙو ننڍو علم پاڪ سندس باغ ۽ اهلسنت وارن جي عيدگاهه جي وچان ويندڙ ڪلاسي ٻن ڀرسان عيدگاهه ۾ هڻي ڇڏيو هو. هاڻي سوال اهو اڳيان آيو ته اُهو علم پاڪ اُتان ڪيئن ڪڍائجي. آخرڪار الله ڏني خان ميمڻ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب هڪ صغير ڇوڪر هٿان اهو علم عيدگاهه مان اکڙرائي ڪلاسي ٻن جي ٻئي طرف فقير علي شاهه جي باغ جي حد ۾ هڻائي ڇڏيو، جنهن تي ڪو به اعتراض ڪونه ڪيو ويو.
جڏهن اهل شيعت وارن ڏنل پلاٽ جو ٽڪرو مٽيءَ سان ڀرائي هموار ڪيو ته اهل سنت جماعت وارن وري اعتراض ڪيو ۽ سندُن چوڻ هو ته هو جڏهن رستو ڏئي ان پلاٽ وٽان گذرن ٿا ته اهل شيعت جا ماڻهو مٿن ٺٺولبازي ٿا ڪن. اهل سنت جماعت وارن جو اهڙو اعتراض هلندو ئي رهيو، جو اهل شيعت وارن راتو رات ان پلاٽ تي، جيڪو کهڙا پوليس چونڪيءَ جي بلڪل سامهون هو، ان تي هڪ وڏو علم پاڪ هڻي ڇڏيو، اهو پلاٽ ان حالت ۾ خالي ئي رهيو پيو هو ۽ عيدگاهه طور استعمال ڪونه ٿيندو هو. بعد ۾ عبدالوحيد ڪٽپر صاحب جڏهن وزير ٿيو تڏهن هن اهل شيعت وارن کي اهل سنت وارن جي پلاٽ جي ويجهو ئي عيدگاهه لاءِ پلاٽ منظور ڪري ڏنو ۽ ٻنهي فرقن پنهنجي پنهنجي عيدگاهه ٻاهران چوديواري کڻائي ڇڏي تڏهن وڃي معاملو ٺريو.
عام انتخابات ۾ باوجود ان جي جو شيخ مجيب الرحمٰن کي مجموعي طور اڪثريت سان قومي اسيمبليءَ جون سيٽون حاصل ٿيون هيون ۽ هن کي ان وقت جي صدر يحيٰ خان ڍاڪا ۾ پاڪستان جو پرائيم منسٽر به چئي چڪو هو پر ذوالفقار ڀُٽي صاحب، جنهن کي اولهه پاڪستان ۾ وڏي اڪثريت هئي، ان جي سخت مؤقف سبب شيخ مجيب الرحمٰن کي گڏيل پاڪستان جو وزيراعظم نه بڻايو ويو، جنهن تي اوڀر پاڪستان ۾ سخت ردعمل ٿيو ۽ ان تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ لکين جانيون ضايع ٿيون ۽ مسلمان عورتن جون لڄون مسلمانن هٿان لٽيون ويون. جنرل ٽِڪا خان ته بنگال ۾ وڃي ائين به چئي ڏنو ته اسانکي ماڻهو نه کپن پر اسانکي زمين کپي. جڏهن فوجي آپريشن شدت اختيار ڪري ورتي ته هندستان جي فوج ايسٽ پاڪستان ۾ بنگالين جي مدد واسطي داخل ٿي وئي ۽ ان سان گڏوگڏ ويسٽ پاڪستان جي بارڊر تي به لڙائي ڇڙڻ جو امڪان وڌي ويو. اهڙيون حالتون ڏسي بنگال ۾ بغاوت ڪُچلڻ لاءِ ويل پاڪستان جي جنرل عبدالله نيازي ڀارتي جنرل اروڙا آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ 90000 هزار فوجي گرفتار ٿي ويا ۽ ائين بنگلاديش عليحده ٿي ويو.
