آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

تعلقه هيڊ منشي رتوديرو

پوءِ مان اهڙو آرڊر وٺي تاريخ 18 آڪٽوبر 1955ع تي رتيديري تعلقه هيڊ منشيءَ جي چارج وڃي ورتي. اتي رتيديري ۾ ٿورو عرصو ئي رهيس ته اتان وري عقيلي صاحب بدلي ڪري هيڊ آفيس لاڙڪاڻي ۾ سيڪنڊ ڪلارڪ ڪري رکيو، جا هڪ پاسيري ۽ سزا واري پوسٽ هئي، جنهن ڏينهن اهو آرڊر پهتو ته ڊپٽي ڪليڪٽر غلا محمد سومري صاحب جي منزل رتيديري ۾ ئي هئي، جنهن پنهنجي هيڊ منشيءَ الهوسائي خان مهر کي چيو ته جيڪڏهن محمد عليءَ کي پنهنجو مختيارڪار D.O Letter ڏئي ته هو ان تي سفارش ڪري ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن موڪلي ته جيئن سندس بدلي بند ٿئي. ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب ته پوءِ منزل پوري ڪري واپس لاڙڪاڻي هليو ويو. مون اها ڳالهه مختيار صاحب سان ڪئي، جنهن منهنجي بدلي بند ڪرڻ لاءِ D.O Letter صحيح ڪري ڏنو. اهو مان پوءِ پنهنجي پٽيوالي گلڻ ابڙي کي ڏنو ته لاڙڪاڻي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن ڏانهن کڻي وڃي پر جيئن ته صاحب موصوف گشت ۾ ڏوڪريءَ هليو ويو هو، انهيءَ ڪري پٽيوالو ڏوڪريءَ ويو ۽ اهو D.O Letter کيس پهچايو، جنهن تي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب پنهنجي سفارش نامون، لفافي ۾، بند ڪري گلڻ پٽيوالي کي ڏنو ۽ کيس اها به هدايت ڪيائين ته اهو سڌو وڃي ڪليڪٽر صاحب (عبدالله خان چنه) وٽ پهچائي نه ته دفتردار صاحب مون کان چارج ڇڏرائي ڇڏيندو.
گلڻ پٽيوالي پوءِ ايئن ئي ڪيو ۽ سموري حقيقت اچي مون کي ٻڌائي. مان منجهند جي وقت پير بخش خان گهانگهري جي بنگلي تي وٽس ويٺو هوس ته کيس دفتردار صاحب فون تي چيو ته مون کي چوي ته مان ساڻس عقيلي صاحب سان فون تي ڳالهايان. پير بخش خان ٻڌايس ته مان وٽس ئي ويٺو آهيان. پوءِ عقلييءَ صاحب مون کي فون تي چيو ته تون چارج نه ڇڏجانءِ. ان مان مون اندازو لڳايو ته شايد ڪليڪٽر صاحب منهنجي بدلي بند ڪئي آهي، پر پوءِ شايد دفتردار صاحب ڪليڪٽر صاحب جن کي روبرو وڃي ڪجهه چئي ڪري منهنجو سيڪنڊ ڪلارڪيءَ وارو ئي نڪتل آرڊر بحال ڪرايو ۽ مان انهيءَ ڪري رتيديري مون چارج ڇڏي لاڙڪاڻي 14.03.56 تي سيڪنڊ ڪلارڪيءَ جي چارج ورتي. جتان مان 30.05.56 کان 05.08.56 تائين موڪل تي ويس ۽ موڪل تان موٽڻ کان پوءِ وري به مون کي ساڳي جاءِ تي سيڪنڊ ڪلارڪيءَ واريءَ پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. 06.08.56 تي اتي اچي چارج ورتي ۽ 29.08.56 تائين اتي رهيس. انهيءَ وچ ۾ عبدالعليم عقيلي صاحب لاڙڪاڻي مان بدلي ٿي ويو، تڏهن وڃي ان مان منهنجي جان ڇٽي. مون ايئن تاريخ 7.7.55 کان وٺي 29.8.56 تائين رولڙن ۾ گذاريو.
عقيلي صاحب جي بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪرم الله شاهه صاحب جن دفتردار ٿي آيا، جنهن کي پير بخش گهانگهري چئي منهنجي بدلي ڪرائي رتيديري هيڊ منشي ڪري رکرايو، جو ڪرم الله شاهه صاحب جن جڏهن رتيدري ۾ مختيارڪار هئا ته پير بخش خان جو ساڻن گهاٽو رستو هو، انهيءَ ڪري شاه صاحب هن جي چوڻ کي سدائين مان ڏيندو هو ۽ ڪڏهن به کيس نااميد نه ڪندو هو. مان تاريخ 30.08.56 تي رتيدري تعلقه هيڊ منشيءَ جي وڃي چارج ورتي.
هڪڙي ڏينهن مان هڪ دڪان تان ڪجهه خريداري ڪري رهيو هوس ته اتي بيٺل ٻين گراهڪن مان هڪ ڄڻي اچي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين ته مان کيس سڃاڻان ٿو، پر مون انڪار ڪندي چيومانس ته کيس ڪونه ٿو سڃاڻان. پوءِ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي چيائين ته سندس نالو فرمان علي ابڙو آهي ۽ هن وقت ائڊيشنل ايڪسائيز ۽ ٽيڪس آفيسر آهي. وڌيڪ ٻڌايائين ته گل محمد ابڙي جو پٽ آهي. سندس پيءُ مون وٽ رتيديري ۾ پٽيوالو هوندو هو. هُو ان وقت ننڍو هوندو هو. هن ٻڌايو ته جڏهن هُو پنهنجي پيءَ کان خرچي گهرندو هو ته اهو نه ڏيندو هو، پوءِ توهان مون کي خرچي ڏيندا هئا. رتيديري تعلقي ۾ مان 5 دفعا تعلقه هيڊ منشي ٿي رهيس.
• 04.04.55 کان 04.05.55 تائين
• 30.08.56 کان 10.06.57 تائين
• 18.10.55 کان 10.03.56 تائين
• 26.08.57 کان 21.09.57 تائين
• 21.03.68 کان 22.06.68 تائين
منهنجي وقت ۾ پنج تعلقه مختيارڪار صاحب آيا.
1. مهراب خان مهر 2. سائين بخش ڪلهوڙو 3. هادي بخش شيخ 4. محمد عثمان ميمڻ 5. ڪمال الدين شيخ
ڀٽن صاحب وٽ هڪڙو رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار رکيل هو، جيڪو روينيو کاتي توڙي ٻين کاتن ۾ سندن ڪمن لاءِ ايندو ڪندو هو. سياري جي موسم ۾ هو مختياڪار صاحب ۽ هيڊ منشيءَ لاءِ حلوي جا ٻه ٽي دٻا کڻي ايندو هو ۽ تحفي طور ڏئي ويندو هو. حلوو رنگ جو بلڪل ڪارو هوندو هو، جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته ڀُٽا صاحب خاص طور اهو ڪوئلي مان ٺهرائيندا آهن.

*