آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

هيڊ منشي روينيو برانچ ڪليڪٽر صاحب جن جي آفيس ۾

منهنجي نائب دفترداريءَ واري وقت ۾ موجود تپن کي ٽوڙي ننڍا ننڍا تپا بنائڻ جي رٿ حڪومت جي زير غور هئي، جنهن لاءِ سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کان پروپوزل گهرايا هئائون. پر سڄي سنڌ ۾ اسان جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تپن ٽوڙڻ جي مخالفت ٿي وئي. انهيءَ ڪري لاڙڪاڻي ضلع ۾ تپا نه ٽوڙيا ويا ۽ اڄ تائين شروع وارا تپا ئي قائم آهن. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ تپا ته ٽوڙيا ويا، پر نون تپيدارن کي ڪوٽوار ڪونه ڏنا ويا. اظهار الحق صاحب ان وقت ڊپٽي ڪمشنر هو. مون کي پوءِ نائب دفتردار جي پوسٽ تان بدلي ڪري ڪليڪٽر صاحب جي آفيس ۾ ئي روينيو برانچ ۾ هيڊ منشي ڪري رکيو ويو، جتي مون 30.05.1962 تي وڃي چارج ورتي. اها پوسٽ نائب دفترداريءَ واري پوسٽ کان گهڻي گهٽ اهميت واري هئي، انهيءَ ڪري منهنجي دل ته اتي ڪانه پئي لڳي، پر نوڪريءَ ۾ مجبوريون به اينديون آهن. پوءِ قدرت خدا جي جو ڇا ٿيو، جو مان هڪڙي ڏينهن صبح جو پيادل آفيس پئي ويس ته عدالحميد خان جتوئي، قاضي فضل الله صاحب جي بنگلي کان ڪار ۾ ٻاهر نڪتو. مون کي ڏسي ڪار روڪيائين (عبدالحميد خان جتوئي ۽ مان ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئاسين ۽ ساڳي ڊيسڪ تي ويهندا هئاسين) ان وقت لاڙڪاڻي ۾ عبدالمجيد افغان صاحب ڪليڪٽر هو، جيڪو اڳ دادوءَ ۾ به ڪليڪٽر رهي آيو هو ۽ عبدالحميد جتوئيءَ جا ان سان تمام سٺا تعلقات هئا.
مون عبدالحميد جتوئي کي چيو ته ڪليڪٽر صاحب کي چوي ته مون کي موجوده پوسٽ تان بدلي ڪري نائب دفتردار ڪري يا لاڙڪاڻي سب ڊويزن ۽ قمبر سب ڊويزن مان هڪ ۾ هيڊ منشي ڪري رکي. هن مون کي چيو ته مان ڪليڪٽر صاحب سان ڳالهائيندس ۽ تون وڃي ساڻس ملجان.
ڏينهن ٻه رکي مان وڃي ڪليڪٽر صاحب عبدالمجيد افغان صاحب سان مليس ته مون کان ڪجهه پڇڻ کان اڳ چيائين ته، تون عبدالحميد جتوئيءَ سان گڏ پڙهيو آهين ۽ مون کي جيتري هن لاءِ عزت آهي، تو لاءِ به اوتري ئي عزت آهي. پوءِ مون کان پڇيائين ته تون ڇا ٿو چاهين. مون کيس به ائين ئي چيو ته يا نائب دفتردار ڪري رکو يا وري ٻنهي سب ڊويزنن لاڙڪاڻي ۽ قمبر مان ڪنهن سب ڊويزن ۾ هيڊ منشي ڪري رکو. ڪليڪٽر صاحب پوءِ فون تي قمبر سب ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهجان ايس ڪريم صاحب جن کان پڇيو ته ڇا هو مون کي پاڻ وٽ وٺڻ لاءِ تيار آهي، پر اها خبر ڪانهي ته هن کيس ڪهڙي ورندي ڏني. ڪليڪٽر صاحب پوءِ مونکي چيو ته شاهجان _ ايس_ ڪريم صاحب سان وڃي مل. مان هن سان وڃي مليس ته چيائين ته هيڏي ڇو ٿو اچڻ چاهين، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته مان نائب دفتردار هوس، اتان بدلي ڪري روينيو برانچ ۾ هيڊ منشي ڪري رکيو اٿن. انهيءَ ڪري مان اتان بدلي ڪرائڻ ٿو چاهيان.
اسسٽنٽ ڪمشنر شاهجهان ايس ڪريم صاحب پوءِ ڪليڪٽر صاحب کي فون تي چيو ته مان اچڻ سان هن جي گهر ڪئي هئي پر چيو هيائون ته هو نائب دفتردار آهي، انهيءَ ڪري هن کي Spare ڪري نه ٿو سگهجي ۽ ڀلي کيس مون وٽ رکو. مان پوءِ اچي وري ڪليڪٽر صاحب جن سان مليس، جنهن آرڊر ڪري مون کي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب قمبر سب ڊويزن جي آفيس ۾ هيڊ منشي ڪري رکيو، جتي مان پوءِ 04.07.62 کان 18.12.64 تائين رهيس ۽ نان گزيٽيڊ پوسٽ تي سڀني پوسٽن کان اتي وڌ ۾ وڌ عرصو رهيس.
