شخصيتون ۽ گهمڻ
مون نوڪريءَ کان اڳ ۽ نوڪريءَ دوران ٻن سرڪاري ملازمن کي تمام سهڻي پوشاڪ پهريندڙ (Well dressed) ڏٺو آهي. پهريون مسٽر غلام الله ميمڻ صاحب (ويٺل هالا). هو جڏهن ڪمشنر آفيس ۾ ”پروينٽوِ آفيسر هو، تڏهن کيس مون ڏٺو هو، جنهن مهل هُو تمام سهڻي ڊريس پائي ڊيوٽيءَ تي پئي ويو. ٻيو آغا نور الله. جڏهن هو شهدادڪوٽ تعلقي ۾ مختيارڪار هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن وٽ ميٽنگ ۾ ايندو هو ته تمام سهڻي بت تي سٺي ٺهندڙ ڊريس پائي ايندو هو. غلام الله ميمڻ ۽ آغا نورالله سهڻي شباهت ۽ سٺي هڏ ڪاٺ وارا ماڻهو هئا. آغا نور الله دل جي دوري پوڻ تي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل هو، پر وفات ڪري ويو. خدا تعاليٰ جي قدرت جو، جنهن ڏينهن سندس سنڌ جي ڪمشنر ٿيڻ جو آرڊر نڪتو، هن جي وفات به ان ئي ڏينهن ٿي. مان ميرو خان تعلقي ۾ ٽي ڀيرا تعلقي هيڊ منشي ٿي رهيو هوس، جنهن دوران سڪندر حيات خان کهاوڙ ۽ سندس ڏاڏي حاجي محمد علي صاحب جن سان تمام گهاٽو رستو ٿي ويو هو. جڏهن هو ميرو خان يا لاڙڪاڻي ايندا هئا ته مون وٽ ئي اچي ترسندا هئا. مان پوري ضلعي ۾ هيڊ منشي ٿي رهڻ دوران رڳو هن وٽ ئي سندن ڳوٺ نه ويو هئس ۽ رات ٽڪيو هئس. البت ڌگاڻي مهيسر جي مهيسر زميندارن حاجي محمد نواز، حاجي نظر محمد خان، حاجي در محمد، حاجي مومن خان، حاجي خير محمد ۽ سندس ڀاءُ گدا حسين سان دعا سلام هوندي هئي.
مان سال 1968ع ۾ منهنجي مختيارڪار طور پروموشن ٿيڻ کان وٺي سال 1984ع ۾ ملازمت تان رٽائرمينٽ تائين لاڙڪاڻي کان ٻاهر ئي رهيس ۽ انهي عرصي دوران لاڙڪاڻي اچڻ تمام گهٽ ٿيندو هو، ايتريقدر جو ڪن عيدن تي به ٻاهر نوڪريءَ واري هنڌ تي ئي هوندو هئس.
سڪندر حيات خان کهاوڙ سان تمام گهاٽا تعلقات هئا. هو ۽ مان سال 1959ع ۾ ٻه مهينا زيارت ۾ به گڏ وڃي رهيا هئاسين، جنهن بابت ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. تنهن هوندي به، سال 1968ع کان وٺي سندس وفات (جيڪا ٻه سال کن اڳ ٿي) تائين رڳو ٽي ڀيرا ملاقات ٿي سگهي. پهريون، سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻ لاءِ وڃڻ ٿيو. ٻيو، سندس اغوا ٿي ويل پٽ جڏهن بازياب ٿي واپس آيو ته کيس مبارڪ ڏيڻ ويو هوس. ٽيون، هڪ ڏينهن مان وي آءِ پي روڊ سان ٽانگي تي پئي ويس ته سوڪرانو ٽاور وٽان هو پٺيان پنهنجيءَ جيپ ۾ پئي آيو ته مون کي ڏسي جيپ مان لٿو. مان به ٽانگي تان لهي پيس. چڱو ٽائيم بيٺي بيٺي حال احوال ڪيوسين، جنهن کان پوءِ هو هليو ويو. ان کان پوءِ وري سندس حياتيءَ ۾ ساڻس ملاقات نه ٿي.
