آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

سٽي مئجسٽريٽ دادو ائٽ دادو

منهنجو هيڊڪواٽر پوءِ ڪوٽڙي مان تبديل ڪري دادو ڪيو ويو، جتان مسٽر عبدالجبار عباسيءَ جو هيڊڪواٽر ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيو ويو ۽ مان 07.02.80 تي وڃي سٽي مئجسٽريٽ دادوءَ جي چارج ورتي. دادوءَ ۾ اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ نثار بلوچ D.S.P کي قتل ڪرڻ جو ڪيس هلڻ شروع ٿيو، جنهن جو پرزائيڊنگ آفيسر برگيڊيئر هو ۽ هڪ ميجر ۽ مان (مئجسٽريٽ) ميمبر هئاسين، ڪيس سرڪار پاران (A.P.P (اسسٽنٽ پبلڪ پرازيڪٽر) مسٽر منور خان ٻٽ پئي هلايو، ڪيس ۾ گهڻو ڪري 9 (نون) جوابدار هئا، جنهن سان چار ڄڻا کن سرزمين تي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا هئا ۽ ٻيا پوءِ گرفتار ڪيا ويا هئا. هڪڙي جوابدار جو وڪيل مسٽر غلام نبي سومرو هو ۽ هڪڙو ٻيو جوابدار جيڪو وڪيل نه پئي ڪري سگهيو، ان کي سرڪار پاران Pauper Advocate مسٽر قمرالدين عباسي مهيا ڪيو ويو هو. جنهن جوابدار جو مسٽر غلام نبي سومرو وڪيل هو، ان خلاف اها شاهدي پئي آئي ته هن کي شناختي پِريڊ ۾ سڃاتو ويو هو، جنهن لاءِ به شاهدن جا بيان مختلف هئا، ڪنهن شاهد پئي چيو ته شناختي پِريڊ سيوهڻ سب جيل جي بئرڪ ۾ ٿي هئي. مان برگيڊيئر صاحب کي چيو ته سب جيلر جي بئرڪ ۾ ايتري گنجائش هوندي ئي ناهي، جو ان ۾ 22 ڄڻا هڪ طرف منهن سان بيهي سگهجن. برگيڊيئر صاحب پوءِ خود سيوهڻ هليو ۽ سب جيل جون بئرڪون ملاحظو ڪيائين. جنهن جوابدار جو مسٽر قمرالدين ڪلهوڙو (Pauper Advocate) هيو، ان لاءِ اهو ڏيکاريل هو ته هن کان رائيفل هٿ ڪئي وئي هئي. برگيڊيئر اها رائيفل گهرائي ڪورٽ ۾ هلائي ڏٺي پر اها به نه هلي.
برگيڊيئر صاحب منجھند جي مانيءَ جي وقفي دوران اٿي ويندو هو ته ميجر ۽ مان ڪيس بابت گفتگو ڪندا هئاسين ۽ اسان ٻئي ان تي متفق راءِ جا هوندا هئاسين ته غلام نبي سومرو صاحب ۽ قمرالدين ڪلهوڙو صاحب جن جوابدارن جا وڪيل هئا، انهن خلاف شاهديون تمام ڪمزور هيون ۽ اهي ٻئي بري ٿيڻ گهرجن. هڪڙي رات مسٽر غلام نبي خان سومرو وڪيل منهنجي جاءِ تي آيو ۽ پنهنجي (Client) امير جي پارت ڪيائين ته مون کيس چيو ته جوابدار خلاف ته برابر اهڙي شاهدي مضبوط ڪانهي، جو کيس سزا اچڻ کپي پر آرمي وارا آهن پنهنجي خيال جا!
ڪيس ختم ٿيڻ تي هو ته برگيڊيئر صاحب مون کان ۽ ميجر کان زباني طرح رايو پڇيو، جنهن تي اسان چيس ته مٿين ٻنهي وڪيلن وارن جوابدارن خلاف ڪا خاص شاهدي جيڪا ڀروسي جوڳي هجي اها نه آهي ۽ اهي آزاد ٿيڻ کپن پر برگيڊيئر صاحب سڀني جوابدارن کي سزا ڏئي ڇڏي.