شاهجهان ايس ڪريم صاحب مون تي نهايت ئي مهربان هوندو هو ۽ هن جي سفارش تي (District Merit recognition committee Larkana) مون کي ٻه ساليانيون ائڊوانس انڪريمينٽون ڏنيون هيون. هڪ دفعي مان ٻه ڏينهن ريزڪي موڪل تي ويس، پر صرف هڪ ڏينهن موڪل کائي، ٻئي ڏينهن آفيس ۾ آيس. اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن کي اها خبر ڪانه هئي ته مان آفيس ۾ آيو هوس. هن پوءِ دولترام هيڊ ڪلارڪ کي گهرائي چيو ته رحمت الله انصاري تپيدار ڪلهوڙا تپه تعلقه ميرو خان جي اتان بدليءَ جو آرڊر ٽائيپ ڪري اچ. دولترام اچي مون کي صاحب جي ان حڪم بابت ٻڌايو. مون چيومانس ته صاحب جيڪي حڪم ڪيو اٿئي، انهيءَ جي تعميل ڪري آرڊر ٺاهي صاحب ڏي کڻي وڃ. هو پوءِ اهڙو آرڊر ٽائيپ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن ڏانهن صحيح ڪرائڻ لاءِ کڻي ويو. انهيءَ دوران ڪنهن ڳالهه تي گل حسن سندس پٽيوالي کيس منهنجي نالي ٻڌايو ته هيڊ منشي اڄ آفيس ۾ آيو آهي، جنهن تي صاحب موصوف مون کي ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ پاڻ وٽ سڏايو. مان وٽس ويس ته اهو ڪم چيائين. انهيءَ دوران مان جڏهن صاحب وٽ ويس پئي ته دولت رام، رحمت الله انصاري تپيدار جي بدليءَ وارو آرڊر صحيحون ڪرائي موٽيو پئي ته مون کي ورانڊي ۾ گڏيو. مان ان آرڊر جون سڀ ڪاپيون کانئس ورتيون ۽ جڏهن صاحب ٻيو ڪم ڏسي ڇڏيو ته مون اهي بدليءَ واري آرڊر جون ڪاپيون سندن آڏو رکيون ۽ کين عرض ڪيم ته سائين ڍل جي ٻي باقيءَ ۾ پندرهين ڏينهن کن مس رهيا آهن. جيڪڏهن تپيدار جي هن وقت بدلي ٿيندي ته وصوليءَ ۾ وڏي رڪاوٽ ٿيندي، جو کاتيدارن کي بهانو ملي ويندو. چوندا ته اڳيون تپيدار ڍل وٺي ويو آهي. انهيءَ ڪري بيباقي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ ڀلي تپيدار جي بدلي ڪجو، جنهن تي صاحب چيو ته قاضي فضل الله صاحب ان تپيدار جي بدليءَ لاءِ چيو آهي. مون صاحب کي وري به عرض ڪيو ته اوهان قاضي صاحب جن کي اها بيباقيءَ واري حقيقت ٻڌايو، جنهن تي هن قاضي صاحب جن کي ايئن ئي چيو ته هيءُ بي باقيءَ جو ٽائيم آهي. بي باقي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ تپيدار جي بدلي ڪندو ۽ اڳ پنهنجا صحيح ڪيل آرڊر ڦاڙي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. باوجود ان جي جڏهن ٿوري عرصي کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهجهان ايس ڪريم صاحب کي پروموشن مليو. کيس خضدار ضلع (بلوچستان صوبي ۾) جو ڊپٽي ڪمشنر ڪري رکيائون. تڏهن قاضي فضل الله صاحب پنهنجي خاص ماڻهوءَ محمد خان ڀٽي کي صاحب ڏانهن موڪليو، پر صاحب ان وقت آفيس ۾ موجود ڪونه هو. محمود خان ڀُٽو پوءِ مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ قاضي فضل الله جن جو نياپو ڏنائين ته صاحب کي اچي ته کيس ٻڌايان ته قاضي صاحب چوائي موڪليو آهي ته اوهان خضدار نه وڃجو. هو سندس آرڊر ضلع ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر جو ڪرائيندو. صاحب جي اچڻ تي مون کين اهو قاضي صاحب جن جو موڪليل نياپو ٻڌايو. ان کان پوءِ سندس ٺٽي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جو آرڊر ٿيو. مان به هڪ دفعو ساڻس ٺٽي وڃي مليو هوس. اسسٽنٽ ڪمشنر دوران شاهجهان ايس ڪريم صاحب ڪجهه عرصي لاءِ نيپا (NIPA) ٽريننگ لاءِ ويل هو ته سب ڊويزن جي چارج عارضي طرح مسٽر جمال الدين جماڻي صاحب، جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، کي ڏني وئي هئي. مسٽر جمال الدين صاحب جن کي جڏهن قمبر سب ڊويزن جي عارضي طرح چارج هئي ته هو تڏهن به رهندو لاڙڪاڻي سب ڊويزن واري پنهنجي ئي بنگلي ۾ هو. مان هڪ ڏينهن ڪجهه ڪاغذ صحيح ڪرائڻ ويس ته اندر گهرايائين. پاڻ ۽ محمد صالح انصاري شراب پي رهيا هئا. مون کي چيائين ته ويهه شراب پيءُ، پر مون انڪار ڪيو ته چيائين اڃانه سڌريو آهين. پوءِ ڪاغذ صحيح ڪري ڏنائين جي مان واپس کڻي آيس.
شاهجهان ايس ڪريم صاحب سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪيو. شاهجهان صاحب جي وڃڻ کان پوءِ محمد لطف الله صاحب قمبر سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي آيو هو. هو به C.S.P آفيسر هو. نه صرف پاڻ ايماندار آفيسر هو، پر سندس آفيس عملي تي به سخت نظر هوندي هئي ته جيئن ڪو رشوت نه وٺي. ان وقت ۾ هٿيارن جا ليسن S.D.M (اسسٽنٽ ڪمشنر) ئي Renew (نوان) ڪندا هئا. انهيءَ لاءِ محمد لطف الله صاحب جن جو پنهنجو طريقو هو. سندس گل حسن پٽيوالي کي چوڻ هو ته روزانو فقط 150 (هڪ سو پنجاهه) ليسن ماڻهن کان وٺي ۽ آفيس جي عملي کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي انهن کان ليسن تي نئين ڪرائڻ جو آرڊر لکائي صحيح ڪندو هو ۽ مقرر ڪيل انداز 150 کان وڌيڪ هڪ به ليسن نه وٺندو هو. انهيءَ طريقي سان ڪنهن ڪلارڪ يا پٽيوالي کي ليسن بردارن کان ڪجهه وٺڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي.
قلندر بخش نالي هڪ استاد محمد لطف الله صاحب جن کي روزانو سنڌي پڙهائڻ ايندو هو. اهو هڪڙي ڏينهن پنهنجو ليسن نئون ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو، پر ان کان اڳ ئي پٽيوالو 150 ليسن نئين ٿيڻ لاءِ وٺي چڪو هو. صاحب دروازو بند ڪرائي ڇڏيو هو. گل حسن پٽيوالو جڏهن صاحب جي سنڌي پڙهائڻ واري استاد قلندر بخش جو ليسن اندر صاحب وٽ کڻي ويو ته هن نه ورتو ۽ چوائي موڪليائين ته سڀاڻي کڻي اچي. استاد صاحب پوءِ ٻه ٽي ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن کي پڙهائڻ ڪونه آيو. پوءِ ان کي گهرائي پنهنجي اصول جي ڳالهه ٻڌايائين. جنهن کان پوءِ ئي هو وري کيس اڳ وانگر پڙهائڻ ايندو هو. رمضان شريف جو مهينو هو. اسسٽنٽ ڪمشنر محمد لطف الله صاحب قمبر گشت ۾ هليو. شام جو جڏهن قمبر کان واپس پئي آياسين ته رستي تي سج لهي ويو ۽ روزي کولڻ جو ٽائيم ٿي ويو. هن پوءِ گاڏي روڪرائي پاڻ سان جيڪا ٽفن باڪس کڻي هليو هو، اها کولرائي ان مان مٺائي وغيره ڪڍي پاڻ به روزو افطار ڪيائين ۽ اسان جيڪي ساڻس گڏ هئاسين (مان ۽ پٽيوالو) تن کي به روزي جي افطاريءَ لاءِ مٺائي وغيره ڏنائين، جيڪا هو لاڙڪاڻي مان ئي ساڻ کڻي هليو هو.