سڪندر حيات خان جو پٽ اعظم حيات خان کهاوڙ هاڻي لاڙڪاڻي ۾ رهندو آهي ۽ يونائيٽڊ بئنڪ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سڪندر حيات خان جي وفات جي خبر مون کي منهنجي سؤٽ بشير احمد خان ٻڌائي. سا به گهڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ. مون تنهن کان پوءِ اعظم حيات خان سان سندس والد صاحب جي وفات تي تعزيت لاڙڪاڻي فون وسيلي ڪئي، انڪري جو مان سفر نٿو ڪري سگهان.
مان اڳ لکي آيو آهيان ته (اڳوڻي) ضلعي ميرپورخاص ۾ ننگر پارڪر تعلقو ئي رڳو منهنجو ڏٺل ناهي. مان ننگرپارڪر ۾ هڪ قديمي مسجد ۽ هندن جي مندر جي مشهور هجڻ بابت ٻڌندو هئس. انهيءَ ڪري دل چوندي هئي ته ڪو موقعو ملي ته اهي به ڏسي اچان. تاريخ 31 آڪٽوبر 2009ع ڇنڇر جي ڏينهن منهنجي نياڻي ۽ عبدالحميد شيخ پنهنجي پوري فيملي سميت ٿر جي علائقي ڏسڻ جو پروگرام رٿيو. مون کي به گڏ هلڻ لاءِ چيائون، جنهن ڪري مان به ساڻن گڏجي ويس. عبدالحميد جو هڪڙو دوست سجاد ميمڻ صاحب به پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ پنهنجي فيملي (سندس گهرواري ۽ ٽي ٻارڙا) اسان سان گڏ وٺي هليو. سجاد ميمڻ اصل ڏيپلي شهر، جيڪو به ٿر جي ايراضيءَ ۾ آهي، جو ويٺل هو، پر هاڻي مستقل طور حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ رهندو آهي. سندس اسٽيٽ ايجنسي آهي. سندس گھرواري به ڪنهن اسڪول ۾ ٽيچر طور نوڪري ڪري رهي آهي. هو اڃا پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏيپلي به ويندو آهي، جتي، سندس چواڻي، هن جي اباڻي جڳهه اڃا به موجود آهي. اسان هتان حيدرآباد مان ٻن گاڏين (هڪ عبدالحميد جي ذاتي گاڏي ۽ ٻي سجاد صاحب جي گاڏي) ۾ ڇنڇر ڏينهن قريبن اڍائي وڳي ڌاري منجھند جو نڪتاسين ۽ ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻيءَ، ڊگهڙيءَ ، ٽنڊي جان محمد، جهڏي کان ٿيندي نئون ڪوٽ پهتاسين ۽ ان کان پوءِ ٿر جي شروعات ٿي ٿئي.
مان جڏهن سال 1979ع ۾ ڊگهڙيءَ ۾ ايس ڊيم ايم هوس ته سب ڊويزن ڊگهڙيءَ جي حد دمبالي کان وٺي نئون ڪوٽ تائين هئي. ان دور ۾ نئين ڪوٽ کان اڳتي ٿر ۾ ڪو پڪو رستو نه هوندو هو. اتان ماڻهو توڙي ڍور ڍڳا ۽ ٻيو سامان سڙو کيکڙن ۾ ويندو هو. ان وقت مٺيءَ ۾ مسٽر محمد عظيم ابڙو، ويٺل رتوديرو. ايس ڊيم ايم هو، جنهن کي جڏهن ميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ميٽنگ ۾ اچڻو پوندو هو ته ”فور وهيلر“ جيپ ۾ ايندو هو، انڪري جو ٿر ۾ واريءَ ۾ رڳو اهڙي جيپ ئي هلي سگهندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا ته سويل اچي مون وٽ ناشتو ڪيو هئائين ۽ پوءِ گڏجي ميٽنگ ۾ ويا هئاسين.
