رڪوري مختيارڪار زرعي ترقياتي بئنڪ نوابشاهه
مختياڪار جي حيثيت ۾ مختلف جڳهن تي رهڻ متعلق تفصيلي ذڪر ڪرڻ کان اڳ ڪي ڳالهيون جيڪي ڪرڻ کان اڳ رهجي ويون هيون، اهي هيٺ ذڪر ڪجن ٿيون.
مان جڏهن باقراڻي روڊ تي ڪٽپر صاحب کان ورتل پلاٽ، جنهن تان چاچي عزيز الله مون سان وير وڌو هو، تي نئين جڳهه ٺهرائي اچي رهيس ته ان دوران چاچي عزيز الله ۽ سندن پٽن ۽ منهنجي پاڻ ۾ ٻيو ته ڇڏيو، پر زباني ڳالهه به ڪانه هوندي هئي، پر ترت ئي چاچو عزيز الله اوچتو رات جو دل جي دوري پوڻ سبب رحلت ڪري ويو، جنهن جي خبر مون کي سندس پٽن مان ڪنهن اچي ٻڌائي. پوءِ مون اخلاقي تقاضا تحت. جيڪو برادريءَ جو پير کڻڻو هوندو آهي، اهو کنيو ۽ سندن تڏي تي به ويس. منهنجن ٻين چاچن ۽ مون کي خيرات جي مانيءَ جو پوءِ بابي الله ڏني کي ٻڌايو، جيڪو ڪرمان باغ ۾ رهندو هو، جنهن تي اسان وياسين. خيرات جي ماني کائي جڏهن ٻيا ماڻهو هليا ويا تڏهن چاچي عزيز الله جا سڀ فرزند غلام سرور، شمس الدين، نظام الدين، ظفرالدين، محمد خان ۽ علي خان ويٺا هئا ته غلام سرور جيڪو سندن وڏي ۾ وڏو فرزند هو، ان بابي الله ڏني خان کي چيو ته چاچا اوهان اسان جا وڏا آهيو، اسان برابر اوهان سان سٺو نه هليا آهيون، جنهن لاءِ اسان اوهان کان هاڻي معافي ٿا وٺون. ان کان پوءِ اسان جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين هليو پيو اچي. البت انهن ڀائرن مان پنج وفات ڪري ويا آهن. انهن جي اولاد به لاڙڪاڻي مان لڏي گهڻو ڪري سڀني حيدرآباد ۾ ۽ ڪن هڪ ٻن ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي. انهن مان صرف ننڍو ننڍو ڀاءُ علي خان ۽ شمس الدين جو فرزند رفيق لاڙڪاڻي ۾ ئي رهندا آهن. مون پاڻ به گذريل ڇهن سالن کن کان لڏي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. اسان جي نئين نسل پيدا ٿيڻ کان پوءِ رشتيداريءَ ۾ گهڻي ڇڊائي ٿي وئي آهي. شادي مراديءَ جي موقعن تي اچڻ وڃڻ ڪونه رهيو آهي. باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪن سان حيدرآباد ۾ مسجد ۾ نماز وقت يا واٽ ويندي دعا سلام ٿيندي رهندي آهي، خاص طرح ڊاڪٽر طارق سان، مان وارهه تعلقي مان 1960ع جي آخر ۾ لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيس. تڏهن کان وٺي 1968ع جي وچ ڌاري جڏهن منهنجو مختياڪار طور پروموشن ٿيو، تيستائين مان سمورو وقت لاڙڪاڻي هيڊ ڪواٽر ۾ ئي رهيس. اهو سمورو وقت منهنجي نان گزٽيڊ گريڊ ۾ نوڪريءَ جو نهايت بهترين عرصو رهيو. ان وقت ۾ ماڻهن ۾ محبت به هوندي هئي ۽ هڪٻئي لاءِ عزت به هوندي هئي. تعلقه ميرو خان جي ڳوٺ ڌڱاڻي مهيسر جا زميندار مشهور هوندا هئا، جن ۾ نظر محمد خان مهيسر ۽ سندس ڀائر محمد نواز خان، در محمد خان توڙي سندن ٻيا رشتيدار زميندار حاجي رمض خان مهيسر، حاجي خير محمد خان مهيسر ۽ سندس ڀاءُ گدا حسين خان به نهايت شريف انسان هئا. انهن مان ٻيا ته وفات ڪري ويا آهن باقي گدا حسين خان حال حيات آهي. سندس گهڻو رهڻُ زمين سانگي پنهنجي ڳوٺ ڌڱاڻي مهيسر ۾ ئي هوندو هو. ان زماني ۾ محمد نواز خان مهيسر ڪاسائي محلي ۾ هڪ جڳهه وٺي اڪيلو اتي رهڻ لڳو هو. جتي وقتي سندس ڀائر به اچي رهندا هئا. حاجي خير محمد خان مهيسر به روڊ جي ٻئي طرف جڳهه ٺهرائي ان ۾ ٻارين ٻچين رهندو هو.
