ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي
کپري تعلقي ۾ تاريخ 26.01.73 تي چارج ڇڏي 30.01.73 تي ڪراچيءَ وڃي چارج ورتي.ان دور ۾ ڪراچي هڪ ئي ضلعو هيو ۽ ڪنور ادريس صاحب ڊسٽرڪٽ مئجسٽرٽ هو ۽ مئجسٽريٽن کي حد سماعت (ڪيسن ٻڌڻ جي ايريا Jurisdiction) اهو ئي ڏيندو هو. ڪراچيءَ جو ڪمشنر صاحب مسٽر پرويز احمد بٽ هو، پر ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽن جي ڪم ڪار تي ترت نظرداريءَ رکڻ لاءِ سٽي ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مقرر هوندو هو، جنهن جي آفيس به سٽي ڪورٽس ايريا ۾ هوندي هئي.
منهنجي شروع ۾ چارج وٺڻ وقت مئڊم ثريا ٻاٽي هوندي هئي جا City A.D.M هئي پر هن جي اوچتو دلَ جي دوري باعث وفات ڪري وڃڻ سبب سيد مشرف علي صاحب City A.D.M ٿي آيو هو. شروعات ۾ مونکي ڪورنگي پوليس اسٽيشن جي، پوءِ ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي ۽ پڇاڙيءَ ۾ C.I.A جي Jurisdiction ڏني وئي هئي. ان زماني ۾ سيشن ڪورٽ جي ٻڌڻ وارن ڪيسن جا چالان ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽن جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويندا هئا، جي ڪيس ۾ شاهديون وٺي پوءِ ڪيس سيشن ڪمٽ (سيشن ڪورٽ ۾ موڪلي ڏيندا هئا) ۽ پوءِ ڪيس اتي هلندا هئا. مونکي جيڪا پهريائين ڪورنگي ٿاڻي جي حد سماعت لاءِ مليل هئي، ان ايراضيءَ ۾ سيشن ڪورٽ جي ٻڌڻ وارن ڪيسن جهڙوڪ خون _ ڌاڙن وغيره ڏوهن جي وارداتن جي گهڻائي هوندي هئي.
اسان مختيارڪاريءَ مان پرموشن ملڻ وارن کان اڳ ٻٽي سڌا P.C.S آفيسر مسٽر جميل احمد صديقي، مسٽر بخشل خان گدارو ۽ شايد ته اسلم سنجراڻي به ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ڪري مقرر ڪيا ويا هئا. شروعات ۾ منهنجو رهڻ مسٽر عزيز الرحمٰن پنهنجي نياڻي وٽ ماڊل ڪالونيءَ ۾ هوندو هو. جتان لوڪل ٽرين جيڪا ملير ڪئنٽ کان ڪياماڙيءَ تائين هلندي هئي، ان ۾ ماڊل ڪالوني اسٽيشن تان چڙهي اچي ڪراچي سٽي اسٽيشن تي لهي پوءِ پيادل سٽي ڪورٽ وڃبو هو ۽ واپسي به لوڪل ٽرين ۾ ئي ٿيندي هئي.
ڪجهه عرصي بعد مسٽر الله بخش انصاريءَ جي ڪوشش سان گارڊن جي ڀرسان آفيسر هاسٽل ۾ هڪ ڪمرو کيس اسٽيٽ آفيسر عباسي صاحب الاٽ ڪري ڏنو. اهو اسٽيٽ آفيسر ڪوٽڏيجيءَ جو ويٺل هو ۽ مسٽر الله بخش انصاري ڪوٽڏيجيءَ جو مختيارڪار رهي چڪو هو. ان ڪمري ۾ الله بخش انصاريءَ سان مان به گڏ رهندو هيس. پوءِ مونکي به الڳ ڪمرو الاٽ ٿي مليو ۽ مان اڪيلو ان ۾ رهڻ لڳس. اسان جي ڪمرن ڀرسان وارن ٻين ڪمرن ۾ مسٽر خدا بخش قاضي، مسٽر مولا بخش سانگي (لاڙڪاڻي وارو) مسٽر محمد صالح ميمڻ ائڊيشنل سيشن جج ۽ هڪڙي ٻئي ڪمري ۾ مسٽر محمد عمر قاضي ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ رهندا هئا ۽ ڪراچيءَ مان دادوءَ بدلي ٿيڻ تائين اتي آفيسرس هاسٽل ۾ ئي رهڻ ٿيو. اسان سڀ فرسٽ فلور تي رهندا هياسين.
هيٺ هڪ ڊبل ڪمرو مسٽر عبدالجبار بچاڻي صاحب پرزائيڊنگ آفيسر ليبر ڪورٽ (جيڪو پڻ ائڊيشنل سيشن جج جي عهدي جو هو) ان کي مليل هو، جنهن ۾ هو فئملي سان رهندو هو. هو اڪثر ڪري منهنجي ڪمري ۾ مٿي اچي ويهندو هو ۽ ڪچهري ڪندا هئاسين، جو هو ڪاليج واري وقت کان وٺي ساڳي هاسٽل ۾ رهڻ ڪري گهڻو واقف هوندو هو. آفيسرس هاسٽل ۾ رهڻ واري وقت ۾ مان ۽ مسٽر الله بخش انصاري صبح جو ڪئنٽين ۾ ناشتو ڪري پيادل سٽي ڪورٽ ويندا هئاسين، جو صبح جي ٽائيم ۾ سواري جو ملڻ مشڪل هوندو هو، باقي شام جو واپسيءَ وقت سپاهيءَ هٿان ڪا ٽئڪسي يا رڪشا گهرائي ان ۾ موٽندا هئاسين.
ڪيترا دفعا ڪورٽ ڏانهن پيادل ويندي مسٽر تاج محمد قريشي صاحب جنهن وٽ مان خيرپور ضلع ۾ سندس ڊپٽي ڪمشنر واري ٽائيم ۽ مختياڪار (گمبٽ تعلقي) ٿي رهيو هيس، اهو واڪ تان موٽندو هو ته ڪجهه ٽائيم پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئاسين، هن کي ان وقت ڪٿي به پوسٽنگ نه هئي ۽ چوندو هو، ممتاز علي ڀُٽو کيس ڪو پوسٽنگ آرڊر نه پيو ڏئي. سيد مظفر حسين شاهه اڳوڻو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر صاحب ان ٽائيم ۾ وڪالت ڪندو هو، هو ۽ سندس سؤٽ يا عزيز وڪيل منهنجي ڪورٽ ۾ جوابدارن پاران خونن وغيره جي ڪيسن ۾ بچاءَ جي وڪيل طور ڪيسن جي پوئواري ڪندا هئا ۽ ٻئي نهايت هوشيار ۽ قابل وڪيل هئا ۽ انگريزي به فصيح ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندا هئا. سيد مظفر حسين شاهه جو اهو سؤٽ (يا عزيز) G.M SHAH وڪيل پوءِ ٻڌو هيم ته هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿي رهيو هو. ڪرڪيٽ جي مئچن ۾ به ان وقت ۾ ظهير عباس ۽ آصف اقبال ٽاپ جا ڪرڪيٽ رانديگر هئا ۽ ٻئي ڏاڍي اعتماد (Confidence) سان کيڏندا هئا، ٻئي بئٽنگ ڪندا هئا.
هڪ دفعي مان ڪراچيءَ پئي ويس ته لانڍيءَ اسٽيشن تي ٽرين مان لهي مان ڏٺو ته ان ريلوي پٽڙيءَ تي ٻي نان اسٽاب ٽرين تيز رفتاريءَ سان اچي رهي هئي ۽ مان اڃا پٽڙيءَ تان ٽپيس ئي مس ته گاڏي اتان گذري وئي. مون کي ان ڏينهن خدا تعاليٰ ڄڻ نئين زندگي بخشي. ريلوي حادثن بابت اخبارن ۾ پڙهندو آهيان ته مونکي پاڻ وارو مٿيون نظارو ياد ايندو آهي ۽ دل ڏڪي ويندي آهي.
1973 ۾ جڏهن لاڙڪاڻي شهر کي ٻوڏ جو خطرو ٿيو ته مان پوري فئملي ڪراچيءَ وٺي اچي ماڊل ڪالونيءَ ۾ هڪڙي جڳهه جو تالو ٽوڙائي ان ۾ رهائي. جاءِ جي مالڪ ته ان تي اعتراض ڪيو پر مان هن کي خاطري ڪرائي ته جاءِ ترت ئي خالي ڪري ويندس ۽ جاءِ تي قبضو ڪونه ڪندس. ان وقت ماڊل ڪالوني پوليس اسٽيشن جي ڪيسن ۾ حد سماعت جي چارج مون کي هئي، ان ڪري پوليس مونکي ڪجهه نه پئي چوي. پوءِ جيئن ئي ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو ته فئملي واپس لاڙڪاڻي ڏياري موڪليم ۽ جاءِ جي مالڪ کي گهرائي قبضو کيس ڏنم ۽ ان سان گڏ جاءِ ۾ رهڻ وارن ڏينهن جو ڪرايو 150 روپيا به پئي ڏنم، پر هن ڪرائي جا پئسا نه ورتا.
هڪڙي ڏينهن منهنجي ڪورٽ ۾ هڪڙو وڪيل ضيغم حسين موسوي ڪنهن ڪيس هلائڻ لاءِ آيو، مان هن کي سڃاتو جو مان جڏهن پني عاقل ۾ مختيارڪار هيس ته هو ڪجهه وقت اتي A.D.M هو برطرف ٿيل آفيسرن ۾ هيو. مون پنهنجي سرشتيدار (اتي پيشنگار سڏيندا هئا) ان کي چيم ته مان ڪورٽ ۾ ڪم ختم ڪري چيمبر ۾ وڃان ته ان وڪيل صاحب کي چئجانءِ ته مون سان ملي، هو پوءِ مون وٽ آيو ته مون کيس ٻڌايو ته مان اوهان وٽ زيردست ٿي رهيو آهيان ۽ ڪو ڪم ڪار هجيوَ ته چئجو ۽ جيتري مون کان ٿي سگهندي، اوهان جي مدد ڪندس.
مان پوءِ جڏهن سانگھڙ ۾ S.D.M هئس ته هي ان دوران وري نوڪريءَ تي چاڙهيو ويو هو، سانگهڙ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو، مان بنگلي تي سندس اچڻ جي انتظار ۾ ويٺو هئس ته اچي ته ملان، جو مان ضلع هيڊ ڪواٽر جو S.D.M هئس. هو جڏهن آيو ته مان ساڻس هٿ ملايو ته هٿ ملائي مونکي چيائين ته هن مون کي ڪٿي ڏٺو آهي. پنهنجي لاءِ مون کيس نه چيو ته اوهان جو زيردست ٿي رهيو آهيان پر چيومانس ته مان ڪراچيءَ ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيو آهان، اُتي اوهان ڏٺو هوندو (يعني مون کي هن سندس وڪيل واري دور ۾ ڏٺو هوندو.)
رمضان شريف جو مهينو هو جو مان ڪئنٽين ۾ روزي جي افطاريءَ وقت ماني پئي کاڌي ته اوچتو محمد هاشم ميمڻ صاحب به آيو ۽ منهنجي سامهون اچي ويٺو. هن به ڪئنٽين ۾ ماني گهرائي پئي کاڌي ته مان پڇيومانس ته سائين اوهان هتي ڪيئن؟ جنهن تي ٻڌايائين ته هن کي ڊئريڪٽر فوڊ ڪري رکيو اٿن پرسندس بنگلي جي مرمت جو ڪم پيو هلي، انهيءَ ڪري ٻن ٽن ڏينهن لاءِ هن آفيسر هاسٽل ۾ حالي في الحال فلاڻو ڪمرو ڏنو اٿن. مان کين چيو ته اوهان هيٺ نه ايندا ڪيو ۽ مان ڪئنٽين واري کي چئي ٿو ڇڏيان ته سحري ۽ افطاريءَ واري ٽائيم تي اوهان کي ماني ڪمري ۾ موڪلي ڏيندو. ٻه يا ٽي ڏينهن صاحب موصوف جن اتي هاسٽل ۾ رهيا ۽ پوءِ پنهنجي بنگلي ۾ وڃي رهيو.
1973 ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جن اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جيڪا اسان هاسٽل ۾ T.V تي ڏٺي پئي، مون ڏٺو ته سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل جن کان زياده اهميت لبيا جي معمر قذافيءَ کي پئي ملي پر ٻيا جيڪي اتي ويٺا هئا، هنن اهو محسوس ڪيو يانه ۽ نه وري مان ان باري ۾ ساڻن ڪا گفتگو ڪئي.
