وڏيرو غلام عمر خان انڙ
رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر امداد علي شاهه بخاري صاحب جهڙو شڪل شباهت ۾ سهڻو ۽ ٺهندڙ قد بت وارو هو، تهڙو ئي نهايت کلمک ۽ سٺي طبيعت وارو هو. سدائين سندن منهن تي مُرڪ نظر ايندي هئي. منهنجي روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ ئي هو پروموٽ ٿي ويو هو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رهي رٽائر ڪيو هيائين. پر جيئن ته هو اصل ڳوٺ آريجا تعلقي ڏوڪري جو ويٺل هو، تنهن ڪري ڪمين ڪارين جڏهن ڪليڪٽر صاحب جن جي آفيس ۾ ايندو هو ته مون سان چڱو ٽائيم ورانڊي ۾ بيهي ڳالهيون ڪندو هو.
مان سال 2000ع ۾ لاڙڪاڻي مان پنهنجي ننڍي پٽ محمد سليم سان گڏ حيدرآباد ۾ شفٽ ٿي عبدالله ٽائون ۾ هڪ ڪرائي واري فليٽ ۾ اچي رهيس. ڇاڪاڻ جو منهنجو پٽ نئشنل سيونگس ڊئريڪٽوريٽ ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر هو. کيس سکر ۾ نوڪريءَ ۾ ڇهه سال ٿي ويا هئا. اتان کيس حيدرآباد بدلي ڪيو ويو هو. منهنجو ڀاڻج انعام الله شيخ، جيڪو منهنجو نياڻو به ٿئي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هو ۽ پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به ٿي رهيو، اهو سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو. هينئر هو علامه اقبال يونيورسٽيءَ جو حيدرآباد ۾ ريجنل ڊئريڪٽر آهي. هاڻي شورا ڳوٺ ۾ ذاتي جڳهه ٺهرائي رهي ٿو. مان ڪڏهن ڪڏهن وٽس يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ وڃي رهندو هوس ۽ اتي جڏهن ڪا دوا وٺڻي هوندي هئي ته ڪالونيءَ جي مارڪيٽ ۾ ذوالفقار ميمڻ جي ميڊيڪل اسٽور تان وٺندو هوس، انعام جن به کانئس ئي دوائون وٺندا هئا. ذوالفقار جو والد صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. اهو به ڪالونيءَ ۾ ئي انعام جي ڀرسان رهندو هو. سندن بنگلي جي وچ ۾ هڪ ٻه ٻيا بنگلا هوندا هئا، جن ۾ به يونيورسٽيءَ جا آفيسر ئي رهندا هئا. جيئن ته ذوالفقار کان ئي اڪثر ڪري دوائون وٺندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪا دوا وٽس موجود نه هوندي هئي ته جڏهن پنهنجي ميڊيڪل اسٽور لاءِ دوائون وٺڻ لاءِ شهر ويندو هو ته مون کي گهربل دوا پڻ آڻي ڏيندو هو، تنهن ڪري ساڻس چڱي دعا سلام ٿي وئي هئي. جنهن مسجد ۾ مان نماز پڙهڻ ويندو هئس، سا به انعام جي بنگلي کان ايترو پري نه هوندي هئي پر تڏهن به ٿورو مفاصلو هوندو هو. هڪڙي ڏينهن جمعي جي نماز پڙهڻ مسجد ڏانهن پيادل پئي ويس. ڏينهن به سخت گرم هو. مون ٿورو ئي پنڌ ڪيو ته منهنجي پٺيان هڪ ڪار اچي بيٺي. انهيءَ ڪار ۾ پوئين سيٽ تي ذوالفقار ويٺو هو. مون کي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ چيائين. ڪار ۾ پويون سيٽون ته سڀ ڀريل هيون. انڪري فرنٽ سيٽ تي ويٺل شخص دري کولي پاڻ ٿورو پرتي سري مون کي پاڻ سان گڏ ويهاريائين. منهنجو هن سان اڳ ڪڏهن به ملڻ نه ٿيو هو، انڪري مون کيس نه سڃاتو. ذوالفقار ٻڌايو ته اهو شخص سندس والد صاحب هو. منهنجي لاءِ هن کي ٻڌايائين ته انعام جو مامو آهي. ذوالفقار جو والد، چيف انجنيئر محمد هاشم ميمڻ، جنهن بابت مان اڳ ٻن ٽن هنڌن تي ذڪر ڪري چڪو آهيان، جو ڀاڻج به ٿئي ۽ نياڻو به ٿئي.
