آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

هيڊ منشي تعلقه ڏوڪري

• 9.5.55 کان 1.7.1955 تائين
• 3.2.58 کان 23.9.58 تائين
• 14.7.59 کان 25.1.1960 تائين
منهنجي ڏوڪري ۾ عرصي دوران فضل محمد عباسي صاحب، محمد بچل جکرو صاحب ۽عبيدالله خان مهر صاحب جن منهنجا مختيارڪار ٿي رهيا. هڪڙي ڏينهن مان ڍل جي وصولي لاءِ تعلقه هيڊ ڪواٽر کان ٻاهر ڳوٺن ۾ پئي ويس ته پٽيوالي کي چيم ته ڪو ٽانگو ڪرائي اچي. هن هڪ ٽانگي واري کي چيو، پر ان کيس اچڻ کان انڪار ڪيو. مون پوءِ کيس ٿاڻي تي موڪليو ته وڃي صوبيدار کي چوي ته ڪو سپاهي موڪلي ان ٽانگي واري کي وٺي اچي. پوءِ سپاهي ان ٽانگي واري کي مارڪٽ ڪري ٽانگي سوڌو وٺي آيو. توڻي جو مون کين ٽانگي واري کي مارڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪونه چيو هو. خير پوءِ مان گشت ۾ هليو ويس. شام جو موٽي آيس. ٽانگي واري کي جيڪو ڪرايو هن چيو اهو به ڏنم. ٻئي ڏينهن صبح جو ڏوڪري شهر جا سڀ ٽانگي وارا وفد ڪري منهنجي خلاف لاڙڪاڻي A.D.M صاحب وٽ پڪارڻ ويا. سندن وفد اڃا ٻاهر ئي بيٺو هو، جو A.D.M اڃا آفيس ۾ ڪونه آيو هو ته اتان وڏيرو موسيٰ خان ٻگهيو ڏوڪري تعلقي جو زميندار اچي لنگهيو. وفد کي ڏسي سندن اچڻ جو سبب کانئن پڇيو، جنهن کي هنن سموري مٿين حقيقت ٻڌائي. وڏيري موسيٰ خان سڀني ٽانگي وارن کي ڏاڍا دڙڪا ڏئي واپس ڪيو ۽ چيائين ته هو پاڻهي ڏوڪريءَ اچي هيڊ منشيءَ سان ڳالهائيندو، پر هو ان باري ۾ ڪڏهن به مون وٽ ڪونه آيو. اهو ٽانگي وارو پوءِ پنهنجو خانگي ٽانگو ڇڏي وڃي ٿاڻي جي صوبيدار جو ٽانگو هلائڻ لڳو.
هڪ ڏينهن مختيارڪار صاحب فضل محمد عباسي تعلقي ۾ گشت ۾ ويو ته هڪڙي زميندار کيس منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڏني. مانيءَ ۾ دير هئي، انهيءَ ڪري مختيارڪار صاحب وري ڀرسان ٻئي ڳوٺ ڏانهن گشت ۾ ويو ته زميندار چيس ته پوءِ ماني اتي ڏياري ٿو موڪليانوَ، پر هن کي ماني موڪلڻي ئي ڪانه هئي، سا نه موڪلي نه موڪليائين. رات جو مختيارڪار واپس آيو ته هن لاءِ چانورن جي پليٽ ۽ ٻه انب پيا هئا، جن مان چانورن جو اڌ ۽ هڪ انب ننگر ناٽر کي ڏنائين ۽ باقي اڌ چانور ۽ هڪ انب پاڻ کائي ٻنهي سڄي ڏينهن جي بک لاٿي.