ڪورٽ هلندي هڪڙي ڏينهن مان ڪيس کنيون جنهن ۾ هڪ عورت جوابدار هئي، جوابدار جي نالي پڪارڻ لاءِ پٽيوالي ٻاهر نالو پڪاريو ته اها عورت ڪورٽ ۾ ئي ويٺي هئي، سا اُٿي بيٺي، اها قداور نهايت حسين ۽ سهڻي هڏ ڪاٺ واري هئي، ان تاريخ تي هوءَ عورت منهنجي ڪورٽ ۾ پهريون دفعو Appear ٿي هئي. ان ڪيس ۾ فريادڻ به هڪ چڱي عمر واري عورت هئي، جنهن جي گهر تي ان جوابدار عورت زوريءَ قبضو ڪيو هو، ان تاريخ تي ان ڪيس جو ڪو به شاهد ڪونه هو، انهيءَ ڪري ڪيس ڪونه هليو ۽ ڌرين کي شنوائيءَ جي ٻي تاريخ ڏني وئي ۽ هو ٻئي عورتون هليون ويون. مون کي پنهنجي پيشنگار ٻڌايو ته ان جوابدار عورت جا ڄام صادق عليءَ سان تعلقات آهن ۽ انهيءَ جي پشت پناهيءَ جي ڪري هن فريادڻ عورت جي گهر تي زوريءَ قبضو ڪيو آهي. مون کي پوءِ ترت ئي ٻئي ٿاڻي جي حد ڏني وئي، انهيءَ ڪري اهو ڪيس منهنجي وقت ۾ ڪونه هليو.
جڏهن ڪنهن سرڪاري ملازم خلاف رشوت جي الزام سبب ائنٽي ڪرپشن پوليس کي ان ملازم تي ڇاپو هڻڻ هوندو هو ته هميشه هنن کي پاڻ سان مئجسٽريٽ ساڻ وٺي وڃڻو پوندو هو ۽ اڪثر ڪري ڪونه ڪو واري سان ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ساڻ کڻندا هئا.
هڪڙي ڏينهن مون وٽ ڪورٽ ۾ ائنٽي ڪرپشن پوليس جو هيڊ ڪنسٽيبل ليٽر کڻي آيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته مان سڀاڻي ائنٽي ڪرپشن پوليس سان گڏ ڇاپي هڻڻ لاءِ هلان، جنهن لاءِ مون کي هنن وٽ سندن آفيس ۾ وڃڻو هو، جتان پوءِ هنن سان گڏ ڇاپي هڻڻ لاءِ وڃڻو هو. مون ان هيڊ ڪنسٽيبل کي چيو ته مان گارڊن جي ڀرسان آفيسرس هاسٽل ۾ فلاڻي نمبر ڪمري ۾ رهندو آهيان ۽ جيئن ته صبح جي وقت ۾ سواري ڏاڍي ڏکي ملندي آهي، ان ڪري ٽئڪسي ڪرائي اچجان ته ان ۾ گڏجي ائنٽي ڪرپشن وارن جي آفيس ۾ هلنداسين ۽ ٽئڪسيءَ جو ڪرايو، مان پاڻ ڀريندس. صبح جو اهو هيڊ ڪنسٽيبل مون وٽ آيو، جنهن کان مون پڇيو ته ٽئڪسي آندي اٿئي؟ جنهن تي چيائين ته رڪشا آندي اٿم. مون کيس چيو ته تو هيڊ ڪنسٽيبل سان مان رڪشا ۾ نه هلندس ۽ مان پندرهن ويهه منٽ ترسان ٿو ته تون وڃي ڪا ٽئڪسي وٺي اچ ۽ جي انهيءَ ٽائيم تائين نه آئين ته مان پوءِ ڪورٽ هليو ويندس، هيڊ ڪنسٽيبل جيئن ته پيدا ڪونه ٿيو، انهيءَ ڪري مان سٽي ڪورٽ هليو ويس ۽ وڃڻ سان مون اها ساري حقيقت سٽي اي ڊي ايم City A.D.M سيد مشرف عليءَ جن کي ٻڌائي ته اوهان اسان جا آفيسر آهيو، انهيءَ ڪري ائنٽي ڪرپشن وارن جي مئجسٽريٽ سان اهڙي رويي جي اوهان کي ڄاڻ ڏيڻ آيو آهيان. بس ڪلاڪ ڏيڍ کن گذريو ته سڄي سٽي ڪورٽ ۾ ڌمچر مچي ويو ته ائنٽي ڪرپشن وارا آيا آهن، انهيءَ ڪري سڄو عملو چوڪس ٿي ويو. جيئن ئي ائنٽي ڪرپشن وارا موٽي ويا ته ڪورٽن جو ماحول به ٺيڪ ٿي ويو ۽ مان پنهنجي ڪورٽ مان اٿي وڃي City A.D.M صاحب جن سان مليس ۽ پڇيم ته سائين ائنٽي ڪرپشن وارا ڪيئن آيا هئا؟ جنهن تي ٻڌايائين ته منهنجي ساڻس ڪيل حقيقت جي ڪري هن ائنٽي ڪرپشن جي D.S.P (ڊي ايس پي) ۽ انسپيڪٽرن وغيره کي گهرائي سخت ڇنڊ پٽي آهي ۽ صاف ٻڌايو اٿائين ته جيڪڏهن اوهان مئجسٽريٽن سان اها روش هلندا ته هڪ به مئجسٽريٽ نه ڏيندس. اهو ڏينهن ٿيو جو پوءِ مان جيترو به عرصو ڪراچيءَ ۾ رهيس، مونکي وري ڪڏهن به ليٽر نه لکيائون ته ساڻن ڇاپي هڻن لاءِ گڏجي هلان.
بخشل خان گراري ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ کي پريڊي ٿاڻي جي حد هوندي هئي، جنهن ۾ ڊانسنگ ڪلب چڱا هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن مون کي ۽ پنهنجي هڪ دوست کي هڪ ڊانسنگ ڪلب ۾ وٺي ويو، ڊانس ڏسندڙن لاءِ مٿي گئلري هئي ۽ رقاصائن (Dancing girls) جي ڊانس ڪرڻ لاءِ هيٺ اسٽيج ٺهيل هئي، جنهن تي هو ڊانس ڪنديون هيون. هر هڪ ڊانسنگ گرل واري واري سان اچي ناچ ڪنديون هيون.
جڏهن آخري ڊانس ختم ٿي ته بخشل خان گراري ۽ سندس دوست اٿي اڳ ۾ هلڻ لڳاا ۽ مان انهن کان ٿورو پوئتي هئس ته انهيءَ دوران اها آخري رقاصه مٿي گئلري ۾ اچي منهنجو اڳ وٺي بيهي رهي ۽ چيائين ته کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلان. مون گهڻو ئي گسايو پر هن رستو روڪي بار بار اهو اسرار پئي ڪيو ته مان کيس گڏ وٺي هلان. آخري مون هن کي اهو ڏٽو ڏنو ته ٻاهر دوست منهنجو انتظار ڪندا هوندا، انهيءَ ڪري انهن کي روانو ڪري موٽي اچي توکي وٺي ٿو هلان. هوءِ پوءِ رستي کان هٽي بيٺي۽ مان اچي گراري صاحب ۽ سندس دوست سان گڏ هليو ويس. بهرحال مون هنن سان مٿيون ذڪر ڪونه ڪيو.
ان دور ۾ ڪراچيءَ ۾ هر نئين سال جي پهرين تاريخ تي جشن ملهايو ويندو هو ۽ ڪيترن وڏين هوٽلن ۾ خواهه نائيٽ ڪلبن ۾ ڊانس جا پرورام رکيل هوندا هئا. تاريخ 01.01.74 رات جو مان هاسٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس ته مخدوم نيڪ محمد کهڙا درگاهه (تعلقي گمبٽ) جو گادي نشين اوچتو اچي نڪتو. (جيئن ته مان گمبٽ ۾ مختيارڪار ٿي رهيو هيس ته هن سان چڱو رستو هيو. هن پوءِ مون کي ڏاڍو زور ڀريو ته اڄ رات ڪنهن هوٽل ۾ هلي ڊانس ڏسون. مون ته پهريان کيس انڪار ڪيو پر هن جي اسرار تي اسان ٻئي سندس ڪار ۾ ڊانسنگ پروگرام ڏسڻ لاءِ تاج محل هوٽل ۾ وياسين، جنهن هال ۾ ڊانسنگ جو پروگرام رٿيل هو، اهو ڪافي ڪشادو هو، جنهن ۾ پروگرام ڏسڻ لاءِ ايندڙن واسطي ڪرسيون رکيل هيون ۽ ڊانسنگ جي اسٽيج به لڳ هئي، پروگرام شروع ٿيڻ سان رقاصائون واري واري سان اچي ڊانس ڪنديون رهيون، جي سڀ نهايت سنهڙيون هيون. آخري ۾ هڪ نهايت جوان، حسين، قداور ۽ سٺي هڏ ڪاٺ واري رقاصه صرف پنهنجو سينو ۽ شرمگاهه ڍڪي باقي ساري ننگي جسم اسٽيج تي اچي نمودار ٿي ۽ ڪجهه وقت بعد هن اسٽيج تي ليٽي ڊانس ڪرڻ شروع ڪيو، جو هن ڪنهن مهل سڌي سمهي، ڪنهن مهل پاسي ڀر ۽ وري ڪنهن مهل اونڌي سمهي باقي ٽائيم ڊانس ڪيو. جنهن کي ڪوبرا ڊانس پئي چيائون. هن جي ڊانس ختم ٿيڻ بعد سڀ پنهنجي ماڳ هليا ويا، پروگرام ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ 120 روپيا في ماڻهو هئي.
مون کي آخري جڏهن C.I.A جي Jurdiction ملي ته سڄي ڪراچي شهر جا C.I.A وارن جي ڪيسن جا چالان منهنجي ڪرٽ ۾ پيش ٿيندا هئا ۽ ڪيس هلندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪورٽ ۾ ڪيسن هلائيندي منهنجي نظر ڪورٽ اندر ويٺل هڪ نهايت حسين عورت تي پئي، جا سـٺي رطوبت ۽ شڪل شباهت ۾ به سهڻي، بت ۾ ڪجهه ڀريل ٿي ڏٺي، سندس بدن تي ڪافي سونا زيور به پاتل هئا. مون پنهنجي پيشگار کان پڇيو ته اها خوبصورت عورت ڪير آهي؟ ته هن ٻڌايو ته اها اڄ هڪ ڪيس ۾ جوابدار آهي.
ڪجهه ڪيسن هلائڻ بعد مون جڏهن ان جو ڪيس کنيون ته ڏٺم ته هوءَ مينا نالي عورت هئي ۽ چالان ۾ مٿس اهي الزامن وارا سيڪشن هئا ته هوءَ پاڻ فاحش عورت آهي ۽ فحاشيءَ جو اڏو به هلائيندڙ آهي. ان مينا جو اڏو مشهور هو، ڪيس گهڻي وقت کان هلندڙ هو پر ڪو به شاهد پيش ڪونه ٿيندو هو. انهي ڪري ٻن ٽن شنوائين بعد مون ڪيس خارج ڪري ڇڏيو جو قانون ۾ اهڙي گنجائش هئي.
منهنجي پوءِ ڪراچيءَ مان اوچتو بدلي ٿي جنهن لاءِ مون نه ڪنهن کي چيو هو ۽ نه ڪا ڪوشش ورتي هيم پر عبدالحميد خان جتوئي (جيڪو هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ ڪلاس فيلو هو) ان ازخود مونکي پنهنجي ضلعي دادوءَ ۾ اڳئين A.D.M مسٽر حامد علي ميمڻ جي بدلي ڪرائي مون کي ان جي جڳهه تي A.D.M Dadu مقرر ڪرايو.
عبدالحميد خان جتوئيءَ دادوءَ جي ڪليڪٽر علي ڏني خان پنهور جن کي به بدلائي ان جي جڳهه تي مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب جن کي ان جي جڳهه تي رکرايو ۽ الهڏني خان هيسباڻيءَ کي دادو سب ڊويزن (جيڪا چئن تعلقن دادو، جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تي مشتمل هئي) جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪري رکرايو.
ان وقت سنڌ جو چيف منسٽر مسٽر غلام مصطفيٰ خان جتوئي صاحب جن هئا، جنهن سان عبدالحميد خان جتوئي جا سياسي لحاظ کان علاوه هونئن به گهڻي وقت کان گهاٽا تعلقات هوندا هئا، ايتري قدر جو جيتوڻيڪ سندس همشيره مسٽر عاشق حسين جتوئي پير محمد خان جتوئيءَ جن جي پٽ سان پرڻيل هئي، تڏهن به انهن بنسبت غلام مصطفيٰ جتوئي، عبدالحميد خان جتوئيءَ کي وڌيڪ ترجيح ۽ اهميت ڏيندو هو ۽ دادو ضلع ۾ اڪثر ڪري آفيسر به سندس پسند وارا رکندو هو.