ذوالفقار جي والد صاحب ٻڌايو ته سندس مامو ۽ سهرو محمد هاشم صاحب جڏهن به وٽن ايندو آهي ته هو بنگلي ۾ اندر ڪنهن ڪمري ۾ نه رهندو آهي پر بنگلي جي در ڀرسان هڪ سادي سودي ٺهيل ڪمري ۾ ئي اچي ترسندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته محمد هاشم صاحب جو کين چوڻ هوندو هو ته رات جو ڏهين وڳي کان پوءِ مون کي نه اٿاريندا ڪيو، پوءِ ڀلي کڻي صدر صاحب ئي ڇو نه اچي. هو تهجد پڙهندڙ ۽ گهڻي عبادت ڪندڙ هو. هن ٻڌايو ته محمد هاشم صاحب جن جي پيدائش جو سال 1924ع هو، جنهن تي مون ٻڌايومانس ته منهنجي ڄم سال به 1924ع آهي. محمد هاشم صاحب جن 79 سالن جي عمر ۾ سال 2003ع ۾ وفات ڪئي، محمد هاشم صاحب لاءِ قصو اڳتي وڌائيندي چيائين ته شهيد ذوالفقار علي صاحب جن پنهنجيءَ زمين لاءِ غيرقانوني واٽر ڪورس ڪڍرايو هو، جيڪو محمد هاشم صاحب ڊهرائي ڇڏيو، جنهن تي هن جي ملتان بدلي ڪرائي هيائين. محمد هاشم صاحب ملتان هليو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري واپس موٽيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب وري به ٻيو غيرقانوني واٽر ڪورس ڪڍرايو هو ته اهو به محمد هاشم صاحب ڊهرائي ڇڏيو، جنهن تي وري سندس بلوچستان بدلي ڪرائي ڇڏيائين. هو اوڏانهن هليو ويو. اتي سزا طور مقرر ٿيل عرصو گذاري واپس آيو. انهيءَ دوران شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ محمد هاشم صاحب تنهن وقت چيف انجنيئر هو. شهيد ڀُٽي صاحب جن پوءِ جڏهن سرڪاري ملازمن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ چاهيو. ان سلسلي ۾ تيار ڪيل سرڪاري ملازمن جي لسٽ هن وٽ آندي هئي ته محمد هاشم صاحب چيف انجنيئر جو نالو تنهن ۾ ڏسي هن چيو ته هو برابر ساڻس سُٺو نه هليو هو، پر هو نهايت ايماندار آفيسر هو. تنهن ڪري سندس نالو ان لسٽ مان ڪٽي ڇڏيائين. هو نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به ٿي رهيو هو. مان محمد هاشم صاحب ميمڻ جن لاءِ اڳ به ٻن ٽن هنڌن تي ذڪر ڪري آيو آهيان. هن لاءِ ائين به لکيو آهي ته ايريگيشن کاتي ۾ مون اهو واحد ايماندار آفيسر ڏٺو. منهنجو ڪن چيف انجنيئرن سان پنهنجي نوڪريءَ دوران گڏ رهڻ ٿيو آهي ۽ ڪن سان ته چڱو رستو به رهيو آهي، پر انهن مان ڪوبه ايماندار نه هو، تن ۾ 1. مسٽر شمس الدين ميمڻ. 2. مسٽر امان الله ميمڻ صاحب 3. مسٽر الهوسايو خان ڀٽي 4. مسٽر محمد شفيع جوڻيجو 5. مسٽر سردار احمد مغل 6. مسٽر مسعود ارباب 7. مسٽر عبدالرسول ميمڻ شامل آهن.
ڪافي عرصو اڳ عبدالحميد خان جتوئي لاڙڪاڻي مان سردار پير بخش خان ڀٽي جي مقابلي ۾ قومي اسيمبيليءَ جي سيٽ جي چونڊ لاءِ بيٺو هو. سندس ڪئمپ آفيس فقير محمد خان انڙ جي اوطاق ۾ قائم ڪئي ويئي هئي. ميان عبدالرحمان سومرو صاحب (شاهه پنجي وارو خالد محمود سومري صاحب جو والد) ڪئمپ جي نظرداري ڪندو هو. مان تڏهن ڪرمان باغ محلي ۾ رهندو هوس. ميان عبدالرحمان صاحب ڪئمپ لاءِ ڪجهه بسترا ۽ رڌپچاءَ لاءِ ٿانو ٿپا مون کان وٺي ويو هو. اليڪشن کان پوءِ واپس ڏئي ويو هو. عبدالحميد خان جتوئي ان اليڪشن ۾ هارائي ويو هو ۽ جڏهن ڳوٺ واپس پئي ويو ته سردار پير بخش خان ڀٽي کي سندس ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏيندو ويو هو.