ويسٽ پاڪستان تي حملي جي امڪان ڪري هتي به حالتون گنڀير ٿي ويون ۽ هر تعلقه هيڊڪواٽر ضلعه هيڊڪواٽر خواه ڊويزنل هيڊڪواٽرن ۾ ڪنٽرول روم کوليا ويا ۽ بلئڪ آئوٽ شروع ٿيڻ لڳي. اهڙي طرح گمبٽ ۾ به منهنجي نظرداريءَ هيٺ ڪنٽرول روم کولي وئي، جيڪا 24 ڪلاڪ ئي کليل رهندي هُئي.
ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب ان دوران U.N.O ويل هيو، جنهن کي اتان واپس گهرايو ويو ته مون پنهنجي هيڊ منشيءَ علي حسن کي گهرائي چيو ته ڀُٽي صاحب کي اولهه پاڪستان جو صدر بڻائيندا، جنهن تي هن چيو ته سائين اوهان ائين ڪيئن ٿا چئو ته مون کيس ٻڌايو ته درگاهي منگي P.S.I ٺري ميرواهه ۾ مختيارڪاريءَ واري ڏينهن ۾ مونکي ٻڌايو هو ته ڀُٽي صاحب جڏهن فارين مان واپس آيو هو ته سکر جي شهر ۾ هڪ هٿ شناس کي هٿ ڏيکارڻ تي هن کيس ٻڌايو هو ته تون پاڪستان جو صدر ٿيندين ته ڀُٽو صاحب مُشڪي هليو ويو هو. پوءِ ٿيو به ائين جو ڀُٽي صاحب کي ملڪ جوصدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ڪيو ويو.
ڀُٽو صاحب پوءِ اڳتي هلي پاڪستان جو پهريون چونڊيل وزيراعظم بڻيو. ڪنٽرول روم ۾ ورڪر مسٽر قمرالدين عباسي جيڪو ان وقت ڪٿي جيلر هو ۽ ڳوٺ گمبٽ پئي آيو، ان کي وٺي پئي آيا جو بلئڪ آئوٽ باوجود پنهنجي ڪار جي بتي ٻاريون پيو اچي. هن ٻڌايو ته اوندهه ۾ سندس گاڏي هڪ کامي ۾ وڃي ڪري هئي ۽ سندس ڪپڙا لٽا سڀ گپ ۾ خراب ٿي ويا هئا، انهيءَ ڪري ئي هن گاڏيءَ جي بتي ٻاري هئي. هن جي حالت ڏٺم ته هن جي ڳالهه بلڪل صحيح هئي ۽ کيس چيم ته آئينده لاءِ خيال ڪجو جو ڏسو ٿا ته وقت نازڪ آهي. اهو مسٽر قمر الدين عباسي پوءِ لاڙڪاڻي جيل جو سپرنٽينڊنٽ ٿي آيو هو، ان وقت الهڏنه خان شيخ ۽ سندس ڀاءُ در محمد شيخ ڀُٽي صاحب جي عتاب هيٺ آيل هئا ۽ جيل ۾ هئا ته مان ساڻن ملاقات ڪرائڻ لاءِ مسٽر قمرالدين کي چيو جنهن چيو ته هونئن ته ملاقات D.M جي اجازت کانسواءِ ناهي ڪرائڻي پر اوهان رات جو اچجو ته سپاهي گڏي ڏيندوسانوَ ته هلي اوهان جي هن سان ملاقات ڪرائيندو. هُن پوءِ رات جو پنهنجو سپاهي گڏي ڏنو، جنهن هلي ٻنهي کي جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آڻائي ساڻن ملاقات ڪرائي.