مان هڪ ڏينهن رات واري ٽرين ۾ ڏوڪريءَ کان لاڙڪاڻي پئي آيس. ڏوڪري اسٽيشن تي ٻنهي گاڏين جي ڪراسنگ هئي. هڪ لاڙڪاڻي ۽ ٻي دادوءَ پئي وئي. اهو رات جو 11 وڳي ڌاري جو ٽائيم هو. مان ٽرين ۾ ويٺو ئي هوس ته ڪنهن جو آواز ٻڌم ته هيءُ ليٽر مختيارڪار صاحب کي پهچائي ڏيو. اهو هن شايد اسٽيشن ماسٽر کي ئي چيو هو، پر جيئن ته مختيارڪار هيڊ ڪواٽر ۾ موجود ڪونه هو، انهيءَ ڪري مان ٽرين مان لٿس ۽ اڳ ۾ ٻاهر وڃي بگي جمعدار کي چيم ته هڪڙو ٽانگو منهنجي لاءِ روڪجانءِ جو پٽيوالو مون کي اسٽيشن تي ڇڏي موٽي ويو هو. مون پوءِ اچي اسٽيشن ماسٽر کان پڇا ڪئي ته ليٽر ڪنهن آندو آهي ۽ اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ هن ليٽر مون کي ڏئي چيو ته ليٽر آڻيندڙ ويٽنگ روم ۾ ويٺا آهن. مان ساڻن وڃي مليس، جيڪي فرانس جا رهواسي هئا، جن ۾ ٻه مرد ۽ هڪ عورت هئي جي موهن جو دڙو گهمڻ آيا هئا.
ليٽر پڙهيم ته اهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مختيارڪار ڏانهن لکيل هو ته هي سياح ساڻس ٽرين ۾ واقف ٿيا آهن، جي موهن جو دڙو گهمڻ اچن ٿا ۽ انهن جي پارت هجيوَ. انهن مون کي چيو ته کين بنگلي تي پهچايان، پر مون کين چيو ته هن وقت تمام دير ٿي وئي آهي. انهيءَ ڪري اوهان رات ويٽنگ روم ۾ ئي گذاريو. صبح جو توهان کي بنگلي تي پهچائڻ جو بندوبست ڪبو. مان پوءِ پليٽ فارم کان ٻاهر آيس ته بگي جمعدار بيٺو هو، پر هن مون لاءِ جيڪو ٽانگو روڪيو هو، ان تي آڏو مسٽر غلام هادي بلوچ فرسٽ اسسٽنٽ ڏوڪري هاءِ اسڪول چڙهيو ويٺو هو ۽ پويان هڪڙو مڇيءَ وارو پنهنجي مڇي ٽانگي ۾ رکي چڙهيو ويٺو هو. مون بگي جمعدار کي چيو ته بابا مون جو توکي ٽانگي روڪڻ لاءِ چيو هو، اهو ڪاٿي آهي!؟ جنهن تي هن چيو ته سائين مون اهو ئي ٽانگو روڪيو هو ۽ استاد صاحب کي ٻڌايم به، پر هو زوريءَ چڙهي ويٺو جو ٻيو ٽانگو موجود ڪونه هو. مان جيستائين مسٽر غلام هادي بلوچ کي ڪجهه چوان، ان کان اڳ ئي هن چيو ته هيڊ منشي ڇا ڪندو، وڌ ۾ وڌ کنڊ جي پرمٽ نه ڏيندو نه! مون پوءِ ٽانگي واري کي چيو ته ٽانگي مان گهوڙو ڇوڙ، ان تي چڙهي وڃي ٻيو ٽانگو ڏوڪريءَ مان ڪهرائي اچ. ٽانگي وارو پوءِ ٽانگي جا سازَ ... پَٽ تي رکي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو، اتي مڇيءَ واري چيو ته سائين منهنجي مڇي خراب ٿي ويندي، جنهن کي مون چيو ته توکي کڻي هلندس. ان تي غلام هادي بلوچ چيو ته هو مڇيءَ واري جهڙو به ناهي. مون چيومانس ته اوهان جي ڳالهائڻ جو رويو ڇا هو اهو ڪونه ٿا ڏسو. پوءِ هن مجبور ٿي ٽانگي تان لهي ڏوڪري زرعي فارم وچان گوڏي کي وهايو ۽ پنڌ وڃي ڏوڪري پهتو ۽ شهر ۾ دانهون ڪندو پيو وڃي ته هيڊ منشيءَ ساڻس هيءَ حالت ڪئي آهي.