هڪڙي ڏينهن پڪنڪ ملهائڻ جي ارادي سان مان پنهنجيءَ گهرواري سميت، منهنجو وڏو فرزند پنهنجن ٻارن سميت ۽ انعام منهنجو ڀاڻيجو پنهنجيءَ پوري فيملي سميت ۽ ڪجهه ٻيا ويجھا عزيز گڏجي ڪينجهر ڍنڍ تي پڪنڪ پوائنٽ تي وياسين. اسان جي اتي پهچڻ کان اڳ ٻيون ڪيتريون ئي فيمليون پڻ اتي پهتل هيون. هر هڪ فيملي اتي ڪناتون ٽن پاسن کان هڻي، اندر دريون (گلم) وڇائي ويٺي هئي. اسان به ساڳيءَ طرح ڪناتون وٺي پاسا بند ڪري، ڪمري وانگر ٺاهي، ان ۾ گلم وڇائي پنهنجو سامان رکي ويٺاسين. ڪناتون ۽ گلم اتي ڪرائي تي مليا پئي. گهڻو ڪري هر فيملي منجھند جي ماني گهران ئي تيار ڪري کڻي آئي هئي. اسان پڻ ايئن ڪيو هو. اتي ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هو. هر عمر جا مرد توڙي عورتون ۽ ٻار پڪنڪ ملهائڻ آيا هئا. اتي ڪيترائي نوجوان ۽ ٻار ڪرائي تي ورتل ٽيوبن تي ڪينجھر ڍنڍ ۾ وهنجي ۽ تري رهيا هئا ۽ ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻار ٻاهر بيهي انهن کي ۽ ڍنڍ جي خوبصورت نظاري کي ڏسي رهيا هئا. منهنجو ڀاڻج انعام ته خوب وهنتو ۽ تريو. پاڻ سان آندل مانيءَ جا ٻه ٽي گرهه کائي ور وري ڪري وڃي پئي ڍنڍ ۾ وهنتو ۽ تريو. کيس ڍنڍ مان نڪرڻ تي دل ئي نه پئي ٿئي. خير ڪافي وقت اتي اهو چهچٽو ڏسي، منجھند جي ماني کائي، ٺٽي شهر ۾ آياسين. جيڪو ڪينجهر ڍنڍ کان لڳ ڀڳ ويهن ڪلوميٽرن يا ان کان گهٽ وڌ مفاصلي تي هو. ٺٽي شهر ۾ پهچي اتي جي مشهور شاهي مسجد گهمي ڏٺيسين. اتي ٻپهريءَ جي نماز جو وقت ٿيو هو، انهيءَ ڪري اتي نماز به پڙهيسين. اتان ٿي پوءِ وري مڪليءَ تي اچي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب جن واري مسجد ڏسي پوءِ سندن مقام ۾ وياسين. مقام ۾ مخدوم محمد هاشم صاحب ٺٽويءَ جي مزار توڻي پير حسام الدين راشدي صاحب، شيخ عبدالحميد سنڌي صاحب جن جي مزارن تي وڃي قل پڙهي کين بخشياسين.
مون ته اُن مقام ۾ موجود رٽائرڊ ايس ڊي ايم حاجي محمد بچل جانوريءَ جي مزار تي به وڃي قل پڙهي کيس بخشيا. هن جي قبر ڀرسان سندس والده جي قبر به، ان ئي مخدوم صاحب جن جي مقام اندر ئي هئي. مقام مان نڪرندي اتي مدفون ٿيل سڀني کي قل پڙهي بخشياسين. اتان پوءِ مڪلي ٽڪري واري مقام ۾ آياسين. اهو مقام تمام وڏي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. ان مقام ۾ وڃي پهريائين ڄام نظام الدين يا ڄام نندي ۽ سندس دولهه دريا خان سپهه سالار جا مقبرا ڏٺاسين، پوءِ مائي مڪليءَ جي مزار ڏٺيسين. مقبرا تمام اوچا هئا. انهن جي اڏاوت ڏسي حيرت پئي لڳي ته اڳي ڪهڙا ته قابل ڪاريگر ٿي گذريا آهن. مقبرن جا دروازا تنهن وقت بند هئا، تنهن ڪري اندر نه وڃي سگهياسين، رڳو ٻاهران ڏسي سگهياسين. ڄام نظام الدين ۽ سندس دولهه دريا خان جي مزارن جي اندر نه وڃي سگهياسين. مائي مڪليءَ جي قبر هڪ چبوتري ۾ هئي، سا ان چبوتري جي مُنهن کان ڏسي سگهياسين ۽ اتي قل پڙهي کيس بخشياسين. آخر ۾ عبدالله شاهه اصحابيءَ جن جي درگاهه تي اچي قُل پڙهي کين بخشياسين ۽ دعا گهري خير خوبيءَ سان حيدرآباد موٽي آياسين.
مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ مسٽر عبد محمدکوکر (رٽائرڊ ٽريئري آفيسر) جي شاگرديءَ واري دور بابت ڪافي ڪجهه لکيو آهي. عبد محمد کوکر صاحب واقعي هڪ زندهه دل، خوش مزاج، ٺڪائي ڀوڳائي ماڻهو هو. هن سان اسان جي سنگت وارن جون به ڪچهريون ٿينديون هيون. عبد محمد کوکر صاحب بابت هڪ ٻڌل قصو هو ته جڏهن هڪ ڀيري (شايد شاگرديءَ واري وقت ۾) ڳوٺ پئي آيو. ٽرين مان لهي پليٽ فارم تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ گيٽ تي پهتو ته گيٽ ڪيپر هن کان ٽڪيٽ گهري، پر هن وٽ ٽڪيٽ ڪانه هئي. انڪري گيٽ ڪيپر کيس ٻاهر وڃڻ کان روڪيو. جنهن تي هن ڇا ڪيو جو گيٽ کان ٿورو پوئتي پليٽ فارم تي وڃي پنهنجي مٿي جي ٽوپي هڪ هٿ ۾ ڪري وات چٻو ڪري هڪ اک ٻوٽي، شلوار جا ور کنجي مٿي ڪري، ٻيو هٿ گوڏي تي رکي لنگڙائيندو وري انهيءَ گيٽ تي آيو. گيٽ ڪيپر هن کي نه سڃاڻي سگهيو. هن کيس شايد هڪ پينو فقير سمجھي گيٽ کان ٻاهر نڪرڻ ڏنو. هو جيئن گيٽ کان ٻاهر نڪتو ته اڳي وانگر ٺيڪ ٺاڪ ٿي سڌو گهمي هيٺ لهي آيو. گيٽ ڪيپر جو هن کي ان حالت ۾ ڏسندي ئي وات ڦاٽي ويو. هُو وائڙو ٿي ويو ته هو ڪيئن کيس بيوقوف بڻائي نڪري ويو، پر کيس پوءِ ته ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيو.
جيئن ته هن بابت اهو قصو ٻڌل هو، تنهن ڪري هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي کيس حاضر سنگت چيوسين ته عبد محمد! اهو ڊرامو ته اسان کي به ڪري ڏيکار، جنهن تي هن اها ساڳي ائڪٽنگ ڪندي ٻه ڀيرا ڊرامو ڪري ڏيکاريو، جنهن تي ڪچهريءَ ۾ ويٺل سڀ ڏاڍو کلياسين ۽ وڏا ٽهڪ ڏناسين. عبد محمد خان اصل ڳوٺ شاهپور، تعلقي ميرو خان جو رهواسي هو، پوءِ لڏي اچي لاڙڪاڻي ڪليڪٽر صاحب جن جي آفيس جي ڪمپائونڊ کان ٻاهر ٿوري ئي مفاصلي تي جڳهه ٺهرائي اچي رهيو هو. مون پنهنجي ميرو خان تعلقي ۾ ورتل زمين، جيڪا حاڪم علي گوپانگ کي وڪرو ڪري ڏني هئي، تنهن جو ذڪر اڳ ڪري آيو آهيان. ان کان ڪافي عرصو اڳ ان جو سودو عبد محمد خان کوکر سان پئي ٿيو ۽ پروگرام به رکيوسين ته هلي اها زمين پاڻ ڏسي ايندو. الله پاڪ جي قدرت جو پروگرام واري ڏينهن ئي، اوچتو دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. رب پاڪ کيس جنت بخشي. (آمين).