بلئڪ آئوٽ باوجود گمبٽ جي رهواسي هڪ سول جج ورڪرن جي منع ڪرڻ باوجود گهر جون بتيون بند نه پئي ڪيون، جنهن ڪري مان پاڻ وڃي هن جي گهر جي بجليءَ واري لائين ڪٽرائي ڇڏي. ڀارت جي ويسٽ پاڪستان تي امڪاني حملي جي ڪري جنگ جي لاءِ فنڊ (War Fund) گڏ ڪرڻ لاءِ مٿان هدايتون آيون. ان مهم ۾ مان پاڻ سان هميشه پير گل شاهه جن کي جيڪو گمبٽ تعلقه مان پيپلز پارٽيءَ جو چونڊيل ايم پي اي (M.P.A) هو، ان کي کڻندو هئس. جيئن سڀاڻي مون تي ڪو آڱر نه کڻي ته (War Fund) ۾ غبن ڪيو آهي ۽ جنهن جنهن ان فنڊ ۾ پئسا پئي ڏنا ته ان جي رسيد به هن جي روبرو ڪڍي پئي ڏنم. ڪل 95000 هزار کن روپيا گڏ ڪيم ته هدايتون آيون ته وڌيڪ فنڊ نه وٺو. ان رقم ۾ 20000 روپيا ڪاٽن فئڪٽريءَ جي مالڪ جاجا ميان صاحب جن ڏنا هئا. هو ڏاڍو سخي مرد هو جو هن ايتري رقم ڪوٽڏيجيءَ جي مختيارڪار کي به ان فنڊ ۾ ڏني هئي جو هو تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي روينيو حد ۾ هيو پر امن امان جو ضابطو گمبٽ تعلقه جي پوليس اسٽيشن سان هيو، جو هن جي ڪاٽن فئڪٽري فقيرآباد ۾ گمبٽ ريلوي اسٽيشن جي پٽڙي جي بلڪل نزديڪ هئي. پيپلز پارٽيءَ جي اليڪشن جي ڪاميابي بعد سندس مل جي مزدورن کيس ڏاڍو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. جن کي انگشت هادي بخش لاڙڪ، جيڪو پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جو جنرل سيڪريٽري هيو، ان جي هئي ۽ عطا محمدچانڊيو جيڪو فقير آباد ۾ ئي رهندو هو ۽ ٻيو عبدالله نالي مزدورن جو اڳواڻ جاجا ميان صاحب کي تنگ ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري S.D.M صاحب، علي محمد خان ڊومڪي، D.S.P قاسم علي شاهه صاحب، مان ۽ S.H.O گمبٽ تجمل حسين امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪاٽن مل جي ٻاهران هڪ باغيچي ۾ ڪئمپ ڪيون ويٺا هوندا هئاسين. جاجا ميان صاحب نهايت شريف انسان ۽ معزز گهراڻي مان هو ۽ ان کي ايترو ته تنگ ڪيو ويو جو مزدورن سندس بنگلي ۾ ٽپڻ جو رٿيو، جنهن جي هن کي خبر پئجي وئي ۽ هن پنهنجي رائيفل لوڊ ڪري رکائي هُئي ۽ D.I.G صاحب انيس الرحمٰن کي ان کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو به مزدور سندس بنگلي ۾ ٽپيو ته هو کيس شوٽ ڪري ڇڏيندو.
جنهن بعد D.S.P _ S.H.O پوليس فورس سان اتي پهتا، S.D.M صاحب ۽ مان به اتي وياسين، پوءِ مزدور بنگلي جي ويجهو ئي ڪونه آيا. خبر ناهي ته مزدورن جي دل ۾ الائي ڇا هيو. هو مل تي قبضو ڪرڻ پيا چاهين، انهن جاجا ميان کي ايترو th پريشان ڪيو، جو ان باري ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ وقت بوقت ميٽنگ ٿيندي هئي. هڪڙي ميٽنگ هلندي جاجا ميان صاحب مل جون چاٻيون ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي ميز تي رکي چيو ته هي مل جون چاٻيون وٺو ۽ سندس جان ڇڏيو. جاجا ميان جي ڪاٽن مل ۾ جديد مشينري هوندي هئي ۽ ڪپڙي کان علاوه ان ۾ ڌاڳو گهڻو ٺهندو هو، جو ايڪسپورٽ به ٿيندو هو. هڪڙي ڏينهن D.S.P قاسم علي شاهه جو نوجوان پٽ آيو جنهن لاءِ D.S.P ٻڌايو ته سندس پٽ ڪاڏي (شايد ته ٻاهر ) ڪورس ڪرڻ پيو وڃي ۽ کانئس موڪلائڻ آيو هو پر سندس پٽ پيءُ کان موڪلائي واپس ويو پئي ته رستي ۾ ڪوٽ ڏيجي ڀرسان روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو.