حسين علي خان اسراڻ خيرپور جوسي جو ويٺل زميندار هو. هو هر سال وقت جي صدر صاحب کي پنهنجي لنگهه ڍنڍ تي سياري ۾ پکين جو شڪار ڪرائيندو هو. اسسٽنٽ ڪمشنر محمد لطف الله صاحب جي وقت ۾ به هن صدر ايوب صاحب جن جو لنگهه ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ جو پروگرام رکيو. صدر صاحب جن جي ملٽري سيڪريٽري فون ڪري ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر محمد رفيق صاحب جن کي چيو ته شڪار جي موقعي تي خيرپور جوسي شهر کان وٺي پکي جي پل تائين رستي جي ٻنهي پاسن جهنڊيون هڻائجو (پکي جي پل کان پوءِ رستو مڙي لنگهه ڍنڍ ڏانهن ويندو آهي) پر هن کيس ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اها خبر اسان جي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب محمد لطف الله صاحب کي پئي ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جهنڊين هڻائڻ کان ملٽري سيڪريٽري کي انڪار ڪيو آهي. صاحب مون کي گهرائي چيو ته سندس سب ڊويزن آهي هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. مون صاحب جن کي چيو ته جي اوهان اجازت ڏيو ته مان قمبر ۽ وارهه تعلقي جي مختيارڪارن کي چوان، ته ڪم ٿي ويندو. هن جي اجازت ڏيڻ تي مون ٻنهي مختيارڪارن کي فون تي اها ڳالهه ڪئي ۽ کين چيو ته پنهنجي وليج عملي کي موڪلن ته خيرپور جوسي اچن. جن خيرپور جوسي يونين ڪائونسل آفيس ۾ جهنڊين ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. انهن کي جهنڊين لاءِ گهربل مٽيريل (سامان) مون لاڙڪاڻي مان آڻي ڏنو. صبح تائين جهنڊيون ٺاهي خيرپور جوسي کان پکي پل تائين رستي جي ٻنهي پاسي لڳايون ته ويون پر اوچتو مينهن شروع ٿي ويو، جنهن ڪري پکي پل وٽ اسان جيڪي دهلاري ۽ شرناين وارا صدر صاحب جن جي استقبال لاءِ گهرايا هئا، اهي سڀ هليا ويا. باقي پکي پل وٽ مان مختيارڪار وارهه (محمد اشرف جوکيو) ڀٽي تپيدار ۽ ڪجهه ڪوٽوار وڃي رهياسين. ڪوٽوار ويچارا اسان کي مينهن کان بچائڻ لاءِ اسان جي مٿان پترون جهليون بيٺا هئا. ٿوري دير کان پوءِ صدر صاحب آيو ۽ پکي پل کان لنگهه ڍنڍ ڏانهن ويو پر شڪار ڪونه ٿي سگهيس ۽ صرف چانهه پي واپس روانو ٿي ويو.
ڍل جي وصوليءَ جي بيباقي رپورٽ ڪرڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ وليج عملو ويهي سب ڊويزنل ليول تي اڪائونٽ بند ڪندو هو، جنهن کي آخر سال اڪائونٽ چيو ويندو هو. ان ڪم هلندي سپروائيزنگ تپيدار عبدالله لغاري ۽ بدارالدين شيخ (جيڪو منهنجو پڦاٽ به ٿيندو هو) ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. مون اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن کي چئي ٻنهي خلاف رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن موڪلي، جنهن تي ٻنهي کي سسپينڊ ڪيو ويو، جو ٻنهي جو قصور ساڳيو ئي هو. ڪجهه وقت هو سسپينڊ رهيا، جنهن کان پوءِ کين وري نوڪريءَ تي چاڙهيو ويو.
محمد لطف الله صاحب جن کي پوءِ بدلي ڪري نارو وال (پنجاب صوبي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪري رکيو ويو. سندس جاءِ تي مسٽر جمال الدين جماڻي صاحب کي قمبر سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيو ويو. هو ان کان اڳ لاڙڪاڻي سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو. محمد لطف الله صاحب جن کي مان ۽ گل حسن پٽيوالو روهڙي اسٽيشن تي ڇڏڻ وياسين. مان ته اتان موٽي آيس. باقي گل حسن پٽيوالو صاحب جو سامان کڻائي ساڻس گڏيو ويو.
منهنجو ڪنهن چڱي پوسٽ تي هئڻ، منهنجي ئي گريڊ وارن هيڊ منشين کان برداشت نه ٿيندو هو ۽ پيا منهنجي خلاف کڏون کوٽيندا هئا ته جيئن مون کي نقصان پهچائن. انهيءَ نيت سان منهنجي خلاف درخواست ڪرائي وئي ته تپيدارن کان بدلين تي پئسا ٿو وٺان. اها درخواست برڪت علي شيخ دفتردار صاحب جن کي انڪوائري ڪرڻ لاءِ موڪلي وئي. ان وقت محمد خان وڌو، جيڪو منهنجو دوست هو ۽ دفتردار صاحب (A.D.M) صاحب جو سرشتيدار هو، ان کي مون قمبر سب ڊويزن جي چئني تعلقن مان هر هڪ تعلقي مان چئن چئن تپيدارن جا نالا ڏنا ته انڪوائريءَ لاءِ انهن سورنهن تپيدارن کي گهرائي. مون کيس ايئن به ٻڌايو ته فلاڻن اٺن تپيدارن کان مون بدليءَ تي ڏوڪڙ برابر ورتا آهن ۽ باقي اٺن تپيدارن کان مون ڪوبه پئسو ڏوڪڙ ڪونهي ورتو. جنهن تي هن چيو ته جن تپيدارن کان پئسا ورتا اٿئي، انهن کي هروڀرو ڇو گهرايان. مون چيومانس ته مون هنن جو ڪم ڪيو آهي. هنن جا پئسا کائي ڪونه ويو آهيان، انهيءَ ڪري مون کي يقين آهي ته منهنجي خلاف بيان نه ڏيندا.
پوءِ انڪوائريءَ واري ڏينهن مان دفتردار مسٽر برڪت علي شيخ صاحب وٽ سندن آفيس ۾ ويس ته هن مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. مان اتي ويٺو ئي هوس ته غلام مصطفيٰ ڀُٽو نائب دفتردار ڪي ڪاغذ کڻي اچي بيٺي دفتردار صاحب کان صحيح ڪرائي واپس ويو ۽ مون پوءِ ٻڌو هو ته ورانڊي ۾ چوندو پئي ويو ته جنهن جي خلاف انڪوائري ٿي هلي، اهو ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. هو ڪاغذ پٽ کڻي دفتردار صاحب ڏي وڃون ٿا ته بيٺا ٿا رهون. انهيءَ ڪري منهنجو گمان آهي ته منهنجي خلاف درخواست هن ئي ڪرائي هوندي. بهرحال سورنهن ئي تپيدارن مان ڪنهن هڪ به تپيدار منهنجي خلاف بيان ڪونه ڏنو. ڪاغذ فائيل ڪيا ويا. ايئن منهنجن مخالفن جي مون کي نقصان پهچائڻ خاطر بدنيتيءَ تي ٻڌل سازش ڪامياب نه ٿي سگهي.
مان قمبر سب ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب وٽ هيڊ منشي ئي هوس، جو محمد عثمان ميمڻ (جنهن جي رتيديري ۾ مختيارڪار هئڻ وقت، سٺي رويي نه هجڻ ڪري، مان بدلي ڪرائي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ هيڊ منشي ٿيو هئس) وارهه تعلقي جو مختيارڪار ٿي آيو هو. هن جي جيپ سان ائڪسيڊنٽ ٿي پيو هو، جنهن ۾ سندس پير ڪجهه ضربجي پيو هو. ڊپٽي ڪليڪٽر جماڻي صاحب وارهه گشت ۾ هليو ته مون کي چيائين ته مختيارڪار کي چوائي موڪليان ته هو (ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب) پڇڻ ايندو. پوءِ هو کانئس پڇڻ ويو، پر مان ڪونه ويومانس.
