نوڪري جا ضلعا
منهنجي نوڪري سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ نه رهي آهي پر سواءِ چند تعلقي هيڊ ڪوارٽرن جي پوري صوبي سنڌ جا تعلقا هيڊ ڪواٽر ڏٺل آهن.
ضلعوتعلقو هيڊڪواٽرجيڪب آبادجيڪب آباد
ڳڙهي خيرو
ٺل
ڪنڌڪوٽ
ڪشمور تعلقي مان گڊو بئراج کان ايئن گذرڻ ٿيو هو.• شڪارپورشڪارپور
هتي جي مٺائي ۽ کٽاڻ مشهور آهي.
ڳڙهي ياسين
خانپور
لکي غلام شاهه• لاڙڪاڻولاڙڪاڻو تعلقو
رتوديرو
(هتي جا کير پڙا ۽ ڦڪو مائو مشهور آهن.
ڦڪو مائو ته ڪنهن وقت ۾ ملڪ کان ٻاهر به موڪليو ويندو هو پر هاڻي جي خبر ناهي).
ڏوڪري تعلقو
(موهن جو دڙو هن تعلقي ۾ آهي).
قمبر
ميرو خان
شهداد ڪوٽ (ميان غلام صديق مشهور بزرگ جي درگاهه شهداد ڪوٽ شهر ۾ ئي آهي.
وارهه تعلقو• 5. ضلعو سکر ۽ گهوٽڪيسکر (ڏٺل تعلقا)
پنو عاقل
گهوٽڪي
(هتي جي اکڙوٽن جي مٺائي مشهور آهي ۽ زمين به ڏايڍ زرخيز آهي، انهيءَ ڪري هن تعلقي ۾ سبزي تمام گهڻي پوکي ويندي آهي).
روهڙي
ميرپورماٿيلو
ڏهرڪي
اوٻاوڙو (هتي جا کيرُ پڙا مشهور آهن).
تعلقو صالح پٽ نئون بڻايل آهي، جو ڏٺل ناهي).4) خيرپور ميرسخيرپور
(مير علي نواز جو باليءَ جي عشق ۾ ٺهرايل بنگلو (فيض محل) خيرپور شهر ۾ ئي آهي).
(هتي جي کجور (ڏنگ، ڪتل) ۽ ان مان ٺهيل ڇوهارا تمام گهڻا ۽ سٺا هوندا آهن. ڇوهارا ته گهڻا هندستان به موڪليا ويندا آهن)
گمبٽ
(هتي جا کيس تمام مشهور آهن، جيڪي سوکڙي طور به ڏنا ويندا آهن). مان جڏهن گمبٽ ۾ مختيارڪار هئس ان وقت ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب صدر پاڪستان هو ۽ سفيرن کي تحفي طور ڏيڻ لاءِ 100 کيس گمبٽ مان گهرايا ويا هئا).
گمبٽ تعلقي ۾ محرم دوران کهڙا، گڏيجي ۽ ٻين چڱن شهرن ۾ شيعا ۽ سني فساد ٿيڻ جو گهڻو امڪان رهندو آهي ۽ مان جڏهن ٺري تعلقي ٺري ميرواهه ۾ مختيارڪار هئس ته محرم دوران منهنجي ڊيوٽي اڪثر ڪري گڏيجي تعلقي گمبٽ ۾ لڳندي هئي، جو ان وقت تعلقو ٺري ميرواهه ۾ شيعن جو نالو ئي نه هوندو پر هينئر ته اتي به اهو فرقو تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ اتي به اڪثر شيعا _ سني فساد ٻڌڻ ۾ اچن ٿا).
ڪوٽڏيجي
(ڪوٽڏيجي جو قلعو مشهور آهي) هز هائينس مير صاحب جو ٽڪريءَ تي ٺهيل بنگلو پڻ ڪوٽڏيجيءَ ۾ آهي). محرم ۾ ڪوٽڏيجيءَ ۾ ٽانڊن تي ماتم به ٿيندو آهي).
