قصو امين فقير جي مارائڻ جو
مان سانگھڙ ۾ هئس ته وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جيل ۾ ئي هيو، جو ٻڌڻ ۾ آيو ته سندس ٻه نوجوان پٽ ٿوري ٿوري وقفي بعد وفات ڪري ويا ۽ ٻنهي موقعن تي هن کي جيل مان پئرول تي آزاد ڪيو ويو ته جيئن فوتي پٽن جي دفنائڻ وغيره وارين رسمن ۾ شريڪ ٿئي.
ان قتل ڪيس ۾ محمد پنيل عطار A.D.M خيرپور به ملوث ٿيو، جو ضامن جي درخواست ڏيندڙ به چون پيا ته ڦري ويو هو ۽ وڪيل به انڪار ڪري ويو ۽ A.D.M جي سرشتيدار بشير به سندس خلاف بيان ڏنو هو. محمد پنيل عطار صاحب هڪڙي رات 12 بجي ڌاري مون وٽ بنگلي تي آيو ۽ ڏاڍو پريشان پئي لڳو ۽ احوال ڪيائين ته هو ان ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضامن (Bail before arrest) ڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ويو هو پر اتان کيس جواب ڏنائون ته اڳ ۾ سيشن ڪورٽ ۾ وڃ، انهيءَ ڪري سيشن ڪورٽ مان ضامن ڪرائڻ آيو آهيان، شمس الدين صديقي صاحب سيشن جج هو.
صبح جو محمد پنيل عطار سندن ڪورٽ ۾ (Bail before arrest) ڪرائڻ ويو ته ان ڏينهن ضامن منظور نه ڪيائين ۽ ٻي تاريخ ڏنائين ۽ ان تاريخ تي سندس گرفتاريءَ کان اڳ ضامن منظور ڪيائين. وڌيڪ خبر ناهي ته اڳتي هلي ان امين فقير جي قتل ڪيس جو ڇا ٿيو، جو مان سانگھڙ مان بدلي ٿي، ڊگڙي جو S.D.M ٿي ويس.
مون سان جڏهن ياسين نظاماڻيءَ فون تي ٿورو تِکو مٺو ڳالهايو ته مون اهڙي حقيقت جي رپورٽ ڪمشنر صاحب جن کي موڪلي هئي ۽ ان ۾ اهو به عرض ڪيو هو ته مونکي سانگھڙ مان بدلي ڪيو وڃي، ڪجهه عرصي بعد ڪمشنر صاحب الله بخش سومري جن ڪينجھر ڍنڍ (ٺٽو ضلعو) تي ڊپٽي ڪمشنرن جي ميٽنگ سڏائي هئي، ڊپٽي ڪمشنر صاحب مونکي چيو ته مان ان ميٽنگ ۾ وڃان. ڪمشنر صاحب ميٽنگ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ ويو ته نائڪ کي چيائين ته مان ساڻس ملان. نائڪ مون کي اچي چيو ته ڪمشنر صاحب چيو آهي ته مان ساڻس ملان، پوءِ مان ڪمشنر صاحب سان وڃي مليس ته مونکي چيائين ته تون ڪيڏانهن ٿو وڃڻ چاهين؟! ان ميٽنگ ۾ مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب ڊپٽي ڪمشنر ضلع ميرپورخاص ۽ مسٽر تاج محمد قريشي صاحب ڊپٽي ڪمشنر ضلعو ٺٽو به ميٽنگ ۾ آيل هئا، ان ڪري مون ڪمشنر صاحب جن کي چيو ته مان مٿين ٻنهي ڊپٽي ڪمشنر صاحبن وٽ زيردست ٿي رهيو آهيان، انهن مان جيڪڏهن ڪو پنهنجي ضلع ۾ رکرائڻ چاهي ته اوڏانهن وڃان. محمد هاشم ميمڻ صاحب جن ڪمشنر صاحب جن کي چيو ته هو منهنجي لاءِ ڊگڙي سب ڊويزن لاءِ D.O ليٽر لکي موڪليندو، اهو هن لکي موڪليو، پر جيئن ته پير پاڳاري صاحب جن ياسين نطاماڻيءَ جو هٿ بند ڪيو هو، انهيءَ ڪري پير صاحب جن جا ماڻهو مون کان لهرائيندا هئا ۽ خاموش ٿي ويا. انهيءَ ڪري مان D.O ليٽر جي پوئواري نه ڪئي ۽ اهو ڊپٽي سيڪريٽري سروسز ۽ جنرل ائڊمنسٽريشن جي آفيس ۾ جيئن جو تيئن پيو هو.
رندن ۽ بروهين گڏجي سانگھڙ تعلقي ۾ زرعي زمين خريد ڪئي هئي، جنهن خلاف هڪ هاريءَ حق شفيع جي (Right of pre-emption) درخواست ڪئي، ڇاڪاڻ ته زمين خريد ڪرڻ جو اڳ ۾ حق هاريءَ کي هوندو هو.
مان ان درخواست تي انڪوائري ڪرڻ ۽ ڌرين وچ ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ سرزمين تي ويس. روينيو رڪارڊ ۾ ان درخواست ڪندڙ جو هاري هجڻ جو نالو داخل ٿيل ڪونه هو پر هن چيو ته اوهان قرآن شريف تي فيصلو ڪيو ۽ هو قرآن شريف کڻڻ لاءِ به تيار آهي ته جنهن سروي نمبر لاءِ هن حق شفيع جي درخواست ڏني آهي، هو ان جو تحقيق هاري آهي پر جن زمين خريد ڪئي هئي (رندن ۽ بروهين) انهن چيو ته هي ماڻهو ڪوڙو آهي ۽ هي ڪوڙ تي قرآن شريف به کڻي ويندو ۽ انهيءَ تي کين اعتبار ڪونهي. باقي هن جو ڀاءُ سندس هاري برابر آهي ۽ جيڪڏهن هو قرآن شريف تي هٿ رکي چوي ته درخواست ڪندڙ سندس ڀاءُ ساڻس هارپي ۾ گڏ آهي ته اسان ان تي اعتبار ڪنداسين. مون هنن جو اهڙو بيان رڪارڊ ڪري قرآن شريف گهرايو، جنهن تي درخواست ڪندڙ هاريءَ جي ڀاءُ هٿ رکي چيو ته سندس ڀاءُ ساڻس ان زمين جي هارپي ۾ گڏ آهي جنهن تي رندن ۽ بروهين اعتبار ڪيو ۽ مان فيصلو هاريءَ جي حق ۾ ڪيو. ان فيصلي کان پوءِ الطاف حسين رند مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جنهن هاريءَ جي حق ۾ اوهان فيصلو ڪيو آهي اهو دراصل هاري آهي ئي ڪونه ۽ اڳ اهڙو فيصلو ٿيو آهي. مون الطاف رند کي چيو ته مون فيصلو قرآن شريف تي ڪيو آهي جي اوهان کي اهو قبول ناهي ته پوءِ ڀلي وڃي ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪيو. هو پوءِ وڃي ڊپٽي ڪمشنر جن سان مليو، جنهن منهنجي ڪيل فيصلي وارو فائيل گهرائي پڙهي، الطاف رند کي چيو ته هن ته قرآن شريف تي فيصلو ڪيو آهي پر الطاف حسين اسرار ڪيو ته A.D.M (مسٽر امداد علي شيخ) کي چئو ته اهو سرزمين تي نئين سر انڪوائري ڪري ۽ سندس اهڙي بار بار اسرار تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب فائيل A.D.M ڏانهن سرزمين تي انڪوائري ڪرڻ لاءِ موڪليو. A.D.M سرزمين تي وڃي ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو، ان جي مونکي خبر نه آهي، جو منهنجي ان ڳالهه ۾ ذاتي طور تي ڪا به دلچسپي نه هئي ۽ نه مان ڪنهن ڌر سان واسطو رکندو هئس ۽ وڌيڪ ته مان قرآن شريف تي به فيصلو ڌرين جي چوڻ تي ئي ڪيو هو، ان ڪري منهنجو ضمير مطمئن هو. ٿورن ڏينهن بعد اهو درخواست ڪندڙ هاري مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ چيائين ته سائين مان خريدار ڌر کان 6000 روپيا عيوضو وٺي هارپي تان هٿ کنيون آهي، جنهن تي مون کيس چيو ته بابا اهو تنهنجو پنهنجو معاملو آهي، مان ته تنهنجي حق ۾ فيصلو ڪيو هو، باقي منهنجو ته ڪو وڌيڪ واسطو نه آهي، پوءِ هو هليو ويو.