ايتري ۾ ڏوڪري شهر جي پاسي کان ٻئي ٽانگي جي گهوڙي جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ ٽانگو اچي اسٽيشن تي بيٺو، جيڪو ٽانگي وارو گهوڙي تي چڙهي ٽانگي وٺڻ لاءِ پئي ويو، اهو به اڌ رستي تان واپس موٽي آيو. مون پوءِ ٻنهي ٽانگي وارن کي ڪرايو ڏنو. هڪ ٽانگي تي مان چڙهيس ۽ ٻئي ٽانگي تي بم واري کي روانو ڪيم. ٻئي ٽانگي واري کي اهو به چئي ڇڏيم ته غلام هادي بلوچ کي رستي تي به نه کڻجانءِ.
صبح جو فرانس وارن سياحن کي ڏوڪري اسٽيشن جي ويٽنگ روم کان گهرائي کين ڏوڪري بنگلي ۾ رهايم. هو ٻه ڏينهن اتي ترسيا ۽ موهن جو دڙو گهمي آيا. سندن پسند واري غذا مرغي پئي تيار ٿيندي هئي، جا ڏاڍي شوق سان پئي کاڌائون.
مسٽر اختر محمود صاحب C.S.P آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر انڊر ٽريننگ هو ۽ ڏوڪري تعلقي جي چارج ان کي مليل هئي. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو لاڙڪاڻي کان ڏوڪريءَ آيو ته مون سموري حقيقت ان کي ٻڌائي ۽ چيومانس ته ايئن ته انتظام نه رکي سگهبو. مون ٿورو مرچ مصالح ڳنڍي چيو ته سياحن کي ويٽنگ روم ۾ سڄي رات مڇرن پئي پٽيو. هو ننڊ به ڪونه ڪري سگهيا هئا. صاحب موصوف مون کي چيو ته هڪڙي پٽيوالي کي موڪل ته وڃي غلام هادي بلوچ کي وٺي اچي، پر هو ان سان نه آيو. پوءِ صاحب ڏوڪري ٿاڻي جي صوبيدار نظر احمد کي چوائي موڪليو ته غلام هادي بلوچ کي وٺي اچي وٽس حاضر ڪرائي. غلام هادي بلوچ ته اسڪول مان کسڪي گم ٿي ويو. باقي صوبيدار هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب کي ساڻ وٺي اختر محمود صاحب وٽ آيو، جنهن کي صاحب ٿوري ڇنڊ پٽي چيو ته هن کيس ته ڪونه گهرايو آهي، پر هاڻي غلام هادي بلوچ کي وڃي چوي ته هيڊ منشيءَ کان معافي وٺي نه ته هو D.M صاحب (انور عادل) کي چئي کيس غنڊا ايڪٽ ۾ چالان ڪرائي ۽ کيس پاڻ ڏي ٽرانسفر ڪرائي غلام هادي بلوچ کي سزا ڏيندو. هيڊ ماستر صاحب پوءِ واپس روانو ٿي ويو. مون صاحب کي چيو ته اها ڇنڊ ئي ڪافي اٿن. اميد ته آئينده لاءِ سڌري ويندا.
