آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

هيڊ منشي تعلقه لاڙڪاڻه

مان لاڙڪاڻي تعلقي ۾ رڳو هڪ ڀيرو 12.06.1957 کان 24.08.1957 تائين هيڊ منشي ٿي رهيس.
جمع خان مختيارڪار هو. مير شهداد خان ٽالپر لاڙڪاڻي سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو. هڪڙي رات خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي صاحب جن جو ماڻهو منهنجي جاءِ تي آيو ۽ چيائين ته خانبهادر صاحب چيو آهي ته صبح جو آفيس وڃان ته ساڻس سندس بنگلي تي ملندو وڃان. خانبهادر صاحب انهن ڏينهن ۾ پنهنجي اوائلي ايمپائر روڊ واري بنگلي ۾ رهندو هو.
مان صبح جو سندن بنگلي تي ويس ۽ کين اطلاع ڪرايو، جنهن تي مون کي اندر پاڻ وٽ گهرائي رڳو ايترو چيائين ته سندس ڪمدار تي منهنجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي، ان جو ترت فيصلو ڪجو. مان هائو ڪري پوءِ کانئن اجازت وٺي آفيس آيس پر منهنجي لاڙڪاڻي تعلقي مان ترت ئي بدلي ٿي وئي. ان ڪيس جي هڪ شنوائي، منهنجي ٽائيم ۾ ڪانه ٿي.
ان سال ڍل جو ريٽ (رڪب) اوچتو وڌي آيو هو. تعلقي جي ڍل جي مڪمل وصولي ڪري، ٻي باقيءَ جي رپورٽ 31 جولاءِ تي ڏيڻي پوندي هئي پر جيئن ته ڍل جو ريٽ اوچتو وڌي آيو هو ۽ 31 جولاءِ تاريخ نزديڪ هئي انهيءَ ڪري ڍل جي وصولي ايتري خاطرخواهه طرح نه پئي ٿي، جو مقرر تاريخ تي ٻي باقي ڏئي سگهجي. اها حالت ڏسي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب (مير شهداد خان ٽالپر) تعلقي جي سمورن تپيدارن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ مون کي ۽ مختيارڪار صاحب کي به پاڻ وٽ گهرايو، اسان ٻئي سندن پاسي ۾ رکيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين.
ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جن سڀني تپيدارن کي پنهنجي سامهون قطار ۾ بيهاري کين هڪ ڇيڙي کان وٺي آخري ڇيڙي تائين ويٺي، ڀونڊا ڏيندو ويو. کين سخت ڇنڊ پٽيائين ته وصولي وقت اندر ڪري ڏيو. هڪ به تپيدار ڪا ٻڙڪ نه ڪڍي. وڃي وصوليءَ کي زور شور سان لڳا. سموري ڍل، وقت اندر وصول ڪئي وئي. ايئن مقرر تاريخ اندر تعلقي جي ٻي باقي رپورٽ ڪئي وئي.
اڄ اهو دور اچي ويو آهي جو ڪنهن هڪ تپيدار کي به جيڪڏهن سندس لاپرواهي ۽ ڊيوٽيءَ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي زباني تنبيهه ڪجي ٿي ته ان آفيسر خلاف تعقلو يا ضلعو ته ڇا، پر پوري سنڌ ۾ سندن ائسوسيئيشن وارا جلوس ڪڍي جلسا ڪري ٻڙڌڪ مچائي ٿا ڏين ۽ ڪابه سختي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.