ڀُٽو صاحب صدر ٿيو هو ته هن ممتاز علي ڀُٽي صاحب کي سنڌ جو گورنر ڪيو. هڪڙي رات ممتاز علي ڀُٽو رات جو 3 بجي خيبر ميل ۾ گمبٽ کان پاس ڪري وڃي رهيو هو ۽ گمبٽ اسٽيشن تي خيبر ميل جو اسٽاپ ڪونه هو. رات جو مان مِل تان ڊيوٽيءَ کان مس موٽي آيس ته تجمل حسين S.H.O اچي ٻڌايو ته مزدورن منصوبو جوڙيو آهي ته هو گمبٽ ريلوي پٽڙيءَ تي سمهي پوندا ۽ جيستائين ممتاز علي ڀُٽو گورنر صاحب ٻاهر اچي سندن مسئلا نه ٻڌندو تيستائين هو پٽڙي تان نه اٿندا. پوءِ مان ۽ S.H.O پوليس فورس ساڻ ڪري گمبٽ اسٽيشن تي پهتاسين ۽ مون S.H.O کي چيو ته هڪ سپاهيءَ کي مٿي ڏاڪڻ تي بيهاري کانئس اهو اعلان ڪرائي ته جيڪڏهن ڪو به مزدور پليٽ فارم تي ايندو ته ان کي شوٽ ڪيو ويندو. مون احتياطن هڪڙو سپاهي پٽڙي کان هيٺ ۽ هڪ مٿي ڪجهه مفاصلي تائين موڪلي خاطري ڪرائي ته اتي ڪو به مزدور پٽڙيءَ تي موجود ڪونه هو.
خيبر ميل 3 بجي گمبٽ اسٽيشن ڪراس ڪري وئي ته مون D.M تاج محمد قريشي صاحب کي فون تي ٻڌايو ته ٽرين خير خوبيءَ سان ڪراس ڪري آئي آهي، جنهن چيو ته اسانکي پنهنجي نوڪريءَ جو ڏاڍو فڪر هو پر خدا تعاليٰ جي مهرباني ٿي جو ٽرين پاس ڪري آئي. انهيءَ دوران ڪو هڪ به مزدور پليٽ فارم تي ڪونه آيو ۽ سندن اڳواڻ عبدالله ڪلاڪ کن ريلوي جي ڪاڪوس ۾ لڪيو ويٺو رهيو.
بلئڪ آئوٽ واري عرصي دوران افواهه به ڏاڍا ڦهلايا ويندا هئا، جيئن ته ائين ڦهلايو ويو ته پير ڪٽپر اسٽيشن تي بم ڪيرايو ويو آهي پر حقيقت جاچڻ بعد معلوم ٿيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. گمبٽ اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر خيرپور ڪنٽرول روم کي ٻڌايو ته اسٽيشن جي ڀرسان پئراشوٽ تي ماڻهو لٿا آهن جنهن جي انڪوائري ڪرڻ S.P خيرپور آغا محمد علي صاحب پڻ آيو پر جانچ مان کيس خبر پئي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي پر حقيقت اها هئي جو اسٽيشن جي ڀرسان پاڻيءَ جو وڏو ڍورو هو، جنهن تي ڪجهه اڇا پکي اچي لٿا هئا، جن کي اسٽيشن ماسٽر Parachute سمجهي هڪدم کڻي ڪنٽرول روم کي غلط اطلاع ڪيو هو ڇاتا بردار لٿا آهن.