اختر محمود صاحب سان لاڳاپي واري ڪنهن ماڻهوءَ تي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ڏوڪري مسٽر محمد حسن سولنگيءَ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ هو، پر هن ان کي بري ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪونه چيو ۽ مون کي چيائين ته ان ڪم لاءِ مان کيس چوان. مون پوءِ وڃي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ صاحب کي عرض ڪيو ۽ ساري حقيقت به ٻڌايم، جنهن پوءِ ان جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو. وقت گذرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن مان لاڙڪاڻي کان ڏوڪريءَ ٽرين ۾ پئي ويس ۽ لاڙڪاڻي اسٽيشن تي جيئن ئي مان انٽر ڪلاس گاڏي ۾ چڙهيس ته غلام هادي بلوچ اڳيئي ان گاڏي ۾ ويٺو هو. مون کي ڏسي چيائين ته لهو بابا لهو روينيو وارا اچي ويا آهن. پاڻ پنهنجي پوتڙي ۾ ٻڌل ڳنڍ ڪلهي تي رکي گاڏي مان لهي وڃي ٻئي گاڏي ۾ ويٺو. مان پوءِ جڏهن 1960ع ۾ وارهه ۾ تعلقي هيڊ منشي ٿي ويس ته هو اتي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اتي ڪن وچ ۾ پئي اسان ٻنهي جو ٺاهه ڪرائي ڇڏيو.
هڪڙي ڀيري مان ڏوڪريءَ ۾ هيڊ منشي هوس ته عبيدالله خان مهر ان وقت مختيارڪار هو. ڏوڪري تعلقي جو زميندار عبدالقادر خان ٻگهيو وفات ڪري ويو هو، جنهن جي تعزيت ڪرڻ لاءِ مان وڏيري موسيٰ خان ٻگهئي ڏانهن سندس ڳوٺ ويو هوس. شام جو ڪو مختيارڪار منهنجي پڇا ڪئي، پر مان هيڊ ڪواٽر ۾ موجود ڪونه هوس. صبح جو مختيارڪار صاحب ڳيريلي گشت ۾ وڃڻو هو، انهيءَ ڪري مان آفيس وڃڻ کان اڳ وٽس اوطاق تي ويس ته متان ڪو ڪم ڪار هجي ته پڇندو وڃان. مان جنهن وقت وٽس ويس ته ٻه سپروائيزنگ تپيدار قاضي غلام احمد ۽ عبدالعزيز ابڙو اڳ ۾ ئي وٽس ويٺا هئا. مون کان پڇيائين ته ڪالهه شام جو ڪاڏي ويو هئين. مون ٻڌايومانس ته وڏيري موسيٰ خان ٻگهيي ڏانهن مرحوم عبدالقادر ٻگهيي جي تعزيت ڪرڻ لاءِ ويو هوس ۽ تعلقو ڇڏي ڪونه ويو هوس. جنهن تي چيائين ته آئينده سندس اجازت کان سواءِ تعلقه هيڊڪواٽر نه ڇڏيندو ڪيان.
سپروائيزنگ تپيدارن جي روبرو سندس ايئن چوڻ مون کي ڪجهه ڏکيو لڳو، ڇاڪاڻ جو انهن حالتن ۾ وليج عملي (تپيدارن توڙي سپروائيزنگ تپيدارن) کان سرڪاري ڪم ڪار وٺڻ به ڏکيو ٿي پوندو آهي. هوڏانهن مختيارڪار وري آفيس جي سموري ڪم ڪار لاءِ هيڊ منشيءَ کي ئي ذميوار ڄاڻائيندا آهن. پوءِ مان مختيارڪار وٽان اٿي آفيس هليو آيس.
خير ڪلاڪ _ ڏيڍ کن کان پوءِ مختيارڪار سپروائيزنگ تپيدار قاضي غلام احمد کي پاڻ سان ٽانگي ۾ کڻي ڳيريلي گشت ۾ پئي ويو ته ٽانگو روڊ تي روڪرائي مون ڏانهن پنهنجي نائڪ کي موڪليائين ته وڃي هيڊ منشيءَ کي سڏي اچ ۽ نائڪ اچي مون کي چيو ته مختيارڪار روڊ تي ٽانگي ۾ ويٺو آهي ۽ مون کي گهرايو اٿس. مون نائڪ کي جواب ڏنو ته مان اوڏانهن ڪونه هلندس. نائڪ وڃي کيس ٻڌايو. مختيارڪار وري ٻيو ماڻهو به موڪليو، پر مون ان کي به جواب ڏنو ته مان نه هلندس. مختيارڪار پوءِ گشت ۾ ڳيريلي روانو ٿي ويو. ٻه چار ڏينهن ايئن گذري ويا ته نه مون کي مختياڪار پاڻ وٽ گهرايو ۽ نه ئي وري مان ئي ڪاغذ روبرو کڻي وڃي کانئس صحيح ڪرائڻ ويس.
