آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

هيڊ ڪلارڪ ٽو پي _ اي _ ريهئبليٽيشن برانچ لاڙڪاڻي هيڊ آفيس

مون کي قمبر تعلقي هيڊ منشيءَ جي پوسٽ تان ٻه دفعا بدلي ڪيو ويو ته ٻئي دفعا Head clerk to P.A. to collector ريهئبليٽشن برانچ ۾ ڪري رکيو ويو هو.
1. 25.06.1954 کان 16.08.1954 تائين
2. 20.11.1954 کان 31.01.1955 تائين
مسٽر هدايت الله ابڙو P.A. to Collector هو. هو به ڪپڙي پائڻ جو شوقين هوندو هو. اها عادت منهنجي به هئي، جنهن جو ذڪر مان اڳي به ڪري آيو آهيان. هڪڙي ڏينهن مسٽر هدايت الله ابڙو P.A نئون ڪپڙو پڪ ۽ پڪ نڪتو هو، ان جو فل سوٽ (پئنٽ ۽ ڪوٽ) پائي آيو هو. اتفاق اهو ٿيو جو مان به ان ڏينهن پڪ ۽ پڪ ڪپڙي جو فل سوٽ پائي ويو هيس. هن جو ڪپڙو 65 رپيا في وال هو ۽ مون وارو 85 رپيا في وال هو.
شفيع محمد شاهه ان وقت پروبيشنري مختيارڪار هو ۽ هدايت الله خان جو دوست هو. جيئن ته مان هن جي آفيس ۾ ئي هيڊ ڪلارڪ هوس، انهيءَ ڪري منهنجي به شفيع محمد شاهه سان چڱي دعا سلام هئي.
هدايت الله خان ۽ مان ٻئي ورانڊي ۾ اس تي بيٺا هئاسين ته شفيع محمد شاهه به اچي نڪتو. اسان ٻنهي جا ڪپڙا ڏسي هدايت الله کي چيائين ته تون P.A آهين ۽ منهنجي لاءِ چيائين ته هو تنهنجو هيڊ ڪلارڪ آهي، پر هن جو فل سوٽ ڏس ته تنهنجي فل سوٽ کان سٺو آهي. شفيع محمد شاهه صاحب مون کان پڇيو ته اهو ڪپڙو ڪهڙي اگهه تي مليو اٿو ته مون 85 رپيا وال ٻڌايومانس، تنهن تي چيائين ته توکي مهانگي اگهه تي دڪاندار ڏنو آهي. مان ته پوءِ اندر وڃي آفيس ۾ ويهي رهيس. هدايت الله ابڙو ۽ شفيع محمد شاهه ورانڊي ۾ ئي ڪچهري ڪندا رهيا. شفيع محمد شاهه الائي ڇا تي انور عادل صاحب ڪليڪٽر سان ڳنڍجي پيو، هن جنهن تي سندس خلاف رپورٽ ڪري نوڪريءَ مان ئي برطرف ڪرائي ڇڏيو. ايئن هن جو مستقبل تباهه ٿي ويو. مسٽر هدايت الله خان ابڙو ڦوهه جوانيءَ ۾ 1958 ۾ وفات ڪري ويو.