منهنجي گهرواريءَ کي ٻيون به ٽي ڀينرون هيون. هڪ سڳي ماءُ مان ۽ ٻه سندس والد جي ٻيءَ گهرواريءَ مان. سندس سڳي ڀيڻ ته گهڻو عرصو اڳ وفات ڪري وئي آهي. باقي سندس ٻيون ٻه ڀينرون زندهه آهن. منهنجي گهروايءَ جي ٽنهي ڀينرن جا گهڻو عرصو اڳ ئي حج ڪيل آهن. منهنجي گهرواريءَ جي به اها ئي آرزو رهندي آئي هئي ته خدا تعاليٰ کيس حج جو فرض ادا ڪرڻ نصيب ڪري ۽ ان لاءِ رب پاڪ کي سدائين ٻاڏائيندي ايندي هئي. سڀ ڪم بس الله تعاليٰ جي امر سان ئي ٿئي ٿو. جڏهن اهو پنهنجي بندي تي راضي ٿئي ته سندس اميد پڄائڻ ۾ دير ئي نه ٿي ٿئي.
رب پاڪ به ائين منهنجي گهرواريءَ جي حَج ڪرڻ جي آرزو پوري ڪئي، جو کيس 80 سالن جي عمر ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ نصيب فرمايو. سال 2010ع ۾ پنهنجي ننڍي پٽ محمد سليم سان گڏ وڃي حج ڪري آئي آهي. حج تي روانگي تاريخ 20 آڪٽوبر 2010ع تي سندن ڪراچيءَ مان پي آءِ اي جي فلائيٽ ۾ ٿي ۽ واپسي 30 نومبر 2010ع تي ٿي. عجب اتفاق جو منهنجي پٽ محمد سليم جي نياڻي ماريا جي سالگرهه به ان تاريخ تي هئي. منهنجي وڏي پٽ غلام ياسين ۽ سندس گهرواريءَ کي الله تبارڪ وتعاليٰ سال 2013ع ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي آهي.
منهنجي سوٽ جي پٽ بشير احمد ۽ اسان جي پاڻ ۾ ڪافي وقت کان اڻبڻت رهندي پئي آئي، جنهن بابت مان تفصيل سان ذڪر اڳي ڪري آيو آهيان، پر منهنجو پٽ محمد سليم حج ڪري ڀلي پار کان موٽڻ کان پوءِ سندس گهر وڃي ساڻس مليو ۽ ڀلي پار کان آندل ڪجهه سوکڙي پاکڙي به کيس ڏئي آيو هو. ان کان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ اڳ واري اڻبڻت ختم ٿي وئي. هاڻي هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ به ٿيندو آهي.
مان دادوءَ ۾ جڏهن آخري ڀيرو پهرين نومبر 1982ع کان 4 نومبر 1984ع تائين اي ڊي ايم هوس، تڏهن هڪڙي ڏينهن منهنجي ڪنهن واقفڪار ماڻهوءَ اچي چيو ته سيتا سب ڊويزن جي ايس ڊي او نثار علي عباسيءَ ۾ سندس ڪم آهي، سو ان کي سندس پارت ڪيان. مون چيومانس ته هو جڏهن دادوءَ آيو ته کيس چوندس. جنهن تي ٻڌايائين ته اڄ هتي انجنيئر صاحب وٽ ميٽنگ ۾ آيل آهي. مون پوءِ انجنيئر صاحب جي پي اي کي چيو ته نثار علي صاحب کي چئي ڇڏي ته ميٽنگ مان فارغ ٿئي ته مون سان ملندو وڃي، پر هو جهٽ آيو ته ٻڌايائين ته پي اي ميٽنگ هلندي ئي کيس فون تي اهو نياپو ڏنو ته انجنيئر ڏيٿي صاحب پڇيو ته ڪنهن جي فون هئي ته مون کيس اوهان جي نياپي بابت ٻڌايو. جنهن تي هن چيو ته اي ڊي ايم اهو آهي نه، جنهن انجنيئر کي جيل ۾ پئي وڌو ۽ تون ميٽنگ کي هاڻي ڇڏي، اي ڊي ايم صاحب ڏي وڃ. انهيءَ ڪري هو ميٽنگ ڇڏي آيو آهي. نثار علي عباسي صاحب سان منهنجي چڱي دوستي هئي، جو هو منهنجي ناناڻن واري ڳوٺ آريجا جو رهواسي هو. اتي هن جي وڏي ڀاءُ حاڪم علي خان سان ڪجهه وقت گڏ پڙهيو هوس.