منهنجي جڏهن ڪراچيءَ مان بدلي ٿي ته قاضي محمد اشرف وڪيل منهنجي، فاروقي هوٽل ۾ منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڪئي هئي ۽ چيوهيائين ته هو ۽ سندس دوست سيوهڻ شريف حضرت لعل شهاز قلندر جن جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ايندا. مون چيومانس ته ڀلي اچجو ۽ جيڪا خدمت ٿي سگهي ته انشاءَ الله ان ۾ ڪمي ڪانه ڪبي. عرس مبارڪ به ويجهن ڏينهن ۾ هيو. ڪراچيءَ ۾ منهنجو ٻئي وڪيل مسٽر غلام مصطفيٰ ميمڻ سان به سُٺو رستو هوندو هو ۽ هڪ دفعي ٻارن سميت مون وٽ لاڙڪاڻي به آيو هو.
ڪراچيءَ ۾ 11.04.74 تي چارج ڇڏي 17.04.74 تي دادوءَ ۾ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (A.D.M) جي چارج ورتي. مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب جن مون کان ٽي چار ڏينهن اڳ دادوءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي چارج ورتي هئي. الله ڏني خان هيسباڻيءَ به ڊپٽي ڪليڪٽر دادو سب ڊويزن جي چارج اچي ورتي.
عبدالحميد خان جتوئي اڪثر ڪري هر سومر ڏينهن ماڻهن جي ڪمن ڪارين ڪرائڻ لاءِ دادوءَ ايندو هو ۽ ڪم ڪرائي وري واپس ڳوٺ ٻيٽي هليو ويندو هو، کيس دادوءَ ۾ پنهنجي ذاتي جڳهه شاهاڻي محلي ۾ هوندي هئي پر اتي رات ڪڏهن قسمتي ترسندو هو. هڪڙي سومر تي جڏهن هو دادوءَ آيو ته مون وٽ به آفيس ۾ آيو ۽ چيائين ته هو منهنجو آرڊر ڊپٽي ڪليڪٽر دادو پيو ڪرائي، پر محمد عثمان ٻٽ چيو ته الله ڏني هيسباڻيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر جو ۽ منهنجي لاءِ چيائين ته ان جو A.D.M جو آرڊر ڪرائي. مان چيومانس ته مان هت به ٺيڪ آهيان ۽ راضي آهيان، (مان ته ڪراچيءَ ۾ ڏاڍو بيزار هيس انهيءَ ڪري ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان غنيمت سمجهيو هو.)
مان جنهن ڏينهن دادوءَ ۾ A.D.C (ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر) جي چارج وٺي اڃا ڪرسيءَ تي ويس مس، ته غلام نبي کوهارو سپروائيزنگ تپيدار بنان ٻڌائڻ ۽ ملڻ لاءِ اچڻ جو اطلاع ڪرائيندي منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. اها ڳالهه مونکي ته نه وڻي پر هن کي چيم ڪجهه ڪونه باقي نه مون هن سان ڳالهايو نه وري هن ڏانهن ڪو توجهه ڏنم. ٿوري جهٽ ويهي پوءِ ازخود اٿي هليو ويو. هن پوءِ منهنجي چاچي غلام محمد جنهن جي دادو ضلع ۾ نوڪري ڪيل هئي ۽ مختيارڪاري تان رٽائر ٿي رهندو به دادوءَ ۾ ئي هيو، ان سان اها ڳالهه ڪئي. چاچي غلام محمد مون سان اهو ذڪر ڪيو ته مون چيومانس ته چاچا جيڪڏهن هڪڙي سپروائيزنگ تپيدار کي پاڻ وٽ ڪرسيءَ تي ويهاريندس ته پوءِ ڪنهن کي انڪار ڪندس. مونکي سڀني سان هڪ جهڙو رويو رکڻو پوندو. چاچو غلام محمد پوءِ بس ٿي ويو ۽ وڌيڪ ان باري ۾ ڪو بحث ڪونه ڪيائين. مونکي خبر پئي ته غلام نبي کوهارو اڳئين A.D.C وٽ گهڻو ايندو ڪندو هو ۽ اچي ڪرسيءَ تي ويهندو هو پر هو منهنجو رخ ڏسي وري ڪڏهن به مون وٽ ڪونه آيو.
منهنجي چارج وٺڻ کان پوءِ ترت ئي حضرت لعل شهباز قلندر جن جو ساليانو ميلو شروع ٿيڻ وارو هو. انهيءَ ڪري ميلي ۾ ضروري بندوبست ڪرڻ جي باري ۾ ميلا ڪاميٽيءَ جون ٻه ٽي ميٽنگون ٿيون، جنهن ۾ ميلي جي بندوبست کي آخري شڪل ڏني وئي. ان ميٽنگ ۾ گهڻو ڪردار مسٽر عبدالقادر چنه جو هيو ۽ هو ڪجهه سالن کان اهو ڪردار اد ڪندو ايندو هو. سموري لکپڙهه يا واسطيدارن سان ملڻ هن جي حوالي هوندو هو.
ڊپٽي ڪمشنر صاحب مونکي چيو ته اديبن، فنڪار، وغيره جي رهائش جو ۽ آخري رات جي راڳ رنگ واري پروگرام لاءِ سيٽن جو بندوبست تون ڪجان! ٻيو بندوبست ڪرڻ ڪو اهم مسئلو ڪونه هو پر مون کي اهو ٻڌايو ويو هو ته پوئين رات واري پروگرام ۾ شاگرد سيٽن تي گهڻو گوڙ ڪندا آهن. مون انهيءَ ڪري ٻن چئن شاگردن جي اڳواڻن کي گهرائي چيو ته اوهان پهرين قطار ۾ جيڪي صوفا سيٽ خاص مهمانن لاءِ رکيا ويندا، انهن تي نه ويهجو، باقي انهن صوفا سيٽن جي هڪدم پٺيان اوهان کي ڪرسيون رکرائي ڏبيون ۽ اوهان اتان سڀ ڪجهه چڱي طرح ڏسي ۽ ٻڌي سگهندو. انهن تي ويجهو جو هنن قبول ڪيو ۽ ائين سيٽن تي گوڙ ڪرڻ وارو مسئلو حل ٿي ويو ۽ ان پوري پروگرام ۾ شاگردن ڪوبه هُل هنگامو ڪونه ڪيو. رات واري راڳ جي پرورگرام لاءِ عابده پروين سميت ٻيا به چڱا فنڪار آيل هئا.
اڃان پروگرام شروع ڪونه ٿيو هو، جو مون کي هڪڙي ماڻهوءَ اچي ٻڌايو ته اوهان جا مهمان آيا آهن، جي ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ چيو اٿن. مان ٻاهر نڪري آيس ته قاضي محمد اشرف وڪيل، آخوند نظير احمد ائڊيشنل سيشن جج ۽ ٽيون انهن جو دوست آيل هئا. انهيءَ دوران پهرين قطار ۾ رکيل سڀ صوفا سيٽ ڀرجي ويا هئا. مان کين اندر وٺي آيس ۽ چيومان ته اوهان دير ڪئي آهي ۽ فرنٽ واري قطار ۾ رکيل صوفن تي آفيسر ويهجي ويا آهن ۽ ڪنهن کي اٿارجي ڪيئن. انهيءَ ڪري اوهان چئو ته ٽي ڪرسيون اوهان کي اسٽيج جي ڀرسان رکائي ڏيان، جو هنن قبول ڪيو. انهيءَ کان بعد مون هنن کي ٽي ڪرسيون رکرائي ڏنيون، جتان هو پروگرام چڱيءَ طرح ڏسي (Enjoy) ڪري رهيا هئا ۽ پروگرام ختم ٿيڻ بعد هو ڪراچيءَ واپس روانا ٿي ويا.
ان پروگرام ۾ عبدالوحيد ڪٽپر وزير به آيل هئو، جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته ڪي ماڻهو وزير صاحب کي پنهنجا ڪي ڪم ڪاريون چوڻ لڳا ته ڪٽپر صاحب منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکي، هنن کي چيو ته هي مُنهنجو ڀاءُ اٿوَ ۽ اوهان هن ڏي وڃجو ته اوهان جا ڪم ڪري ڏيندو، ڪٽپر صاحب پوءِ روانو ٿي ويو.
ڪٽپر صاح جو ذڪر نڪتو آهي ته هن جي ڀاءُ (مون) سان ڪيل ڀلائيءَ جو به ذڪر اتي ئي ڪري ڇڏڻ مناسب ٿو سمجهان. منهنجو پٽ غلام ياسين لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، هن چيو ته سندس (Migration) تبديلي لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ڏي ڪرائي ڏيو. ڪٽپر صاحب ان وقت صحت کاتي جو وزير هيو، مان پٽڪو ٻڌي ان ڪم واسطي ڪراچيءَ وڃي ساڻس مليس، هو ان وقت سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪا فنڪشن رکيل هئي، اوڏانهن پئي ويو، مون ساڻس پنهنجي مٿين ڪم جو ذڪر ڪيو ته خشڪ جواب ڏئي ڇڏيائين ته اهو ڪم نه ٿي سگهندو. پوءِ ڪار ۾ جنهن مهل ويهي پيو تڏهن چيائين ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کان سفارش ڪرائي اچو ته پوءِ ڏسندس. مان پوءِ موٽي اچي دادوءَ لٿس جو منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي، اتان مان پنهنجي پٽ ياسين کي فون ڪئي ته اتان پرنسپال کان سفارش ڪرائي ڪاغذ مونکي دادوءَ ڏئي وڃ ته هتان ڪٽپر صاحب ڏي مان کڻي ويندس. هو سفارش ڪرائي ڪاغذ مونکي دادوءَ ڏئي ويو، جي مان کڻي ڪٽپر صاحب ڏي وري ويس، پر ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيائين.
(ڪٽپر صاحب ۽ مان ميهڙ ۾ جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته هو مون کان هڪ سال سينيئر هيو ۽ ساڳي بورڊنگ هائوس ۾ رهندا هئاسين ۽ وري جڏهن ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته ساڳي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين.)
ميهڙ ۾ ڪو آپريٽو بئنڪ جنهن جو چيئرمين عبدالحميد خان جتوئي هيو، ان بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي جمع جتوئي هوٽل هلائيندو هو ۽ مٿي فرسٽ فلور تي بئنڪ هئي. خبر ناهي ته جمع جتوئيءَ ڪنهن کان اجازت وٺي هوٽل کوليو هو يا زوريءَ قبضو ڪري هوٽل هلائڻ شروع ڪيو هو. بهرحال عبدالحميد خان جتوئيءَ هيسباڻي صاحب S.D.M دادوءَ کي چيو ته جمع جتوئيءَ کان گرائونڊ فلور خالي ڪرائي ڏي. هيسباڻي صاحب قبضي ڇڏائڻ لاءِ ويو ته جمع جتوئيءَ عاشق حسين جتوئي سان فون تي ڳالهايو (عاشق حسين جتوئي پير محمد خان جتوئيءَ جو پٽ هو ۽ غلام مصطفيٰ خان جتوئي چيف منسٽر صاحب جو ڀيڻيويو هو). عاشق حسين جتوئي S.D.M هيسباڻي صاحب کي چيو ته اهو قبضو نه ڇڏائي، جنهن تي هو قصو لئي مٽي ڪري موٽي آيو. جنهن تي عبدالحميد خان هن تي ڏاڍو ناراض ٿيو. هڪڙي ڏينهن عبدالحميد خان جڏهن دادوءَ آيو ته مون وٽ به آيو ۽ اچي چيائين ته هيسباڻيءَ سندس ڪم ناهي ڪيو، انهيءَ ڪري هو هن جي بدلي ڪرائيندو ۽ ان جي جاءِ تي منهنجو S.D.M جو آرڊر ڪرائيندو. اها ڳالهه مون ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم صاحب جن کي ٻڌائي ڇڏي.
اٽڪل ٻن مهينن بعد منهنجو دادو سب ڊويزن جي S.D.M (ڊپٽي ڪليڪٽر) جو آرڊر ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ اهو به آرڊر ٿيو ته A.D.M جي چارج به في الحال مون وٽ ئي هجي. هيسباڻي صاحب چارج مونکي ڏني ۽ هو صبح جو دادوءَ مان سوير روانو ٿي وڃڻو هو. اهو رمضان شريف جو مهينو هو ۽ مان روزو رکي کانئس موڪلائڻ ويس. هن ٻڌايو ته سندس بنگلي جي چاٻيءَ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو آهي ته اها دادوءَ جي مختيارڪار کي ڏئي وڃجان. سو وڃڻ وقت هو چاٻي ان کي ڏئي ويندو. مان کانئس موڪلائي گهر آيس ۽ جنهن وقت آفيس پئي ويس ته ڪوٽوار جنهن کي مختيارڪار ان بنگلي تي ترسائي ڇڏيو هو، ان اچي ٻڌايو ته سائين عنايت الله ڀُٽو ائڊمنسٽريٽر ميونسپالٽي دادو بنگلي جا تالا ٽوڙي پنهجو سامان اچي رکيو آهي. مان آفيس وڃڻ بدران اڳ ۾ ان بنگلي تي ويس ۽ عنايت الله کي چيم ته اوهان کي جڏهن ڪوٽوار ٻڌايو به ته بنگلي جي چاٻي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي چوڻ مطابق هيسباڻي صاحب مختياڪار کي ڏئي ويو آهي ته پوءِ اوهان تالا ڀڃي سامان ڇو اچي رکيو آهي. جنهن تي چيائين ته بنگلو ميونسپالٽيءَ جو آهي، انهي ڪري هو ان ۾ رهندو، پر مون سندس سامان پٽيوالي ۽ ڪوٽوارن کان بنگلي مان ڪڍرائي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ۽ آفيس هليو ويس. عنايت الله ڀُٽي پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ منهنجي خلاف شڪايت اچي ڪئي ته سندس سامان ٻاهر اڇلرائي ڇڏيو اٿائين. ڊپٽي ڪمشنر صاحب مونکي گهرايو ۽ حقيقت پڇيائيون مون صاحب موصوف جن کي ٻڌايو ته ڪوٽوار هن کي ٻڌايو ته هيسباڻي صاحب ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي چوڻ موجب بنگلي جي چاٻي مختيارڪار کي ڏئي ويو آهي، ان جي باوجود هن تالا ڀڃرائي اچي سامان رکيو هو، انهيءَ ڪري ئي مون اهو ٻاهر اڇلرائي ڇڏيومانس.ڊپٽي ڪمشنر صاحب اتي عنايت الله ڀٽي کي ڇنڊ پٽي ته تو تالا ڇو ٽوڙايا، جنهن بعد عنايت الله مون کان معافي ورتي ۽ پاڻ ۾ ڀاڪر پاتوسين.
