ڪجهه شخصيتن جي ياد
مان جڏهن سال 1971 ۾ گمبٽ ۾ مختيارڪار هئس، ان وقت کان وٺي منهنجي 1984 ۾ رٽائرڊ ٿيڻ تائين ساڻس تمام گهاٽا تعلقات رهيا، مان جڏهن ميرواهه ۾ S.D.M هئس ۽ خيرپور ۾ ميٽنگ ۾ يا ٻئي ڪنهن موقعي يا ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ ويندو هئس ته واپسيءَ ۾ مڙئي وٽانئس ٿيندو ايندو هئس ۽ ڪنهن وقت ته رات به اتي ترسي پوندو هئس. هو به اڪثر ڪري مون وٽ ٺري ميرواهه ايندو هو. افتخار سومرو شڪارپور وارو وزير ٿيو هو ته حاجي ميرڻ شاهه ساڻن دوستيءَ جو دم ڀريندو هو. مون هڪڙي دفعي رٽائر ٿيڻ بعد کيس پنهنجي پٽ غلام ياسين جيڪو M.B.B.S پاس ڪيو ويٺو هو، ان کي افتخار سومري وزير صاحب کي چئي نوڪري وٺرائڻ لاءِ چيو ته ڌڌڙ ۾ پير هڻي ويو. (سندن وفات بعد مان سندن فرزند سان گمبٽ عذر خواهي ڪري آيو هئس).
ظفر ٻانڀڻ: ظفرآباد تعلقي فيض گنج وارو (مرحوم الاهي بخش خان ٻانڀڻ جو فرزند)
1985 جي چونڊن ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو هو ۽ پير صاحب پاڳاري جن جي ويجھن ماڻهن مان هيو، ايتريقدر جو بقول سندس (ظفر) ته پير صاحب جن کيس صوبائي ڪابينا ۾ وزير ڪري کڻائڻ جو آسرو به ڏنو آهي. ان وٽ به 1985 ۾ ساڳيءَ ئي پنهنجي پٽ غلام ياسين کي پير صاحب جن کي چئي نوڪريءَ ڏيارڻ لاءِ چيم پر هن کي به اکين پوريل ئي ڏٺم، وري وٽس وڃڻ نه ٿيو آهي.
قبله سيد غوث علي شاهه صاحب:
سيد غوث علي شاهه صاحب جن سان ايتري گهاٽائي نه هئي جو مان سندن تعلقي خيرپورميرس يا خيرپور سب ڊويزن ۾ نوڪري نه ڪئي هئي، پر جڏهن خيرپور ۾ ڪيسن ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ ويندو هيس ته ميل ملاقات ڪري ساڻس چڱي ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي هئي ۽ منهنجي سائين عزت به ڪندو هو، جنهن ڳالهه جو ذڪر مان اڳ به ڪري چڪو آهيان. شاهه صاحب جن جڏهن هاءِ ڪورٽ جا جسٽس هئا ته ساڳي وقت تعليم کاتي جا وزير به هئا. ان وقت ڊاڪٽرن جي اميدوارن لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن ويٺل هئي. مان شاهه صاحب جن جي بنگلي تي ويس ته ان وقت موجود نه هو، باقي اتي سپاهيءَ ٻڌايو ته F.I.A جي اسسٽنٽ ڊئريڪٽر کي 3 وڳي جو وقت ڏنل اٿس. مان ان ٽائيم کان 15 منٽ کن اڳ وڃي سندن بنگلي جي ٻاهران گاڏيءَ مان لهي بيٺس ته جهٽ کان پوءِ شاهه صاحب آيو ۽ مون کي ڏسي گاڏي روڪي پڇيائين ته محمد علي ڪيئن اچڻ ٿيو آهي، جنهن تي مون کيس چيو ته اوهان ۾ ڪم هو، پوءِ پنهنجي باڊي گارڊ کي (جو ساڻس پوئين سيٽ تي ويٺل هو) اڳين سيٽ تي موڪلي مونکي پاڻ سان پوئين سيٽ تي ويهاري چيائين ته هل ته ڊرائنگ روم ۾ ٿا هلي ڳالهايون. پوءِ اتي مون کيس به پنهنجي پٽ غلام ياسين لاءِ نوڪري جو چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ترت امتحان وٺڻ واري آهي، انهيءَ ۾ کيس کڻائڻ ۾ مدد ڪيو، جنهن تي مون کي خاطري ڏيندي چيائين ته ٽي ميمبر احسان علي شاهه ۽ ٻه ٻيا سندس تعليم کاتي جا ئي پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر آهن ۽ دلجاءِ ڪري خدا ڪندو ته منهنجو ڪم ڪرائيندو، پر اهو به سندن آسرو ئي ڏنل رهيو ۽ ڪم نه ٿيو. خير انهيءَ جو مون کي ايترو خيال نه ٿيو، ڇو ته هن سان نه منهنجي ڪا خاص گهاٽائي هئي ۽ ٻيو ته سياسي ماڻهو ڪنهن کي به صفا نااميد ڪري نه موٽائيندا آهن ۽ آسرو ڏئي خوش ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪم فقط انهن جو ئي ڪندا آهن جيڪي صبح سانجهيءَ سندن در جا دربان بڻيل هوندا آهن.