مان پنهنجي لاءِ توڙي پنهنجن ٻارن لاءِ ڪپڙو اڪثر ڪري ٽن دڪانن تان وٺندو هوس، جيڪي حاجي محمد پيادل شيخ، گل محمد شيخ ۽ حاجي جان محمد شيخ جا هئا. مون جنهن دڪاندار کان اهو “پڪ ۽ پڪ” ڪپڙو خريد ڪيو هو ته ان کي وڃي ميار ڏني ته منهنجو توتي ڪيترو ڀروسو هوندو هو جو اگهه ئي نه پڇندو هوس ۽ تو مون کي هيءُ ڪپڙو ڪيترو نه مهانگو ڏنو آهي. جنهن تي هو مون کي پنهنجي دڪان واري اندرين ڪوٺيءَ ۾ اڪيلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ ... پنهنجي ٽوپي لاهي منهنجي پيرن تي رکيائين ته هن ڀيري ٿي ويو آهي ۽ آئينده ايئن نه ٿيندو. مون پوءِ کڻي خاموشي ڪئي ۽ سندس دڪان تان وڌيڪ ڪجهه چوڻ بنا هليو آيس. ٻيو هڪڙو انگلش گئبدين جو فل سوٽ به ساڳي سيزن ۾ سبايو هيم، جيڪو 48 رپيا وال مليو هو ۽ رنگ به ان جو ڏاڍو سٺو هو. مان سوٽ ڪوٽ اڪثر ڪري درزي محمد عرس ميمڻ ۽ جان ٽيلرز کان سبائيندو هوس ۽ سلوار قميص شڪور الله، ڌڻي بخش شيخ ۽ جان محمد شيخ درزين کان سبائيندو هوس. مٿيان سڀ درزي ان وقت جا تمام سٺا درزي ليکبا هئا.
وارهه تعلقي ۾ مان هڪڙو دفعو 18.04.60 کان 23.12.80 تائين هيڊ منشي ٿي رهيس. مسٽر شهاب الدين سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. سندس ڪورٽ ۾ نصيرآباد جي ٻن ڌرين جو هڪٻئي خلاف ڪو ڪيس هلندڙ هو. سول جج صاحب هڪڙي ڌر، جيڪا شايد پنجابي يا کوجا ڌر هئي، کان ان ڪيس ۾ رشوت جي گهر ڪئي هئي. جنهن تي ان ڌر وڃي ائنٽي ڪرپشن وارن کي اهڙي درخواست سول جج خلاف ڏني. ائنٽي ڪرپشن وارن پوءِ سول جج تي ڇاپو هڻڻ جو رٿيو. ڇاپي هڻڻ لاءِ سرڪل آفيسر ائنٽي ڪرپشن اي _ آر_ شيخ (A.R Shaikh) ۽ مئجسٽريٽ مسٽر جمال الدين آخوند سب ڊويزنل مئجسٽريٽ قمبر سب ڊويزن جي ٽيم ٺاهي وئي. کيس ٻنهي آفيسرن جو ايماندار هجڻ جي گهڻي شهرت هئي. سرڪل آفيسر A.R Shaikh لاڙڪاڻي ۾ رهي ويو هو، پر هن ڇاپي وقت هو حيدرآباد ۾ سرڪل آفيسر هو ۽ اتان خاص ڪري هن ڇاپي هڻڻ لاءِ گهرايو ويو هو. مٿين ٻنهي آفيسرن تي مشتمل ٽيم جڏهن ڇاپي هڻڻ لاءِ وارهه پهتي ته ان وقت سول جج صاحب شڪار تي ويل هو.
ڇاپي هڻن وارا ٻئي آفيسر برقعا پائي اسپتال جي ٻاهران ديوار سان ويهي سندس اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، پر ٿوري وقت کان پوءِ برقعن سان ٻئي سول جج صاحب جي رهائش واري جڳهه جي پٺيان اچي ويٺا.
جنهن مهل سول جج شڪار تان واپس آيو ته ڇاپي هڻائيندڙ ماڻهوءَ ائنٽي ڪرپشن وارن جا نشان ٿيل ست سو رپين جا نوٽ کيس رشوت طور ڏنا، جي هن وٺي کيسي ۾ وڌا ۽ اندر گهر پئي ويو ته ڏٺائين ته سندس اوطاق ۾ سندس ڪي دوست پتن سان راند کيڏي رهيا هئا ته هيءُ انهن وٽ بيهي رهيو. ان دوران ڇاپي هڻائيندڙ وڃي مئجسٽريٽ صاحب ۽ سرڪل آفيسر ائنٽي ڪرپشن کي سول جج کي رشوت جي پئسن ڏيڻ جو اطلاع ڏنو، جيڪي هڪدم جج صاحب جي اوطاق ۾ گهڙي آيا. هنن کي ڏسندي جج صاحب رشوت ۾ ورتل پئسا کيسي مان ڪڍي ڀت کان ٻاهر پئي اڇلايا، پر اهي ٻاهر نه ويا ۽ ديوار کي لڳي ايوان ۾ ئي اچي ڪريا، جيڪي هنن کڻي جج صاحب کي گرفتار ڪري سڄي روئداد جو مشير نامو تيار ڪري کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ ضروري ڪارروائي پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو، جنهن ڪيس ۾ هن کي قيد جي سزا (شايد ست سال) ملي. جج صاحب سپريم ڪورٽ تائين اپيلون ڪيون، پر سڀ رد ٿيس ۽ کيس مليل قيد جي سزا برقرار رهي.