ان وقت ميونسپالٽيءَ جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي ڊپٽي ڪمشنر هو، مان پوءِ A.D.M وارو بنگلو جنهن ۾ مان رهيو پيو هئس، جو اها چارج به مونکي هئي، اهو مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کان S.D.M جي حيثيت ۾ الاٽ ڪرائي ڇڏيو ۽ S.D.M وارو عرصو ان ۾ رهيس.
دادوءَ جي A.D.M واري بنگلي تي ڪيتري ئي عرصي کان دادو ميونسپالٽيءَ طرفان هڪ جمعدارڻ ۽ هڪ پخالي ڏنل هوندا هئا، جي صرف بنگلي جو ئي ڪم ڪندا هئاا ۽ ٻي ڊيوٽي انهن کان نه ورتي ويندي هئي.
عنايت الله ۽ منهنجو ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ٺاهه ٿيڻ باوجود هُو جمعدارڻ ۽ پخاليءَ کي منهنجي بنگلي تي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو رهيو. پهريائين ته مان ان ڳالهه کي ٽاريندو ايندو هئس، جو هو ٻئي بنگلي تي دستور موجب ڊيوٽي ڪندا رهندا هئا پر جڏهن هنن کي عنايت الله ڀٽي تمام گهڻو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ته مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي آفيس مان فون تي اها حقيقت ڪئي. صاهب موصوف پوءِ مونکي ٻڌايو ته هن عنايت الله کي فون ڪئي پر ڪونه ملي سگهيو آهي ۽ هو جيئن ته پاڻ گشت ۾ پيو وڃي ۽ محمد عثمان پنهنجي پٽيوالي کي چئي ٿو وڃي ته هو عنايت الله کي وڃي چوندو ته جمعدارڻ ۽ پخاليءَ کي بنگلي تي ڪم ڪرڻ کان نه روڪي. محمد عثمان پٽيوالي پوءِ اچي ٻڌايو ته هو عنايت الله ڏي ويو هو ۽ چيومانس ته ڊپٽي ڪمشنر هيئن چئي ويو آهي پر هن نه مڃيو.
مان پوءِ مختيارڪار دادوءَ احمد بخش قريشيءَ کي فون ڪئي ته عنايت الله ڀٽي جي جن ماڻهن بنگلي جا تالا اچي ڀڳا هئا اانهن کي جيل ۾ وجهي ڇڏ (انهن ۾ هڪ ميونسپل ملازم ۽ ٻيو عنايت الله جو بورچي هو) مختيارڪار پوءِ انهن ٻنهي کي گهرائي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو، محمد سليمان سيمجو وڪيل جيڪو ان وقت سينيٽر به هيو، انهيءَ مختيارڪار کي فون ڪئي ته هنن کي آزاد ڪري، پر هن انڪار ڪيس. پوءِ ميونسپل جا ڪي ملازم منهنجي چاچي، غلام محمد کي جيل ۾ وڌلن کي آزاد ڪرائڻ جو چيو، جنهن مون کي فون ڪئي، جنهن تي مون چيومانس ته سڀاڻي آچر آهي، سومر ڏينهن سندن ضامن ڪرائيندس، باقي مٿس ڪيس هلندو. هنن جو پوءِ سومر ڏينهن ضامن کنيو ويو پر ڪيس اڃان ختم نه ڪيو ويو هو.
عنايت الله ڀٽي تي پوءِ ميونسپل عملي سخت دٻاءُ وڌو ته تنهنجي ڪري ئي ڪيس داخل ٿيو آهي، سو ختم ڪراءِ. پوءِ مان هڪڙي ڏينهن آفيس ۾ S.D.M) واري آفيس) ويٺو هئس ته سانجهيءَ جي وقت ڌاري عنايت الله ڀُٽو ۽ عبدالقادر چنو (جو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ مونسان پڙهندو هو پر مون کان جونيئر هو ۽ منهنجو دوست هو). اهي ٻئي منهنجي سامهون آفيس جي ورانڊي مان گذري ويا. پوءِ عبدالقادر چنو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته عنايت الله معافي وٺڻ آيو آهي پر چيو اٿائين ته مونکي ٿڌو ڪري ۽ ائين نه ٿئي جو هو مهنجي آفيس ۾ اچي ته کڻي کيس به جيل ۾ وجهان. مان هن کي چيو ته منهنجي هن سان ڪا دشمني ڪانهي جو ائين ڪندس، باقي کيس سمجهائي ته اڳتي ٺيڪ ٿي هلي. هو پوءِ وڃي عنايت الله کي وٺي آيو ۽ هن اچي معافي ورتي. پر ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن سندس خلاف رپورٽ ڪري دادو ضلع مان بدلي ڪرائي ڇڏيو.مان ۽ عنايت الله ڀُٽو پوءِ وري سانگهڙ ۾ گڏ رهيا هئاسين، جنهن وقت مان اتي S.DM هئس ته هو سانگهڙ ميونسپالٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر هو.
مون کي A.D.M جي چارج به S.D.M جي پوسٽ جي چارج سان گڏ هئي، جو حضرت لعل شهباز قلندر جن جي روضي تي سونو دروازو لڳائڻ واسطي موزون جڳهه ڏسڻ لاءِ چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف ڌڻي بخش خان سومرو صاحب ۽ پنجاب کان ڪي سيڪريٽريءَ جي عهدي جا آفيسر اچڻا هئا. جنهن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو ته تون سيوهڻ وڃ انهن سان کين درگاهه شريف ڏيکار ته هُو جڳهه سليڪٽ ڪن. مان رات جو وڃي سيوهڻ بنگلي تي ترسيس، صبح جو مان ۽ سيوهڻ جو مختيارڪار بنگلي کان ٻاهر ٿلهي تي ويهي انهن جي اچڻ جو انتظار پئي ڪيو ته ائين ڪندي غلام مصطفيٰ خان جتوئي چيف منسٽر صاحب جن فون ڪري مونکي ٿورو سخت لهجي ۾ چيو ته زاهد جتوئي هتان جو ناهي ڇا! جو ان کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ نه ٿا ڏيو. مون صاحب موصوف جن کي عرض ڪيو ته سائين مون وٽ ته ڪو ماڻهو ان ڪم لاءِ ڪونه آيو آهي، جنهن تي چيائين ته اڄ جو اڄ هن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ ڏئي مون کي فون تي ٻڌائجان. (زاهد جتوئي، عاشق حسين جتوئيءَ جو ڀاءُ ۽ پير فرحان جتوئيءَ جو پٽ هو، عاشق حسين چيف منسٽر صاحب جو ڀيڻيويو هيو ۽ زاهد جتوئي ان وقت بولان ميڊيڪل ڪاليج ڪوئيٽا ۾ پڙهندو هو).
مان مختيارڪار کي چيو ته دادوءَ ٿو وڃان ۽ مسٽر ڌڻي بخش خان چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف جن کي ٻڌائجان ته چيف منسٽر صاحب جن جي فون آئي هيس، انهيءَ ڪري دادوءَ موٽي ويو. ان ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب گشت ۾ ڪوٽڙي ويل هو، مان پوءِ پهريائين اچي پنهنجي ٽيبل تي پيل ڪاغذ پٽ ڏٺا ته متان ڪاغذ پهتل هجن ۽ ان وقت جيئن ته ٻئي چارجون A.D.M ۽ S.D.M جون مون کي ئي هيون، گهڻي ڪم جي ڪري منهنجي نظر نه آيا هجن، پر ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ لاءِ مخيارڪار ميهڙ کان ڪابه رپورٽ ۽ ڪاغذ وغيره زاهد جتوئيءَ جي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ملڻ لاءِ ڪونه آيا هئا. مان پوءِ آفيس سپرنٽينڊنٽ محمد رمضان چني کان پڇيو ته اهڙا ڪاغذ ڪي پهتل آهن ڇا؟ جنهن چيو ته سائين انهيءَ لاءِ ڪالهه به ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي به فون آئي هئي پر هتي ته ڪاغذ پهتا ئي ڪينهن. مان پوءِ ميهڙ جي مخيارڪار کي فون ڪري پڇا ڪئي ته متان هن ڪاغذ ڪنهن کي هٿوهٿ ڏنا هجن ۽ هن هتي اڃان تائين نه پهچايا هجن، پر مختيارڪار ٻڌايو ته هنن جو ماڻهو وٽس ويٺو آهي ۽* ان کي رپورٽ ڪڍي ڏيان ٿو. مون کيس چيو ته مونکي گهربل تفصيل فون تي ٻڌائي ته مان زاهد جتوئيءَ جو ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ تيار ڪري ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن ڪوٽڙيءَ صحيح لاءِ موڪلي ڏيان ۽ لکت ۾ رپورٽ پوءِ ئي ڏياري موڪلجان. مون پوءِ کانئس تفصيل وٺي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ٺاهي خاص ماڻهوءَ هٿ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي صحيح لاءِ موڪليو جو صحيح ٿي اچڻ بعد مون خاص ماڻهوءَ هٿ مختيارڪار ميهڙ ڏانهن موڪليو ته هي پير محمد خان جتوئيءَ کي پهچرائي، کانئس اهڙي رسيد وٺـي موڪل پوءِ مختيارڪار اهو پهچرائي رسيد وٺي موڪلي.
مخيارڪار جي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ واري رپورٽ ٻئي ڏينهن تي ماڻهو هٿئون هٿ کڻي آيو، جنهن تي مون ان تاريخ ۾ ڇوٽي صحيح (Initial) ڪري ڪاغذن سان شامل ڪري ڇڏي. عبدالحميد خان جڏهن وري دادوءَ آيو ته مون ان کي سموري حقيقت ڪئي ۽ کيس ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ تي ڪيل صحيح جي تاريخ ۽ رپورٽ جي پهچڻ جي تاريخ ٻئي ڏيکاريون. هو جڏهن وري آيو ته مونکي ٻڌايائين ته هن غلام مصطفيٰ خان جتوئي چيف منسٽر صاحب کي اها سموري ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي هن چيو ته کيس الائي ڇو غلط خبرون ٿا ڪن.
مون 08.10.74 تي هيسباڻي صاحب کان چارج ورتي پر ان سان گڏ اٽڪل پنج مهينا کن A.D.M جي چارج به مون وٽ ئي هئي. منهنجي چارج وٺڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ عبدالحميد جتوئيءَ جمع جتوئيءَ کان سندس بئنڪ تي ڪيل قبضي ڇڏائڻ لاءِ چيو. مان D.S.P دادو غلام محمد ميمڻ ۽ پوليس ساڻ وٺي ميهڙ ويس، مخيارڪار ميهڙ واري کي به فون ڪيم ته هو پاڻ ۽ S.H.O ميهڙ ۽ پوليس جي نفري وٺي سرزمين تي (بئنڪ) اچن.