نئين ڪوٽ کان پوءِ مٺيءَ وياسين. ان سفر ۾ اسان کي لڳ ڀڳ ساڍا ٽي يا چار ڪلاڪ لڳا هئا، انڪري جو واٽ تي ميرپورخاص وٽ ڪجهه رستو خراب هو. هاڻي ته نئون ڪوٽ کان اڳتي ٿر جي ايراضيءَ وارن تعلقي هيڊ ڪواٽرن تائين گهڻي ڀاڱي پڪا رستا ٺهي ويا آهن، انهيءَ ڪري سفر ڏاڍو سولو ٿي ويو آهي. مٺيءَ تائين پهچندي اسان کي رات ٿي وئي هئي. انهيءَ ڪري رات مٺيءَ ۾ ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ جو پروگرام هو. عبدالحميد ڪنهن هوٽل تي هلڻ کان اڳ ڪجهه ضروري خريداري ڪرڻ پئي چاهي. انهيءَ ڪري سڌو هلي هڪڙي ڪپڙي جي دڪان ويجهو گاڏيون بيهاري ٻارن کي ساڻ وٺي هليو. ان دڪان ۾ ڪپڙي جي تاڪين جو سسٽم نه هو، پر هڪ هڪ ڊريس جدا جدا ٿيلهيءَ ۾ رکيل هئي. ٿيلهيون ڏاڍي سجايل نموني ۾ رکيل هيون. دڪاندار پوءِ عبدالحميد ۽ سندس ٻارن جي چوڻ تي ٿيلهين مان ڊريسون ڪڍي ڏيکاريندو پئي ويو. سڀ زنانيون ڊريسون رکيل هيون ۽ ڪجهه چادرون (Bad sheets) ۽ ٿورو گهڻو ٻيو ڪپڙو به رکيل هو. ان کان علاوه پرس به چڱا رکيل هئا.
عبدالحميد ۽ سندس ٻارن (گهرواري ۽ نياڻين) جيڪي ڊريسون پسند ڪيون، اهي خريد ڪيون ۽ انهن ڪجهه پرس به خريد ڪيا. مون ٻه چار ڊريسون خريد ڪيون. اتان فارغ ٿي پوءِ پارڪر هوٽل ۾ ٽي ڪمرا وٺي انهن ۾ رهياسين. پارڪر چڱو هوٽل هو. اتي ماني به سٺي ملي. هڪ ڪمري جو چوويهن ڪلاڪن لاءِ ڪرايو 300 رپيا هو. پهرين نومبر آچر جي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪري ننگرپارڪر وڃڻ کان اڳ مٺي شهر کان ٻاهر ٽجڪريءَ تي ٺهندڙ تفريح گاهه وڃي ڏٺيسين، جتي ڪيتري عرصي کان ڪم هلندڙ هو. ان جي مڪمل ٿيڻ لاءِ اڃا ڪافي وقت گهربل هو. ان هنڌ ڪجهه تصويرون به ڪڍيوسين. ان ٽڪريءَ تان مٺي شهر تمام هيٺ پئي ڏٺو ۽ ان وقت ڌنڌ هجڻ ڪري صاف نظر نه پئي آيو. اتان کان پوءِ ننگرپارڪر ڏانهن روانا ٿياسين. رستي ۾ اسلام ڪوٽ شهر هو، پر شهر ۾ اندر نه وياسين. ٻاهران ئي سڌو ننگرپارڪر وياسين. ڏهين ڌاري اتي پهتاسين. ننگر پارڪر ۾ قديمي مسجد ۽ مندر به ڏٺاسين. اسان پهريان مندر ڏسڻ وياسين. مون مٺيءَ کان ننگرپارڪر ويندي ڳائي مال (ڍڳين) جا ڪافي ولر رستي سان هلندي ڏٺا، جيڪي ٿر جي ماڻهن لاءِ روزگار جو وڏو ذريعو آهن. ڍڳيون البت ايتريون ساڄيون نه هيون. جيئن ته مندر تائين پهچڻ لاءِ ڪار جو رستو نه هو، انهيءَ ڪري اسان کي گاڏيون مندر کان اٽڪل ٻه ڪلو ميٽر کن اورتي روڪڻيؤن پيون. پوءِ اسين سڀ گاڏين مان لهي مندر ڏانهن پيادل وياسين. چڱو پنڌ واريءَ تان اڪري هڪڙي اهڙي هنڌ پهتاسين، جتان هڪ لاهي تان لهڻو هو، جيڪا سيمينٽ جي ٺهيل هئي ۽ نهايت اُڀي ۽ ڪافي ڊگهي توڻي لسي هئي، جنهن تي هلڻ سان پير ترڪڻ جو ڏاڍو ڊپ پئي ٿيو، پر ان تان آهستي آهستي ڏاڍي احتياط سان هلي هيٺ لٿاسين. جتان وري به واريءَ مان چڱو پنڌ هلي مندر وٽ پهتاسين.
اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ ننگرپارڪر ۾ ميلو هو. ٿرين جا ڪيترا ٽولا مندر ڏانهن اچي وڃي رهيا هئا، جن ۾ مرد، عورتون، پوڙها، نوجوان ۽ ٻار شامل هئا. اهي رکي رکي ”جئي ماتا جي“ جو نعرو هڻندا پئي ويا ۽ اهي ايندڙ ويندڙ ٽولا هڪٻئي کي ڪراس ڪندي ”جئي ماتا جي“ چئي کيڪاريندي پئي ويا.
مندر کان ٿورو اورتي هڪ هنڌ پاڻيءَ جي حوض هو، جتان رڍن جا ڌڻ پاڻي پي هلندي پئي ويا. ڪجهه ٻڪريون به پاڻي پيئندي ڏسڻ ۾ آيون. جڏهن مندر ويجھو پهتاسين ته مندر ٻاهران هڪ تلاءُ هو، جنهن ۾ بيٺل پاڻي سائو پئي ڏٺو، تنهن مان ٿري زيارتين پاڻي پئي پيتو. توڻي جو تلاءَ وٽ هڪ بيٺل ماڻهو، وڏي واڪي زيارتين کي چئي رهيو هو ته هيءُ پليت پاڻي پي مندر ڏي نه وڃو. پر اهڙي بار بار اعلان کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري، هو تلاءَ مان پاڻي پي مندر ڏانهن پئي ويا. اهڙا زيارتي به گهڻا هئا، جن پاڻي نه پئي پيتو. مون کي ته لاهيءَ تان لهندي ڏاڍو ڊپ پئي ٿيو ته پير ترڪي نه وڃي. توڻي جو مون کي هٿ ۾ چڱو لڪڻ به هو، جيڪو مان ڄنگهه ۾ سور جي عارضي ڪري چئن سالن کان هميشه کڻندو ٿو اچان. پر ٿري ماڻهن جا ٽولا، ڪنهن به ڊپ ڊاءِ کان سواءِ مندر ڏانهن ايندي ويندي، لاهيءَ تان لٿا چڙهيا پئي. توڻي جو ڪيترن مردن توڙي عورتن کي مٿي تي ڪافي سامان به هو.