20 ڊسمبر 1971 تي بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ بعد يحيٰ خان استعيفا ڏني ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿيو. هن 13.03.1972 تي تمام گهڻا سرڪاري ملازم (جن ۾ مٿين گريڊن جا آفيسر توڙي ننڍا ملازم هئا) انهن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو. اهي سڀ گهڻو ڪري زميندارن جي ذاتي دشمنيءَ ڪري ۽ ڪجهه ڪرپٽ آفيسر خراب ريپوٽيشن ڪري به برطرف ڪيا ويا هئا، جن جا نالا زميندارن کا پڇيا ويا هئا. عبدالحميد جتوئيءَ لاءِ ٻڌڻ ۾ ائين به آيو هو ته هن کان جڏهن ڪامورن جا نالا پڇيا ويا ته هُو ان وقت غسلخاني ۾ هو ۽ هن اتان ئي پئي نالا ڏسيا ۽ دادو ضلعي مان گهڻائي آفيسر برطرف ڪرايا.
برطرف ڪيل آفيسرن ۾ مسٽر محمد هاشم ميمڻ جنهن کي 06.03.1972 تي ڪمشنر خيرپور جي آفيس ۾، جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر هو ان کي پروموشن ڏئي خيرپور ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ڪيو ويو هو، تنهن کي به هفتي بعد 13.03.1972 تي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو هو ۽ الهڏنو خان ميمڻ ڊپٽي ڪليڪٽر خيرپور سب ڊويزن کي به برطرف ڪيو ويو هو پر جيئن ته ٻئي آفيسر نهايت ايماندار هئا، انهيءَ ڪري قائم علي شاهه، هادي بخش لاڙڪ ۽ ڪن ٻين خيرپور جي پيپلز پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن ڀُٽي صاحب کي (جو ان وقت لاڙڪاڻي آيل هو ) وڃي چيو ته اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪندوءُ ته پارٽيءَ جي ڏاڍي بدنامي ٿيندي. جنهن تي ڀُٽي صاحب برطرف ٿيل آفيسرن کي اپيل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. بعد ۾ ٻئي يعني محمد هاشم ميمڻ صاحب ۽ الله ڏنو ميمڻ صاحب ترت ئي نوڪريءَ تي بحال ڪيا ويا.
جنهن وقت قائم علي شاهه ۽ ٻيا ڀُٽي صاحب وٽ لاڙڪاڻي ويا هئا ته خيرپور ڊويزن جو ڪمشنر صاحب A.Sami Qureshi به اتي اڳ ئي موجود هو، جنهن پڻ انهن ٻنهي آفيسرن جي ايماندار هجڻ جي تصديق ڪئي هئي. ڀُٽي صاحب اڳتي هلي ڊويزنل هيڊ ڪواٽر خيرپور کي ختم ڪري سکر کي ڊويزنل هيڊ ڪواٽر مقرر ڪيو.
ڪمشنر صاحب جڏهن لاڙڪاڻي کان واپس خيرپور آيو ته مان ساڻس ملڻ ويو هيس ته مونکي ٻڌايائين ته هُو پنهنجو سامان پئڪ پيو ڪرائي ۽ کيس سندس پوسٽنگ آرڊر جي به ڪا خبر ڪانهي. خيرپور ڊويزنل هيڊ ڪواٽر ختم ٿيڻ تي نئين آيل ڊپٽي ڪمشنر تاج محمد قريشي صاحب کي ڪمشنر وارو بنگلو ۽ S.P خيرپور کي D.I.G وارو بنگلو ۽ نئين آيل ڊپٽي ڪليڪٽر کي S.P وارو بنگلو ڏنا ويا ۽ محمد هاشم ميمڻ ۽ الله ڏنو خان ميمڻ پنهنجن ساڳين بنگلن ۾ رهيا پيا هئا.