جڏهن مون وارهه ۾ تعلقه هيڊ منشيءَ جي چارج ورتي ته ان وقت مختيارڪار صاحب چنيسر خان وِيسر هو. هو ايئن برابر آهي ته راشي آفيسر نه هو، پر انتظامي لحاظ کان بلڪل ڪم همت ۽ ڏاڍو بزدل آفيسر هن کان وڌيڪ ٻيو مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو. ايتريقدر جوهڪڙي ڏينهن گشت ۾ وڃڻو هو، پر نه ويو ۽ منهنجي آفيس ۾ اچي ويٺو. سندس پٺيان سانوڻ پٽيوالو بيٺو هو، جو ساڻس گڏ گشت ۾ پئي ويو. مون ان کان اشاري ۾ پڇيو ته صاحب گشت ۾ ڇو نه ويو ته چيائين ته بس وارن کيس فرنٽ سيٽ نه ڏني، انهيءَ ڪري موٽي آيو آهي.
ان زماني ۾ مختيارڪار کي سرڪاري جيپ مليل ڪانه هوندي هئي. مون سانوڻ پٽيوالي کان پڇيو ته بس بيٺي آهي يا رواني ٿي وئي آهي ته چيائين ته بس اڃا بيٺي آهي. مون پوءِ سب جيل تان هڪ سپاهي گهرائي ان کي چيو ته ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ٻنهي کي پاڻ سان گڏ وٺي اچي منهنجي آڏو حاضر ڪيو. مون ٻنهي کي سخت ڇنڊ پٽي ته مختيارڪار صاحب کي فرنٽ سيٽ خالي ڇو نه ڏني. هاڻي عزت مان ڄاڻو ته وڃي سڄي بس خالي ڪرايو ۽ مختيارڪار صاحب اڪيلي کي جاڏي گشت ۾ وڃڻ چاهي صرف ان کي ئي کڻي وڃو، نه ته مان جيل ۾ ٿو وجهانوَ. هنن قبول ڪيو ۽ وڃي سڄي بس خالي ڪرائي مختيارڪار صاحب جو انتظار ڪرڻ لڳا، پر ڪمزور مختيارڪار ٿوري وقت کان پوءِ چيو ته هاڻي ڇڏيون. ايئن چئي پاڻ گشت ۾ نه ويو. پوءِ بس وارن کي چوائي موڪليم ته ڀلي وڃن. هڪڙي ڏينهن مان خزاني جي اسٽرانگ روم مان ڏيتي ليتيءَ لاءِ پئسا ڪڍائڻ پئي ويس ته ڏٺم ته سب جيل جي بئرڪ سامهون هڪ کٽ تي چڱو خاصو بسترو وڇايل هو. مون جيل جي سپاهين کان پڇيو ته هيءُ ڪنهن جو بسترو آهي جو ان وقت ڪوبه ماڻهو ان تي ڪونه ويٺو هو. سپاهين ٻڌايو ته سائين مختيارڪار صاحب نصيرآباد جي هڪڙي مهاجر کاتيدار کي ڍل نه ڏيڻ ڪري وٺي آيو آهي، جو ان کٽ تي سمهندو آهي، جنهن کي به ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ ماني وغيره به مختيارڪار صاحب موڪليندو اٿس ۽ هو شهر مان وڃي سگريٽ ۽ پان به وٺي ايندو آهي ۽ هاڻي به اهي شهر مان وٺڻ ويو آهي. مون دل ۾ سوچيو ته مختيارڪار ڪيڏو ته بزدل آهي. ڍل جي باقيدارکي اهڙي سهوليت ملندي ته پوءِ هو ڍل ڇو ڏيندو! هُو ته گهر کان وڌيڪ هتي فرحت ۾ ويٺو آهي. باقيدار مهاجر جيئن ئي شهر مان موٽيو ته مون کيس جيل جي بئرڪ ۾ اندر بند ڪرائي ڇڏيو. اها خبر جڏهن هن جي وارثن کي پئي ته ٻئي ڏينهن اچي ڍل ڏنائون ۽ کيس آزاد ڪرائي ويا.
