آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

تعلقي مختيارڪار شاهبندر (ضلعه ٺٽو)

ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر خيرپور سب ڊويزن مسٽر الله ڏنو خان نوڪريءَ تان لٿل هو ۽ نئون ڊپٽي ڪليڪٽر اڃا مقرر ڪونه ٿيو هو ۽ سب ڊويزن جي چارج آغا الله ڏني خيرپور جي مختيارڪار کي هئي، جو هادي بخش لاڙڪ جي ويجهن ماڻهن مان هو. پير بخش تونيه منهنجي ڪيل آرڊرن خلاف اُن وٽ اپيل ڪئي ۽ کيس 6000 روپيا ڏئي منهنجا آرڊر رد ڪرائي پنهنجي حق ۾ فيصلا ڪرايا.
يحيٰ خان پنهنجي صدارت واري ٽائيم ۾ ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ سڀني (چئني) صوبن جي اصلي حيثيت بحال ٿي چڪي هئي ۽ جيئن ئي سنڌ وزارت ٺهي ته قائم علي شاهه روينيو کاتي جو وزير ٿيو، جنهن وزير ٿيندي ئي مونکي گمبٽ تعلقه مان بدلي ڪري شاهبندر تعلقي جو مختيارڪار ڪيو دراصل اهو ڪم کانئس هادي بخش لاڙڪ ئي ڪرايو هو جو قائم علي شاهه اٿندو ويهندو ئي هن جي چوڻ تي هئو. قائم علي شاهه مشهور ائين ڪرايو ته پير گل شاهه (گمبٽ تعلقه مان چونڊيل ايم پي اي) منهنجي خلاف هو، ان ڪري هن منهنجي بدلي ڪرائي هئي. منهنجو عيوضي اڃا مقرر ڪونه ٿيو هو پر مان چارج ڇڏي آيس ۽ جاءِ تي ويٺو هيس ته پير گل شاهه ۽ مخدوم نيڪ محمد مون وٽ جاءِ تي آيا. ان وقت ورانڊي ۾ مون وٽ محسن راڻيپور وارو ۽ رسول بخش شيخ عريض نويس ويٺل هئا. پير گل شاهه مونکي چيو ته اوهان سان ڪجهه مخفي ڳالهائڻو آهي پر مون چيومانس ته پير صاحب خلاصو ڇا ڳالهائبو هتي به مختيارڪار هئس ۽ شاهه بندر به مختيارڪار ئي ٿي وڃان ٿو. پوءِ هو ۽ مخدوم نيڪ محمد ٻئي هليا ويا. مان 20.07.1972 تي گمبٽ تعلقه جي چارج ڇڏي هئي. ڀُٽي صاحب سرڪاري ملازم 13.03.1972 تي برطرف ڪيا هئا، جن ۾ محمد هاشم ميمڻ صاحب ۽ الله ڏنو خان ميمڻ صاحب به هئا.
13.03.1972 کان 20.07.1972 جي عرصي دوران مان جڏهن ڪنهن ميٽنگ يا ٻئي ڪم ڪار سانگي خيرپور ويندو هئس ته مٿين ٻنهي صاحبن سان ضرور ملندو رهيس ۽ ڪافي دير تائين وٽن ويهندو هئس. ٻنهي جا بنگله هڪ ٻئي جي سامهون هوندا هئا ۽ وچ ۾ رڳو رستو هوندو هو. محمد هاشم ميمڻ صاحب جن ته خود هڪ دفعي اهڙو اظهار به مون لاءِ ڪيو هو ته اهو واحد شخص ئي هيو جو نوڪريءَ مان لٿل عرصي دوران هنن وٽ ايندو هو پر خيرپور جو ڪو به ٻيو ماڻهو ڪونه ايندو هو. مان گمبٽ تعلقي جي چارج ڇڏي 24.07.1972 تي شاهبندر وڃي چارج ورتي. مان گمبٽ ۾ ئي هئس جو مسٽر محمد هاشم ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب (جنرل) مونکي چيو ته ڀُٽي صاحب صدر وٽ سفير ۽ ٻيا مهمان اچڻا آهن جن کي هُو گمبٽ جا کيس تحفي ۾ ڏيڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري گمبٽ مان کيس کڻائي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪل ته هو پسند ڪري. گمبٽ ۾ حاجي صاحب ميمڻ جيڪو کيسن جو ڪاروبار ڪندو هو مان اُن کان ٻن چئن قسمن جا کيس گهُرائي ڪمشنر صاحب A.Sami Qureshi ڏانهن پسند ڪرڻ لاءِ موڪليا. هن پوءِ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 100 روپيا وارا 100 کيس لاڙڪاڻي موڪلڻ لاءِ چوائي موڪليو. پوءِ مون حاجي صاحب کيسن جي مالڪ کي چيو جو 100 کيس کڻي وڃي. ان وقت جي ڪليڪٽر مسٽر عبدالوهاب شيخ جن کي ڏئي. جنهن پوءِ 10،000 روپين جو چيڪ حاجي صاحب جي نالي ڏياري موڪليو. اهي کيس توڙي جو گهٽ ۾ گهٽ قيمت وارا هئا ته به ڏاڍا سُٺا هئا. اڄ ان وقت وارو 100 روپئي وارو کيس 500 روپين کان گهٽ نه ملندو.