ميهڙ پهچي پوليس کي مون اتي ئي بيهاري کين هدايت ڪئي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي هوٽل تي نه چڙهڻ ڏين. D.S.P ۽ مان مخيارڪار ميهڙ ۽ S.H.O هوٽل تي چڙهياسين ۽ جيڪي هوٽل ۾ ماڻهو ويٺا هئا، انهن کي اتان اٿاري هيٺ لاهي جمع جتوئيءَ کي چيم ته هوٽل مان پنهنجو سامان ڪڍ ۽ جڳهه خالي ڪر پر هن ان کان انڪار ڪيو. مان پوءِ بنئڪ جي مئنيجر کي چيو ته مزدور آڻ ته سامان ڪڍن. مزدور سامان ڪڍندا پيا وڃن ۽ روڊ تي رکندا پيا وڃن ۽ مان سامان جي لسٽ ٺاهيندو ويس. جمع جتوئي هوٽل ڇڏي پير محمد خان جتوئيءَ سان وڃي فون تي ڳالهايو ۽ ان کي حقيقت ڪئي جنهن چيس ته اسان ان S.D.M کي نه چئي سگهنداسين ۽ پنهنجو سامان کڻي وڃ. انهيءَ وچ ۾ هن جو سمورو سامان ڪڍرائي روڊ تي رکايو هيم ۽ جڏهن موٽي آيو ته چيومانس ته سامان جي لسٽ تي صحيح ڪر نه ته مان سامان مئنيجر جي حوالي ڪيون ويندس. هن پوءِ لسٽ تي صحيح ڪئي ۽ اندر هوٽل ۾ جيڪو ڇت جو پکو اڃا رهيل هو اُهو به پاڻ لاهي کڻي ويو. مان پوءِ مئنيجر کي هوٽل واري گرائونڊ فلور جي ڪمري جو قبضو ڏئي ۽ اهڙو قبضي ڏيڻ جو مشير نامون تيار ڪري ان تي کانئس صحيح وٺي واپس دادوءَ موٽي آيس.
مونکي ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي چارج هئي ته مونکي ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو ته ڏنڊ زيان پاڻي (P.W.205. Fing) جون اپيلون تون هلائيندو ڪر. مان هڪڙي ڏينهن ميهڙ اهي اپيلون ٻڌڻ ويس ته محمد صالح ٻٽ وڪيل (اسان جي ڳوٺ ٻٽ سرائن وارو) آفيس ۾ ملڻ آيو ۽ جڏهن واپس وڃي پيو ته ورانڊي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جنهن جي اپيل رکيل هئي، انهيءَ کيس مون کي سندس پارت ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي ان ماڻهوءَ کي اندر وٺي اچي چيو ته هن جي پارت اٿوَ. اپيلن ٻڌڻ وقت حد جو تپيدار رڪارڊ سوڌو ۽ انجنيئري کاتي جو ڪئنال اسسٽنٽ به پنهنجي رڪارڊ سميت موجود هوندا هئا ۽ اپيل جو جيڪو فيصلو ٿيندو ويندو آهي، اهو ڪئنال اسسٽنٽ پاڻ وٽ نوٽ ڪندو ويندو آهي ته کيس خبر پوي ته ڪهڙا ڏنڊ معاف ٿيا ۽ ڪهڙا معاف نه ٿيا.
جنهن ماڻهو لاءِ محمد صالح ٻٽ پارت ڪئي هئي، ان جي اپيل بحال ٿيڻ جوڳي هئي جا مون بحال ڪئي، آخر ۾ جيڪا اپيل رکي هئي اها مون رد ڪئي ۽ پوءِ تپيدار ۽ ڪئنال اسسٽنٽ هليا ويا. ان بعد پير محمد خان جتوئيءَ ان ماڻهوءَ لاءِ فون ڪئي، جنهن جي اپيل آخر ۾ رکيل هئي ۽ مون رد ڪئي هئي، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته مان اها رد ڪئي آهي هاڻي مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان، جنهن تي چيائين ته محمد صالح ٻٽ جي چوڻ تي اپيل بحال ڪيو ٿا پر مان هن سان وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ هن به پوءِ فون بند ڪري ڇڏيو.
مونکي ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو ته غلام مجتبيٰ جتوئي (چيف منسٽر صاحب جي ڀاءُ) چيو پئي ته مان اپيلن تي پئسا پيو وٺان. مون صاحب موصوف کي مٿين ڳالهه ته ڪانه ڪئي پر چيومانس ته سائين اڳتي اپيلون اوهان ٻڌندا ڪيو ۽ مان ٻڌڻ بند ڪري ڇڏيون. دادوءَ اسٽيشن جي ريلوي لائين جي پٽڙي کان ٿورو پري جڙيل شاهه جون اٽڪل 6000 (ڇهه هزار) مڻ ڪنڊيءَ جون سڪل ڪاٺيون پيون هيون، انهن ڪاٺين جي ڀرسان واپارين جا بهه جا وڏا کوڙا به پيل هئا، جي مٽيءَ سان لنبيل بند هئا. اوچتو انهن ڪاٺين کي باهه لڳي وئي. جيئن ئي مونکي اطلاع مليو ته مان ڊي ايس پي دادو (D.S.P Dadu) مسٽر نظر محمد تنيو، ڪجهه سپاهي ۽ پنهنجي عملي جا ماڻهو ساڻ وٺي ويس ۽ باهه وسرائڻ لڳس. ڏينهن به سخت گرم هئا ۽ باهه جي ڄر به ساڙي پئي، بهرحال باهه وسارائي ڇڏيسين. وري ٻئي ڏينهن ڪنهن اچي ٻڌايو ته بهه جي هڪڙي کوڙي ۾ باهه دکي پئي، پوءِ وري به ڊي ايس پي ۽ ٻيا ساڻ ڪري دادو اسٽيشن تي ويس ۽ اسٽيشن ماستر کان پڇيم ته اوهان جي پاڻيءَ جي ٽانڪي آهي. هن ٻڌايو ته اها پٽڙي تي بيٺي هئي جا هڪڙو بهه جو واپاري گهرائي ويو آهي ۽ پنهنجو بهه جو کوڙو لنبائي رهيو آهي، مان واپاريءَ کي گهرائي ٻه چار لٺيون وهائي ڪڍيون ۽ چيومانس ته هن بهه جي کوڙي ۾ باهه ٿي پئي دکي ۽ تون وري ريلوي وارن جي پاڻيءَ جي ٽانڪي گهلرائي ويو آهين. پوءِ اها پاڻيءَ واري ٽانڪي واپس گهرائي باهه وسرائيسين. اهو ڏينهن به ڏاڍو گرم هو، انهيءَ ڪري ٻه ڏينهن گرميءَ ۾ باهه جي ڀرسان بيهڻ ڪري گرميءَ ۽ باهه جي ڄر جي لهس ڪري مان بيمار ٿي پيس. ڪجهه ڏينهن ڊاڪٽر مستوئي سول سرجن صاحب کان علاج ڪرايُم پر فائدو ڪونه پئي ٿيو. انهيءَ ڪري مان علاج لاءِ ڄامشوري اسپتال ۾ وڃي داخل ٿيس ۽ ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي صاحب جن جي زير علاج هئس. ڊاڪٽر صاحب تمام هوشيار هو مون کي جيڪا نرس نرميءَ سان اچي دوا پياريندي هئي، اها به نهايت خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ هئي. شام جو جڏهن وڃي اسپتال جي لان تي ويهندو هئس يا ٿورو وقت روڊ سان پنڌ ڪندو هئس ته ڄامشوري جي ٿڌي هوا ڏاڍي فرحت ڏيندي هئي. پندرهن ڏينهن کن ڊاڪٽر صاحب ارشاد مورياڻيءَ جي علاج هيٺ رهيس. ان بعد هن مونکي اجازت ڏني ته توهان ڀلي وڃي سگهو ٿا. پوءِ دل نه چاهيندي به (ڪجهه ان سهڻي نرس جي نرمي ۽ ڄامشوري جي فرحت بخش آبهوا ڪري) اسپتال مان موٽي آيس ۽ وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهيم ته متان چئميگوئي ٿئي.
مان پوءِ موٽي اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهيس. مون ازخود به محسوس ڪيو هو هت هاڻ ڪا تڪليف ڪانه هئي، واپارين منهنجي خلاف عبدالحميد جتوئي کي شڪايت ڪئي پر هن کين ڇنڊ پٽي ته S.D.M جو گهر پئي سڙيو، مان تاريخ 8 آڪٽوبر 1974 تي دادوءَ جي S.D.M جي چارج ورتي هئي. 14.05.75 تي مان گشت ۾ ويو هئس ۽ 15.05.75 تي صبح جو آفيس ۾ آيس ته منهنجي هيڊ منشيءَ محمد صالح ميمڻ اچي ٻڌايو ته سائين اڄ مسٽر محمد بخش شيخ صاحب ڊائريڪٽر اسيسمينٽ جن دادوءَ گشت ۾ اچن ٿا، مان کانئس پروگرام جي ڪاپي گهرائي فيض محمد قريشي A.D.C وٽ کڻي ويس ۽ کائنس پڇيم ته ڊئريڪٽر صاحب لاءِ ايريگيشن بنگلي ۾ ڪمرو بوڪ ڪرايو اٿو جو اهو ان جو ڪم هو. پر هن ٻڌايو ته کين ته پروگرام جي ڪاپي پهتي ئي نه آهي. مان پاڻ وٽ پهتل پروگرام جي ڪاپيءَ ۾ ڏٺو واقعي ان جي ڪاپي ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن موڪليل ڪانه هئي، ائين ڪندي مختيارڪار دادو احمد بخش قريشيءَ فون ڪئي ته اريگيشن جو انجنيئر ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو بڪ نٿو ڪري ڏي. جنهن تي مون کيس چيو ته اوهان اهو ڪمرو والاري بندوبست ڪيو ۽ مان انجنيئر کي چوان ٿو ته ڪمرو بڪ ڪري ڏئي. پوءِ مان ۽ فيض قريشي انجنيئر کي چيو پر هن انڪار ڪيو. مان انجنيئر صاحب کي چيو ته اسان ڪمرو والاريون ٿا ۽ اهو اوهان جي اطلاع لاءِ هجي. ان ڪمري ۾ اسان جي عملي سامان رکي بندوبست ڪيو پئي ته اسسٽنٽ انجنيئر قاضيءَ انهن جو سامان ٻاهر اڇلرائي پيو ۽ انجنيئر صاحب نون بيلدار ساڻ ڪري بنگلي تي پهتو. اهڙو اطلاع ملڻ تي مان D.S.P نظر محمد تونيو کي ساڻ ڪري مختيارڪار ۽ پوليس عملي سوڌو بنگلي تي ويس ۽ اسان ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ وياسين پئي ته انجنيئر وڃڻ نه ڏنو ۽ اسان جو وليج عملو ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ ويٺو ئي هيو. مان خان محمد سپروائيزنگ تپيدار کان ناحق بند جي فرياد وٺي انجنيئر (جيرامداس) اسسٽنٽ انجنيئر قاضي ۽ نون بيلدارن خلاف اهڙو ناحق بند جي فرياد بابت سپروائيزنگ تپيدار جو بيان رڪارڊ ڪري ڪيس فائيل تي آڻي بنا ضامن جوڳا وارنٽ صحيح ڪري D.S.P کي ڏنم ته سڀني کي گرفتار ڪري (اها سموري ڪارروائي اريگيشن بنگلي تي ٿي هئي) (ان ڪارروائيءَ کان اڳ ڊئريڪٽر صاحب سڌو تعلقه آفيس پهچي چڪو هو ۽ مان به ساڻس اتي ملڻ ويس پر پنهنجو هن پروگرام ٻڌايو ته، هو رات جي ماني کائي وڃي درگاهه مخدوم بلاول تي ترسندو ۽ مونکي وڌيڪ چيائين ته صبح جو مان اتي وٽس اچان ته هو چارئي تعلقه (ميهڙ، جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ دادو) ڏسي سڌو حيدرآباد هليو ويندو. اهڙو اطلاع مون انجنيئر صاحب کي به فون تي ڏنو هو ۽ چيومانس ته بنگلو اوهان کي رات جو ئي خالي ڪري ڏنو ويندو پر تنهن هوندي به هو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ بنگلي جا سڀ دروازا اندران بند ڪري پوئين در تي پاڻ ۽ اسسٽنٽ انجنيئر در بند ڪيو بيٺا هئا). D.S.P کي جڏهن انجنيئر ۽ ٻين خلاف بنان ضامن جوڳا وارنٽ ڏنم ته هن پوليس لائين فون ڪري کين چيو ته هٿڪڙيون ۽ گاڏي بنگلي تي موڪليو. انهي وچ ۾ سيوهڻ سب ڊويزن جو اسسٽنٽ انجنيئر انور علي سيال ۽ اسسٽنٽ انجنيئر محمد سچل شيخ اچي گڏ ٿيا، دادو سب ڊويزن جو اسسٽنٽ انجنيئر قاضي ته اڳ ئي اتي موجود هو ۽ ان خلاف به وارنٽ نڪتل هو. مڙني (سڀني) اسسٽنٽ انجنيئرن سڏايو ۽ چيو ته هُو معافي ٿا وٺن، پر مون کين چيو ته معافي انجنيئر کي پاڻ وٺڻي پوندي، جو سموري بدتميزي هن ئي ڪئي آهي، پر انجنيئر چيو ته هو معافي نه وٺندو. جنهن تي D.S.Pکيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته هي وارنٽ ڏسين ٿو، جيڪي منهنجي هٿ ۾ موجود آهن، مان سڀني کي گرفتار ڪندس ۽ اها به S.D.M جي شرافت چئبي، جو هو تنهنجي معافي وٺڻ تي اوهان سڀني کي ڇڏي ٿو. اسسٽنٽ انجنيئر به انجنيئر کي سمجھايو، جنهن بعد هن پوءِ هيٺينءَ طرح پنهنجي هٿ اکرين معافي نامون لکي مونکي ڏنو.