مان جڏهن وارهه ۾ هيڊ منشي هوس ته راڻا ڀڳوانداس، جيڪو نصيرآباد جو ويٺل هو ته هڪ ٻه دفعو ڪنهن ڪم ڪار سانگي مون وٽ وارهه آيو هو. هو جڏهن ائنٽي ڪرپشن جج ٿيو ته مان هن جي ڪورٽ ۾ هڪ تپيدار خلاف ڪيس ۾ سندس ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ ويو هوس. پوءِ هو وڃي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس ٿيو.
مختيارڪار صاحب مون کي چيو ته وارهه سرڪل جي ڍل جي وصولي ڪري، ٻي باقي وٺڻ منهنجي ذمي آهي. ڍل جي وصولي هلندي رهي ته هڪڙي ڏينهن حمزه علي ڪانڌڙي تپيدار مون کي آفيس ۾ اچي چيو ته سائين دائم خان چولياڻي (جيڪو چڱو ڀلو زميندار هو) ڍل نٿو ڏئي. مون پڇيومانس گهڻي ڍل رهيل اٿس ۽ هاڻي پاڻ ڪاٿي آهي؟ جنهن تي ٻڌايائين ته پنج سو رپيا ڍل رهيل اٿس ۽ هاڻي اوطاق مان اٿي شهر ڏي ويو آهي. مون پٽيوالو موڪلي کيس شهر مان گهرايو. هو اچڻ سان جيئن ئي منهنجي آفيس ۾ ڪرسي سوري ويهڻ جي پيو ڪري ته مون چيومانس ته وڏيرا صاحب تون باقيدار آهين ۽ ڪرسيءَ تي نه ويهجان ۽ اڳ ۾ ڍل ڏي. انڪري هو ڪرسيءَ تي نه ويٺو ۽ چيائين ته شهر ۾ محمد اسماعيل پنجابي سندس ڀلاوڻو آهي، ان کي گهرايو ته ڍل وٺي ڏيان. مون ماڻهو موڪلي محمد اسماعيل کي گهرايو، تيستائين دائم خان چولياڻي بيٺو ئي رهيو. محمد اسماعيل ڍل پاڻ ئي ڀري چيائين ته هاڻي ته دائم خان کي ڇڏيو ته ڪرسيءَ تي ويهي. مون چيومانس ته هاڻي ڀلي ويهي منهنجي ساڻس ڪا ذاتي دشمني ته ڪانهي. پوءِ ٿوري جهٽ ويهي ٻئي اٿي ويا ۽ محمد اسماعيل پنجابيءَ تپيدار کي دائم خان پاران ڍل جا پنج سو رپيا ڏئي ڇڏيا.
ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عرفان احمد امتيازي صاحب (I.A Imtiazi) وارهه ۾ ٻه ڏينهن اچي منزل ڪيائين. سندس فيملي گڏ هئس. هو نهايت ئي ايماندار آفيسر هو، انهيءَ ڪري ٻن ڏينهن جو راشن اٽو، دال وغيره پاڻ سان کڻي آيو هو. اهو بنيادي جمهوريتن جي اوج جو دور هو ۽ هر ڪنهن آفيسر جو يونين ڪائونسلون وزٽ ڪرڻ تي گهڻو زور هو. امتيازي صاحب جن هڪڙي ڏينهن شام جو هلي يونين ڪائونسل گاجي کهاوڙ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن لاڙڪاڻي واپس پئي ويو ته رستي ۾ وڳڻ يونين ڪائونسل وزٽ ڪيائين. يونين ڪائونسل جي نظام ۽ ان جي اهميت ۽ ڪم ڪار جي طريقي بابت مون کي اڙدوءَ ۾ ٻڌائيندو پئي ويو، جي مون کي سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ چيائين. جڏهن هن وڌيڪ ڪجهه لکائڻ بند ڪيو ته مون جيڪي ڪجهه سنڌيءَ ۾ لکيو هو، اهو ميمبرن کي پڙهي ٻڌايو. امتيازي صاحب پوءِ لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو. ڊاڪٽر عبدالمجيد، جيڪو وڳڻ يونين ڪائونسل جو چيئرمين هو، تنهن مون کي چيو ته توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو. توهان کي شابس هجي جو، جيڪي ڪجهه ڊپٽي ڪمشنر صاحب اڙدوءَ ۾ چوندو پئي ويو، اهو توهان بلڪل صحيح طور سنڌيءَ ۾ لکيو آهي.
انهن ڏينهن ۾ نصيرآباد ۾ ميلي جي موقعي تي لاڙڪاڻي مان نجمه نالي هڪ نوجوان ناچڻي ناچ ڪرڻ آئي. سندس ناچ مون به ڏٺو. هوءَ شڪل شباهت جي سهڻي، بلڪل نوجوان هئي. ڊانس به ڏاڍو سٺو پئي ڪيائين. اهو ذڪر هتي انهيءَ ڪري ٿو ڪيان جو مان جڏهن دادوءَ ۾ 1975ع ۾ A.D.M هيس ته نجمه ۽ سندس ماءُ ٻئي مون وٽ آفيس ۾ آيون هيون. ساڻن گڏ جمال نالي هڪ دلال به ساڻ آيو هو، جو پوءِ ٻاهر وڃي ويٺو. نجمه جي ماءُ ٻڌايو ته سندس ان همراهه سان شادي ٿيل آهي.
ان وقت نجمه جمال جي ٿئيٽر ۾ هوندي هئي ۽ اهو ٿئيٽر دادوءَ آيل هو. نجمه ان ۾ ڊانس ڪندي هئي. نجمه جي والده مون کي سندس پارت ڪري ٻاهر وئي ۽ نجمه اڌ ڪلاڪ کن مون وٽ آفيس ۾ ويٺي رهي ۽ پوءِ هلي وئي. دادوءَ کان پوءِ اهو ٿئيٽر راڌڻ ويو ۽ ان کان پوءِ لاڙڪاڻي موٽي وئي.
مان وارهه تعلقي ۾ هيڊ منشي ئي هوس، جو مون کي پروموشن ڏئي هيڊ آفيس ۾ نائب دفتردار ڪري رکيائون، جتي مان 27.12.1960 کان 29.05.1962 تائين رهيس.