محمد نواز خان جي جڳهه جنهن روڊ سان هئي، اهو ڪشادو هوندو هو، انهيءَ ڪري ان وٽ هر روز شام جو ڪچهري ٿيندي هئي. جنهن ۾ مان، محمد علي جوهر، حاجي مومن خان، غلام رسول شيخ تپيدار، محمد نواز خان شامل ٿيندا هئاسين. وقتي قربان علي بگٽي صاحب، در محمد مهيسر، ڊاڪٽر شمس الدين چانڊيو به اچي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. وقت ڏاڍو کل ڀوڳ ۽ هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهين ٻولين ۾ رات جو گهڻي دير تائين ويهي گذاريندا هئاسين. ڪابه زماني جي فڪرات ان دور ۾ ڪانه هئي. اهي قرب، محبتون ۽ کل خوشيءَ واريون ڳالهيون اڄ ڪٿي آهن! اڄ جي دور ۾ سڀڪو پنهنجي نفسانفسيءَ ۾ پورو آهي ۽ پئسي ڏوڪڙ جي حرص ۾ گرفتار لڳو پيو آهي. مهيسر زميندارن جي اولاد مان ڪيترا پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڱين چڱين نوڪرين ۾ لڳا آهن ۽ انهن محمد نواز جي جڳهه جي ڀرسان ئي پنهنجا نوان بنگلا به ٺهرايا آهن. محمد نواز جو فرزند محمد علي لنڊن ۾ ڪيمسٽريءَ ۾ (Ph.D) ڪري اتيئي نوڪري ڪري رهيو آهي. محمد علي جوهر جو فرزند ڪليم لاشاري صاحب سي ايس ايس پاس ڪئي ۽ هاڻي ڪٿي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز آهي. حاجي مومن جو پٽ شايد پي آءِ اي ۾ نوڪريءَ ۾ آهي. منهنجو هڪ فرزند غلام ياسين سول هاسپٽل دادوءَ ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو پٽ محمد سليم قومي بچت ڊئريڪٽوريٽ ريجنل آفيس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. منهنجي وڏي پٽ غلام ياسين جو ننڍو فرزند شرجيل احمد پاڪستان آرميءَ ۾ ميجر آهي. اسان جي خاندان توڙي برادريءَ مان اهو واحد ڄڻو ئي آهي جيڪو آرميءَ ۾ ويل آهي. سندس وڏي پٽ راحيل احمد ايم ايس سي ڪئي آهي. منهنجي پٽ محمد سليم کي ٻه پٽ سمير احمد ءَ سفير احمد آهن، جي ٻئي صغير آهن، کيس تاريخ 30 نومبر 2006ع تي الله تعاليٰ هڪ نياڻي ماريه به عطا فرمائي آهي. اسان جي خاندان توڙي برادريءَ جي نسل مان پڻ ڪيترا ڪاليج مان تعليم پرائي وڏين وڏين نوڪري تي پهتا آهن، جن جي گهڻائي واپڊا، سئي گئس، پاڪ ٽيلي ڪميونيڪيشن، پي آءِ اي ۽ هيلٿ کاتي ۾ آهي. منهنجي سوٽ حبيب الله جا ٻه پوٽا هڪ سي ايس ايس امتحان ۽ ٻيو پي سي ايس ڪري نوڪريءَ ۾ لڳا آهن. منهنجي سوٽ حسن الله جو وڏو فرزند مشتاق احمد نئشنل بئنڪ ۾ وائيس پريزيڊنٽ آهي. ساڳيءَ طرح چاچي عزيز الله جي خاندان جا ڪيترا فرد وڏن وڏن عهدن تي پهتا آهن.