نارو تعلقو
(هتي تلور وغيره جو شڪار تمام گهڻو ٿيندو اهي ۽ سڄو نارو تعلقو شڪار لاءِ عرب شهزادن کي مقاطعي تي ڏنل آهي جيڪي هر سال شڪار جي موسم ۾ اچي شڪار ڪري ويندا آهن ۽ ڪافي تلور پکي پاڻ سان کڻي ويندا آهن).
ميرواهه (ٺري ميرواهه).
فيض گنج
(هن تعلقي ۾ ڪيلو ۽ ليمون ڪافي ٿيندو آهي).
5) 8. نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز
ضلع سانگهڙ
نوابشاهه
سڪرنڊ
مورو
(هتي جو حلوو مشهور آهي).
(دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران اڪثر موري مان حلوو گهرائي کائيندو هئس).
ڀريا سٽي
(نئون تعلقو ٺهيل آهي)
نوشهرو فيروز
(هتي جو قديمي مشهور مدرسو به ڏٺو هو).
ڪنڊيارو
سانگهڙ
هن تعلقي جي مڇي مشهور آهي جيڪا ناري ڪئنال تي واڍڪيءَ ۾ مرندي آهي).
سنجھورو
شهدادپور
(سهڻي ۽ ميهار جون قبرون هن ئي شهر ۾ آهن)
ٽنڊو آدم
(هتي جي ڇيلي جي پڪل ران (سجي) تمام گهڻي مشهور آهي، سانگهڙ ۾ نوڪريءَ دوران ٽنڊي آدم مان لنگهندي اڪثر ڪري وٺبي هئي، اُنَ جا وقت 40 روپين ۾ ملندي هئي).
کپرو
هن تعلقي جي گهڻي ايراضي ٿر آهي ۽ لوڻ جي تمام وڏي کاڻ به هن تعلقي ۾ آهي، جا ڪن دوستن سان گڏ وڃي ڏٺي هئي).
ڄام نواز علي (نئون تعلقو ٺهيل آهي).
6) دادودادو
جوهي
ميهڙ
(هتي جو مائو ۽ ميندي مشهور آهن، ٻاهريان واپاري ميهڙ جي مينديءَ ۾ نوشهري جي ميندي ملائي ميهڙ جي ڪري وڪڻندا آهن).
خيرپور ناٿن شاهه
سيوهڻ
(قلندر لال شهباز جي درگاهه ملڪان ملڪ مشهور آهي).
ٿاڻو بولا خان
(هتي جي آبهوا فرحت بخش آهي).
سشيلا مهتاڻي جيڪا اسان واري D.J ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ۽ ڪاليج جي تقريبن ۾ ڏاڍو سٺو ۽ دلڪش انداز ۾ ڳائيندي هئي، ان جي چاچي جو بنگلو ٿاڻي بولا خان ۾ آهي جو هينئر بلڪل زبون حالت ۾ آهي ۽ فرنيچر به ڀري ڀڄي ويو اٿس).ٺٽوٺٽو
(هتي جو حڪيم درس جو شربت مشهور هوندو هو ۽ وقتي مان به گهرائيندو هئس).
سجاول
جاتي
ميرپور بٺورو
شاهبندر
(هن تعلقي ۾ نانگ تمام گهڻو هوندو آهي ۽ شاهبندر ۾ تعلقي مختيارڪار هئڻ دوران ڪئين نانگ ڏسڻ ۾ آيا هئا). ڍنڍون به هن تعلقي ۾ گهڻيون آهن، جن ۾ سياري جي موسم ۾ پکي به جام مرندو آهي، جيڪي چوهڙ جماليءَ ۾ ريڙهن تي سبزيءَ وانگر کپندا هئا. ان وقت ٻن روپين ۾ جوڙي پکين جي ملندي هئي. ڪيلو به هن تعلقي ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي.