ٻئي ڏينهن تي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب تعلقه آفيس وزٽ ڪرڻ ۽ خزاني شماريءَ لاءِ آفيس ڏي هليو ته مان به ساڻس گڏ هوس. ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب مختيارڪار جي آفيس ۾ ويو ۽ مان ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺو هوس. ٿوري دير کان پوءِ ٻئي ٻاهر نڪتا، جو ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب خزاني شماريءَ لاءِ پيو هلي، مختيارڪار محمد عثمان ميمڻ مون کي ڏسي کڻي ڀاڪر وڌو ۽ چيائين ته محمد علي اڃا ڪاوڙ آهي ڇا! جنهن تي مان چيومانس ته نه سائين اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي. صاحب پوءِ تعلقي آفيس وزٽ ڪري ۽ خزاني شماري ڪري بنگلي تي واپس هليو ۽ گشت پورو ڪري شام جو لاڙڪاڻي واپس آياسين.
ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب جڏهن قمبر سب ڊويزن جي چارج ورتي هئي ته پهريائين اڪيلو رهندو هو. سندن ٻار حيدرآباد ۾ رهندا هئا. پوءِ جنهن رات هُو حيدرآباد مان ٽرين رستي پنهنجا ٻار لاڙڪاڻي وٺي آيو ته ان رات تي اٽڪل 75000 رپين (مني لک رپين) جي چوري ٿي وئي، جنهن ۾ روڪ رقم ۽ ڪجهه سونا زيور شامل هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هو رات جو گهر دير سان موٽيو هو. سندس ننڍڙي ڪڪيءَ جي طبيعت ڪنهن قدر ٺيڪ نه هئي ته رات جو 3 وڳي ڌاري سندس گهرواريءَ اٿاريو. ڪڪڙيءَ واري کٽ ايوان مان کڻي ورانڊي ۾ ڪئي سين جو سيئاندو پئي پيو. 3 ۽ 4 وڳي وچ ۾ سندس چوري ٿي، جا آخر تائين ڪانه لڌي. جماڻي صاحب نوڪريءَ دوران ئي ننڍي عمر ۾ حيدرآباد ۾ هڪ ائڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو.
سال 1963ع ۾ مون، سپروائيزنگ تپيدار شهاب الدين شيخ، تپيدار غلام رسول شيخ ۽ ڪو چوٿون ڄڻو به هو، پر ان جو نالو ذهن تي نٿو اچي، لاهور وغيره گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. مون اڃا ٽرين تي وڃڻ جي تياري پئي ڪئي ته حاجي گل محمد شيخ منهنجي ڀيڻيوئي چيو ته ڪٽپر صاحب وڪيل (عبدالوحيد ڪٽپر) کي چئو ته باقراڻي روڊ تي جيڪي سندس پلاٽ پيا آهن، انهن مان ٻه پلاٽ ڏئي جن مان هڪ کيس کپي ۽ ٻيو سندس ڀاءُ حاجي محمد مبارڪ شيخ (منهنجي سهري) کي کپي. مون چيومانس ته مان ته هاڻي تيار بيٺو آهيان ۽ لاهور ٿو وڃان. اتان موٽي اچي ساڻس ملندس. بهرحال مون هن کان اهو پڇي ڇڏيو ته ڪيتري تائين اگهه ڳالهايانس. هن پنج رپيا چورس فُٽ حساب سان اگهه ٻڌايو. مان پوءِ ٽانگي تي ويس پئي ته خانبهادر يار محمد خان جوڻيجي جي بنگلي وٽ ڪٽپر صاحب سامهون پيادل ايندي ملي ويو. مان ٽانگو روڪي لٿس ۽ ساڻس پلاٽن بابت ڳالهايم. هن پٽ تي ويهي ليڪا ڪڍي ڏسيو ته هي ٽي پلاٽ آهن، جيڪي ڏکڻ منهن هئا، انهن جي سامهون هي ٻه پلاٽ آهن. مان پوءِ کيس ٻه پلاٽ جيڪي ڏکڻ منهن هئا، انهن لاءِ چيو ته اهي ڏي. کانئس اگهه پڇيم ته 6 رپيا في چورس فُٽ چيائين. مان کيس رعايت ڪرڻ لاءِ چيو ته آخري 5 رپيا في چورس فُٽ چيائين.
لاهور پهچي وڃي هوٽل ۾ رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي لاهور ۾ تاريخي جايون، شاهي مسجد شاليمار باغ، شاهي قلعو، شيش محل، موتي مسجد، علامه اقبال جي مزار، ميوزم، جهانگير ۽ نورجهان جا مقبرا گهمي ڏٺاسين. شيش محل ۾ شيشي جو تمام گهڻو ڪم ٿيل هو. موتي مسجد البت ننڍي هئي، پر سڄي اڇي سنگ مرمر جي ٺهيل هئي ۽ ڏاڍي خوبصورت پئي لڳي. شاهي مسجد جو صحن به تمام وڏو هو. جهانگير ۽ نورجهان جي مقبرن ۽ خاص طرح نورجهان جي مقبري جي حالت خراب هئي ۽ فوري توجهه طلب هئي.
لاهور شهر گهمندي هيرا منڊيءَ وٽان گذر ٿيو ته هڪ هنڌ ڇيرين جي ڇمڪار جي آواز ٻڌڻ تي اسان به اندر لنگهي وياسين ۽ ڏٺوسين ته هڪ نوجوان حسين رقاصه رقص ڪري رهي هئي. ڪجهه تماشبين اڳ ئي اتي بيٺل هئا، جن رقاصه آڏو نوٽ پئي اڇلايا. اسان به ٻين وانگر ڪجهه ساڳيءَ ريت ڪيو، پر اتي گهڻو ڪونه ترسياسين، جو اسان جهڙن جوکن ۽ ننڍن ملازمن لاءِ اهي عياشيون ناهن هونديون. اهي وڏن زميندارن، صنعتڪارن ۽ آفيسرن لاءِ ئي ٿي سگهن ٿيون.
اهو ون يونٽ وارو دور هو. اسيمبليءَ جو اجلاس لاهور ۾ ٿيندو هو. سنڌ صوبي مان ان اسيمبليءَ ۾ ميمبرن ۽ وڏيرن جي گهڻائي هئي، جيڪي اجلاس واري عرصي ۾ عياشيءَ ۾ ڏاڍو خرچ ڪري موٽندا هئا. لاهور مان پوءِ اسان هڪڙي ٽئڪسي روز جي حساب سان ڪئي، جا پيٽرول ۽ 150 رپيا روز وٺندي هئي. لاهور کان پوءِ اسان ٻيا شهر سعدو شريف (سوات) هريپور، مالاڪنڊ پاور هائوس (جيڪو سوات نهر جي آبشار تي هو)، راولپنڊي، مري، ائبٽ آباد، حسن ابدال، پشاور، لنڊي ڪوتل، تورخم بارڊر ۽ سيالڪوٽ گهمي ڏٺا. اسلام آباد جو ڪم اڃا شروعاتي مرحلي ۾هو، پر اتي اسان هڪ ريسٽورينٽ ۾ ويهي چانهه پيتي. ايوبيا جو ڪم به شروعاتي مرحلن ۾ هو. ائبٽ آباد ۽ ڪاڪل جي وچ تي الياسي مسجد به ڏٺي سين، جتي هر وقت جبلن مان پاڻي ايندو رهندو هو. پاڻيءَ سان گڏ ننڍيون مڇيون به پئي آيون. لنڊي ڪوتل جي بازار ۾ ڪافي دڪان هئا، جيڪي هر قسم جي شين سان سٿيا پيا هئا. لنڊي ڪوتل بازار ۾ فرانس جو بخمل 10 رپيا في وال جي حساب سان مليو، پر صرف ٻن پهرائڻ جو مليو، جو مون خريد ڪيو.