جمعي جو ڏينهن هو جو مان آفيس ٽائيم پوري ٿيڻ کان پوءِ آفيس مان اٿيس پئي ته مختيارڪار کي سامهون ايندي ڏٺم ته آفيس ڏانهن پئي آيو. مون کي چيائين ته ساڻس آفيس هلان جو ڪجهه ڳالهائڻو آهي. مان سندس آفيس ۾ ويٺس ته چيائين ته انهيءَ ڏينهن مان سندس سڏ تي ڇو نه آيس. مون کيس صاف چئي ڏنو ته اوهان جيڪڏهن سپروائيزنگ تپيدارن جي روبرو هيڊ منشيءَ سان ايئن هلندا (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان) ته پوءِ عملي کان ڪم ڪيئن وٺي سگهبو. ان تي چيائين ته پنهنجي بدلي ڪرائي وڃ، جنهن تي مون چيومانس ته هونءَ ڪرائي وڃان ها، پر هاڻي نه ڪرائيندس. ان تي چيائين ته هو منهنجي خلاف رپورٽ ڪندو، مون چيومانس ته ڀلي رپورٽ ڪيو. جيئن ته جمعي نماز کي دير پئي ٿي انهيءَ ڪري کانئس اجازت وٺي گهر هليو آيس.مون ته دل ۾ اڳي ئي سوچيو هو ته اهڙي ماحول ۾ هن مختيارڪار وٽ رهي نه سگهبو. بهتري انهيءَ ۾ ئي سمجهي ته ڏوڪري مان بدلي ڪرائي وڃان. پنهنجي بدليءَ لاءِ A.D.M صاحب عبدالعليم عقيليءَ کي وڃي چيم. ان جيڪي ڀال ڀلايا انهيءَ بابت تفصيلي ذڪر اڳتي ڪبو. منهنجو ڏوڪري تعلقي ۾ هيڊ منشيءَ وارو دور ايئن گذريو ۽ پوءِ وري منهنجي تعلقي ۾ پوسٽنگ ڪانه ٿي. مون کي پنهنجي سموري نوڪريءَ واري عرصي ۾ جيتري تڪليف عبدالعليم عقيلي صاحب ڏني، اوتري ڪنهن به ٻئي آفيسر صاحب نه ڏني. مان جيئن ته ڏوڪري تعلقي مان بدلي ڪرائي وڃڻ ۾ ئي پنهنجي بهتري پئي سمجهي، انهيءَ ڪري لاڙڪاڻي وڃي دفتردار عبدالعليم عقيلي صاحب سان شام جو سندس جڳهه تي مليس.واضح رهي ته هيءُ ساڳيو ئي عبدالعليم عقيلي صاحب هو، جيڪو شڪارپور ۾ مون وٽ ٻه دفعا مهمان ٿي اچي رهيو هو ۽ پوئين ڀيري ڀنگ جو جڳ پي منجهند جي ماني کائي ريلوي ڦاٽڪ بند هئڻ سبب پٽڙيءَ سان تکو تکو وڃي ٽرين ۾ چڙهي روانو ٿي ويو هو. مان هن جي مزاج مان ته واقف هوس ئي انهيءَ ڪري ٺلها هٿ لوڏيندي ڪونه ويو هوس پر ٻه ڏوڪڙ ۽ باقراڻيءَ جا ان وقت جا سٺا ديسي انب به ساڻ کڻي ويو هوس.