(انجنيئر جو لکي ڏنل معافي نامون)
ترجمو:
مان جيڪا S.D.M صاحب، ٻئي سموري روينيو عملي ۽ سموري پوليس عملي سان بدتميزي ڪئي آهي، ان جي معافي وٺان ٿو.
صحيح
جيرامداس
انجنيئر اريگيشن
سدرن دادو ڊويزن
ان بعد انجنيئر کان مليل معافي نامون ۽ D.S.P کان کيس ڏنل گرفتاريءَ وارا وانٽ واپس وٺي ڪيس جي ڪارروائي وارن ڪاغذن سان شامل ڪري ۽ ڪارروائي ختم ڪري انجنيئر کي چيو ته اوهان هاڻي وڃي ٿا سگهو.
انهيءَ تڪرار هلندڙ دوران انجنيئر پنهنجي اسسٽنٽ انجنيئر محمد سچل شيخ کي اشارو ڪري پنهنجي آفيس موڪليو، جنهن وڃي پنهنجي بالا آفيسرن ۽ پڻ انجنيئر سان لاڳاپو رکندڙ ٻين ماڻهن کي فون تي ٻڌايو ته ايس ڊي ايم صاحب، انجنيئر صاحب کي گرفتار ڪرايو آهي. اهڙو اطلاع اريگيشن جي بالا آفيسرن پنهنجي ائڊيشنل چيف سيڪريٽري مسٽر عبدالوهاب شيخ کي پڻ ڏنو.
بس پوءِ ته هڪدم مسٽر فيض محمد قريشي ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کي فون اچڻ لڳا ته ڇا معاملو آهي؟ خود اسانجي ڪمشنر صاحب جن جي اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل هن کي فون ڪري پڇا ڪئي ته ڳالهه ڇا آهي! پر هن سڀني کي اهو ئي پئي ٻڌايو ته انجنيئر صاحب گرفتار ڪونه ٿيو آهي.
خود مونکي جيئن ئي انجنيئر سندس هٿ اکرين لکيل معافي نامون هٿ ۾ ڏنو ۽ پاڻ اڃان ويٺو ئي هيو ته غلام مجتبيٰ خان جتوئي، چيف منسٽر صاهب غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جي ڀاءُ بنگلي تي فون ڪئي ته اوهان انجنيئر کي گرفتار ڪرايو آهي ۽ اها ڳالهه چيف منسٽر صاحب تائين ويندي. جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته انجنيئر کي گرفتار ڪونه ڪرايو آهي، باقي اسان کي بنگلي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو اسان جي آفيسر لاءِ کپندو هو، جيڪو هاڻي اسان کي مليو آهي. جنهن تي هن وري چيو ته بقول انجنيئر ته بنگلو جپاني انجنيئرن لاءِ رزرو ٿيل آهي پر مون چيو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي ۽ بنگلو خالي پيل آهي. انجنيئر ۽ سندس سمورو عملو پوءِ بنگلي تان هليا ويا. هڪڙي بيلدار جي پوليس جي کيس ڦيهه ڪڍڻ تي هڪ اک پڻ زخمي ٿي پئي هئي، جنهن جي علاج لاءِ بيلدار انجنيئر صاحب جي گاڏيءَ ۾ ئي چڙهي اچي سول سرجن صاحب ڊاڪٽر غلام سرور مستوئيءَ کان ڪجهه ڏينهن تائين علاج ڪرائيندو رهيو. معاملي ختم ٿيڻ بعد مان ۽ مختيارڪار موٽي تعلقي آفيس ۾ پنهنجي ڊئريڪٽر صاحب جن وٽ آياسين ۽ کين بنگلي تي وٺي وڃي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ رهايوسين. ڊائريڪٽر صاحب سندن طئي ڪيل پروگرام موجب رات جي ماني کائي نائين _ ڏهين ڌاري رات جو ئي وڃي مخدوم بلاول بزرگ جن جي درگاهه تي رهيو ۽ صبح جو مان ساڻن سندن حڪم مطابق اتي وڃي مليس، جو منهنجي دادو سب ڊويزن جا سڀئي تعلقا گهمي سڌو ٻاهران ئي واپس حيدرآباد روانو ٿي ويو. (هتي مان اهو واضح ڪيان ته اسان جو آفيسر ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ملڻ لاءِ (Entitled) مستحق هيو ۽ اڳ به ائيرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ رهي ويا هئا).
حاجي امير بخش جوڻيجو تعلقه خيرپور جو زميندار مون کان انجنيئر جي لکي ڏنل معافي نامي جي ڪاپي وٺي ويو ۽ وڃي چيف منسٽر صاحب غلام مصطفيٰ خان جتوئي جن کي ڏيکاري هئي، جنهن کيس چيو ته اها انجنيئر کان بندوق جي ناليءَ تي دٻاءُ سان ورتي وئي آهي.
مسٽر عبدالوهاب شيخ ائڊيشنل چيف سيڪريٽري اريگيشن انجنيئر جي گرفتار ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي وڃي، چيف سيڪريٽري صاحب جن سان مليو ۽ کيس اهو ٻڌائي جڊيشنل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ چيو پر ڪابه انڪوائري ڪانه ٿي.
ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ صاحب ان تاريخ 15.05.1975 تي ٿاڻي بولا خان ويل هو، جو بيگم نصرت ڀُٽو صاحبه اتي ڪڻڪ ورهائڻ آئي هئي ۽ 16 مئي 1975ع تي موٽي آيو ته مون کان حقيقت پڇيائين ۽ مونکي تفصيل لکيت ۾ ڏيڻ لاءِ به چيائين. مون کيس سموري حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ پنهنجي رپورٽ لکيت ۾ به کين ڏني. هن صاحب پوءِ منهنجي رپورٽ سان گڏ پنهنجي فرد (further) رپورٽ لکي، مٿي ڏياري موڪلي، جنهن ۾ اهو به لکي موڪليائين ته ڀلي سيشن جج صاحب کان انڪوائري ڪرايو پر ڪابه انڪوائري ڪانه ڪرائي وئي.
مسٽر در محمد اوستو صاحب جيڪوان وقت آبپاشي (ايريگيشن) کاتي جو وزير هيو، تنهن عبدالحميد خان جتوئيءَ کي فون ڪئي ته S.D.M اوهان جو ماڻهو آهي، هن انجنيئر کي گرفتار ڪرايو آهي. جنهن تي هن کيس ٻڌايو ته انجنيئر گرفتار ڪونه ٿيو آهي ۽ سمورو ڏوهه اوهان جي انجنيئر جو آهي.
مٿئين معاملي جي ٻئي ڏينهن تي ميان عبدالرحمٰن خان سومرو شاهه پنجني وارو جيڪو عبدالحميد خان جي خاص ماڻهن مان هو، اهو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته خان صاحب عبدالحميد خان چوي ٿو ته محمد علي شيخ (منهنجي) نوڪري به هاڻي خطري ۾ آهي، جو انجنيئر ديوان جيرامداس جا جتوئي صاحبن (غلام مصطفيٰ خان چيف منسٽر صاحب) وارن سان ۽ مخدوم طالب الموليٰ هالن وارن صاحبن سان به واسطا آهن. جنهن تي مون کيس چيو ته نوڪري وڃي ته ڀلي وڃي پر جيڪي ڏينهن ڪبي، ته عزت سان ڪبي. مان عبدالحميد خان سان ان باري ۾ ڪابه گفتگو ڪانه ڪئي پر کيس سندس ڪيل جاچ مان معلوم ٿيو ته ڏوهه انجنيئر جو ئي هيو.
تاريخ 16 مئي 1975 تي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ايريگيسن مسٽر الله ڏنو خان عالماڻي صاحب پنهنجي اڳ نڪتل ٽوئر پروگرام موجب دادوءَ آيو ته مان به بنگلي تي وڃي ساڻن مليس. عالماڻي صاحب جن منهنجي روبرو انجنيئر جيرامداس کي چيو ته ڏوهه تنهنجو آهي، جو تون روينيو کاتي وارن سان وڙهين ٿو. مونکي ٻڌائين ها ته هو دادوءَ بجاءِ سيوهڻ وڃي منزل ڪري ها يا مورڳو پنهنجو ٽوئر پروگرام رد ڪري ها. مون کين چيو ته سائين اوهان پنهنجي پروگرام مطابق آيا آهيو ته پاڻ ڏٺو اٿائون ته بنگلو خالي هيو ۽ انجنيئر صاحب کي اهو به ٻڌايو هو ته اسان بنگلو رات جو ئي خالي ڪري وينداسين پر ان باوجود هن ايئرڪنڊيشنڊ سوٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو.
مٿي ذڪر ڪيل معاملي کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن بعد عبدالله ڊي بلوچ صاحب ڪمشنر صاحب حيدرآباد ڊويزن دادوءَ گشت ۾ آيا ته منهنجي آفيس ۾ به اچي ويٺا ۽ مون کان اهو ڪيس فائيل ورتائون ۽ فائيل پڙهي مونکي چيائون ته انتظامي لحاظ کان تو جيڪو قدم کنيون، (اهو بلڪل صحيح هو. اهو هو اڳي بالا آفيسرن جو پنهنجي زيردست کي تحفظ ڏيڻ پر اڄوڪي دور ۾ اهڙي اميد ڪرڻ ئي اجائي آهي.) مسٽر جيرامداس انجنيئر جي ان مهيني ۾ ئي بدلي ٿي ۽ ماڌوداس اچي چارج ورتي.
ڪجهه ڏينهن بعد مسٽر در محمد اوستو صاحب آبپاشي وزير دادوءَ دوري تي آيو ته مان به ايريگيشن بنگلي تي ويس، وزير صاحب جن ماڌوَ داس انجنيئر کي چيو ته بنگلي ۾ صرف هڪ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو آهي، جنهن تي جهڳڙو پيو ٿو پوي، انهيءَ ڪري سڀ ڪمرا ايئرڪنڊيشنڊ ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد سڀ ڪمرا ايئرڪنڊيشنڊ ڪرايا ويا.
انجنيئر جي بدلي ٿيڻ بعد عبدالحميد خان مونکي ٻڌايو ته چيف منسٽر صاحب توکي به بدلي ڪرڻ ٿو چاهي ۽ کانئس ٻي ڪنهن جو نالو وٺي اُنَ کي S.D.M مقرر ڪرڻ لاءِ گهري ٿو پر هو کيس ائين چوندو ............. ٿو اچي ته S.D.M جو ڪو ڏوهه ڪونهي پر توکي اڳي پوءِ ضرور بدلي ڪندو. ائين منهنجي بدلي ڪجهه عرصي لاءِ رڪجي وئي.
مونکي پوءِ خبر پئي ته انجنيئر صاحب معاملو ايتري حد تائين وڌائي پاڻ سان نون (9) بيلدارن جو جٿو ساڻ ڪري پنهنجي سر بنگلي تي اچي، هڪ سِٽيل منصوبي تحت جهيڙو ڪيو هو، جو ان واقعي کان ڪجهه عرصو اڳ منهنجي ڀيڻيوئي حاجي پير بخش جي نياڻيءَ جي شادي رکيل هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي کان ڄڃ جون ٻه بسون ڀرجي گهوٽيتن وارا سج لهڻ ڌاري دادوءَ پهتا هئا. ان شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مان به ويس ته ٺيڪ ان وقت بجلي هلي وئي ۽ صفا اوندهه ٿي وئي. مان ان ڪري اڳتي وڃي گولن جو بندوبست ڪيو ۽ پوءِ سڌو اسسٽنٽ انجنيئر واپڊا (WAPDA) ديوان گهنشام داس جي آفيس ۾ ويس پر هو اتي ڪونه هو ۽ سندس عملي جي ماڻهن ٻڌايو ته هو گنگارام جي دوڪان تي ويٺو آهي. مان اتي اچي پنهنجي ڊرائيور کي موڪلي گهنشام داس کي گهرايو ۽ کيس چڱي ڇنڊ پٽي ته هيءَ ڪهڙي حرڪت ڪئي اٿو، جو ڪنهن جي شاديءَ جو موقعو ڏسي ۽ وقت ۽ حالتن جو به ڪو خيال نه ڪندي بجلي بند ٿا ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن خدا نه خواسته ڪو اتفاق ٿي پوي ته پوءِ ان لاءِ ڪير ذميوار هوندو. جنهن تي چيائين ته بجلي سکر کان بند آهي پر مون انهيءَ دوران نزديڪ ٿاڻي تان نالي چڱي پوليس انسپيڪٽر کي گهرائي ورتو، جنهن سان D.S.P غلام محمد ميمڻ به گڏجي آيو. مون ديوان گهنشام داس کي چيو ته اتي گنگا رام جي دوڪان تان ئي ويهي جتي به بجليءَ جي خرابي هجي، فون ڪري بحال ڪراءِ ۽ پوليس انسپيڪٽر کي چيم ته هو اتي دوڪان تي هن جي مٿان ويهي ۽ جي بجلي 15 منٽن ۾ بحال نه ٿئي ته کيس جيل ۾ وجهي ڇڏي پر بجلي 15 منٽن اندر بحال ٿي وئي.