سيالڪوٽ شهر گهمندي هڪ هنڌان گذر ٿيو ته ڏٺوسين ته مٿان ڏاڪڻ تان نهايت حسين عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون هيٺ لهي رهيون هيون، جيڪي هڪٻئي کان وڌيڪ سهڻيون ۽ رطوبت واريون هيون .اهي شايد مٿي ڪنهن پير جي مزار تي سکا ڏيڻ لاءِ ويل پئي ڏٺيون. ايتري تعداد ۾ ڪٺيون حسين عورتون مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺيون هيون، هونءَ انفرادي طور نوڪريءَ دوران ڪافي ڏسي چڪو آهيان. هڪ هنڌ ته مون ائين به پڙهيو آهي ته علامه اقبال جيڪو خود سيالڪوٽ جو ويٺل هو، ان پنهنجي باري ۾ لکيو آهي ته چانديءَ جي بلورن سان کيڏيس ۽ پنهنجي عاقبت خراب ڪيم.
هڪ ٻه رات نوشهري (جتي آرمي جي ڇانوڻي آهي) هوٽل ۾ ترسياسين. ڪابل درياهه اتان ويجهو ئي هو. اٽڪ پل به ڏٺيسين. پل مٿان ٻه رستا هئا. هڪ ويهڪيولر ٽرئفڪ ۽ ان مٿان ٻيو ٽرين سروس لاءِ هو. اٽڪ پل وٽ جبلن جي وچ ۾ سنڌو درياهه به ايترو ويڪرو ڪونه هو، پر پل کان هيٺ پاڻي ڦهلجڻ کان پوءِ درياهه ويڪرو ٿو ٿئي. ائين اٽڪل چوڏنهن پندرنهن ڏينهن ٻاهر گهمي ڦري واپس آياسين.
وري سال 1964ع ۾ مون، محمد خميسي سومري تپيدار ۽ فضل محمد ڪانڌڙي ٻاهر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. محمد خميسي تپيدار جو ڀاءُ مسٽر علي خان سومرو منگلا ڊيم تي سول ورڪس جو انجنيئر هو. دينا اسٽيشن تي لهي اسان منگلا ڊيم، جيڪو جهلم درياهه تي پئي ٺهيو ۽ ان جو ڪم اڃا شروعاتي مرحلن ۾ هو، اوڏانهن وياسين. جهلم درياهه جي اورئين پاسي فارين ڪمپنين وارن جي ڪالوني هئي، جنهن کي برل ڪالوني پئي سڏيائون ۽ پرئين پاسي سوِلين جي ڪالوني هئي.
جيئن ته مسٽر علي خان سومرو ڪنسٽرڪشن جي ڪمن جو انچارج انجنيئر هو، انهيءَ ڪري هن جو اثر رسوخ ڏاڍو هو. هن اسان کي برل ڪالوني گهمڻ جي پاس وٺي ڏني هئي، جيڪا اسان چڱي طرح گهمي ڏٺي. ان ڪالونيءَ ۾ هر جڳهه جهڙوڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور، لانڊري، سئنيما هائوس، ڪئنٽين وغيره سڀ ايئرڪنڊيشنڊ هيون. عورتن جي ڊريس هتي اسڪرٽ ئي هئي، جيئن فارينرس جي هوندي آهي. اتي ان ڪالونيءَ لاءِ سئمنگ پول (وهنجڻ جو تلاءُ) به ٺهيل هو. اسان ان سئمنگ پول وٽ به بيٺا ئي هئاسين ته هڪڙي فارين جي قداور ڏاڍي سهڻي شڪل شباهت ۽ سٺي هڏ ڪاٺ واري نوجوان عورت ڪنهن قدر بت ۾ ڀريل Bathing costume (وهنجڻ جي پوشاڪ) سائي رنگ واري ڪڇي ۽ ڇاتيءَ ڍڪيل سان آئي ۽ وهنجڻ لڳي. ان وهنجڻ جي تلاءَ ۾ هڪ مرد اڳ وهنجي رهيو هو.
ڪئنٽين ۾ اسان وڃي ويٺاسين، جيڪا مٿي ٺهيل هئي ۽ هيٺ عورتن جي راند جو ميدان ٺهيل هو، جيڪي ٻئي جايون ايئرڪنڊيشنڊ هيون. راند وارو هال سڄو ڍڪيل هو. اسان ڪئنٽين ۾ ڪا فراءِ ٿيل شيءَ ته نه کاڌي، جو اهي برتڻ سوئر جي گوشت رڌڻ لاءِ به ڪم ايندا هوندا. باقي بسڪيٽ ۽ ڪولڊ ڊرنگ واپرايا سين.
ڊپارٽمينٽل اسٽور به ڪافي ايراضيءَ ۾ هو، جنهن ۾ سبزيءَ کان وٺي شراب تائين هر شيءِ موجود هئي. جنهن کي جيڪو سامان گهربل هوندو هو ته اهو پاڻ اسٽور جو چڪر هڻندي ٽراليءَ ۾ گهربل سامان وجهي اچي ڪائونٽر تي بيهي سامان ڏيکاري پئسا ڏيندو هو. اتي شيون ٽئڪس فري ملنديون هيون، انهيءَ ڪري ڪي قدر سستيون هونديون هيون. سولين ڪالونيءَ وارا آفيسر به گهڻو ڪري ان اسٽور تان اچي خريداري ڪندا هئا، هر هڪ گراهڪ جي رجسٽر ۾ داخلا به رکي ويندي هئي.
سئنيما هائوس به ايئرڪنڊيشنڊ هو. فلم هلندي به فارين جوڙا بوسي ڪناري پڻ ڪن پيا. صدر ايوب صاحب جو به مون هڪڙو بيان ڪنهن اخبار وغيره ۾ پڙهيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته جن ڪنهن کي فارين ملڪ گهمڻو هجي ته برل ڪالوني وڃي ڏسي. برل ڪالونيءَ جي رهواسين جي روزمره جي زندگي بيشڪ فارينرس جهڙي ئي هئي. منگلا ڊيم جو ڪم اڃا شروعاتي مرحلن ۾ هو ۽ جيڪي ان وقت ٽنبل ٺهيل هئا، تن مان ٽرڪون سامان آڻي رهيون هيون، اهي ان وقت ڏٺا هئاسين.