مان جڏهن شاهبندر تعلقي جي چارج ورتي ته ڊپٽي ڪليڪٽر سجاول سب ڊويزن (شاهبندر تعقله به ان سب ڊويزن ۾ هو) مسٽر اشفاق احمد عباسي صاحب ۽ ضلعي ٺٽي جو ڪليڪٽر مسٽر علي محمد شيخ صاحب هو. تعلقه هيڊ ڪواٽر لاڏيون هو پر مان اڪثر ڪري چوهڙ جماليءَ ۾ رهندو هوس، جو لاڏيون ڄڻ ٻهراڙي هيو ۽ ان ۾ ڪي چند گهر هئا پر چوهڙ جمالي ڪجهه چڱو شهر هو ۽ واپار وڙو به اتي چڱو ٿيندو هو. لاڏين کان ٿوري پنڌ تي محمد يوسف خان چانڊيو جو ڳوٺ هو پر هو پاڻ اڪثر ڪري ٺٽي ۾ رهندو هو. سندس ڀاءُ باگو خان ۽ پٽ محمد موسيٰ خان پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي رهندا هئا ۽ سندن واسطو مسلم ليگ سان هوندو هو پر ڪنهن ڪم ڪار لاءِ ايندا هئا ته مان سندن ڪم ڪري ڏيندو هيس. حالانڪه اهو دور پيپلز پارٽيءَ جي عروج واور دور هو. انهيءَ ڪري هو مون مان مڙئي راضي هوندا هئا. محمد خان سومرو صاحب ان وقت وزير هيو، هڪ دفعي هُو چوهڙ جمالي جي دوري تي آيو ۽ بنگلي تي ترسيل هو ته مان به ان وٽ ويٺو هئس. S.P ٺٽو به هن سان گڏ آيل هو. عبدالستار ڪيهر، جيڪو اصل ويٺل ڪيهرن جي ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي جو هيو پر شاهبندر تعقله ۾ ڇڇ جهان خان ڳوٺ ڀرسان هن زمينون ورتيون هيون ۽ ان ڳوٺ ۾ ئي اڪثر ڪري رهندو هو. اهو به وزير صاحب محمد خان سومري سان ملڻ چوهڙ جمالي بنگلي تي رسيو. هو ڏاڍو دلير هو ۽ وزير صاحب سان به ڇڙين هٿين محمد خان _ محمد خان ڪري ڳالهائي رهيو هو. ائين ڪندي ڪنهن ماڻهوءَ منهنجي خلاف وزير صاحب کي اچي درخوست ڏني. جا وزير پڙهي ته عبدالستار ڪيهر اها درخوست کانئس وٺي پڙهي ۽ درخواست ئي ڦاڙي ڇڏي پر وزير صاحب ڪجهه ڪونه ڪُڇيو.
مان گشت ۾ هڪ دفعو ڇڇ جهان خان به ويو هئس. شاهبندر تعقلي ۾ نانگن جو وڏو آزار هوندو هو. هڪ دفعي رات جو ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب لاڏين ٿاڻي تي منهنجي لاءِ فون ڪئي ته ان کي گهرايو ته ساڻس فون تي ڳالهايان جو تعلقي آفيس ۾ فون ڪانه هئي. مان فون تي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب سان ڳالهائي صوبيدار رانجهاڻيءَ سان گڏ ڪمري مان نڪتس ته ورانڊي ۾ وڏو نانگ ويندي ڏٺو جو شايد کڙڪي ٻڌڻ تي موٽي اسان ڏي اچڻ لڳو ۽ اسان تڪڙا وڃي ڪمري ۾ ميز تي چڙهي بيٺاسين. صوبيدار پوءِ سپاهين کي سڏ ڪيو، جن اچي نانگ ماريو. نانگن جون ڪيتريون ڳالهيون ڪجن جو اهي کٽڻ جون ناهن، جوڳي نانگ ڦاسائي بگليون ڀري ويندا ها ته به کٽڻ جا نه هئا.
هڪڙي دفعي مان ستاواه جي ڀرسان سرزمين ڏسڻ ويس ته سپروائيزنگ تپيدار کي چيم ته واهه تي ڪو ڪوٽوار بيهاري ڇڏ ته ڪا گاڏي اچي ته اها روڪي ته اُن ۾ واپس هلئون. مان سرزمين ڏسي موٽڻ وارو ئي هيس ته ڪوٽوار اچي ٻڌايو ته رئيس کي بيهاري آيو آهيان. مان آيس ته ڏٺم ته محمد يوسف خان چانڊيو پاڻ گاڏيءَ ۾ ويٺو هو. مون چيومانس ته سائين توهان تڪليف ڇو ڪئي جنهن تي چيائين ته مونکي اوهان سان ملڻ جو شوق هيو جو کيس سندس ڀاءُ ۽ پٽ ٻڌائيندا آهن ته هن دور ۾ به اوهان اسانجا ڪم ڪندا آهيو. وڌيڪ ٻڌايائين ته هُن قائم علي شاهه کي منهنجي نالي چيو هو ته هن کي ڪا سهوليت واري جاءِ ڏيو ها پر گسائي ويو ۽ چيائين ته سندس پرموشن ٿيڻ وارو آهي. چوهڙ جماليءَ ۾ محمد الياس ميمڻ اچي ڪچهري ڪندو هو. هُو بيمار ٿي پيو ۽ اچي اسپتال داخل ٿيو. مان ڪراچيءَ ۾ هيس، کانئس سندس طبيعت پڇڻ ويو هيس پر ويچارو وفات ڪري ويو.