البت روينيو کاتي ۾ صرف مون ئي نوڪري ڪئي آهي، هم عمر وارن مان اسان جو هڪ رشتيدار عبدالرحمان شيخ پاڻ ڪافي اڳي روينيو ۾ ڪجهه عرصو مختيارڪار رهي چڪو آهي. هن کي وفات ڪئي به چڱو عرصو ٿيو آهي.
منهنجو چاچو غلام محمد ته مون کان گهڻو اڳ روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو هو ۽ 1969ع ۾ مختيارڪار جي عهدي تان رٽائر ڪيو هئائين. هونءَ به اسان جي شيخ ڪميونٽي خوشحال آهي. نوڪرين توڙي ڪاروبار ۾ سڀ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن، پر نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جيترو کين خدا پاڪ نوازيو آهي، اوتريءَ ئي منجهن نه سهائپ موجود آهي. ڪو ڪنهن جي چڱائيءَ ۾ ڪونه آهي ۽ نه منجهن ڪو اتفاق ئي آهي، انهيءَ ڪري اسان جي پوري شيخ ڪميونٽيءَ لاءِ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪا عزت ڪانه آهي، توڻي جو لاڙڪاڻي مان ڪافي شيخن جي لڏي وڃڻ باوجود به گهڻائي انهيءَ ئي ڪمونٽيءَ جي آهي ۽ اڄ به شهر جي ڪاروبار تي حاوي آهن.
هونءَ به لاڙڪاڻي شهر جي شيخ ڪميونٽيءَ ۾ عزت نفس (Self respect) جو فقدان آهي ايس پي شيخن سان ڪيل عقوبتن کان پوءِ ڀُٽي صاحب جن جڏهن شيخن جي معززين کي پاڻ وٽ گهرايو هو ته اڳواٽ ئي پنهنجن پٽن لاءِ نوڪريءَ جون درخواستون تيار ڪرائي وٽس کڻي ويا هئا ۽ بيعزتيءَ جو اجورو نوڪرين جي صورت ۾ وٺي آيا هئا.
خيرپور ضلعي توڙي پني عاقل ۾ شيخن جي اڪثريت رهي ٿي، پر اهي ڪريل ذهن وارا ناهن. مان ايترو گهڻو نه چوان ها، پر ڇاڪاڻ ته مان به ان برادريءَ جو هڪ فرد آهيان انهيءَ ڪري پنهنجي ڪميونٽيءَ جي ڀائرن جي اهڙي ڪسمپرسيءَ واري حالت ڏسي دل ڪڙهندي آهي. خير انهن قصن کي اتي ختم ڪري مان هاڻي اچان ٿو پنهنجي مختيارڪاريءَ واري دؤر تي.
جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته مونکي جڏهن مختيارڪاريءَ جو پروموشن مليو ته مون کي نوابشاهه ضلع ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي ڏنل قرضن جي وصوليءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو. جڏهن سنڌ زميندارن کان ڏنل قرض جي قسط جي رقم جي گهربي هئي ته هو نٽ نٽاءُ ڪندا هئا، جو شايد هنن اهي جيڪي قرض ورتا هئا، اهي هنن جن مقصدن لاءِ ورتا هئا. انهن تي استعمال ڪو نه ڪيا هئا بلڪ پئسا عياشيءَ ۾ اڏائي ڇڏيا ها. البت ڪي اهڙا زميندار به هئا جي هڪ دفعي گهرڻ سان به ڏئي ڇڏيندا هئا پر اهي تمام ٿورا ئي هئا.