انهن ٿرين جي ٽولن ۾ ميگهواڙ، ڪولهي، اوڏ، ڀيل، باگڙي ۽ هريجن به هئا، پر اڪثريت ميگهواڙن جي هئي. ڪارونجهر جبل به اتي لاهيءَ ڀرسان ئي هو. مندر ڪو وڏو نه هو. ٿورو صحن، ان کان پوءِ ٿورو ورانڊو (ڇاپرو) ۽ ان کان پٺيان هڪ ننڍي ڪمري ۾ مندر جي در سامهون هڪ مورتي. ديويءَ جي مُنڍي ڀت تي لڳل هئي، جنهن جي سامهون ايندڙ ٿري زيارتي عقيدي موجب در جي چانئٺ تي مٿو (سجدي وانگر) گهڙي کن لاءِ ٽيڪي پوءِ واپس ٿيندا پئي ويا. اسان اتي به ڪجهه تصويرون ڪڍيون ۽ واپس ٿياسين. ساڳيو واريءَ جو پنڌ ٻيهر لتاڙي لاهيءَ وٽ پهتاسين، ته صاف ڏٺو پئي ته اها لاهي هاڻي هڪ تمام اُڀي ۽ ڪافي ڊگهي چاڙهي هئي، جنهن تي چڙهڻو هو. اتي ڪجهه ٿري ماڻهو جيڪي ٻوٽن جي ڇانو ۾ ٿڪ ڀڃي رهيا هئا، انهن چيو پئي ته خيال سان وڃجو، ڇاڪاڻ ته جي پير ترڪي ويو ته سڌو هيٺ اچي ڪِرندا. اها چاڙهي نه رڳو تمام اُڀي ۽ ڪافي ڊگھي هئي، پر ان کان علاوه ڏاڍي لسي ترڪڻ واري به هئي. پوءِ الله تعاليٰ کي سنڀاريندي چاڙهيءَ تي آهستي آهستي هلڻ لڳاسين. ٿورو پنڌ هلياسين ته منهنجي نياڻيءَ اچي منهجو هٿ جھليو ۽ ٻئي گڏجي هلڻ لڳاسين. ٿورو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مان هڪ پٿر تي ويهي ٿوري ساهي پٽي اٿي هلڻ لڳس. هلڻ مهل منهنجي نياڻي عبدالحميد اچي ٻانهن کان ورتو. مون کي هڪ ٿري ماڻهوءَ ٿڪل ڏسي اچي ٻيءَ ٻانهن کان ورتو. ڪجهه مفاصلو طئه ڪيوسين ته ٿريءَ چيو ته اوهان کي کڻي هلان، پر مون کيس چيو ته، نه مان پنڌ ڪندو ٿو هلان. نيٺ چاڙهي چڙهي مٿي پهتس. جتان پوءِ به واريءَ ۾ چڱو پنڌ ڪري گاڏيءَ وٽ پهتاسين. ٻيا سڀ اڳ ئي گاڏين وٽ پهچي چڪا هئا. رڳو منهنجي اچڻ لاءِ ترسيا بيٺل هئا. ان وقت منهنجي عمر 85 سالن کان به مٿي هئي).
اتان پوءِ سڀ گاڏين ۾ چڙهي مشهور ۽ تمام قديمي مسجد ڏسڻ وياسين، جا هڪ ميدان تي هئي. گاڏيون به مسجد ڀرسان بيهاريون سين. مسجد شريف کان اورتي آثار قديمه جي اختيارين پاران هڪ وڏو بورڊ لڳايل هو، جنهن تي مسجد بابت معلومات لکيل هئي، جيڪا هيٺينءَ ريت هئي: هيءَ هڪ ننڍڙي مسجد ڪارونجھر جي ڀوڏيسر تلاءَ جي ڀر ۾ آهي. جيڪا اڇي سنگمرمر جي پٿر سان محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين، گجرات جي حاڪم، سال 1505ع عيسويءَ مطابق 880 هجريءَ ۾ ٺهرائي، جنهن کي ٽي گنبذ آهن، جيڪا اڏاوت ۾ هندو ۽ ٻي قوم جي فن تعمير جو نمونو آهي ۽ محراب وارو حصو لڳ ڀڳ چورس ٺهيل آهي، جنهن کي سنگمرمر جا ٿنڀ ڏنل آهن. هن جي مهاڙي ڪنگرن سان سجايل آهي. اوڀر ۾ اڱڻ آهي، جنهن تي مقامي تراشيل پٿر جو ڪٽهڙو ڏنل آهي. ڀوڏيسر وارو تلاءُ ڪارونجهر جي دامن ۾ هو، تنهن وقت ان ۾ پاڻي گهڻو نه هو.