ديوان گنگا رام هڪڙو ڪٽر تعصبي هندو هو ۽ ويتر جو هيءَ مٿين ڪارروائي سندس ئي دوڪان تي ٿي هئي، انهيءَ ڪري هن جي دل ۾ باهه هئي ۽ هن تي انجنيئر صاحب جيرامداس کي مڇرايو هو ته ڪو موقعو ڏسي مون کان ديوان گهنشام داس جي ڪيل بي عزتيءَ جو انتقام وٺي پر الله تبارک وتعاليٰ منهنجي عزت رکي ۽ مورڳو انجنيئر پاڻ بي عزت ٿيو.
جيڪڏهن مان ان نازڪ موقعي وقت اهو سخت قدم نه کڻان ها ۽ ڪمزوري ڏيکاريان ها ۽ خدانخواسته منهنجي بي عزتي ٿي پوي ها ته پوءِ دادوءَ ۾ ڪهڙي منهن سان نوڪري ڪري سگهان ها. (الله تعاليٰ جا لک شڪرانا، جنهن منهنجي عزت بچائي).
مان جڏهن دادوءَ ۾ A.D.C ٿي آيس ته هڪڙي ڏينهن پير الاهي بخش سابق چيف منسٽر صاحب پنهنجي پوٽي پير مظهرالحق کي وٺي آيو ۽ ٻڌايائين ته هو سندس پوٽو (پير شاهنواز جو فرزند) هتي نئون نئون آيو آهي ۽ هتي وڪالت شروع ڪندو. هو کيس ٻين آفيسرن وٽ به وٺي ويو ۽ انهن سان به سندس ساڳي طرح واقفيت ڪرايائين. انهن ئي ڏينهن ۾ مسٽر خالد محمود سومرو صاحب (ميان عبدالرحمٰن سومري صاحب شاهه بنجي جو فرزند) P.C.S امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر انڊر ٽريننگ (Under Trainning) هيو ۽ گهڻو وٽ منهنجي آفيس ۾ مون وٽ ئي ويهندو هو. هن جي والد صاحب جن سان ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ واري عرصي کان ئي دعا سلام هوندي هئي، جو هو به اتي ئي پڙهندو هو ۽ مون کان ڪافي سينيئر هيو، ان خاندان سان اڄ تائين اهڙو ئي رستو رهندو اچي ٿو. جڏهن به خالد محمود سومري صاحب سان ملڻ ٿيو آهي ته اتي وٽس ويٺل ماڻهن کي هميشه ائين ئي منهنجي لاءِ چوندو آهي ته هي سندس استاد آهي.
مسٽر غلام نبي سومري وڪيل جي نياڻي ۽ منهنجي نياڻي دادوءَ گڏ پڙهنديون هيون، ان ڪري هن سان پڻ اڄ تائين اهو پراڻو رستو هلندو اچي. مسٽر غلام نبيءَ جي ڪري سندس ڀاءُ محمد ابراهيم سان به ساڳيو رستو رهندو آيو. (غلام نبي سومرو ۽ محمد ابراهيم سومرو ٻئي خالد محمود سومري جا ڀيڻيويا ٿين). محمد ابراهيم سومرو وفات ڪري ويو آهي.
1975 ۾ ڪرائيم ڪنٽرول ائڪٽ پاس ٿيو ته اهي ڪيس S.D.M ئي هلائيندا هئا ته منهنجي ڪورٽ ۾ پهريان چار ڄڻا 1. سيد مٺل شاهه 2. شاهنواز مستوئي 3. نبن لنڊ ۽ 4. نبن چانڊيو چالان ٿي آيا، جن کي مون ٻن مهينن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو، پر مهيني سوا بعد D.M صاحب جن هنن جو ضامن کڻي کين آزاد ڪيو هو.
لنڊن جو سردار نور محمد خان لنڊ صاحب نبن خان لنڊ جي دعوت تي دادوءَ آيو هو ۽ دعوت جو بندوبست دادو جيمخاني ۾ رکيل هو. سردار نور محمد خان لنڊ جي هڪ پاسي کان نبن لنڊ ويٺو هو ته ٻئي پاسي کان مان ويٺو هيس. سردار نور محمد خان لنڊ منهنجي نبن لنڊ سان واقفيت پئي ڪرائي ته نبن خان کين ٻڌايو ته اسان جي سائين پاڻ ۾ اڳ ئي واقفيت آهي. هن کي شايد اهو ڊپ ٿيو هجي ته متان مان سندس مٿيون ڪرائيم ڪنٽرول هيٺ چالان ٿيڻ وارو چٺو نه ظاهر ڪيان. حالانڪ مون کي ته ڪو اهڙو خيال ئي ڪونه هو ۽ مان به سردار نور محمد خان کي ائين ئي چوان ها ته اسان جي اڳ ۾ واقفيت آهي. انهن ڏينهن ۾ دادوءَ ۾ والي بال راند جون ٽورنامينٽس ڏاڍيون ٿينديون هيون. هڪڙي موقعي تي مير ظفر الله خان جمالي سابق پرائيم منسٽر پاڪستان جيڪو آل پاڪستان والي بال ائسوسيئيشن جو صدر هو، اهو ٽورنامينٽ ڏسڻ آيو ۽ هن ۽ مان گڏ ويهي اها ٽورنامينٽ ڏٺي هئي، جا اسڪول جي ڀرسان وڏي ميدان تي پئي کيڏي وئي.
قلم 110 ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جا ڪيس به S.D.M هلائيندا هئا. هڪڙي ڏينهن مون جڏهن اهي ڪيس هلائڻ شروع ڪيا ۽ ٻن ڪيسن ۾ جوابدارن جا نالا نائڪ پڪاريا ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ حاضر ٿين ته ٻاهر پوليس جا سپاهي جيڪي انهن ڪيسن ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ آيا هيا انهن اندر اچي مونکي ٻڌايو ته سائين اهي ٻئي جوابدار پوليس ۾ ڀرتي ٿي ويا آهن. (اها هئي 30 سال اڳ 110 جي ڪارروائي هيٺ دادو پوليس پاران ڪورٽ ۾ چالان ٿيل ساڳي ئي دادو ضلع ۾ پوليس ۾ ڀرتي! ته اڄ ڀرتي ٿيندڙ پوليس سپاهين جي ڪردار يا ماضيءَ جي سندن رڪارڊ لاءِ پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا).
هڪڙي ڏينهن سيد عبدالغفار شاهه (ويٺل راڻيپور ضلع خيرپور) جيڪو دادوءَ ۾ بخشل شاهه جي نالي سان مشهور هو، اهو رات جو ٿڌ ۾ 12 بجي ڌاري مون وٽ جاءِ تي آيو. مان سندس خير عافيت بعد اهڙي سخت ٿڌ ۾ سندن اچڻ بابت پڇيو، وراڻيائون ته هڪڙو ڪم کڻي آيو آهي، جي ڪيو ته چوان! مون کيس چيو ته منهنجي وس ۾ هوندو ته ڪندس. هن پوءِ چيو ته غلام نبي سولنگي تپيدار سندس مريد آهي ۽ کيس سندس موجوده تپي تان بدلي ڪري فلاڻي تپي تي رکوس. مون کيس چيو ته صبح جو موڪلجوس ته آرڊر وٺي وڃي، جو مون کيس ڪڍي ڏنو. ان وقت تپيدارن جو بدليون ڊپٽي ڪليڪٽر (S.D.M) ئي ڪندا هئا.
بخشل شاهه شايد ائين سمجهيو هوندو ته مان عبدالحميد خان جتوئيءَ پاران رکرايل آهيان، انهيءَ ڪري مان سندس ڪم ڪيان الائي نه، ڇو جو هو هميشه دادو ضلع ۾ چونڊن دوران عبدالحميد خان جي مقابلي ۾ بيهندو هو، پر ڪڏهن کانئس کٽي ڪونه سگهيو هو. بهرحال هو هڪ ٻئي جي سخت مخالف هئا.
حالانڪ مان گمبٽ تعلقي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو هئس پر بخشل شاهه جن سان اڳ ملاقات ڪانه ٿي هئي، البت هڪ دفعو گشت ۾ راڻيپور وڃڻ ٿيو هو ته سندن والد صاحب سيد عبدالجبار شاهه جيڪو وڏو بزرگ ٻڌبو هو، انهن سان بنگلي ۾ ملاقات ٿي هئي. کين پکين جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ ان ملاقات وقت به ڏٺم ته هڪڙي چڱي وڏي پڃري ۾ مختلف قسمن جا ننڍا ننڍا پکي موجود هئا. بخشل شاهه جي ڀاءُ عنايت علي شاهه سان ڪي قدر واقفيت هئي.
هڪڙي رات مان ميهڙ مان گشت کان واپس دادوءَ پيو اچان ته جڏهن مان جوهي برانچ کان جيپ ۾ هيٺ لهائي پيو ته هڪڙي ڪار جيڪا سامهو پئي آئي ۽ ان جي صرف هڪ بتي پئي ٻري، اها ريورس ٿيڻ شروع ٿي ۽ انهيءَ وچ ۾ منهنجي جيپ ان ڪار کان ڪراس ڪري اڳتي وڌي ته اها ڪار جيپ جي پٺيان لڳي. مون واري جيپ جو ڊرائيور مير محمد نهايت هوشيار ڊرائيور هو ۽ گاڏيءَ تي پورو ڪنٽرول هئس. مون ان کي چيو ته جيپ تيز هلائي ۽ ڪار به اسان جي پٺيان تيز رفتار سان اچي رهي هئي. مان پوءِ دادوءَ پهچي پنهنجي بنگلي اندر داخل ٿيس ته اها ڪار اڳتي وڌي وئي. اهو مفاصلو اٽڪل 20_22 ميل هو، جو ڪار اسان جي ڪڍ لڳي پئي آئي پر اوور ٽيڪ نه ڪري سگهي.
مان بنگلي تان پوليس انسپيڪٽر کي فون ڪري گهرايو ۽ کيس حقيقت ٻڌائي، چيم ته اڳتي جاچ ڪري ڏسي ته اها ڪار ڪٿي آهي. هو ويو ۽ وڃي ڏٺائين ته هڪڙي ڪار علي محمد خان ... جي اوطاق جي ڀرسان ٻاهر بيٺي هئي ۽ سندس اوطاق ۾ ڪي ماڻهو هٿيارن سان ويٺا هئا، جن لاءِ جيسرن کيس ٻڌايو ته اهي سندن مهمان هئا. اها حقيقت پوءِ مونکي پوليس انسپيڪٽر ڪئي. مون کي پڪو گمان هو ته اها ڪار ئي ڪڍ لڳي هئي ،پر جيئن ته جيسر علي محمد پاڙي ۾ ئي رهندو هو ۽ انهيءَ سان چڱو رستو هيو، جنهنڪري مون معاملو وڌائڻ مناسب نه ڄاتو، جو مان الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان بحفاظت بنگلي تي پڄي ويو هئس. مون پوءِ انسپيڪٽر کي چيو ته بس هاڻي ان ڳالهه کي ڇڏيو ۽ اوهان ڀلي وڃيو.
آخر ٻن اڍائن مهينن بعد چيف منسٽر صاحب جن منهنجي بدلي ڪري مونکي ڪراچيءَ پرزائيڊنگ آفيسر جونيئر ليبر ڪورٽ ڪري رکيو. مان عبدالحميد خان کي چيو ته ڪراچي ۾ مون کي تڪليف ٿيندي، مون کي ٻئي ڪنهن هنڌ S.D.M ٿيڻ جو به شوق نه آهي ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ڊپٽي ڪالونائيزيشن آفيسر گڊو بئراج جي جڳهه خالي پئي آهي، ان تي منهنجو آرڊر ڪرايو. پوءِ منهنجو آرڊر ان جڳهه تي ڪرايائين پر انهيءَ دوران ڏاڍاين بارشن ڪري نئين گاج وهي آئي هئي ۽ بچاءَ بند تي پاڻيءَ جو ڏاڍو دٻاءُ هو، جنهن ڪري وڏي ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ڪري منهنجي آرڊر ۾ اهو به لکيائون ته مان في الحال چارج نه ڇڏيان، جيستائين ٻوڏ جو خطرو صفا ٽري نه وڃي.
فريد آباد بنگلي کان ٽي آرڊيون کن مٿي کان وٺي بچاءَ بند جي نگهباني وغيره انجنيئر ايريگيشن وارهه ڊويزن (ان وقت جيرامداس هيو) جي حوالي هئي ۽ ان کان هيٺ منڇر ڍنڍ تائين اها ذميواري انجنيئر رائيس ڪئنال (ان وقت الله وسايو ڀٽي هو) جي هئي. بچاءُ بند تي دٻاءُ نه رڳو نئين گاج جي پاڻيءَ جي وڏن ريلي جو دٻاءُ هو پر بلوچستان مان به بارشن جو پاڻي حمل ڍنڍ ٻوڙيندو اچي بچاءُ بند سان پئي ٽڪريو، ان کان علاوه ٻين ننڍين ننڍين نين جو برساتي پاڻي سڌو اچي بچاءُ بند تي پئي لڳو، انهيءَ ڪري وڏي ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو.