(اها هئي اڄ کان 28 سال اڳ 1978 ۾ مسلمانن جو رندن ۽ بروهين جي چوڻ مطابق ۽ لکي به ڏيڻ ته قرآن شريف تي فيصلو ڪيو وڃي ۽ قرآن شريف تي ڪيل فيصلي کي به نه مڃيائون ۽ وري الطاف رند ڏي ويا، ته اڄ جيڪا مسلماني رهي هوندي، ان جو اندازو چڱي طرح سڀ ڪو لڳائي سگهي ٿو).
مون کي سرڪاري مليل جيپ خراب ٿي پئي هئي، انهيءَ ڪري ان جي مرمت جي منظوريءَ لاءِ مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي لکي موڪليو، جنهن تي A.D.M (امداد علي شيخ) جي صحيح سان ليٽر مليو ته مان پنهنجي نظرداريءَ هيٺ جيپ جي مرمت ڪرايان. اهو جنسي ليٽر کڻي مان پهريائين A.D.M وٽ ويس ۽ کيس چيم ته مان جيپ جي مٿان بيهي مرمت ڪرائيندس ڇا!؟ اوهان ڀلي پنهنجي اڪائونٽنٽ جي نظرداريءَ هيٺ مرمت ڪرايو ۽ مونکي پئسا نه ڏيو. پوءِ مان وري D.C صاحب وٽ اهو ليٽر کڻي ويس ۽ ساڳي ڳالهه ڪئي، ، جنهن تي هن وراڻيو ته تون پنهنجي نظرداريءَ هيٺ نه ڪرائيندي ته هو ڪرائيندو ڇا؟ مون کيس جواب ڏنو ته اهڙي نوڪري اسان اوهان وٽ نه ڪنداسين، جنهن تي چيائين ته مون کان سواءِ سب ڊويزن نه هلندي ڇا!؟ جنهن تي مان کيس ٻيهر وراڻيو ته منهنجو روز به سانگھڙ سب ڊويزن تي ڪونهي ۽ مان موڪل جي درخواست ڏياري ٿو موڪليانوَ. مون پوءِ هن کي ڊگهي موڪل (Long Leave) جي درخواست ڏياري موڪلي، جا هن ڪمشنر صاحب جن ڏانهن ڏياري موڪلي پر ڪمشنر صاحب مٿي منظوريءَ لاءِ نه موڪلي. انهيءَ دوران ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي سانگھڙ مان بدلي ٿي وئي. محمد صالح ميمڻ صاحب جن کان ضخيم حسين موسوي صاحب جن اچي چارج ورتي، ضخيم حسين موسوي صاحب بابت اڳ به مان ذڪر ڪري آيو آهيان.
هڪڙي کاتيدار کان تپيدار 900 روپيا ڍل جي گهر ڪئي ته هن ٻڌايس ته کانئس اڳ جيڪو تپيدار هيو، ان کي هن سموري ڍل 1000 روپيا ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهڙي رسيد به وٽس موجود آهي پر تپيدار چيس ته تپيدار رڪارڊ ۾ صرف 100 روپيا وصول ٿيل ڏيکاري ويو آهي ۽ 900 روپيا بقايا رهيل آهن.
ان کاتيدار پوءِ اڳئين تپيدار خلاف درخواست ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي ڏني، جيڪا مون ڏانهن موڪلي انڪوائري ڪري رپورٽ ڪرڻ لاءِ لکيو ويو، مان پوءِ تاريخ مقرر ڪري ان کاتيدار کي ۽ تپيدار کي رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو ته کاتيدار ڍل جي اصلي رسيد کڻي آيو، جيڪا 1000 روپين جي هئي پر تپيدار پاڻ واري رسيد ۽ روزنامچي ۽ ٻئي رڪارڊ فارم 8 ب ۾ 100 روپيا داخل ڪيا هئا. مان پوءِ کاتيدار واري رسيد ۽ تپيدار جو رڪارڊ وغيره رپورٽ سان گڏي لکي موڪليو ته هي ڪيس ائنٽي ڪرپشن وارن کي موڪليو وڃي، جو تپيدار پاران فراڊ ڪيل آهي. ڊپٽي ڪمشنر انهيءَ ڏينهن ڪيس ائنٽي ڪرپشن وارن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
تپيدار جنهن مٿيون فراڊ ڪيو هو اهو ذات جو وساڻ هو، ٻئي ڏينهن تي مير محمد خان وساڻ مون وٽ آيو ۽ تپيدار جي سفارش ڪرڻ لڳو پر مون کيس ٻڌايو ته مون ڪاغذ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن ۽ مان ته ڪجهه نٿو ڪري سگهان. پوءِ هن وڌيڪ ڪجھه نه ڪُڇيو ۽ هليو ويو.
تپيدار اڻ پڙهيل ۽ اٻوجھه کاتيدارن کان جيڪا انهن ڏانهن صحيح ڍل هوندي آهي، ان کان وڌائي وصول ڪندا آهن ۽ وري سندن اعتبار وارن کاتيدارن کان بنا ڍل جي رسيد ڏيڻ جي ڍل وٺي پاڻ کائي ويندا آهن. پوءِ جڏهن بي باقي رپورٽ ڏيندا آهن ته ڪاغذن (رڪارڊ) ۾ اٻوجھه کاتيدارن کان وڌيڪ وصول ڪيل رقم هنن کاتيدارن جن کان بنا رسيد ڏيڻ جي ڍل وٺندا آهن ۽ انهن جي کاتي ۾ ٽپائي آڻيندا آهن. سال 1978 ۾ جڏهن تعلقي سانگھڙ ۽ سنجھوري جي مختيارڪارن پنهنجي پنهنجي تعلقي جي وصولي پوري ڪري بي باقي رپورٽ ڏني ته مون کين لکيو ته تپيدارن جو رڪارڊ چڪاس ڪري ڏسن ته مٿين نموني ڪا ناجائز طريقي سان ڍل جي رقمن جي ڦير گهير ته ٿيل نه آهي ۽ اهڙي رپورٽ ڏياري موڪلين پر چڱي وقت گذرڻ تائين هنن وٽان ڪو به جواب نه آيو ته مان وري ٻيهر رمائيڊر ڪري موڪليو پر ان باوجود هنن ان ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ ڪو به جواب نه موڪليو.