اها مسجد به وڃي ڏٺي سين، اتي ٻپهريءَ جي نماز جو وقت به اچي ٿيو هو، انڪري نماز به انهيءَ مسجد ۾ پڙهي سين ۽ ڪجھه تصويرون به ڪڍيون سين. مسجد مان ٿي پوءِ واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسين. واپس ايندي پهريائين اسلام ڪوٽ شهر ۾ وياسين، جيڪو ٿر ۾ هڪ چڱو وڏو ۽ مشهور شهر آهي. هاڻي ان کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي. ننگرپارڪر کان اسلام ڪوٽ تائين لڳ ڀڳ 90 ڪلوميٽر مفاصلو آهي. اسلام ڪوٽ پهچندي منجھند جي مانيءَ جو وقت اچي ٿيو هو، سو حر مجاهد هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ مٿي چڙهياسين. عبدالحميد ۽ سجاد صاحب جا ٻار اندر هوٽل جي ڪمري ۾ ماني کائڻ لاءِ وڃي ويٺا. عبدالحميد، مان، سجاد صاحب ۽ ڊرائيور هوٽل جي ورانڊي ۾ ماني کائڻ لاءِ ويٺاسين. هوٽل ۾ گراهڪن جي ويهڻ لاءِ ڪانن جا موڙا رکيل هئا ۽ ماني رکي کائڻ لاءِ ٽيبلون به ڪانن جون ٺهيل هيون، جن مٿان پلاسٽڪ جا ڪوَر ٽاڪيل هئا. هوٽل ۾ آرڊر ڏيڻ تي کائڻ لاءِ جيڪا ماني ملي سان به سٺي نه هئي پر روزي هئي انهيءَ ڪري شڪر ڪري کاڌي سين.
مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ئي چڀڙن جي ڀاڄي ڏٺي، جنهن جي پڻ ٻين ڀاڄين سان گڏ هڪ پليٽ اندر ٻارن لاءِ ۽ ٻاهر پاڻ لاءِ گهرائي سين، پر مان اها نه کاڌي. اسان ڏي اپر سنڌ ۾ چپڙن کي متيرا سڏبو آهي، پر اسان انهن جي ڀاڄي نه ٺاهيندا آهيون. باقي اڌواڌ ڪري سڪائي ٺوٺ ڪري رکندا آهيون ۽ پوءِ اهي جڏهن کائڻ چاهيندا آهيون ته تري اڪثر ڪري چانورن سان کائيندا آهيون، جيڪي ڏاڍا مزيدار ۽ ڪڙڪ لڳندا آهن.
اسلام ڪوٽ کان واپس اچي وري مٺيءَ ۾ ساڳي دڪان تي چڙهياسين، جتان پهريان ويندي مهل خريداري ڪئي هئي سين. اُتان عبدالحميد ڪجهه واڌو خريداري ڪئي. پوءِ هو ٻارن سميت ڪنهن ٻئي دڪان تان خريداري ڪرڻ ويو، پر مان ان دڪان تي ئي ويٺو رهيس. دڪاندار جنهن پنهنجو نالو ڪيلاش راٺي ٻڌايو. ان کان حال احوال وٺڻ ويٺس. مٺيءَ جا چار ڄڻا منهنجي نوڪريءَ دوران پڻ نوڪريءَ ۾ رهيا هئا، جن مان ڀوڄراج راٺي. جيڪو ايس ڊي ايم ٿي رهيو هو، ان جي ته خبر هئي ته ديهانت ڪري ويو هو. سندس ڀاءُ امبارام به سانگھڙ ۾ اي ڊي ايم ٿي رهيو هو، ان جي خبر هئي ته هو هاڻي ميرپورخاص ۾ رهندو آهي. جڏهن عبدالحميد ميرپورخاص ۾ ٽريزري آفيسر هو ته منهنجو وٽس وڃڻ ٿيو هو. تڏهن امبارام منهنجي ۽ عبدالحميد جي پنهنجي رهائش تي دعوت به ڪئي هئي. باقي تلجارام تڏهن خيرپور ۾ اي ڊي ايم