دادوءَ ۾ سٽي مئجسٽريٽ رهڻ دوران خبر پئي ته ميرواهه سب ڊويزن (ضلع خيرپور) جو S.D.M مسٽر عزيز الله شاهه رات جو اوچتو وفات ڪري ويو آهي ۽ اها سب ڊويزن خالي پئي آهي. (عزيز الله شاهه لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته کيس ڪئنسر جو عارضو هو). ان وقت سکر ڊويزن جو ڪمشنر مسٽر آغا رفيق حسين صاحب هو، جيڪو جنهن وقت خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر هيو ته مان وٽس زيردست مختيارڪار ميرواهه ۽ مختيارڪار گممٽ ٿي رهيو هيس ۽ مونتي ڪافي مهربان هو ۽ ميرواهه تعلقي مان بدلي ڪرائي گمبٽ تعلقي ۾ به هُن ئي رکرايو هو، جو بنسبت ميرواهه تعلقي جي وڌيڪ سٺو ۽ سهوليت وارو ريلوي مين لائين تي هيو، جڏهن ته ٺري ميرواهه تعلقي جو هيڊڪواٽر ريلوي لائين کان 13 ميل مفاصلي تي هئو.
مان پوءِ ڪمشنر صاحب جن ڏانهن شام جو سندن بنگلي تي ويس ۽ سندن پي اي (P.A) حبيب الله سيال کي چيم ته صاحب کي منهنجي لاءِ ٻڌائي ته مان وٽن ميرواهه ۽ گمبٽ تعلقن ۾ مختيارڪار ٿي رهيو آهيان ۽ ساڻن ملڻ آيو آهيان. P.A صاحب موصوف جن کي اهو ٻڌايو پر موٽي اچي مونکي چيائين ته صاحب چوي ٿو ته مونکي ياد نه ٿو اچي پر مان ٻاهر اچان ٿو ته پوءِ گهرايانس ٿو، ٿوري دير بعد صاحب ٻاهر ورانڊي ۾ آيو ته P.A مونکي ٻڌايو ته صاحب ٻاهر نڪتو اٿوَ ته مان وڃي ساڻن مليس، پوءِ مونکي ڏسي سڃاتائين ۽ پوءِ پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٻاهر باغيچي ۾ ويٺو. مون کان پوءِ اچڻ بابت پڇيائين ته مون کين عرض ڪيو ته ميرواهه سب ڊويزن خالي پئي آهي اتي منهنجو آرڊر ڪرايو، جنهن لاءِ خاطري ڪريائيان ته هو ڪراچيءَ ويندو ۽ آرڊر ڪرائيندو ۽ هن مهرباني ڪئي جو منهنجو ميرواهه سب ڊويزن تي S.D.M جو آرڊر ڪرايو. آرڊر دادوءَ پهتو پر مسٽر الطاف حسين ڊپٽي ڪمشنر صاحب مونکي چارج نه پئي ڇڏڻ ڏني، (اهو هن پنهنجي بغض جو ٻيو دفعو مظاهرو ڪيو).
مون پوءِ جهانگير عباسي ايڪسائيز انسپيڪٽر (جيڪو به لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ هو ۽ الطاف حسين قادري صاحب وٽ گهڻو ايندو ويندو هو) کي چيم ته صاحب کي چئجان ته صاحب مڙئي خير آهي ٻئي لاڙڪاڻي جا ويٺل آهيون ۽ ڏسان ته گهڻا ڏينهن چارج نٿا ڇڏڻ ڏيو! هن وڃي شايد ساڻس اهو ذڪر ڪيو، جنهن تي رات جو مونکي فون تي چيائين ته مان ڀلي صبح جو چارج ڇڏي وڃان. (پوءِ جڏهن مان ۽ قادري صاحب رٽائر ڪري آياسين ته ٻئي لاڙڪاڻي مڇي مارڪيٽ ۾ ڇليون لوڏيندا مڇي _ ڀاڄي وغيره خريدا ڪندا هئاسين ته ميل ملاقات ٿيندي هئي ۽ ڪافي وقت بيهي حالي احوالي ٿيندا هئاسين. وقتي ڪو منهنجو واقفڪار ملندو هيس ته ان سان سلام ڏياري موڪليندو هو). مان پوءِ 14.04.80 تي دادو سٽي مئجسٽريٽ جي پوسٽ جي چارج ڇڏي، نئين پوسٽ تي چڙهڻ لاءِ ويس.