مان پوءِ ڪن سانگھڙ تعلقي جي تپيدارن جو رڪارڊ في الحال چيڪ ڪرڻ لاءِ گهرايو ته انهن جو چيڪ ڪري وري آهستي آهستي ڪري ٻين تپيدارن جو به گهرائي چيڪ ڪندس، پر تپيارن جي رڪارڊ گهرائڻ تي ٻنهي تعلقن سانگھڙ ۽ سنجھوري جي مختيارڪارن جي چرچ تي سڀني تپيدارن ۽ سپروائيزنگ تپيدارن پنهنجون استعيفائون لکي، ڊپٽي ڪمشنر صاحب (ضيغم حسين موسوي) جن وٽ شام جو سندس بنگلي تي کڻي وڃي کيس ڏنيون. صاحب موصوف مون کان گهرائي پڇيو ته ڇا حقيقت آهي، جنهن کي مون ٻڌايو ته مون تپيدارن جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي. انهيءَ ڪري هُو استعيفائون لکي اوهان وٽ کڻي آيا آهن. جو هنن جو مقصد آهي ته سندن رڪارڊ چڪاس نه ٿئي. ڊپٽي ڪمشنر صاحب پوءِ تپيدارن کي چيو ته استعيفائون واپس کڻي وڃون ۽ رڪارڊ چيڪ ٿيندو، جنهن تي هو پنهنجو ڏنل استعيفائون ته واپس کڻي آيا پر انهيءَ دوران هنن منهنجي خلاف صدر پاڪستان _ گورنر، ڊي ايم ايرائي ڪرنل ۽ ٻين کي تارون موڪلي ڏنيون، جنهن ۾ هنن اهو الزام لڳايو هو ته مان کانئن رشوت طور پئسا وٺندو آهيان. مونکي هڪڙي ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون ڪئي ته مان تپيدارن کي گهرائي سندن مٿي تي هٿ رکان پر مون صاحب موصوف کي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
بهرحال انهن تارن ۾ مون خلاف لڳايل رشوت جي الزامن بابت سانگهڙ جي ڪرنل فاروق انڪوائري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان لاءِ تاريخ مقرر ڪري پنهنجي تعلقن جي تپيدارن ۽ سپروائيزنگ تپيدارن (هر هڪ تعلقي ۾ 30_32 تپيدار ۽ 3 سپروائيزنگ تپيدار (هئا) ۽ مون کي گهرايو. مان جيپ مان لهي اندر ڪرنل وٽ وڃي ويٺس ته ٻن سپروائيزنگ تپيدارن (هڪ سانگھڙ تعلقي ۽ هڪ سنجھوري تعلقي جو) کي اندر پاڻ وٽ گهرايائين، باقي ٻيا سڀ ٻاهر بيٺا هئا. هن سپروائيزنگ تپيدارن کان پڇيو ته اوهان کي ڪهڙي شڪايت S.D.M خلاف آهي، هنن چيس ته اسان کان رشوت وٺندو آهي، جنهن تي ڪرنل صاحب هنن کي چيو ته ثبوت ڏيو پر هنن چيو ته ثبوت ڪونهي. ڪرنل صاحب پوءِ من کان پڇا ڪئي ته ڳالهه ڇا آهي ته مون کيس مٿين مختيارڪارن واري حقيقت ڪئي ته مان هنن کي لکيو هو ته تپيدارن جو رڪارڊ چيڪ ڪري رپورٽ ڪن ته کاتن ۾ ڍلن جي ناجائز ٽرانسفر ته ٿيل نه آهي پر هنن ڪو به جواب نه ڏنو، حالانڪ مون هڪ ڀيرو هنن کي ريمائينڊر به موڪليو هو. ڪرنل فاروق پوءِ وري ٻي تاريخ مقرر ڪري ان تي تپيدارن ۽ سپروائيزنگ تپيدارن کي حاضر ٿيڻ لاءِ چيائين ۽ مون کي به اچڻ لاءِ چيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ سانگھڙ تعلقي جي مختيارڪار الهڏني ۽ سنجھوري تعلقي جي مختيارڪار نور محمد ابڙي کي به ان تاريخ تي وٽس حاضر ٿيڻ لاءِ چيائين.
ان تاريخ تي مون ڪرنل صاحب کي پنهنجو آفيس جو فائيل ڏيکاريو ۽ اهي ليٽر جن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، اهي به ڏيکاريا، جنهن تي هن اهي ليٽر مختيارڪارن کي ڏيکاري چيو ته هي اوهان کي لکيا ويا هئا، جن جي ٻنهي مختيارڪارن تصديق ڪئي ته برابر لکيا ويا هئا، جنهن تي پڇيائين ته اوهان رڪارڊ چيڪ ڪري رپورٽ ڪڍي مڪلي هئي يا نه!؟ جنهن تي هنن چيو ته نه، هنن تپيدارن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو هو ۽ نه ئي وري ڪا رپورٽ S.D.M جن ڏانهن موڪلي هئي
انهيءَ تي ڪرنل صاحب ٻنهي مختيارڪارن کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ تپيدارن ۽ سپروائيزنگ تپيدارن کي چيو ته وڃي چڱي طرح ڪم ڪيو نه ته مان جيل ۾ وجھندو ڇڏيندس. پوءِ سڀئي ٺيڪ ٿي ويا ۽ باقاعدي ڊيوٽي ادا ڪرڻ لڳا. تپيدار ۽ سپروائيزنگ تپيدار پوءِ منهنجي هيڊ منشي الله بچائي چانڊئي سان اچي مليا ته اسان صاحب ڏي اچون، جنهن اچي مون سان اها ڳالهه ڪئي، جنهن کي مون جواب ڏنو ته مون ڏي هنن جي اچڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، هنن کي جنهن حد تائين وڃڻو هو وڃي چڪا.
(مون وٽ انڪوائري هلندي دوران الله بچايو چانڊيو نه پر ٻيو هيڊ منشي هوندو هو، جيڪو تپيدارن ۽ سپروائيزندگ تپيدارن کي چوندو هو ته S.D.M صاحب صلوات شريف پڙهندو آهي، انهيءَ ڪري هن کي ڪجهه ڪونه ڪري سگهندؤ ۽ ٿيو به ائين، جو الله تبارڪ وتعاليٰ صلوات شريف جي پڙهڻ جي مهابي منهنجي عزت بچائي ۽ منهنجي مخالف مختيارڪارن ۽ وليج عملي کي مورڳو بي عزتو ٿيڻو پيو).
ان بعد جڏهن به ڪرنل فاروق صاحب سانگھڙ درٻار هال ۾ ميٽنگ ڪري واپس ويندو هو ته مون کان پڇندو هو ته “شيخ صاحب ابھی تپیدار کیسے چل رہے ہیں” جنهن تي مان کيس ٻڌائيندو هئس ته “ابھی بلکل ٹھیک چل رہے ہیں” پوءِ هو مُشڪي پوندو هو، مٿيون قصو ڊسمبر 1978 جو آهي.
اڳتي هلي مارچ 1979 ۾ اهڙو عجيب معاملو رونما ٿيو، جيڪو منهنجي سانگھڙ سب ڊويزن مان بدليءَ جو سبب بڻيو.
اهو قصو ائين آهي جو ان دور ۾ ووٽرن جي لسٽن روائيز ڪرڻ جو ڪم هلندڙ هو ۽ ان باري ۾ روزانو ڪم جي پروگريس رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي موڪلڻي پوندي هئي. تاريخ 29 مارچ جي رات جو هن مون کي فون ڪري ڪم جي پروگريس لاءِ پڇيو ته مان کين ٻڌايو ته هڪ Enumerator شماري ڪندڙ پرائيمري ٽيچر اڃان ڪونه آيو آهي، اهو اچي ته منهنجو ڪم آخري مقرر ڪيل تاريخ 31 مارچ تائين ختم ٿي ويندو. جنهن تي چيائين ته “آپ ان کے پیچھے جائیں” جنهن تي مون کيس چيو ته “یے میرا کام نہیں۔ میں میں سپروائزر کو یا اسسٹنٹن رجسٹریشن آفیسر کو بھیجوں گا۔”
بس ان کان پوءِ اسان ٻنهي هڪ ٻئي سان تمام تيزيءَ سان ڳالهايو. منهنجو پٽ غلام ياسين ان وقت بيٺو هو، جنهن چيو ته “بابا D.C سان ائين ٿا ڳالهيو!” ته مون کيس هٿ سان چپ رهڻ جو اشارو ڪيو ته هُو خاموش ٿي ويو.
تاريخ 29 مارچ 1979 تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب مونکي ليٽر لکي موڪليو ته ووٽرن جي لسٽن جو ڪم 31 مارچ 1979 تي پورو ڪري ۽ چارج ڇڏي وڃي سيڪريٽ ۾ سروسز ۽ جنرل ائڊمنسٽريشن ۾ رپورٽ ڪيان. (Enumerator) به 29 مارچ 1979 تي اچي ويو ۽ مان ڪم ختم ڪري 31 مارچ 1979 شام جي وقت سانگھڙ سب ڊويزن جي چارج ڇڏي (Relinquith) ڪري آيس پر منهنجو عيوضي اڃان مقرر نه ٿيو هو، انهيءَ ڪري S.D.M واري بنگلي ۾ ئي حال في الحال رهيل هئس.
