آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

مامو وڏو

ميان صاحب، خانصاحب ۽ محمد علي خان جي نالي سان ته کيس دوست، ماتحت ۽ زماني وارا سڏيندا هُئا، اسان کيس ننڍپڻ کان ”مامو وڏو“ چوندا هُئاسين ۽ اڄ به ائين ئي ٿا سڏيونس. ”مامي وڏي“ جو لاڳاپو ضلعي دادو، تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ ٻُٽ سرائيءَ جي شيخن جي هڪ اهڙي خاندان سان آهي، جيڪو انگريزن جي دؤر کان به اڳ سرڪاري عملداريءَ ۾ رهيو. سندس والد ته ٻاروتڻ ۾ گُذاري ويو، پر سندس ڏاڏو سدا رنگ خان صوبيدار، سندس هڪ چاچو تپيدار ته ٻيو مُختيارڪار جي عُهدن تي رهيو. پاڻ به ابتدا ۾ ماپ تور جو انسپيڪٽر بڻيو، پر ”فضل ربي“ هُجڻ ڪري اُها نوڪري ڇڏي وڃي واپار ڪيائين. ظاهر آهي ته هڪ خانداني سرڪاري عملدار واپار ڪندي نقصان کان سواءِ ٻيو ڇا پئي حاصل ڪري سگهيو؟! سو ٻيهر روينيو جي نوڪريءَ ۾ اچي کاتي جي مٿين عُهدن تي پهتو. جيڪڏهن ابتدائي نوڪري جاري رکي ها ته بيشڪ سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪري ها.
”مامو وڏو “ (جيڪو مُنهنجو سهرو به ٿئي) هڪ حساس، خوددار، ديانتدار ۽ ڪڙڪ آفيسر سان گڏ انتهائي مخلص، سڌو سنئون ۽ انسان ذات سان پيار ڪندڙ شخص به آهي. مون ساڻس گڏ ننڍي هوندي ڪيترائي سفر ڪيا ۽ سندس مُختلف پوسٽنگس دوران، هفتن جا هفتا وٽس رهيس، پر بظاهر سخت ۽ اصول پسند هوندي، مون اندر ۾ کيس هڪ ٻاجھارو ۽ غريب پرور انسان ڏٺو. ڪيترا اهڙا مرحلا ۽ معاملا آيا هوندا، جن ۾ ڪاوڙ وچان هُن ڪي اُگرا ۽ سخت قدم کنيا هوندا، پر ڪاوڙ لٿي انهن ڪمن جو فورن ازالو به ڪيو هوندو. تاريخ ۾ مامن ۽ ڀاڻيجن جو لاڳاپو انتهائي دلچسپ ۽ پيچيده رهيو آهي، مامي وڏي جي سلسلي ۾ به اهو معاملو ساڳيو ئي آهي. کيس اڪثر ڀاڻيجن مان هاڪاري موٽ نه ملي، پر هُنَ انتهائي وڏ ـــ پڻي سان اهڙي موٽ کي نظر انداز ڪندي، پنهنجو ڪردار باوقار طريقي سان ادا ڪيو. مُنهنجي وڏي ڀاءُ امان الله شيخ جي حوالي سان کيس جيڪا تڪليف پهتي اُها گهڻي قدر ذاتي نه پر ”قومي“ ۽ اجتماعي هُئي، خاص ڪري ادا امان الله جي سياسي سرگرمين جي ڪري، کيس لاڙڪاڻي جي ايس پي پڃيل ۽ ٻين آفيسرن سان تکو مٺو ٿيڻو پيو ۽ حڪومتي سطح تي به ڪيترن مامرن کي مُنهن ڏيڻو پيو، پر هُنَ ٿيندڙ هر هلان کي سدائين همٿ سان هٽائي ڇڏيو. سياسي سرگرمين ڪري جڏهن اسان جي گهر تي پوليس ۽ ٻين ادارن جا ڇاپا پوندا هُئا، ڀُٽي صاحب جي ناراضگي ڏسڻي پوندي هئي ۽ ڪورٽن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هئو، ته ”مامو وڏو“ ظاهري توڙي ڳُجھي، هر قسم جي مدد لاءِ هردم تيار هلندو هُئو.
مان پنهنجي جسماني، توڙي ذهني ساخت ۾ ناناڻن تي ويو آهيان، ان ڪري جو ننڍي هوندي کان ئي تصوراتي شخصيت يا رول ماڊل اسان جو وڏو مامو ئي رهيو آهي. سخت حالتن ۾ وقار سان بيهڻ، غلط ڳالهه ڏانهن عدم برداشت، غلطيءَ جي بروقت تسليمي ۽ عزت کي مقدم رکڻ سميت، تمام گهڻيون عادتون مامن وٽان ورثي ۾ مليون.
مامو وڏو خيرن سان 93 ورهين جي عُمر ۾ به هشاش بشاش، ڀوڳائي، سَرلو، پرفيڪشنسٽ ۽ جرمن فيلوسوف امانيوئيل ڪانٽ وانگر وقت جو سخت پابند آهي. وقت گُذرڻ سان گڏ، سونهاريءَ جي آمد سندس شخصيت کي پُرڪشش، معتبر، رونق ڀريو ۽ رحمدل بڻائي ڇڏيو آهي. مان هڪ وڏي کان علاوه دوستاڻي انداز ۾ به ساڻس چرچا گهٻا ڪندو رهندو آهيان. ڪچهرين دوران سندس ايامڪاريءَ جا قصا ايترا ته ٻُڌم، جو اڪثر برزبان ياد اٿم. انهن داستانن بابت سوچيندي هڪ دفعو خيال آيو ته انهن قصن ۾ دفن ٿيل تاريخي واقعن، حوالن ۽ معاملن کي ڇونه لکت جي دائري ۾ وٺي ڇڏجي؟! ساڻس اها ڳالهه سَليَم، کيس آئڙي ۽ هڪدم 500 صفحن تي مُبني آتم ڪهاڻي لکي پوري ڪيائين. جيڪا آهي ته هڪ عام قسم جي روئداد، پر پڙهندي ڪيتريون حيرتون، اهميتون ۽ نعمتون نروار ڪندي ويندي.


[b]انعام شيخ
[/b]