وڏيري پير بخش تُنيي پنهنجي هارين کي، جيڪي ذات جا گهڻو ڪري سڀ ڪلهوڙا هئا، انهن کي هارپ تان بيدخل ڪيو هو، جنهن جي خلاف متاثر هارين مون وٽ ٽيننسي ائڪٽ هيٺ درخواست ڪئي. مان سرزمين تي وڃي انڪوائري ڪئي ۽ گهوڙي تي چڙهي اهي سڀ سروي نمبر به ڏٺا جن تان هاري بيدخل ڪيا ويا هئا ۽ بيدخل ٿيل سروي نمبرن جي هارين ۽ ڀرپاسي جي هارين جا بيان به ورتا، جن مان صاف ظاهر پئي ٿيو ته هارين سان زيادتي ٿيل هئي ۽ هُو انهن سروي نمبرن جا حقيقي هاري هئا. مان سرزمين ڏسي واپس پئي آيس ته سوڀيديري ڀرسان واٽر ڪورس جي ريگيوليٽر وٽ پير بخش تُنيو وڏيرو (هو مون وٽ ايندو ڪندو هو) گڏيو، جنهن چانهه جو بندوبست ڪيو هو ۽ گهڻي اسرار ڪري مان سندس چانهه پيتي ۽ کيس بيان ڏيڻ لاءِ چيم. جنهن چيو ته هو سُڀاڻي گمبٽ اچي بيان ڏيندو. مون کيس چيو ته ناشتو مون وٽ اچي ڪجانءِ. هُو صبح جو مون وٽ جاءِ تي آيو ۽ چيائين ته اوهان سان ڪجهه مخفي ڳالهائڻو آهي. پوءِ اندر ڪوٺي ۾ وياسين ته هن مونکي هادي بخش لاڙڪ، جيڪو پيپلز پارٽيءَ خيرپور ضلعي جو جنرل سيڪريٽري هو، ان جو خط ڏنو جنهن ۾ هن سندس (وڏيري پير بخش) جي پارت لکي موڪلي هئي. خط سان گڏ هن مونکي پئسا به ڏنا، جي مون کانئس نه ورتا ۽ مان ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪتس ته هُو به منهنجي پٺيان ٻاهر نڪري آيو. پوءِ اسان ناشتو ڪري ٻئي آفيس ۾ وياسين جتي مون سندس جيڪو بيان هيو، اهو لکي کانئس صحيح ڪرائي ان کي وڃڻ جي اجازت ڏني. مان ته سرزمين تي ئي ڪيل انڪوائريءَ مان اڳ ئي انهيءَ نتيجي تي پهچي چڪو هيس ته هارين کي بي واجبي بي دخل ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري مون فيصلا هارين جي حق ۾ ڪيا.
شام جو آفيس کان واپس آيس ته انهيءَ ڏينهن مونکي پگهار جي تفاوت جا پئسه اڍائي هزار کن روپيا مليا هئا. اهي مان وهاڻو مٿي کڻي اُن جي هيٺان پئي رکيا ته ڏٺم ته وهاڻي هيٺان اڳ ئي ڪي پئسا پيا هئا، جي ڳڻيم ته چوڏنهن سو هئا، جن لاءِ پڪ ٿي ته اهي وڏيري پير بخش ئي منهنجي ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪرڻ بعد پٺيان رکيا هوندا. مون پوءِ عبدالله لاڙڪ سپروائيزنگ تپيدار جيڪو هادي بخش لاڙڪ جو عزيز هو، ان کي گهرائي اهي پئسا ڏنا ته اُهي وڃي هادي بخش لاڙڪ کي ڏئي ۽ ٻڌائيس ته اُهي پئسا وڏيرو پير بخش تُنيو رکي ويو هو، هادي بخش لاڙڪ ان ڳالهه تي مون تي ڪاوڙيل هيو.