ضلعي ۾ نان گزيٽيڊ پوسٽن ۾ اها پوسٽ اهميت واري ليکبي هئي. حاجي شاهه محمد شيخ صاحب دفتردار صاحب هوندو هو. هن جو ڪو خاص بار ڪونه هوندو هو، انهيءَ ڪري تعلقن جي انسپيڪشن مان، جمعبندي ۽ آخر سال اڪائونٽ بند ڪرڻ مان ۽ وقتي ڪنهن سپروائيزنگ تپيدار جي بدلي وغيره مان عزت ڀريا ٻه ڏوڪڙ چڱا ملي ويندا هئا. انهيءَ ڪري گذر سفر چڱو هوندو هو. مان هڪڙي دفعي ڏوڪري تعقلي جي انسپيڪشن تي اسان جي برانچ جي سموري عملي سميت ويو هوس. اهي قلندر لال شهباز جن جي ميلي جا ڏينهن هئا. منهنجي برانچ جي عملي محمد عظيم چني ۽ ٻين رايو ڏيکاريو ته ميلو گهمي اچجي. انڪري پير بخش تپيدار کي چيم ته ڪا جيپ گهرائي، جنهن موسيٰ خان ٻگهئي جي جيپ گهرائي. پوءِ مان منهنجو عملو، شهاب الدين سپروائيزنگ تپيدار ۽ پير بخش تپيدار جيپ ۾ کڻي قلندر لعل شهباز جن جو سوهڻ ميلو گهمڻ وياسين ۽ اتان رات جو ئي واپس موٽياسين. رات جو 3 وڳي ڌاري جو وقت هو، جو اسان بچاءَ بند سان جيپ تي پئي آياسين ته جيپ جي لائيٽ تي پري کان ٻه ماڻهو رائيفلن سان پل تي ويٺل ڏٺاسين. مونکي اتي نواب نبي بخش خان جن جي ڊرائيور جي ڳالهه ياد آئي جو صلاح ڏني هئائين ته رات جو گاڏي نه روڪيندا ڪيو. انهيءَ ڪري مون ڊرائيور کي چيو ته گاڏي نه روڪجان، پر هو گاڏيءَ جي رفتار گهٽ ڪري چڪو هو ۽ گاڏي اچي انهن رائيفلن وارن ٻن ماڻهن وٽ بيٺي. انهن ٻنهي مان هڪڙي اچي هڪ پاسي واري دري کولي ۽ ٻئي وري ٻئي پاسي واري دري کولي. شهاب الدين سپروائيزنگ تپيدار جيڪو مون سان گڏ آڏو ويٺو هو، ان پاسي ۾ رکيل پنهنجي روالور ۾ هٿ وڌو، پر مون کيس روڪي وڌو. پوءِ انهن ماڻهن پڇيو ته جاءِ آهي. ڊرائيور کين وراڻيو ته جڳهه ڪانهي. جنهن کان پوءِ هنن ٻئي دريون بند ڪيون ۽ پري ٿي بيٺا. پير بخش تپيدار جو چوڻ هو ته سائين اهي هئا ته ڌاڙيل، پر هنن جيپ ۽ ڊرائيور کي سڃاتو ته موسيٰ خان ٻگهئي جي جيپ آهي ۽ ڊرائيور به ان جو آهي، انهيءَ ڪري ماٺ ڪري ويا. اسان پوءِ الله پاڪ جي رحم ۽ ڪرم سان خير سان ڏوڪريءَ پهتاسين. اڄ جي دور ۾ ته ڌاڙيلن کي ڪنهن زميندار وغيره جي به ڪا شناس نه رهي آهي. ايتريقدر جو پنهنجي سردار جي چوڻ ۾ به نه رهيا آهن، پر رهن به ڪيئن جو اڪثر سردار ته انهن سان پاڻ مليل آهن.
1977ع ۾ مان جڏهن دادوءَ ۾ A.D.M هوس ته ڪشميرين جي ووٽن جي لسٽ تيار ڪرڻ لاءِ مون کي اميگريشن Registration officer مقرر ڪيو ويو هو. ڪشميري ان وقت ڪوٽڙي تعلقي ۾ کاڻوٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ رهندا هئا. کاڻوٽ ڀرسان ڪوئلي جي کاڻين مان ڪوئلي ڪڍڻ جي مزدوري ڪندا هئا. مون سڀني کي گهرائي ووٽرن جي لسٽ تيار ڪئي. مان پوءِ ڪوئلي جي هڪ کاڻ ڏسڻ ويس. ڏاڪڻ تي اٺ _ ڏهه ڏاڪا هيٺ لهي ويس ته مونجهه محسوس ڪيم ۽ اتان ئي واپس ٿيس. هڪڙي دفعي سکر ۾ معصوم شاهه مناري تي چڙهڻ لاءِ ٻه چار ڏاڪا چڙهيس ته مٿي نه چڙهيس جو ڏاڪا لسا هئا. پير ترڪڻ جو ڊپ ٿيو. البت ايترو ذهن ۾ ياد اچي ٿو ته جڏهن لاهور ويو هوس ته شاهي مسجد جي هڪ مناري تي صفا مٿي چڙهي وڃي لاهور شهر جو چوڌاري نظارو ڏٺو هئم.