ميرپور ساڪرو
(هن تعلقي ۾ گهاري ۾ زمين تمام مهانگي آهي، جنهن تي غير سنڌي قابض ٿيندا پيا وڃن پر ان طرف نه سنڌ حڪومت جو ۽ نه وري وڏيري ڪلاس ۽ نڪي وري اتي جي سنڌي رهاڪن جو ئي ڪو ڌيان آهي).
(ٺٽي ضلعي جا ٽي تعلقا (1) گهوڙاٻاري (2) ڪيٽي بندر ۽ (3) کارو ڇاڻ ڏٺل نه آهن).بدينبدين
تلهار
ماتلي
ٽنڊو باگو (هتي جو قديمي مشهور مدرسو به ڏٺو هو). بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچيءَ هيڊ ڪواٽر مان ڪراچيءَ مان ايندي صرف گذر ٿيو هو جو بدين لاءِ وئگن بدلائي هئي).حيدرآبادحيدرآباد
(بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ مشهور آهي).
(نوڪريءَ دوران سانگھڙ ۽ ڊگڙيءَ مان جڏهن به ڳوٺ لاڙڪاڻي اچڻ وڄڻ ٿيندو هو ته غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) تي المنظر ريسٽورينٽ تي اڪثر ترسڻ ٿيندو هو ۽ چانهه وغيره پي، ٿڌيون هوائون کائي ۽ گهمي ڦري پوءِ وڃبو هو. ان وقت درياهه جو اوج هو ۽ حد نگاهه تائين درياهه ۾ هيٺئين پاسي پڻ تار پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو هو پر هاڻي ته درياهه جي هيٺئين پاسي پاڻيءَ بجاءِ رڳو واري ئي واري اُڏامي پئي.
هالا
هتي جنڊيءَ جو ڪم نهايت عمدو ٿيندو آهي. مان به ٻن کٽن جا جنڊيءَ وارا پاوا وٺي آيو هئس. هتي اجرڪ به نهايت سهڻا ۽ سُٺا ٺهندا آهن ۽ تحفن ۾ عام طرح ڏنا ويندا آهن، هتي ٺهندڙ کاڌيءَ جو ڪپڙو به مشهور آهي)ٽنڊو الهيارٽنڊوالهيارٽنڊو محمد خانٽنڊو محمد خانميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي (ٿر)ميرپورخاص تعلقو
هتي جو حلوو ڌنڌا گيري بيحد مشهور آهي. ان کان علاوه هتي انب ۽ چڪو تمام گهڻو ٿيندو آهي.
ڊگڙي
جيمس آباد
(ڪاڇيلي جو مشهور فارم هن تعلقي ۾ آهي)
مٺي
(هينئر مٺي شهر ٿر ۾ واپار جو وڏو مرڪز آهي).
مٺيءَ وارو مندر به وڃي ڏٺو هو.
(ڏيپلو شهر اجڙيل نظر آيو، هڪ اسڪول جي ديوار تي لڳل بوڊ تي محدم صالح ميمڻ اسڪول لکيل هو).
ڇاڇرو
(هي تعلقو گهڻي قدر ٿر جي ايراضيءَ ۾ آهي).
عمرڪوٽ
(عمرڪوٽ جو تاريخي قلعو سڄو ڊهي ويو آهي)
هتي مغل اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ واري هنڌ هڪ وڏي بورڊ تي ايندڙن جي لاءِ پوري معلومات لکيل آهي.
ڪنري
(هتي پوري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي ڏٺي هئي، جتي وڏي ميدان ۾ ڳاڙهن مرچن جا اَنَ جي کوڙن وانگر تمام وڏا کوڙا رکيل هئا ۽ لاتعداد مرچن جون ڀريل ٻوريون به ڇپرن هيٺان رکيل هيون).
سامارو
(تعلقي پٿورو ۽ ننگر پارڪر ڏٺل ناهن)
ڪراچي (سارو
(اسان جي ڪاليج ۾ تعليم دوران (پاڪستان ٺهڻ کان اڳ) جهونا مارڪيٽ ۾ چندو حلوائيءَ جو هنداگيري حلوو تمام مشهور هوندو هو.