مان تاريخ 3 اپريل 1979 تي ڪراچيءَ هليو ويس ۽ رات اتي رهي 4 اپريل 79 تي صبح جو فريئر روڊ تان پنڌ پئي ويس ته موڙ وٽ جتان سنڌ سيڪريٽ وڃڻو هو، اتي هڪڙو اخبار هاڪر سائيڪل تي اخبار جون بليٽون رکيو وڏي واڪ پئي چيو ته “بھُٹی کو پھانسی دے دی گئی”، “بھُٹی کو پھانسی دے دی گئی”. مان ان کان هڪ بليٽن ورتي ۽ پوءِ سڌو اڳ ۾ وڃي مسٽر اشفاق احمد عباسي ڊپٽي سيڪريٽري ڪئبنيٽ سان مليس (هن وٽ مان زيردست ٿي رهيو هئس). مان جيئن سندن آفيس ۾ داخل ٿيس ته مون کي چيائين ته شيخ صاحب، ڀُٽي صاحب جو ٻڌو اٿوَ ته هن کي ڦاسي ڏني وئي آهي. مون کين چيو ته ها سائين ۽ هن اها بليٽن به ڏيکاري. سنڌي آفيسرن جا چهرا لٿل ۽ ڪوماڻل هئا، باقي غير سنڌي آفيسر (پنجابي خواهه مهاجر) خوش پئي ٿيا.
مون پوءِ ڊپٽي ڪمشنر جن وارو ڏنل ليٽر وڃي واسطيدار سيڪشن آفيسر S.O.V احمد شيخ صاحب کي ڏيکاريو. مان انهيءَ دوران سيڪشن آفيسر کان پڇيو ته موڪل ملي سگهندي (جو مان خيال پيو ڪيان ته پوسٽنگ آرڊر لاءِ الائي ڪيترو عرصو ترسڻو پوي). هن چيو ته موڪل ته ملي ويندي پر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي وڌيڪ سولائيءَ سان ملي سگهندي. مان پوءِ ڊپٽي سيڪريتڙي جي آفيس ۾ ويس پر هو اتي سيٽ تي موجود نه هو.
مان اها ڳالهه سيڪشن آفيسر کي چئي ته مان هيٺان ٿي وري اچان ٿو. مان هيٺ لٿس ته سيد قطب علي شاهه ۽ علي محمد شيخ صاحب ڪار مان لٿا ۽ مٿي پيا وڃن (مان علي محمد شيخ صاحب جڏهن ٺٽي ضلع جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته مان وٽن زيردست مختيارڪار شاهبندر ٿي رهيو هئس). مسٽر علي محمد شيخ مون کي ڏسي پڇيو ته ڪيئن آيو آهين ته مان کيس صرف ايترو چيو ته سائين هتي ٿورو ڪم هو ۽ ائين مان هن سان ڳالهائيندو مٿي پهرين فلور تي پهتس ۽ اتي ترسيس، باقي هُو ٻئي اڳتي وڌي ويا.
مان وري شيخ احمد (مٽيارين جو ويٺل هو) سيڪشن آفيسر وٽ آيس ۽ کيس چيم ته يار مونکي درخواست جو فارم ڏي ته موڪل لکي ڏيان، جنهن تي ٻڌايائين ته منهنجو ڊگڙي سب ڊويزن جو پروپوزل بحال ٿي آيو آهي ۽ ويهه ته مان توکي نوٽيفڪيشن ڪڍي ڏيان ۽ هن کان پوءِ اهڙو نوٽيفڪيشن وٺي سانگھڙ موٽي آيس. (شايد محمد هاشم صاحب جن وارو ڪافي الڳ منهنجي لاءِ ڊگڙي سب ڊيوزن لاءِ لکيل D.O ان موقعي تي Put up ڪيو ويو هو. مان تاريخ 08.04.1979 تي ڊگڙي سب ڊويزن جي چارج وڃي ورتي. محمد هاشم ميمڻ صاحب جن هن منهنجي لاءِ D.O ليٽر لکيو هو، اهو ان وقت به ميرپورخاص جو ڊپٽي ڪمشنر هو.
(بس جيڪي ڪري منهجو رب پاڪ ئي ڪري، انسان برائي چاهي پر الله پاڪ بندي لاءِ چڱائي چاهي ته انسان جي برائي ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، جو هو پاڻ ئي الله تبارڪ وتعاليٰ آڏو محتاج آهي).
ميرپورخاص ضلع ۾ انب تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ انبن جا چڱا فارم آهن پر ڪاڇيلو فارم رفيق ڪاڇيلي جو ڪارو تمام گهڻو مشهور آهي پر هن جي فارم جا انب چيائون پئي ته لوڪل مارڪيٽ ۾ نه موڪليندو آهي ۽ هر انب پلاسٽڪ جي ڪاغذ ۾ ويڙهيل هوندو آهي ۽ هر هڪ انب تي ڪاڇيلي فارم جو ٺپو لڳل هوندو آهي، ائين جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ ڪجهه موڪليندو آهي ته اهي به ٻاهر ايڪسپورٽ ڪندو آهي. اهو ڪاڇيلو فارم ڊگڙي سب ڊويزن جي جيمس آباد (هاڻي ڪوٽ غلام محمد) تعلقي ۾ آهي. مسٽر عبدالاحد شيخ مختيارڪار جيمس آباد مونکي اهو فارم گهمائڻ وٺي هليو. ڪاڇيلو فارم اٽڪل 300 ايڪڙن تي ٿيندو، جنهن ۾ انبن کان علاوه چڪو، نارنگي ۽ ٻيا ميوا پڻ ٿيندا آهن. ان باغ ۾ ڪشادا رستا به ٺهيل آهن ۽ هڪڙو سهڻو فارين اسٽائيل جو بنگلو به ٺهيل آهي. رفيق ڪاڇيلو پاڻ گهڻو عرصو جرمنيءَ ۾ رهندو هو ۽ ان جي آفيس ڪراچيءَ ۾ هوندي هئي، پانڌي خان جيڪو ڪاڇيلي فارم جي نگهبانيءَ توڙي فارم جي اردگرد جيڪا رفيق ڪاڇيلي جي زرعي زمين هئي، ان جي ديک ڀال لاءِ مقرر ٿيل هو، اهو هڪ نه ٻئي ڏينهن سمورو حال احوال ڪراچي آفيس کي ڏيندو هو ۽ اتان وري اهي رفيق ڪاڇيلي کي جرمنيءَ ٻڌائيندا هئا.
منجھند جي ماني به اتي کاڌيسين ۽ واپسي مهل پانڌي خان 500 روپيا مهماني طور پئي ڏنا پر مون کانئس نه پئي ورتا پر هن جي گهڻي اسرار ڪرڻ ۽ ٻڌائڻ ته اها سندن روايت آهي ۽ مختيارڪار به زور ڀريو تڏهن مان لاچار ٿي کانئس ورتا. (ٻڌو اٿم ته رفيق ڪاڇيلو هاڻي وفات ڪري ويو آهي). محمد هاشم صاحب ٻڌايو ته اهو ڪاڇيلو فارم شروع ۾ صمد ڪاڇيلي جو 4 ايڪڙن تي هو. خير محمد خان ڀرڳڙيءَ جو به فارم مشهو آهي. انبن کان علاوه چڪو به ميرپورخاص ۾ گهڻو ٿيندو آهي مون وٽ به انب توڙٽي چڪو کٽندا ئي نه هئا ۽ ٻين کي به موڪلي ڏيندو هئس.