مسٽر علي خان پوءِ اسان کي پنهنجي گاڏي ڏني، جنهن ۾ اسان ايبٽ آباد ۽ مريءَ به وياسين. رستي ۾ جڏهن اسان نٿيا گليءَ وٽ پهتاسين ته ارادو ڪيوسين ته مٿي وڃي نٿيا گلي گهمي اچون، پر اتي شام جا پنج ٿي ويا. پوليس چونڪيءَ جي سپاهين چيو ته هينئر هتان پري (اڳتي) وڃڻ جو ٽائيم ختم ٿيڻ وارو آهي. پوءِ پرئين پاسي کان گاڏين جي اچڻ جو وقت ٿيندو، انهيءَ ڪري اسان مٿي نٿيا گليءَ وڃي نه سگهياسين. اسان پوءِ مري گهمي، راولپنڊيءَ مان ٿيندا پشاور وياسين. ان سفر ۾ مسٽر علي خان جو دوست عالم خان، جيڪو اوڀر پاڪستان جي گورنر اعظم خان جوڀاءُ هو، وارسڪ ڊيم تي سيڪيورٽي آفيسر هو، اهو به گڏ هو. پشاور کان ٿيندا پوءِ لنڊي ڪوتل وياسين ۽ اسان لنڊي ڪوتل بازار ۾ گهمڻ وياسين، جتي هر قسم جي شين جا دڪان ڇت تائين ڀريل هئا. عالم خان اسان سان گڏ بازار نه هليو، پر هو هڪ هوٽل ۾ ويهي ماني تيار ڪرائڻ لڳو. اسان سڄي بازار پوري گهمي ئي ڪانه، جو هن ماڻهو موڪليو ته ماني تيار آهي، اچي کائو، نه ته ٺري ويندي. مانيءَ ۾ هن روسٽ ۽ دنبي جي گوشت جي ڪڙهائي تيار ڪرائي هئي، جيڪا تئيءَ ۾ ئي پئي هئي ۽ ان مان سڀني کائڻ شروع ڪيو. مان البت گوشت ۾ هٿ گهڻو نه وڌو، جو مون کي ڳرو کاڌو تڪليف ڏيندو هو. بهرحال سڀئي ماني کائي، پوءِ تورخم بارڊر تي وياسين، جتي هونءَ ته اهو بارڊر پاڪستان ۽ افغانستان جي ملڻ واري هنڌ هو، اتي نه اورئين پاسي جو ماڻهو بارڊر ڪراس ڪري پرتي نه وڃي پئي سگهيو ۽ نه ئي پرئين پاسي جو ماڻهو اورتي اچي پئي سگهيو. البت قبائلي ماڻهو گڏهن تي ٻنهي پاسين آيا ويا پئي ۽ انهن تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي.
عالم خان اسان کي چيو ته لنڊي ڪوتل مان جيڪڏهن توهان کي ڪو سامان سڙو خريد ڪرڻو هجي ته ڀلي ڪيو. هو اسان کي پاڻ ئي پشاور پهچائي ڏيندو، پر اسان وٽ ايترو پئسو موجود نه هو ۽ نه ئي وري اسان ڪنهن خريداريءَ جي ارادي سان ويا هئاسين، انهيءَ ڪري اسان هن کي چيو ته اسان کي ڪا خريداري ناهي ڪرڻي. اسان ته صرف ملڪ گهمڻ جي ارادي سان آيا آهيون. هن اسان کي وارسڪ ڊيم به گهمايو. انهن ڏينهن ۾ ڪابل ۾ ساليانو جشن ملهائڻ جو موقعو هو. اسان اهو ڏسڻ پئي چاهيو، پر مسٽر علي خان صاحب چيو ته چترال وڃي گهمي اچو. انهيءَ ڪري اسان چترال اختيارين کي تار ڪئي ته چترال ريسٽ هائوس ۾ هڪ سوٽ بڪ ڪيو، پر هنن تار رستي جواب ڏياري موڪليو ته ريسٽ هائوس ۾ وزير صاحب لٿل آهي، انهيءَ ڪري سوٽ بڪ نه ٿي سگهندو.
تنهن هوندي به، اسان پشاور کان هوائي جهاز ۾ چترال وڃي لٿاسين. پشاور کان چترال تائين هوائي جهاز جو سفر 45 منٽن جو هو. هوائي سروس هفتي ۾ ٻه دفعا هوندي هئي. چترال پهچي اتي جي تحصيلدار سان ملياسين. کيس پنهنجي لاءِ ٻڌايو ته مان به سنڌ ۾ تحصيلدار آهيان. اسان کي چيائين ته مکيه سوٽ ۾ ته صبور خان مرڪزي وزير ترسيل آهي، باقي ان سان گڏ وارو سوٽ اوهان کي ڏئي سگهبو. اسان چيو ته اهو ئي ڏيو ۽ پوءِ ڪمرو وٺي اچي سامان ان ۾ رکيوسين. اهو سوٽ به ڪافي ڪشادو ۽ فرنش ٿيل هو. صبور خان وفاقي وزير، جيڪو اتي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هو، اهو بنگال جو هو، پر ان وقت گڏيل پاڪستان هو ۽ اوڀر پاڪستان اڃا الڳ ٿي بنگلاديش نالي ملڪ نه ٿيو هو. اسان چترال گهمي ڏٺو. اهو ڪو ان وقت ايڏو وڏو شهر ته نه هو ۽ نه ئي آبادي ڪا گهڻي هئي، پر تڏهن به ڪافي چڱو شهر پئي لڳو. آبهوا جي لحاظ کان ٿڌو هو.
ٻئي ڏينهن هڪ جيپ ڪرائي تي ڪري ڪافرستان گهمڻ وياسين. چترال کان ڪافرستان وارو رستو نهايت سوڙهو، دشوار ۽ خطرناڪ هو. رستي ۾ هڪ نئين به هئي. جيڪا ڪافي ويڪري هئي، پر ان وقت برسات نه هئڻ ڪري خشڪ هئي. اها نئين ڪراس ڪئي سين ته رستو ڏاڍو چاڙهيءَ وارو شروع ٿيو. ڪافرستان ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ آهن. اسان جنهن ڳوٺ ۾ وياسين، ان جو نالو برير هو. اتي هڪ ڊسپينسري هئي، اتي ويهي ماني پئي کاڌي سين ته اوچتو سخت بارش شروع ٿي وئي، جنهن روڊ جو ڪافي حصو پٽي لوڙهي ڇڏيو. نئين ٽپڻ کان پوءِ سڄي رستي سان ٻنهي طرفن کان اکروٽن جا وڻ ٻيلي وانگر بيٺل هئا، جن ۾ ان وقت ساوا اکروٽ به بيٺا هئا. پر مجال جو ڪو هڪڙو به اکروٽ پٽي، پر جيڪڏهن کڻي پٽيائين ته هڪدم چترالي ماڻهو کيس وڪوڙي ويندا ۽ کانئس چڱو ڀلو جرمانو وصول ڪري پوءِ ڇڏيندا. اتي اسان کي هڪڙو سونهون ملي ويو، جيڪو چترالي ٻوليءَ سان گڏ اردو ٻولي به چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ڳالهائي پئي سگهيو. انگور به اتي تمام جهجهي انداز ۾ موجود هئا. ان سونهين اسان کي اتي جون ڪي روايتون ٻڌايون. ڪافرستان جون عورتون خوبصورت ۽ سرخ رنگت واريون هيون، پر مرد مڙئي موچاري شڪل وارا هئا. عورتن کي ڊريس گهگهائي، ڪاري رنگ جا ڏاس جا ڊگها وار مٿي تي هئا، جن تي ڪوڏيون لڳل هيون ۽ مردن جي ڊريس سلوار قميص هئي.
