آفيس سپرنٽينڊنٽ
آفيس سپرنٽينڊنٽ سان گڏوگڏ ڪجهه عرصو هيڊ ورنيڪيولر ڪلارڪ جي چارج به مون وٽ هئي ۽ ٻنهي پوسٽن تي منهنجو سڌو واسطو ڊپٽي ڪمشنر صاحبن سان هوندو هو. ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جون جيڪي برانچون منهنجي حوالي ڪيون ويون هيون، انهن برانچن جا ڪاغذ سڌا ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن موڪليندو هوس ۽ دفتردار صاحب جو ڪو واسطو نه هوندو هو. آفيس سپرنٽينڊنٽ تان پوءِ رورٽ (Revert) ٿي 19 ڊسمبر 1967ع کان 21 مارچ 1968ع تائين ڊپٽي ڪمشنر جي فيس ۾ اسسٽنٽ روينيو برانچ ۽ پوءِ وري 22 جون 1968ع تائين رتيديري ۾ تعلقه هيڊ منشي ٿي رهيس. جتان پوءِ منهنجو مختيارڪاريءَ جو پروموشن جو آرڊر ٿيو. مون کي زرعي ترقياتي بئنڪ جي وصولي لاءِ نوابشاهه ضلعي ۾ مختيارڪار ڪري رکيائون.