هڪڙي دفعي لاڙڪاڻي اچڻ ٿيو ته شاهد عزيز صاحب جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو، ان سان ملڻ ويس ۽ کيس چيم ته ڊگڙي ۾ انب سٺا هوندا آهن، اهي موڪلي ڏيندس ته اتي عبدالله خان چاچڙ S.P صاحب به ويٺو هو ان چيو ته مون ڏي نه موڪليندي ڇا!؟ مان کيس چيو ته اوهان ڏي به موڪليندس (چاچڙ صاحب ۽ مان دادوءَ ۾ گڏ رهيا هئاسين) پوءِ انبن جون ٻه پيٽيون شاهد عزيز صاحب جن ڏانهن ۽ هڪ پيتي عبدالله خان چاچڙ صاحب ڏي موڪيون هيم پر شاهد عزيز صاحب ان وقت فئمليءَ سوڌو ڪوئيٽا ويل هو ۽ سندس P.A علي اڪبر شاهه اتي سندن غير حاضريءَ ۾ وٺي رکيا. اها ڳالهه مونکي علي اڪبر شاهه پاڻ ئي ٻڌائي هئي ۽ چيائين ته ٻئي ڪنهن جا موڪليل هجن ها ته نه وٺي رکي ها پر منهنجي خبر هئس ته صاحب موصوف سان رستو اٿوَ، انهيءَ ڪري ئي وٺي رکيا هيائين. شاهد عزيز صاحب لاڙڪاڻي ۾ 20.08.77 کان 06.08.79 تائين ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو ۽ منهنجو انهيءَ دوران جڏهن به لاڙڪاڻي ۾ اچڻ ٿيندو هو ته ساڻس ضرور ملڻ ويندو هئس ۽ رپورٽ ڪرڻ تي مونکي هڪدم گهرائيندو هو ۽ هر دفعي مان وٽس جماعت اسلامي وارن جو ٽولو ويٺل ئي ڏسندو هئس ۽ مونکي چوندو هو ته فارغ ٿيان ته پوءِ ڳالهايون ٿا. پوءِ جڏهن فارغ ٿيندو هو ته چڱو وقت ويهاري حال احوال ڪندو رهندو هو.
مونکي اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته ڀُٽي صاحب جن جو لاش جڏهن سندس اباڻي ڳوٺ آندو ويو هو ۽ اندر ڪوٽ ۾ موڪليو ويو هيو ۽ ان کي وري ٻاهر دفنائڻ لاءِ آڻڻ کي چڱو ٽائيم پئجي ويو ته آرمي وارن جو ارادو هو ته اندر ڪوٽ ۾ وڃي لاش کڻائي اچن پر شاهد عزيز صاحب جن کين ائين ڪرڻ کان منع ڪندي چيو ته هي سندس ائڊمنسٽريشن آهي ۽ لاش اچي ويندو. ضياءُالحق مرحوم ڀُٽي صاحب جن جو لاش سندن بيگم نصرت ڀُٽو صاحبه ۽ لاڏلي نياڻي محترمه بينظير ڀُٽو جن کي ڏسڻ به نه ڏنو پر رب پاڪ سندس (ضياءُالحق) جو اهڙو ته برو حشر ڪيو جو هو هوائي حادثي ۾ باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي ويو ۽ سندس لاش نه رڳو سندس وارثن يا عزيز ته نه ڏٺو پر ٻئي ڪنهن بني بشر به نه ڏٺو. سندس قبر هڪ فرضي بنائي وئي آهي ۽ ڪو به قبول نه ڪندو ته اها ضاءَالحق جي قبر آهي.
مان هڪڙي رات ڊگڙيءَ ۾ اتي مقرر ٿيل ميجر صاحب سان ملڻ ويس (سندس نالو گهڻو ڪري ته غلام محمد هيو پر خاطريءَ سان نٿو چئي سگهان). ان ڀُٽي صاحب جن جي متعلق ٻڌايو ته آرمي انٽيليجنس جي هڪ ميجر کيس ٻڌايو هو ته سندن رڪارڊ تي ائين آهي ته کين ڦاسي ڪانه ايندي پر جڏهن ڀُٽي صاحب جن کي ڦاسي ڏني وئي، ان بعد هن ان ميجر سان ڳالهايو ته تو ڪيئن پئي چيو ته ڀُٽي صاحب جن کي ڦاسي نه ايندي، تنهن وري به اها ئي ڳالهه ورجائي ته سندن رڪارڊ تي اڃا به ائين ئي آهي ته هن کي ڦاسي نه ايندي.
هوڏانهن ڀُٽي صاحب جن کي ڦاسي اچڻ کان پندرهن ويهه ڏينهن کن اڳ منهنجو دادوءَ وڃڻ ٿيو هو ته مون کي چوڌريءَ ضياءَ (جيڪو دادوءَ ۾ آرمي آفيسرن برگيڊيئر، ڪرنل ۽ ٻين ڏي گهڻو ويندو هو) ان مون کي 3 هيٺيون ڳالهيون ٻڌايون هيون.
ڀُٽي صاحب کي ڦاسي ايندي. 2. سندن لاش اباڻي ڳوٺ آندو ويندو. 3. سندن قبر تي پوليس پهرو بيهندو.
پوءِ اهي ٽئي ڳالهيون جيئن چوڌري ضياءَ ٻڌايو هيون ائين ئي ٿيون ۽ تِرَ جيترو به فرق نه ٿيو. مان انهيءَ ڪري اڄ تائين اهو راز نه سمجھي سگهيو آهيان ته آرمي انٽيليجنس جي ميجر ڊگڙيءَ واري ميجر کي ڪهڙي بنياد تي پئي چيو ته ڀُٽي صاحب جن کي ڦاسي نه ايندي.
ڊگڙي وارو ميجر نهايت شريف انسان هو ۽ رات جو 12 بجي تائين ڳالهين ۾ ويهاري ڇڏيندو هو ۽ هميشه چانهه، بسڪيٽ، بوتل وغيره کارائڻ پيارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو ته روزانو ايندو ڪر، جنهن تي مان کيس ٻڌايو ته منهنجي ٽوئرنگ جاب آهي ۽ ڪڏهن ٻاهر به ترسڻو پوندو آهي، باقي جڏهن هيڊ ڪواٽر ڊگڙيءَ ۾ هوندس ته ايندو رهندس.
هڪ رات ميجر صاحب کي مون چيو ته اوهان روز روز چانهه وغيره جي تڪليف ڪريو ٿا، جيڪو مونکي مناسب نٿو لڳي ۽ منهنجي ڪڏهن دعوت کائو پر هُو چُپ ٿي ويو. جنهن تي پوءِ مون کيس چيو ته مان سمجھان ٿو ته اوهان دعوت نه کائيندو پر ايترو ڪيو جو مون وٽ انب پيا آهن اهي گهرائي ڏيانوَ ته اهي ته وٺجو. جنهن تي هو راضي ٿيو. مان پوءِ پنهنجي ڊرائيور سان جاءِ تان ٻه انبن جون پيٽيون گهرائي کيس ڏنيون.