انهيءَ صورتحال جي پيشِ نظر ٻئي انجنيئر صاحب پنهنجي ايريگيشن عملي ۽ روينيو عملي S.D.M) ۽ ٻيا) سوڌو رات ڏينهن بند تي ڊيوٽيءَ تي موجود هوندا هئا ۽ بچاءَ بند تي پئٽرولنگ ڪندا رهندا هئاسين. جيئن ته دادو ضلعي جي بچاءَ بند جي چارج الله وسائي ڀٽي انجنيئر رائيس ڪئنال تي هئي، ان ڪري هو ۽ مان هميشه ڊيوٽيءَ ۾ گڏ هوندا هئاسين ۽ D.S.P دادو غلام محمد ميمڻ به ساڻ هوندو هو، جو بند تي ڇيڙ لاءِ مزدور (هاري ناري) ڪٺي ڪرڻ ۾مدد ڪندو هو ۽ ان کان علاوه بلڊوزر به بچاءَ بند جي ڪمزور هنڌن تي مٽي وجهرائڻ لاءِ گهرائي ڪم تي لڳايا ويا هئا. مسٽر الله وسائي ڀٽيءَ پنهنجي حد ۾ فريدآباد بنگلي تي پنهنجي ڪئمپ قائم ڪئي، جتي ان جي حد ۾ ڊيوٽيءَ تي لڳل آفيسر ڪجهه وقت اچي ترسندا ۽ ماني ٽڪي کائيندا هئا.
هڪ رات بچاءَ بند تي پاڻيءَ جي ڇولين جو دٻاءُ وڌي ويو، جو ان رات هوا به عام ڏينهن کان مڙئي وڌيڪ پئي لڳي ۽ نتيجي ۾ فريدآباد بنگلي کان ڪجهه آرڊيون مٿي ديوان جيرامداس جي حد ۾ (لاڙڪاڻي ضلع جي حد) بچاءَ بند ۾ وڏو گهارو پئجي ويو ۽ پاڻي تيزيءَ سان نصيرآباد شهر (ضلع لاڙڪاڻي) ڏانهن وڌندو پي ويو. ڇاڪاڻ جو لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي حدن جي وچ ۾ ڌامراهه واهه هيو، جتي رستي جي چاڙهي به هئي ۽ ڌامراهه واهه جو ڪپر به مٿي هو، انهيءَ ڪري پاڻي لاڙڪاڻي ضلع ڏانهن پئي ويو.
الله وسائي ڀٽي انجنيئر چيو ته فريدآباد بنگلي ٻڏڻ جو انديشو آهي، انهيءَ ڪري ڪئمپ کڏهري بنگلي تي شفٽ ڪئي پر اتي به حفاظت نه سمجهي، ڳاڙهيءَ ڪئمپ شفٽ ڪرايائين. اتي پهچي ڏٺوسين ته ايس پي لاڙڪاڻو محمد پنيل موجود هو ۽ سييٺ ڪلياڻداس گاجي کهاوڙ وارو ڇيڙ سميت به موجود هو، مون ايس پي صاحب کان پڇيوته ڌامراهي واهه کي ڪٽ ڏياريندءُ ڇا؟ جنهن چيو ته ها ائين ئي ڪنداسين. مون اهڙو اطلاع پنهنجي ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم صاحب جن کي دادوءَ فون تي ڏنو، جنهن چيو ته ڇو ڌامراهي واهه کي ڪٽ ڏئي پاڻي دادو ضلع ڏي ماڻين؟ مون صاحب موصوف کي چيو ته سائين فلڊ اسڪيم (Flood Scheeme) ۾ به ائين ئي آهي ته ٻوڏ وارو پاڻي (M.N.V. Drain) ڇنڊڻ ۾ ڇڏي منڇر ڍنڍ ڏانهن روانو ڪرڻو آهي. ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن پوءِ پاڻ سرزمين تي پهچي ويا ۽ ان جي موجودگيءَ ۾ چاڪر علي جوڻيجي پ پ صدر ضلعي لاڙڪاڻي سيٺ ڪلياڻداس جي آندل ڇيڙ جي ماڻهن هٿان ڌامراهي واهه جي ڪپر ٽوڙائي ٻوڏ جي پاڻيءَ جو رخ نصيرآباد جي طرف کان هٽائي دادو ضلع ڏانهن پاڻي وهايو پر جيئن ته ڇنڊڻ (M.N.V. Drain) لٽيل هئي ۽ ان ۾ گاهه گند به هيو ان ڪري اها ايترو پاڻي نه پئي جهلي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي اچي سپري بند تي ٽڪرايو ۽ ان بند تي پاڻيءَ جو چاڙهه وڌندو پيو وڃي. اهو سپرو بند خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقن جي بچاءُ لاءِ هيو ۽ جي ان سپري بند کي خدانخواسته ڪو گهارو پئجي وڃي ها ته انهن ٻنهي تعلقن خواه خيرپور ناٿن شاهه توڙي ميهڙ شهرن کي به ٻوڏ جو خطرو ٿي پئي سگهيو. هوڏانهن جيستائين بچاءَ بند ۾ پل گهارو ٻڌجي تيستائين پاڻيءَ جو دٻاءُ سپري بند تي وڌندو پيو وڃي. انهيءَ ڪري جوهي برانچ جي ٻنهي ڪنارن کي ڪٽ ڏياري پاڻي منڇر ڍنڍ ڏانهن موڙيو پئي ويو ۽ پاڻي گهڻي ايراضيءَ ۾ ڦهلجي منڇر ڍنڍ ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ سپري بند تان پاڻيءَ دٻاءُ گهٽ ٿيڻ لڳو. هوڏانهن پاڻي جو رخ دادو ضلع ڏانهن موڙڻ ڪري نصيرآباد جو شهر ٻڏڻ کان بچي ويو. الله وسائي ڀٽيءَ کي خبر هئي ته گهارن جي ٻڌڻ لاءِ سانگهڙ ضلعي جا ٽوٻا تمام قابل آهن، انهيءَ ڪري ان اتان ٽوٻا گهرائي جيرامداس انجنيئر کي گهاري بند ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.
ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب به صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ سرزمين ڏسڻ جو پروگرام رکيو، جنهن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو ته بچاءَ بند تي ٽي هيليپئڊ ٺهرائي ۽ تر جي زميندارن کي به اطلاع ڪري ته ڀُٽي صاحب جن جي ميٽنگ ۾ اچي شريڪ ٿين. ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جي حڪم موجب مون هيليپئڊ به تيار ڪرايا ۽ تر جي زميندارن کي به ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جو اطلاع ڪرائي ڇڏيو، ان دوران ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ دادوءَ جو ايس پي به پهچي ويا. ڀُٽي صاحب جن جي آمد جي وقت کان اڌ ڪلاڪ کن اڳ ظفر علي لغاري جيڪو پ پ ضلعي دادوءَ جو صدر هو، اهو پ پ ورڪرن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچي هيليپئڊن ۽ بچاءَ بند تي جتي ڀُٽي صاحب جن جي ميٽنگ لاءِ بندوبست رکيل هو، ان جي وچ تي بچاءَ بند مٿان ٽيبل ۽ ڪرسيون رکرائي ڇڏيون.
ميٽنگ ۾ عبدالحميد خان جتوئي، حاجي امير بخش جوڻيجو ۽ ڪجهه ٻيا زميندار، ايريگيشن عملي جا عملدار، اسان جو ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ دادوءَ جو ايس پي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهتا هئا. ڊي ايس پي دادو غلام محمد ميمڻ ۽ مان به موجود رهياسين، اسان ٻنهي کي ظفر علي لغاريءَ جي مٿئين حرڪت ڪاوڙ ته ڏاڍي ڏياري پر جيئن ته اسان جا بالا آفيسر پاڻ موجود هئا، انهيءَ ڪري اسان پنهنجي طرفان وڃي اهي ٽيبل ۽ ڪرسيون هٽائڻ مناسب نه سمجهيو.
ڀُٽي صاهب جن جيئن ئي هيليڪاپٽر مان لٿا ته رستي ۾ بيٺل پ پ ضلعي صدر ۽ ورڪرن وٽ نه بيٺا ۽ سڌو جتي ميٽنگ جو بندوبست رکيل هو، اتي هلي اچي ويٺا ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت ۽ موجوده حالت بابت تفصيلي معلومات ايريگيشن عملي کان ورتي ۽ ويندي وقت ايريگيشن جي آفيسرن کي اها هدايت ڪئي ته خيرپور ۽ ميهڙ تعلقا ٻڏن ته ڀلي ٻڏن پر نصيرآباد کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيڻ کپي.
واپس ويندي ڀُٽو صاحب ان هنڌ اچي بيٺو جي ظفر علي لغاري ورڪرن سان گڏ رستي ۾ ٽيبل ۽ ڪرسيون رکي بيٺو هو. ظفر علي لغاري ان وقت به ڀُٽي صاحب جن آڏو عبدالحميد خان جتوئي خلاف ڪجهه ڳالهايو، جنهن جي جواب ۾ کيس سختيءَ سان چيو ته مان هتي ٻوڏ جي صورتحال معلوم ڪرڻ ۽ ماڻهن سان همدردي ڪرڻ آيو آهيان ته ان موقعي تي به اوهان شڪايتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، پوءِ ڀُٽو صاحب هيليڪاپٽر ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.
الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقو محفوظ رهيا ۽ جيستائين بچاءَ بند جو گهارو ٻڌجي تيستائين پاڻي منڇر ڍنڍ ڏانهن ويندو رهيو، جيڪا آخر اٿلي پئي ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ڪجهه نقصان ٿيو پر مان اوڏانهن پاڻ اهو ڪونه وڃي ڏٺو، جو اها منهنجي حد نه هئي.
جيرامداس انهيءَ سموري عرصي دوران جڏهن به اسان واري ڪئمپ تي فريدآباد بنگلي تي ايندو هو ته سدائين مان کيس (جيرامداس انجنيئر) چوندو هوس ته ماني کائي پوءِ وڃجو ۽ هو به ان تي اعتراض ڪونه واريندو هو ۽ ماني کائي پوءِ ويندو هو.
مان دادوءَ ۾ هئس جو هڪڙي ڏينهن لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو ته انجنيئر الله وسائي خان ڀٽيءَ سان سندس بنگلي تي ڪچهري ڪرڻ ويس ته اتي ڳالهه ڪڍيائين ته هُو جڏهن ٻوڏ جي سلسلي ۾ پنهنجي حد ۾ آيو پئي ته کيس دل ۾ وهم پئي آيو ته خدا خير سان وقت گذاري جو منهنجي نالي ٻڌو هيائين ته مون جيرامداس انجنيئر کي گرفتار پئي ڪرايو پر اوهان جو ساڻس پورو پورو تعاون رهيو ۽ وقت خير خوبيءَ سان گذري ويو. ساڻس ڪچهري ڪندي مون کيس چيو ته ديوان جيرامداس انجنيئر (جنهن جو بنگلو سندس بنگلي جي ڀرسان هيو) ان جي جاچ ڪر، جي آهي ته مان گهڙي کن وڃي ساڻس ڪچهري ڪيان. هن جاچ ڪئي ته ديوان جيرامداس موجود هو ۽ منهنجي نالي ٻڌايائين ته اوهان ڏانهن اچي پيو، پوءِ هن وٽ ويس جنهن چانهه به پياري ۽ ڪچهري به ڪئي. مان اها ڳالهه محمد هاشم صاحب جن سان ڪئي ته ديوان جيرامداس سان لاڙڪاڻي ۾ سندس بنگلي تي وڃي ساڻس ڪچهري ڪري آيو هئس ته مشڪي چيائين ته “ويو هئينس”. جنهن تي مون صاحب موصوف کي چيو ته سائين ڪا ذاتي دشمني ته ڪانه هئي.
ديوان جيرامداس ويچارو لڪيءَ ويجهو ڪار جي ائڪسيڊنٽ ۾ ديهانت ڪري ويو. الله وسايو خان ڀٽي چيف انجنيئر ٿيو هو، جو به وفات ڪري ويو آهي.
مسٽر امداد علي شيخ پوءِ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو ٿي آيو ۽ مسٽر فياض محمد قريشي ائڊيشنل A.D.C کي منهنجي جاءِ تي S.D.M دادو سب ڊويزن ڪري مقرر ڪيو ويو، جنهن کي مان تاريخ 31 آڪٽوبر 1975 تي چارج ڏئي وڃي گهوٽڪيءَ ۾ ڊپٽي ڪالونائيزيشن آفيسر جي چارج ورتي.