آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

قمبر تعلقي ۾ تڪ جا شيخ مشهور زميندار

قمبر تعلقي ۾ تڪ جا شيخ مشهور زميندار آهن. مشهور ڊرگھه ڍنڍ به سندن ذاتي ملڪيت آهي. مان قمبر ۾ جڏهن تعلقي هيڊ مُنشي هئس ته خانصاحب مٺل خان شيخ هڪ ٻه دفعا ڪم ڪار سانگي تعلقي آفيس آيو هو ته ساڻس ملاقات ٿي هئي، هو ڏاڍو مانائتو ماڻهو هو .خانصاحب مٺل خان کي ٻه پٽ حاجي محمد نواز خان ۽ حاجي عبدالڪريم خان هئا، جن سان به هڪ ٻه دفعو ملاقات ٿي هئي. خانصاحب مٺل خان جو وڏو ڀاءُ قائم خان جيڪو مون ته نه ڏٺو هو پر سندس ڏاڍي نيڪي ٻڌبي هئي. هن جو بنگلو لاڙڪاڻي گهنٽي ڦاٽڪ وٽ اڄ به موجود آهي. قائم خان شيخ جي باري ۾ “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته وڏو نالي وارو ۽ سخي مرد ٿي گذريو. هن کي پهريائين “خانصاحب” ۽ پوءِ “خانبهادر” جو لقب مليو. هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو. 1930 ۾ حج تي ويو ته پاڻ سان 40 ماڻهو پنهنجي خرچ تي وٺي ويو. اتي جيڪا به خيرات ڏنائين اها سون جي سڪن جي صورت ۾ هئي. وقت جي بادشاهه سندس دعوت ڪئي ۽ کيس ڪعبة الله شريف ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ملي. غلام مرتضيٰ (جيڪو منهنجو پڦاٽ ۽ ماروٽ به ٿئي) ان جي پوئين شادي (پهرين گهراوريءَ جي انتقال کانپوءِ) خانصاحب مٺل خان جي خاندان مان ٿيل آهي ۽ اهو ٻڌائيندو هو ته تڪ جي شيخن وٽ سون جون سرون هونديون هيون. خانصاحب مٺل خان شيخ جي هڪ نياڻيءَ جي شادي علي گوهر خان شيخ سان ٿيل آهي.
علي گوهر خان شيخ رهندو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ئي هيو پر ڇهين ٻارهين مهيني ڪجھه ڏينهن لاءِ زمينن جي سڌ سماءَ يا بٽئي لاءِ ڳوٺ ويندو هو، منهنجو هن سان گهاٽي دوستيءَ وارو رستو هو، ان وقت سندس اڪيلو فرزند مغفور علي خان اڃان ننڍو 12 يا 13 سالن جو هو، جڏهن وڏو ٿيو ته ساڻس به اچڻ وڃڻ جو رستو رهيو. مان جڏهن به علي گوهر خان سان ملڻ ويندو هئس ته مغفور علي خان سان ضرور ملندو هُئس، جو پيءُ ۽ پٽ (علي گوهر خان) ۽ پٽ (مغفور علي خان) اڪثر ڪري الڳ ڪمرن ۾ رهندا هئا. مغفور عليءَ خان مون وٽ به ڪڏهن ڪڏهن جڳهه تي اچي ڪچهري ڪندو هو. علي گوهر خان شيخ وٽ هڪڙو سانولي نالي خانگي نوڪر هوندو هو، جنهن تي سندس ڏاڍو راضپو هوندو هو. جنهن لاءِ مغفور علي خان ٻڌائيندو هو ته سندس والد پنهنجي چڱي ڀلي زمين ان سانولي نوڪر جي نالي ڪئي هئي. مغفور علي پنهنجي پيءَ جو اڪيلو پٽ هو ۽ هُن شادي پنهنجي خاندان مان نه پر شايد مسٽر شمس الدين ابڙي وڪيل جي نياڻي سان يا ٻئي هنڌان ڪئي هُئي. مغفور علي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو ۽ پويان بيواهه ۽ هڪ صغير پٽ ڇڏيائين. مغفور علي جي وفات بعد هڪ دفعي علي گوهر خان وٽ وڃڻ ٿيو ته مون کان پڇيائين ته مغفور عليءَ جي ڇڏيل ملڪيت مان کيس ڪجھه ملي سگهي ٿو؟ جنهن تي مون کيس چيو ته شريعت ڇهون حصو ڏياري ٿي. مونکي تعجب ٿيو ته مغفور علي پٺيان بيواهه ۽ صغير پٽ ڇڏي ويو آهي ۽ ٻئي حال حيات آهن، تڏهن به علي گوهر خان پنهنجي پٽ جي وفات بعد ان جي ڇڏيل ملڪيت مان حصو کڻڻ پيو چاهي، حالانڪه کيس اڳ ئي پنهنجي ڪافي زمين هُئي. بس انسان جي ملڪيت جي هوس گهٽ ٿيڻ واري ناهي. (علي گوهر خان ڪافي عرصو اڳ وفات ڪري ويو آهي). مغفور علي خان يار ويس ماڻهو هو ۽ سندس دوستيءَ جو دائرو ڏاڍو وسيع هوندو هو ۽ جيتري قدر ياد ٿو اچي ته ٻڌائيندو هو ته مسٽر عبدالرزاق سومرو صاحب ۽ قاضي اختر علي صاحب به وٽس ڪچهري ڪرڻ ايندا هُئا.
مسٽر علي رضا شاهه (ويٺل شڪارپور) جڏهن ميرو خان تعلقي ۾ مختيارڪار هو ته مان وٽس تعلقي هيڊ منشي هئس ۽ هو مون تي مهربان هوندو هو. سڪندر خان کهاوڙ ويٺل ڪارڙا، جي مختيارڪار صاحب سان ڏاڍي دوستي ٿي وئي هئي. مختيارڪار صاحب کي، سڪندر حيات خان جي مون سان گهاٽي دوستيءَ جي به خبر هئي. انهيءَ ڪري جڏهن به هُو وٽس ايندو هو ته مختيارڪار صاحب مونکي به گهرائي وٺندو هو ۽ پوءِ ٽئي گڏجي پتن(تاش) جي راند ڪندا هئاسين ۽ ڪافي دير تائين ويهي ڪچهريون به ڪندا هئاسين.
مسٽر علي رضا شاهه پوءِ جڏهن ڪوٽڏيجي تعلقي (ضلعه خيرپور) ۾ مختيارڪار هو ته هڪڙي ڏينهن وٽس ويو هئس ۽ هڪ رات رهڻ به ٿيو هو (اهو غالبن سال 1964 جو قصو آهي). مان جڏهن اتان موٽي لاڙڪاڻي آيس ته انهيءَ رات جو مونکي ننڊ ۾ دل جو دهڪو محسوس ٿيو ۽ مان موت ويجهو ڏسي رهيو هئس. مون پنهنجي والده کي ننڊ مان اٿاريو ۽ کيس حقيقت ڪئي ۽ کانئس پيرين پئي موڪلايو. هن هڪدم منهنجي منهن ۽ ڇاتيءَ تي گلاب جو پاڻي ڇٽڪاريو جنهن سان ڪجهه فرحت محسوس ڪيم. مان پوءِ گهر جي ڇت تان ٻه ڏاڪڻيون هيٺ لهي پاڙي ۾ ئي رهندڙ مسٽر نامديو ڊاڪٽر صاحب سان حقيقت ڪئي. جنهن يڪدم مونکي (Coramin) انجيڪشن هنئي ۽ دوا ڏني. مون هن جون تجويز ڪيل دوائون ڪجھه ڏينهن استعمال ڪيون. بعد ۾ مامي محمد صديق جيڪو حڪمت ڪندو هو، هيٺ ڄاڻايل دوائون تجويز ڪيون ته اهي ڪُٽي ڪپڙ ڇاڻ ڪري گلاب جي پاڻيءَ ۾ روهيءَ ۾ کرل ڪري، جيئن ڪرڪر بلڪل نه رهي، اهو ڪشتو ٻه رتيون کن ڪئپسول ۾ وجھي صبح جو نيراني پاڻيءَ سان وٺان.

تجويز ڪيل دوائون:
• سپ مرواديد (10 گرام) 2. ياقوت (5 گرام) 3. ڪهربا
(5 گرام) 4. مرجان (5 گرام) عقيق (5 گرام) 6. زمرد (5 گرام) 7. نيلم (5 گرام) 8. پکراج (5 گرام) 9.ج سنگ يشب (5 گرام) 10. زهرمرو خطائي (5 گرام).
جيڪڏهن ڪجھه موي جدا کرل ڪري مٿين ڪُشتي ۾ ملائجن ته افضل آهي. مان اهو ڪُشتو ٺاهي چڱو وقت پابنديءَ سان استعمال ڪيو. هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن تيار ڪري استعمال ڪندو آهيان، جو تيار ڪرڻ ۾ ڏاڍو وقت لڳندو آهي.
*****