ڊگڙي جي وچ شهر ۾ ٽائون ڪاميٽيءَ جو هڪڙو ڪافي وڏو پلاٽ پيل هو، جيڪو ٽائون ڪاميٽي آفيس آڏو ئي هيو، شهر جي ڪن واپارين ان پلاٽ تي قبضو ڪرڻ پئي چاهيو ۽ هنن هُل هنگامو ڪري ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪري شهر ۾ اسٽرائيڪ به ڪرائي ۽ شهر جا گهڻو ڪري سڀ دوڪان ويندي ڀاڄيءَ وارا، گوشت ۽ مڇيءَ جا دوڪان به بند ڪرايا. فقط هڪ ڪاسائي جنهن کي ريلوي وارن جو ٺيڪو هوندو هو، انهيءَ عام ڏينهن وانگر پنهنجو ڪاروبار پئي ڪيو، جنهن کي مون چيو ته جيڪڏهن وٽرنري ڊاڪٽر کڻي توکي اچي ڌنڌي بند ڪرڻ لاءِ چوي ته تون بند نه ڪجان ۽ هن کي موچڙا هڻجان. هن جي مدد لاءِ مون هڪڙو سپاهي به اتي بيهاري ڇڏيو، مان پوءِ ٽنڊي جان محمد مان ڀاڄيون گهرائي شهرين کي سپلاءِ پئي ڪيون، جنهن واپارين کي ويتر ڪاوڙائي ڇڏيو. مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي فون تي اها حقيقت ڪئي پر کيس چيم ته حال في الحال گرفتاريون ڪونه ٿو ڪرايان ۽ ٿورو وقت ترسي ڏسان ته صورتحال ڪيئن ٿي بيهي. مان پوءِ شهر ۾ رائونڊ تي هئس، ته جيئن ڏسي سگهجي ته حالتون ڪيئن آهن، ان لاءِ اسٽيشن تي به ويس، ان وچ ۾ شهرين منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي آفيس مان غير موجودگيءَ ۾ آفيس وڃي ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن جو اطلاع مون D.M صاحب جن کي فون تي ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته هاڻي جن واپارين جي اها شرارت ڪيل آهي انهن کي گرفتار ڪرايان ٿو ۽ انهن کي گرفتار ڪرائي ميرپورخاص جيل موڪلي ڇڏيو. D.S.P ميرپورخاص مسٽر الطاف ڀٽي به ڊگڙي پهتو، جو ڊگڙي سب ڊويزن ۾ جدا D.S.P مقرر ٿيل نه هئو. D.S.P ۽ مان پوليس اسٽيشن تي ويٺا هئاسين ته شهرين جلوس ڪڍيو ۽ سب جيل ڏانهن پئي وڃڻ چاهيو ته جيئن گرفتار ٿيل واپارين کي جيل مان زوريءَ ڪڍجي، مان، ڊي ايس پي، مختيارڪار مبين احمد ۽ پوليس انسپيڪٽر مبين صديقيءَ کي موڪليو ته جيڪڏهن واپاري جلوس ڪڍي سب جيل ڏانهن وڃن ته مٿن لاٺي چارج ڪجو، لاٺي چارج ٿيڻ بعد واپار ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
مبين احمد صديقيءَ مون کي ٻڌايو ته ٽنڊي جان محمد ۾ محمد يوسف ڏاهريءَ پارٽي ميٽنگ سڏائي آهي، جنهن ۾ عبدالحميد خان جتوئي ۽ لياقت علي جتوئي به آيل آهن، جي هلو ته انهن سان ملي اچجي. (انسپيڪٽر مبين احمد صديقي به ڪافي وقت دادو ضلع ۾ نوڪري ڪري چڪو هو، انهيءَ ڪري هن جو عبدالحميد خان جتوئيءَ سان گهڻو واسطو رهيو هو).
اسان ٻئي گڏجي ٽنڊي جان محمد وياسين، اُتي محمد يوسف ڏاهريءَ کي جڏهن اسان جي اچڻ جي خبر پئي ته هو گهٻرائجي ويو، اسان پهتاسين ته ان وقت ميٽنگ هلي رهي هئي ۽ عبدالحميد خان ۽ لياقت علي خان جتوئي به اندر ميٽنگ ۾ ويٺا هئا. اسان کين ميٽنگ ۾ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏياري موڪليو ته هو ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪچهري ويٺي ڪئينسين ته عبدالحميد خان ٻڌايو ته محمد يوسف ڏاهري ڏاڍو ڊڄي ويو هو ۽ چوي پيو ته S.D.M ۽ انسپيڪٽر کيس گرفتار ڪرڻ آيا آهن، جنهن تي هن کيس دلجاءِ ڏني ته اهڙي ڳالهه نه آهي پر هو ساڻس ملڻ آيا آهن، ڪچهري ڪري جڏهن مان ۽ انسپيڪٽر مبين احمد صديقي واپس پيا اچون ته عبدالحميد خان چيو ته محمد يوسف ڏاهريءَ جي پارت اٿوَ.
جڏهن واپارين اسٽرائيڪ ڪئي هئي ته ان وقت ميرپورخاص ۾ ڪرنل ڪونه هو ۽ شايد موڪلي تي ويل هيو، انهيءَ ڪري سانگهڙ جو ڪرنل فاروق صاحب انڪوائري ڪرڻ آيو ۽ محمد هاشم صاحب D.M به ساڻس گڏجي آيو هو. مونکي ڪرنل فاروق ورانڊي ۾ بيٺي ڏسي چيو ته هتي آيو آهين ڇا؟ جنهن تي مون کيس چيو ته ها سانگھڙ مان منهنجي بدلي بعد هتي آيو آهيان. (منهنجي خلاف تپيدارن جي اسٽرائيڪ بابت سانگهڙ ۾ انڪوائري به ڪرنل فاروق ئي ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر اڳ ڪري آيو آهيان).
ڪرنل فاروق مون کان واپارين جي اسٽرائيڪ بابت سڄي معلومات ورتي، D.M صاحب به ان وقت موجود هو. ان بعد ڪرنل فاروق ٽائون ڪاميتِ آفيس ۾ هلي ويٺو ۽ واپارين کي چيائين ته اسٽرائيڪ ختم ڪيو نه ته مان پنهنجو آفيسر وٺي آيو آهين ۽ مان بيان وٺي جيڪي به واپاري ڏوهي ثابت ٿيا، انهن کي سزا ڏيندس ۽ جيل روانو ڪري ڇڏيندس. جنهن تي واپارين کانئس 15 منٽ کن پاڻ ۾ صلاح مشوري ڪرڻ لاءِ ورتا ۽ ٻاهر وڃي صلاح ڪري اندر اچي ڪرنل کي چيائون ته اسان اسٽرائيڪ ختم ڪيون ٿا پر اسان جا جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، انهن جا ضامن ڪيا وڃن پر D.M صاحب ضامن کڻڻ کان انڪار ڪندي چين ته اهو قانون موجب ڪم ٿيندو. بهرحال واپارين اسٽرائيڪ ختم ڪئي ۽ جيڪي واپاري گرفتار ڪرايا ويا هئا، انهن مان ڪن تي ڪيس S.D.M ڊگڙي جي ڪورٽ ۾ ۽ ڪن تي سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جيمس آباد (هاڻي ڪوٽ غلام محمد) جن جي ڪورٽ ۾ داخل ڪيا ويا. مان ته پوءِ ترت بدلي ٿي ويو هئس پر ان وقت به مٿن ڪيس هلندا رهيا ۽ پوءِ مون ٻڌو هو ته ٻه سال کن هنن انهن ڪيسن ۾ پئي لوڙيو.
جولاءِ 1979 ۾ منهنجو چاچو غلام محمد خان دادوءَ ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو ۽ مان پوري فئملي وٺي لاڙڪاڻي ۾ آيس، جتي چاچي غلام محمد خان مرحوم جو لاش دادوءَ مان آڻي کيس ابوبڪر مقام ۾ ٻين عزيزن قريبن جي قبرن ڀرسان دفنايو ويو.
محمد هاشم صاحب ڊپٽي ڪمشنر سومو اوڏ کي مون ڏانهن خط لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيو هيائين ته سومو اوڏ سندس پٽ آفتاب احمد سان گڏ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو آهي ۽ هن جي ڀيڻ اتي ڊگڙي تعلقي ۾ پرڻايئ ڏني آهي پر ڌرين جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪونهي. هيئر سومي اوڏ جن جي شاديءَ جو موقعو آهي، جيڪا شادي مٽيارين ۾ رکيل آهي سو سومي اوڏ جي همشيره جي ساهرن کان هن جي ڏهن_ پندرهن ڏينهن لاءِ موڪل وٺي ڏي ته سومي سان گڏجي اچي ۽ شاديءَ جي موقعي گذرڻ بعد وري ڀلي کيس واپس وٺي وڃن.