هوڏانهن جڏهن غير سنڌي کاتيدار (پنجابي وغيره) کي قسط جي رقم ڏيڻ لاءِ چئبو هو ته اُهي روڪ رقم يا چيڪ جي صورت ۾ بروقت ادائيگي ڪندا هئا ۽ ٻيهر گهر ڪرڻ جو موقعو ئي نه ايندو هو.
سيد ڪرارو شاهه ڊيري وارو، جڏهن قسط جي رقم 6000 روپيا ڏيڻ آيو ته مونکي دعوت ڏئي، پنهنجا باغ گهمائڻ وٺي هليو ۽ پنهنجو باغ ڏيکاريائين، جتي سندس جو چڱو خاصو بنگلو به ٺهيل هو. هن مون کي ٻڌايو ته هُو باغ جي سالياني اُپت جي اڌ رقم باغ تي ئي خرچ ڪندو آهي، تنهنڪري هر ايندڙ سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾چڱي خاصي وڌيڪ اُپت ٿيندي آهي.
مان جڏهن لاڙڪاڻي ايندو هُئس ته موري جو پروگرام رکي، اُتي کيڙن زميندارن وٽ ترسندو هئس ۽ اُتان پوءِ وري ڳوٺ ايندو هُئس. انهن ڏينهن ۾ دادو، مورو پُل ٺهيل نه هُئي ۽ درياهه پار ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍو جهاز(ٻيڙو) هوندو هو، جنهن تي سوار ٿي درياهه پار اُڪري، دادوءَ جي پتڻ تي پهچبو هو ۽ پوءِ دادوءَ مان لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿبو هو.
هڪڙي ڏينهن مونکي موري واري پتڻ تي پهچڻ ۾ رات ٿي وئي هُئي، جهاز درياهه جي پرئين ڪناري تي وڃي چُڪو هو ۽ اهو وري صُبح جو واپس اچڻو هو، تنهن ڪري مون هڪڙي ٻيڙي واري کي درياهه پار ڪرائڻ لاءِ چيو، جنهن چيو ته هن وقت دير ٿي وئي آهي ۽ ڪو ٻيو پئسينجر به ڪونهي سو جيڪڏهن اوهان 10 روپيا ڏيو ته اوهان اڪيلي کي وٺي هلان. مون کيس 10 روپيا ڏيڻا ڪيا. ان وقت هوا ڏاڍي لڳي رهي هُئي، اُن ڪري ٻيڙي کي ڪافي پنڌ ڌڪڻ کانپوءِ، مٿي هلي ٻيڙي درياهه ۾ هلائڻ شروع ڪيائين، ان جي باوجود ٻيڙي دادو پتڻ کان ڪافي هيٺ هلي وئي، جتان ٻيلي مان پنڌ ڪري پتڻ تي پهتس. خوشقسمتيءَ سان اتي هڪ ٽانگو ملي ويو، جنهن ۾ سوار ٿي دادوءَ پهتس ۽ پوءِ لاڙڪاڻي طرف روانو ٿي ويس. بهرحال مان اتي 26.06.1968 کان 31.10.1968 تائين جي عرصي لاءِ رهيس ۽ اُن دوران 300000 روپيا (ٽي لک روپيا) قرض جي وصولي ڪئي.
مان جڏهن نوابشاهه ۾ هيس ته منهنجو چاچو غلام محمد خان ڪراچيءَ ۾ مختيارڪار هيو، جنهن محمود الحق عثمانيءَ کي چيو ته مونکي ڪنهن تعلقي تي مختيارڪار مقرر ڪرائي، جنهن باجوا صاحب ڪمشنر کي چئي منهنجو تعلقي مختيارڪار پني عاقل جو آرڊر ڪرايو، جتي مون 02.11.1968 تي وڃي چارج ورتي۔