سونهين ٻڌايو ته هتي جڏهن سياح ايندا آهن ته نوجوان ڇوڪريون گڏ ٿي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن جي آڌرڀاءَ لاءِ گيت ڳائينديون آهن. انهن جا مرد انهن جي وچ ۾ بيهي ڍولڪ وڄائيندا آهن. هڪ هڪ ڇوڪري انهيءَ وقت ۾ هڪ رپيو وٺندي هئي. ان رپئي جي لالچ تي ڪراڙيون عورتن به انهن نوجوان ڇوڪرين سان گڏ اچي بيهنديون آهن. وڌيڪ ٻڌايائين ته هتي جنهن عورت کي ماهواري ايندي آهي ته ان کي گهر مان ڪڍي هڪ جدا جهوپڙيءَ ۾ ڇڏي ايندا آهن، جيڪا اهڙين عورتن لاءِ مخصوص هوندي آهي. جڏهن عورت پاڪ صاف ٿيندي آهي ته پوءِ گهر هلي ايندي آهي. ماهواري عرصي ۾ هنن جي ماني سندن گهر جو ڪو ماڻهو ان مخصوص جهوپڙيءَ کان ٿورو پري رکي ويندو آهي ۽ هوءَ ماني کائي ٿانوَ وري ان جڳهه تي رکي ايندي آهي، جيڪي پوءِ سندس گهر جو ماڻهو کڻي ويندو آهي. فوتيءَ جي باري ۾ ٻڌايائين ته ان کي قبر کوٽي دفن نه ڪندا آهن، پر لاش کي هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ وجهي اها ....... قبرستان ۾ رکي ايندا آهن. بدڪاريءَ لاءِ به ٻڌايائين ته هتي عام ڪانه آهي. باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو واقعو ٿيندو آهي. جو ڪنهن مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويندو آهي.
ايترو به ٻڌايائين ته جڏهن انگورن جو ڦوهه موسم هوندي آهي ته اهي پٽي مٽن ۾ وڌا ويندا آهن. انهن مان شراب ٺهندو آهي. سال ۾ ٽي ڏينهن سڀ مرد ۽ عورتون گڏجي جشن ملهائيندا آهن، شراب پيئندا آهن ۽ خوب عياشي ڪندا آهن. پوءِ اسان کي هڪڙي وڏي ميدان تي وٺي هليو، جتي اسان کي ڏسي نوجوان ڇوڪريون اچي گڏ ٿيون ۽ گيت ڳائڻ لڳيون. ڪي پوڙهيون به اچي انهن سان شامل ٿيون ۽ مرد ميڙ جي وچ ۾ بيهي ڍولڪ وڄائڻ لڳا. هر هڪ نوجوان عورت خواهه پوڙهيءَ کي رپيو رپيو پئي ڏنوسين. هڪ عورت رپيا وٺي پنهنجي مڙس کي ڏنو، پر هن وٺي پوءِ جهٽ ڦٽو ڪيو. اسان سونهين کان پڇيو ته ڇو ڦٽي ڪيو اٿائين، جنهن تي هن ٻڌايو ته سندس گهرواريءَ کي ماهواري آيل آهي، انهيءَ ڪري هن نوٽ ڦٽي ڪيو آهي. ان مرد کي پوءِ وري اسان ٻيو رپئي جو نوٽ ڏنو، جو هن ورتو. اسان اتي انهن ڇوڪرين جا فوٽو به ڪڍيا، جنهن تي هنن ڪوبه اعتراض ڪونه ڪيو، اهي فوٽو هينئر گم ٿي ويا آهن.
واپسيءَ وقت اسان سونهين کي چيو ته اسان کي ڪو گهر به گهماءِ. اسان کي پوءِ هڪ گهر ۾ وٺي ويو جو صاف سٿرو هو. پٽ تي مٽيءَ جو ليپو ڏنل هو. گهر ۾ هڪ عورت به ويٺي هئي. اسان گهر کان ٻاهر نڪتاسين ته گهر جو مالڪ ٻڪرين لاءِ ٽارين جي ڀري مٿي تي کنيو پئي آيو. کيس ڪهاڙي به هٿ ۾ هئي. اسان کي پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪرندي ڏسي هو غصي ۾ اچي ويو. سونهين سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه ڳالهايو، جنهن تي هن ٻڌايس ته هي ٻاهران آيل آهن ۽ هنن گهر جو نمونو ڏسڻ پئي گهريو. جنهن کان پوءِ هو چپ ٿي ويو.
مون مٿي پئي ٻڌايو ته اسان ڊسپينسريءَ ۾ ماني ويٺي کاڌي ته سخت بارش شروع ٿي، جنهن رستي جو ڪجهه حصو به پٽي لوڙهي ڇڏيو. پوءِ جيئن تيئن ڪري جيپ اتان ٽپائي واپس پئي آيا سين ته رستي ۾ هڪ وڏي نئن هئي، جنهن ۾ برسات جو پاڻي تيز وهڪري جي صورت ۾ پئي وهيو. پوءِ اسان اتي ڪجهه وقت ترسياسين. جڏهن پاڻي جهڪو ٿيو ۽ وهڪرو به گهٽ ٿيو ته پوءِ ٽئي هٿ هٿ ۾ ڏئي نئن مان ٽپي آياسين ۽ جيپ کي ڊرائيور وهندڙ پاڻيءَ مان ڪڍي آيو.
اهو جمعي جو ڏينهن هو. اسان کي ڇنڇر جي ڏينهن واري فلائيٽ ۾ صرف ٻه ٽڪيٽون مليون. جمعي نماز دروش ۾ پڙهي فضل محمد کي روڊ رستي اتان روانو ڪيوسين. مان ۽ محمد خميسو موٽي چترال آياسين.
سونهين اهو به ٻڌايو ته ڪنهن وقت هتي هڪڙو انگريز آيو هو، جو هتي ڇهه مهينا ترسيو پيو هو. پوءِ واپس هليو ويو. رات جو مان ۽ محمد خميسو ڪمري ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ قداور سهڻي شڪل شباهت وارو ماڻهو، جنهن کي سلوار قميص پهريل هئي ۽ مٿي تي چترالي ٽوپي ۽ پيرن ۾ سئنڊل پاتل هوس، اسان جي ڪمري ۾ آيو. چيائين ته مان پيٽرومئڪس (گولو) ٻرندو ڏسي سمجهيو ته اوهان ٻاهر کان آيل آهيو، انهيءَ ڪري مان اوهان کي دعوت ڏيڻ آيو آهيان ته هن ريسٽ هائوس جي لان تي ئي هڪ فنڪشن رکيل آهي، انهيءَ ۾ اچي شريڪ ٿيو. هن اسان کي پنهنجو تعارف نه ڪرايو ته هو ڪير هو.
مان ۽ محمد خميسو پوءِ اٿي لان تي وياسين. مان هن جي صوفي تي وڃي ساڻس گڏ ويٺس ۽ سندس ٻئي پاسي کان ڪو آفيسر ويٺل هو. فنڪشن هلندي هن ڪڏهن ڪڏهن پاڻ اٿي فوٽو پئي ڪڍيو ته سڀئي اٿي پي بيٺا، انهيءَ ڪري اسان ٻئي به اٿي پئي بيٺاسين. پوءِ ڪنهن کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته جيڪو اسان کي دعوت ڏيڻ آيو هو، اهو چترالي اسٽيٽ جو پرائيم منسٽر هو . سندس پاسي ۾ جيڪو آفيسر ويٺل هو اهو اتان جو ايس پي هو. آخر ۾ پرائيم منسٽر صاحب دلاور خان پوليس انسپيڪٽر کي چيو ته کٽڪ ڊانس ڪري ڏيکاري ۽ هن به ڏاڍو سٺو ڊانس ڪيو. پوءِ سڀ اٿي روانا ٿي ويا. مان ۽ محمد خميسو موٽي ڪمري ۾ آياسين. فضل محمد کي وڃڻ وقت چيو هوسين ته سڀاڻي شام جو پشاور ايئرپورٽ تي اچي ملجانءِ.