مان ان ڇوڪريءَ جي مڙس، سهري کي ڊگڙيءَ گهرايو، جو هو ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندا هئا. مون هنن کي ڇوڪريءَ کي موڪل ڏيڻ لاءِ چيو ته هوءَ پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي وڃي ۽ شاديءَ جو موقعو گذاري پوءِ اوهان ڀلي کيس وٺي اچجو. هنن مون سان ته هائو ڪئي ۽ چيو ته سومو ساڻن گڏ هلي ۽ ڀلي پنهنجي ڀيڻ کي وٺي اچي، مان سومي اوڏ کي چيو ته چوين ته پوليس ساڻ ڏيان پر سندس ڀيڻ جي مڙس ۽ سهري چيو ته سائين پوليس جي هلڻ جي ضرورت نه آهي ۽ سندس ڀيڻ کي خوشيءَ سان موڪل ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. سومو پوءِ هن سان گڏجي ويو پر هنن کيس ڀيڻ جي موڪل ته نه ڏني پر اُلٽو ساڻس وڙهيا جا حقيقت سومي مونکي اچي ڪئي. مان پوءِ پوليس جي معرفت سومي جي همشيره سندس مڙس ۽ سهري کي ڊگڙي گهرايو ۽ سومي جي ڀيڻيوئي ۽ ان جي پيءُ تي سومي کان فرياد داخل ڪرائي، گرفتار ڪرايو ۽ ڇوڪريءَ کي جنهن کي هڪڙو ننڍڙو ٻار به ساڻ هيو، انهيءَ کي سمجھايو ته ڀاءُ سان گڏجي وڃي پر هن کي ساهرن پرپٺ ايترو ته ماريو ۽ ڪنبائي ڇڏيو هو، جو هوءَ ڀاءُ سان وڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي. اتي رات جو ڪافي ٽائيم ٿي ويو هو، ان ڪري مون ماني گهرائي سومي کي کائڻ لاءِ چيو، هن پنهنجي ڀيڻ کي به گڏجي ماني کائڻ لاءِ چيو جو به هن نه مڃيو ۽ ماني به نه کاڌي.
ڪافي سمجھائڻ باوجود ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وڃڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئي، آخر مون مختيارڪار جي جيپ گھرائي ۽ ٿاڻي تان ٻه سپاهي گھرائي ڇوڪريءَ کي سندس ٻارڙي سميت جيپ ۾ ڀاءُ سان گڏي ويهاري سپاهين کي چيو ته هنن کي مٽياري ڇڏي اچو، جيڪي کين راتوواهه اتي ڇڏي آيا.
اهو سال 1979 جو ٽائيم هو، مان جڏهن سال 2003 ۾ لاڙڪاڻي مان اچي حيدرآباد ۾ رهيس ته هڪڙي ڏينهن مٽيارين ويس ۽ سومي اوڏ جي پڇا ڪري وٽس ويس ته هُو پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ ٻاهران مريضن کي ڏسي رهيو هو، جي به سندس ذات ڀائي اوڏ ئي هيا. مون کي هن ڪونه سڃاتو ته پوءِ ساڻس پنهنجي واقفيت ڪرايم. مون کانئس گورنمينٽ جاب هجڻ جو پڇيو، جنهن تي ٻڌايائين ته کيس سرڪاري نوڪري ته نه ملي آهي باقي پنهنجي برادريءَ جي غريبن جو خانگي طرح علاج معالج ڪندو آهيان ۽ روزگار چڱو پيو ٿئي. مريضن کان فارغ ٿي پنهنجي جڳهه تي وٺي هليو ۽ اتي هلي ڪچهري ڪئيسين. مان کانئس پڇيو ته اوهان جو ڊگڙي وارن سان ٺاهه ٿي ويو آهي، جنهن تي ٻڌايايئن ته سندس همشيره جا گڙدا ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا هئا ۽ کيس آغا خان اسپتال تائين علاج لاءِ وٺي وياسين پر هُوءَ نه بچي سگهي ۽ وفات ڪري وئي ۽ ان صدمي جي ڪري سندس والد به وفات ڪري ويو. باقي سندس ڀاڻيجا ايندا آهن ۽ اچي ٽڪندا به آهن.
تعلقي ڊگڙيءَ جي نئين ڪوٽ يونين آفيس ۾ D.M.L.A جهانداد خان کليل ڪچهريءَ جو پروگرام رکيو. ان ڪچهريءَ ۾ شرڪت لاءِ محمد هاشم ڊپٽي ڪمشنر به اُتي آيو، پر D.M.L.A نه آيو، پوءِ برگيڊيئر فهد صاحب اچي ڪچهري ڪري ويو. اسان اڃان ڪچهري لاءِ لڳايل شاميانا وغيره لاهيون ئي پيا جو ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون ڪئي ته D.M.L.A صاحب جهانداد خان صاحب سڀاڻي نئون ڪوٽ ڪچهري ڪرڻ ايندو، جو پوءِ ٻئي ڏينهن اچي ڪچهري ڪئي. محمد هاشم صاحب ڊپٽي ڪمشنر صاحب به ڪچهريءَ ۾ آيو ۽ ڪچهري بعد ٻئي واپس هليا ويا. منهنجي جاءِ تي پوءِ مسٽر شمس الدين لغاريءَ جو S.D.M ڊگڙيءَ جو آرڊر ٿيو ۽ منهنجي بدلي ڪري سٽي مئجسٽريٽ ڪوٽڙي رکيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون ڪئي ته شمس الدين لغاريءَ کي چارج ڏجو، جو هن جو آرڊر نجم الدين خان سريوال ڪرايو آهي، جو شمس الدين جو چاچو آهي ۽ چيف سيڪريٽري جي سهري جو دوست آهي. شمس الدين خان لغاريءَ جو ٻه مهينا کن اڳ شهدادڪوٽ سب ڊويزن جو آرڊر ٿيل هو پر هن اتي جي چارج نه ورتي. مون تاريخ 28.08.79 تي ڊگڙي سب ڊويزن جي چارج شمس الدين لغاريءَ کي ڏني. (شمس الدين لغاري جڏهن ائڊيشنل ڪمشنر هيو ته ساڻس ملاقات ٿي، پر رطوبت ڏاڍي ڦٽل هئس).
مان ڊگڙيءَ ۾ چارج ڇڏي ميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ موڪلائڻ آيس ته اتي محمد عظيم ابڙو S.D.M مٺي اڳ ويٺو هو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب هن کي چيو ته تون مٺيءَ مان وڃڻ ٿو چاهين ۽ جيڪڏهن تو چوين ته مان محمد عليءَ کي مٺي سب ڊويزن لاءِ D.O لکي ڏيان، جو هن قبول ڪيو. صاحب موصوف پوءِ مونکي D.O ليٽر لکي ڏنو ته وڃي ڪمشنر صاحب حيدرآباد (الله بخش خان سومري) کي ڏيان جو مان انهيءَ ڏينهن شام جو کين بنگلي تي وڃي ڏنو ۽ ڪمشنر صاحب چيو ته هُو ڪراچي ويندو ۽ منهنجو آرڊر مٺي لاءِ ڪرائيندو. مان به ڪراچي پوئواريءَ لاءِ ويس ۽ مسٽر علي محمد شيخ صاحب سان مليس ۽ کيس حقيقت ٻڌايم، مسٽر علي محمد صاحب سيڪريٽري سروسز ۽ جنرل ائڊمنسٽريٽر هو پر اسٽيبلشمينٽ يعني بدلين وغيره جو ڪم ڪرنل جميل صاحب ڪندو هو، هن پوءِ ڪرنل جميل سان فون تي ڳالهايو ۽ مونکي چيائين ته سڀاڻي مٺي سب ڊويزن جو آرڊر کڻي وڃجان پر ٻئي ڏينهن تي سيڪريٽ ۾ نوٽيفڪيشن وٺڻ لاءِ ويس ته ٻڌايائون ته لوڪل باڊيز جون چونڊون ٿين پيون، انهيءَ ڪري بدلين تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ اڳ تازا نڪتل آرڊر به ahayance ۾ رکيا آهن.