رهيو هو، جڏهن مان ٺري ميرواهه ۾ ايس ڊي ايم هوس. هريرام منهنجي دادوءَ ۾ اي ڊي ايم هئڻ وقت سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيو هو. انهن ٻنهي لاءِ ٻڌايائين ته اهي ديهانت ڪري ويا آهن. وڌيڪ اهو ٻڌايايئن ته اهي چارئي ڄڻا ڀوڄراج، امبارام، تلجارام ۽ هريرام سندس رشتيدار هئا. مون کانئس وڌيڪ پڇيو ته سندس دڪان ۾ اسٽاڪ ڪيترو هوندو، جنهن تي چيائين ته اندازن 25 لک رپين جي سيڙپ آهي. مون وري کانئس وڌيڪ پڇيو ته ايتري اسٽاڪ هوندي اوهان جو روزانو سراسري ڪيترو وڪرو ٿيندو آهي. هن جواب ۾ ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 7 هزار رپيا. وڌيڪ چيائين ته ايترو گهٽ وڪرو انڪري آهي جو سندس دڪان مارڪيٽ ۾ آهي. مٺيءَ ۾ گهڻائي هندن جي آهي، جن جون عورتون مارڪيٽ ۾ نه اينديون آهن. البت مٺي ضلع هيڊ ڪواٽر ۽ وڏي واپاري مرڪز آهي، تنهن ڪري، ٻهراڙيءَ جا ماڻهو يا اسان وانگر ٻاهران ايندڙ ماڻهو خريداريءَ لاءِ دڪان تي ايندا آهن. اسان مجموعي طور 14/15 هزار رپين جي خريداري ڪئي هئي. اسلام ڪوٽ کان مٺيءَ تائين لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي. مٺيءءَ مان ٿي پوءِ نئون ڪوٽ، جهڏو (جيڪو به هاڻي تعلقي هيڊ ڪواٽر آهي) ٽنڊو باگو، تلهار، ماتلي ۽ ٽنڊي محمد خان واري رستي سان خيرخوبيءَ سان رات جو لڳ ڀڳ 10 وڳي حيدرآباد پهتاسين.
مون دڪاندار ڪيلاش راٺيءَ کان جڏهن مٺيءَ ۾ امن امان بابت پڇيو هو ته چيو هئائين ته اڳ امن امان سٺو هوندو هو ۽ ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه ٿيندو هو، پر جڏهن کان روڊ پڪا ٿيا آهن ته ڪجهه ڊپ رهندو آهي، ڇو جو ڪي رهزن مٺيءَ ۾ ڪا ڏوهه جي واردات ڪري پڪي روڊ تي چڙهن ٿا ته پوءِ خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪيڏانهن ويا.
ننگر پارڪر شهر کان ڪافي ٻاهر مفاصلي تي آرمي وارن طرفان هيلي پئڊ ٺهيل آهي، انڪري جو اتان هندستان جو بارڊر گهڻو پري نه آهي. ان هيلي پئڊ تي رڳو هيليڪاپٽر ئي لهي سگهن ٿا. اها گهڻي وڏي ناهي جو وڏا جهاز اتي لهي سگهن.
اخبارن ۾ اهي خبرون عام پڙهجن پيون ته اڄڪلهه جو اولاد پنهنجن پيرسن والدين (پيءُ ماءُ) کي گهرن مان ڪڍي ڇڏين ٿا. جيڪي ويچارا پوءِ ڪنهن خيراتي اداري ۾ پناهه وٺي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪن ٿا ۽ هن دارالفنا مان دارلبقا ڏانهن راهي ٿي وڃن ٿا. مان هتي رڳو هڪ فرمانبردار پٽ ۽ هڪ نهايت نافرمان پٽ جو قصو مثال طور ڏيڻ چاهيان ٿو.