مان جڏهن نائب دفتردار هوس ته ٻن مختيارڪارن محمد پنيل عطار صاحب ۽ محمد الياس بلوچ صاحب جن سان سٺي دعا سلام هئي . هو به مون کي ڏاڍي عزت ڏيندا هئا. محمد پنيل عطار صاحب ته جڏهن به هيڊ ڪواٽر ۾ ميٽنگ وغيره ۾ ايندو هو ته کيس مون وٽ کائيندو هو. هو شهدادڪوٽ ۽ ڏوڪري تعلقن ۾ مختيارڪار ٿي رهيو هو. ڪجهه عرصو لاڙڪاڻي ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ به ٿي رهيو هو. هن ۽ منهنجي وچ ۾ البت ڪنهن ڳالهه تي ٿوري اڻبڻت به پيدا ٿي پئي هئي، پر وري يڪدم ئي ٺهي ويا هئاسين.
منهنجي نائب دفترداريءَ واري وقت ۾ ميرو خان تعلقي جي ٽن تپيدارن الهداد چانڊيي، محمد ايوب سنائي ۽ قربان علي ڀٽي معافيءَ ۾ ٺڳي ڪئي هئي، جو جن سروي نمبرن جي فردي بوڪ ۾ معافيءَ جو انڪار ٿيل هو، انهن کي خسرن ۾ مسالي سان ڊاهه ڊوهه ڪري معافيءَ هيٺ ڄاڻائي ڇڏي ۽ سرڪار کي ڍل جو نقصان ڏنو. اها خبر تڏهن پئي جڏهن معافي ڏنل سروي نمبرن جا تفصيل، جيڪي مختيارڪار آفيس ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جي آفيس مان آيا، تن مان ٽن تپيدارن جي تپن وارن تفصيلن ۾ وڏو فرق ظاهر ٿي پيو. مون پوءِ انهن تپيدارن جو رڪارڊ گهرايو ۽ دفتردار صاحب کي نوٽ لکي موڪليو ته ڪيس ائنٽي ڪرپشن وارن کي موڪليو وڃي پر تپيدارن مسٽر عبدالوهاب خان شيخ مختيارڪار قمبر (جيڪو شاهه محمد شيخ دفتردار صاحب جو عزيز هو) کي چئي دفتردار صاحب کان ڪيس ائنٽي ڪرپشن وارن کي موڪلڻ بجاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب قمبر سب ڊويزن کي ڊپارٽمينٽل انڪوائري ڪرڻ لاءِ موڪليو.
ان وقت شاهه جهان ايس ڪريم صاحب (Shahjehan S.Karim) قمبر سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هن اڃا ڊپارٽمينٽل انڪوائري شروع نه ڪئي هئي. مان جڏهن وٽس هيڊ منشي ٿي ويس ته مون صاحب موصوف کي نوٽ لکي موڪليو ته ڪيس ائنٽي ڪرپشن ۾ موڪلڻ جوڳو آهي، جنهن مون سان ائگري ڪيو (شامل راءِ ٿيو) ۽ ايئن ڪيس ائنٽي ڪرپشن وارن ڏانهن موڪليو ويو. غلام حيدر عباسي ان وقت سرڪل آفيسر ائنٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو هو، جنهن کي مان وڃي سمجهائيندو هوس. نتيجي ۾ ٽئي تپيدار ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ چالان ٿيا ۽ نوڪريءَ تان سسپينڊ ٿيا. ڪيس ڪافي گهڻو وقت هليو. آخرڪار ٽئي تپيدار پندرهن هزار رپيا ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج کي رشوت ڏئي پاڻ کي ڪيس مان بري ڪرائي آيا. کين پوءِ نوڪريءَ تي به چاڙهيو ويو.