(بس سڀ قدرت جا کيل آهن ۽ انسان کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪري ۽ مٿو ڦاڙي بيهي، تڏهن به جيڪي رب پاڪ چاهي، اهو ئي ٿئي)
مان پوءِ تاريخ 22.09.79 تي سٽي مئجسٽريٽ دادو ائٽ ڪوٽڙي (City magistrate Dadu at Kotri) جي چارج ڪوٽڙي وڃي ورتي. مسٽر اسد الله شيخ ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هو ۽ اها 18 گريڊ جي پوسٽ ڄامشوري يونيورسٽين ۾ امان امان (Law & Order) قائم ڪرڻ خاطر ئي Create ڪئي وئي هئي. ساڳي طرح ائڊيشنل ايس پي جي پوسٽ به ان مقصد لاءِ ئي نئين Create ڪئي وئي هئي. لالا اعظم ائڊيشنل اسي پي هيو، مسٽر قلي بخش رند S.D.M ڪوٽڙي ۽ اڪبر ڀنگوار A.S.P ڪوٽڙي هيو. (مسٽر قلي بخش ڪجهه عرصو سنڌ حڪومت ۾ چيف سيڪريٽري به ٿي رهيو آهي).
وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي مسٽر شيخ اياز صاحب خلاف شاگرد احتجاج ڪندا رهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري امن امان رکڻ لاءِ منهنجي مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ۽ مسٽر محمد ملوڪ جاگيراڻي ڊي ايس پي فورس سميت اڪثر روزانو سنڌ يونيورسٽيءَ ويندا هئاسين پر اسان جي وقت ۾ ڪو هنگامو وغيره ڪونه ٿيو هو. وائيس چانسلر شيخ اياز جي نوڪري ختم ڪئي وئي. ۽ هڪڙي ڏينهن اڃا هن چارج ته ڇڏي هئي پر بنگلي تي ترسيل ئي هيو جو مسٽر قلي بخش رند S.D.M ۽ مان ساڻس بنگلي تي ملياسين. اهو صدر ضياءُ الحق جو دور هو، شيخ اياز اهو آسرو ڪيو ويٺو هو ته صدر صاحب کيس ڪنهن پاسي سفير ڪري موڪليندو پر اها سندس مراد پوري نه ٿي.
عيد جو موقعو هو جو مان برگيڊيئر کان اجازت وٺي ڳوٺ لاڙڪاڻي پئي آيس ته دادو اسٽيشن تي ڊپٽي ڪمشنر دادو مسٽر الطاف حسين قادريءَ پٽيوالي هٿان نياپو موڪليو ته برگيڊيئر کيس منهنجي لاءِ چيو آهي ته عيد نماز پڙهي واپس ڪوٽڙي اچي. مان پوءِ عيد نماز پڙهي واپس ڪوٽڙي ويس. برگيڊيئر کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن جي تلاشي (Search) ڪرائڻي هئي، جنهن لاءِ هن ٻين ايس پيز، ايڊيشنل ايس پي، پويلس انسپيڪٽرن ۽ حيدرآباد مان مئجسٽريٽن کي ان ڪم لاءِ گهرايو هو. مان به جڏهن اتي ويس ته برگيڊيئر صاحب چيو ته “ڀائي آپ ڪيسي آئي هين” جنهن تي مان کيس وراڻيو ته D.M صاحب مونکي دادو اسٽيشن تي اوهان جو نياپو موڪليو، انهيءَ ڪري مان موٽي آيو آهيان. جنهن تي چيائين ته هن ته D.M کي ڪو نياپو نه ڪيو هو ۽ تون ته مون کان موڪل وٺي ويو هئين. خير پوءِ مون کي به هڪ هاسٽل جي تلاشيءَ لاءِ ڊيوٽي ڏني وئي. مون سان تلاشيءَ دوران مسٽر غلام قادر مهر ائڊيشنل ايس پي ۽ هڪ پوليس انسپيڪٽر گڏ هئا. تلاشيءَ دوران بشير شاهاڻيءَ جي ڪمري ۾ هڪ ٽيبل جي خاني مان هڪ پسٽل جا جدا جدا ٿيل پرزا مليا ۽ پوري هاسٽل مان وڌيڪ ڪجهه به هٿ نه آيو. اهڙو مشير نامون ٺاهيو ويو جنهن تي بشير احمد شاهاڻي اسپيشل ملٽري ڪورٽ حيدرآباد ۾ چالان ٿيو ۽ ان ڪيس منهنجي به شاهدي ورتي وئي هئي ۽ هن کي جيل جي سزا ڏني وئي هئي. (مسٽر الطاف حسي قادري ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنهنجي بغض جو هڪڙو دفعو اهو اظهار ڪيو).
هڪڙي ڏينهن آرمي هيڊ ڪواٽر مان ميجر فون ڪري گهرايو، هُو پٺاڻ هو ۽ وٽس ويس ته چيائين ته مان ساڻن ٽرئفڪ چيڪنگ لاءِ هلان. هو جهڙو نيڪ صورت هو اهڙو ئي بلند اخلاق وارو هو. سپر هاءِ وي تي جنهن چوراهي وٽان سپر هاءِ وي کان ڪوٽڙيءَ رستو پئي ويو، اتي اچي چيڪنگ لاءِ بيٺاسين. ميجر صاحب مون کي چيو ته هو منهنجي ڪم ۾ ڪا دست اندازي نه ڪندو ۽ گاڏين جا ڪاغذ چيڪ ڪري جيڪو ڏنڊ مناسب سمجهان اهو لڳايان. ٽرئفڪ چيڪنگ هلندي هڪ ڪار اسان کان ٿورو پري روڊ جي ڀرسان اچي بيٺي، جنهن مان غلام مصطفيٰ خان جتوئي (اڳوڻو چيف منسٽر صاحب سنڌ) ڪار جو در کولي ٻاهر دريءَ تي هٿ رکي بيٺو. مون ميجر کي چيو ته هيءَ چيف منسٽر صاحب ٿي رهيو آهي، انهي جي چيڪنگ نه ڪيون ته هن چيو. ”ڀائي آپ ڪي مرضي.“ مان پوءِ وڌي وڃي صاحب موصوف جن کي چيو ته سائين توهان ڀلي وڃو، پوءِ هو گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿي ويو. (ميجر ته هن کي ڪونه پيو سڃاڻي پر مونکي ته عزت واري جي عزت ڪرڻ لازمي هئي).
هڪڙي ڀيري رات جي وقت مان بنگلي تي ويٺو هئس ته هڪڙو ميجر جو ماڻهو آيو ۽ پاڻ سان گڏ هڪ پٺاڻ کي جو ننڍي عمر جو هيو، ان کي وٺي آيو ۽ چيائين ته سائين هن ٻه ڪلو کنڊ بلئڪ تي ڏني آهي، تنهن ڪري هن کي سخت سزا ڏيو. مون کيس چيو ته سامهون پوليس اسٽيشن اٿئي، اتي وڃي فرياد لکرائي ته پوءِ هو هن کي مون وٽ چالان ڪندا ۽ پوءِ ئي مان هن کي سزا ڏئي سگهندس. هن پوءِ ائين ئي ڪيو ۽ پوليس ان جوابدار کي مون وٽ چالان سان گڏ وٺي آئي. جنهن کي مون 500 روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني پر ميجر جو ماڻهو مطمئن نه ٿيو ۽ چيائين ته ميجر صاحب چيو آهي ته هن کي سخت سزا ڏيو. مون هن کي چيو ته کنڊ ڪل ٻه ڪلو کن آهي ۽ انهيءَ لاءِ اها سزا ڪافي آهي ۽ ميجر کي وڃي ائين ٻڌائي ته مان بس ان کان وڌيڪ سزا نه ڏيندس. پوءِ جوابدار بروقت ڏنڊ ڀري ڏنو ۽ ميجر جو آيل ماڻهو واپس هليو ويو.
ڪوٽڙيءَ ۾ سوشل ويلفيئر وارن طرفان مينا بازار به لڳائي وئي هئي. جنهن ۾ ڪجهه حسين عورتون پڻ آيون هيون، جن مان هڪ خوبصورت عورت پان پڻ ماڻهن کي وڪرو ڪري رهي هئي ۽ في پان پنجن روپين ۾ پئي ڏنائين، مون به کانئس 5 روپين ۾ هڪ پان وٺي کاڌو جو ان قيمت ۾ مهانگو نه هو.