ٻئي ڏهاڙي (ڇنڇر) ڏينهن واپسيءَ لاءِ اسان جڏهن چترال ايئرپورٽ تي پهتاسين ته پرائيم منسٽر صاحب به اتي ڪن پنهنجن مهمانن کي ڇڏڻ آيو هو. مون کي چيائين ته هيءُ ملڪ وڻيوَ ۽ وري اچڻ جو ارادو آهي. مون چيومانس ته ملڪ ته سٺو آهي پر سنڌ کان هتي اچڻ جو سفر ڏاڍو ڏکيو آهي. انهيءَ ڪري وري اچڻ مشڪل آهي. هن ٻڌايو ته روڊ برفباريءَ ڪري 6 مهينا بند هوندو آهي. اسان پوءِ جهاز ۾ چڙهي سج لٿي ڌاري پشاور ايئرپورٽ تي پهتاسين. فضل محمد ڪانڌڙو به ڏيڍ ڏينهن روڊ رستي سفر ڪري انهيءَ مهل مس ايئرپورٽ تي پهتو. فضل محمد ٻڌايو ته روڊ ڏاڍو سوڙهو ۽ اڻانگو هو، هڪ پاسي جبل هو ته ٻئي پاسي هيٺ درياهه پئي وهيو. جيڪڏهن جيپ ٻه انچ ئي روڊ کان هيٺ لهي وڃي ها ته وڃي درياهه ۾ ڪري ها. اها حالت ڏسي هن ته پنهنجي مٿان چادر وجهي منهن ڍڪي ڇڏيو. جنهن تي گاڏي ۾ سوار پٺاڻ مٿس کليا هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گاڏي جڏهن رستي ۾ دير رياست (State) مان گذري رهي هئي، ته چڙهائي وڌندي پئي وئي ۽ ٿڌ به زور وٺندي پئي وئي. جڏهن چوٽيءَ تي اپرٽوپا (Upper Topa) وٽ پهتاسين ته اتي ڊرائيور گاڏي روڪي. اتي چيل جي ڪاٺين جو وڏو مچ پئي ٻريو، جتي مسافر باهه جو تئو وٺي رهيا هئا. اسان کي به ڊرائيور چيو ته اوهان به باهه تي ويهي بت ڪجهه گرم ڪيو. پوءِ اسان به چڱي جهٽ باهه جي چوڌاري ويٺاسين ۽ اتي چانهه پي پوءِ وري اتان جيپ ۾ چڙهي هلياسين. هو سج لٿي پشاور ايئرپورت تي پهتو هو. اسان پوءِ ائين سفر پورو ڪري پشاور کان لاڙڪاڻي واپس پهتاسين.
چترال جي سرڪٽ هائوس ۾ جيڪو بورچي هو، اهو ماني ڪرڻ جو ڏاڍو قابل هو، خاص ڪري مرغي ته ڏاڍي سٺي تيار ڪندو هو. مون کيس چيو ته سنڌ ڏي هلين ته اتي سٺي پگهار وٺي ڏيندوسانءِ، جو جمال الدين جماڻي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب سٺي کاڌي کائڻ جو شوقين هوندو هو ۽ ڪنهن سٺي بورچيءَ جو ملڻ چاهيندو هو، پر هن چيو ته سندس پيءُ ماءُ پشاور ۾ رهندا آهن، انهن کي ڪيئن ڇڏي هلندو.
انهيءَ سفر دوران اسان جو لاهور به وڃڻ ٿيو هو. اتي ڪوٽڙيءَ جو ويٺل اداڪار ساقي فلم لائين ۾ ڪم ڪندو هو. اسان اسٽوڊيو گهمڻ وڃي رهيا هئاسين ته ساقي اوچتو ملي ويو، جيڪو اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي پئي هليو ته اسٽوڊيو مان هڪ نهايت ٺاهوڪي ۽ وڻندڙ جوڙي (مرد ۽ عورت) سامهون ايندي ڏٺي سين، جيڪي اسان جي پاسي کان لنگهي هليا ويا. ان جوڙي لاءِ ساقيءَ ٻڌايو ته اهو جوڙو زال مڙس نير سلطانه ۽ درپن هئا ۽ فلم ۾ اداڪار هئا. ساقي هاڻي وفات ڪري ويو آهي.
مان لاڙڪاڻي پهتس ته حاجي گل محمد ٻڌايو ته اسان جي پٺين گهٽيءَ ۾ رهندڙ سوٽاڻي سوٽ غلام سرور ۽ سندس ڀائرن مان ٻه ڪٽپر صاحب وٽ ويا هئا. مان ٻن پلاٽن جو سودو 5 رپيا في چرس فُٽ طئي ڪري ويو هوس. اهي کين 8 رپيا في چورس فُٽ جي اگهه تي ڏيڻ کان به انڪار ڪيائين. وڌيڪ چيائين ته 10 رپيا جي اگهه سان به نه ڏيندس، جو منهنجو واعدو ٿيل آهي ۽ سودو طئي ٿيل آهي.
حاجي گل محمد پوءِ مون کي 15000 رپيا ڏنا ته بياني طور ڪٽپر صاحب ڏي موڪلي ڏيان، پر هن اهي وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته هن جيڪو مون سان وعدو ڪيو هو، ان تي قائم آهي. ٻنهي پلاٽن جا سمورا پئسا مون کي گڏي موڪلي پلاٽ لکائي وٺجو. اتي حاجي گل محمد جي ڀاءُ حاجي محمد مبارڪ پلاٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ اهو پلاٽ مون کي زوريءَ وٺرايائين. حاجي گل محمد پنهنجي ڀاءُ سان پلاٽ وٺڻ جي باري ۾ اڳ ڪوبه ذڪر ڪونه ڪڍيو هو.
بس اسان جا پلاٽ وٺڻ ڇا هو، پر وڏي دشمني پرائڻي هئي، جنهن ۾ گهڻو ڪردار منهنجي پيءُ جي سوٽ چاچي عزيز الله خان جو هو. هنن ئي پنهنجن پٽن کي اسان خلاف ڀڙڪايو هو. حاجي گل محمد جي پلاٽ جي ايراضي 3200 چورس فُٽ هئي. منهنجي پلاٽ جي ايراضي 3081 چورس فُٽ هئي. منهنجي پلاٽ لڳ چاچي عزيزالله خان جو پلاٽ هو. مون کيس چيو ته منهنجو پلاٽ ڀلي اوهان وٺو ته مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر هن جو چوڻ هو ته سندن پلاٽ سان لڳ پنهنجي پلاٽ مان 1000 چورس فُٽ ڏيان، جو مون نه قبوليو، ڇاڪاڻ جو باقي بچيل ايراضي 2081 چورس فُٽ هڪ ڊگهي پٽي پي رهي ۽ اهو منهنجي ڪم جو نه رهي ها.
حاجي گل محمد تڪڙ ڪري ميونسپالٽيءَ مان نقشي بحال ڪرائڻ کان سواءِ جڳهه جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ڇت تائين ڪم پهتو ته اسان جي مخالف سوٽن ڊپٽي ڪمشنر مئني صاحب جن کان نوٽيس ڪڍرايو ته جڳهه ڊهرائي وڃي. مون اها ڳالهه جماڻي صاحب سان ڪئي ۽ کيس مدد ڪرڻ لاءِ چيم ته مون کي چيائين ته احمد الله فاروقي، جيڪو ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر انڊر ٽريننگ هو، ان کي سندس نالي وڃي چوان ته ائڊمنسٽريٽر (چيئرمين) ظهير الدين بابر کي چئي جڳهه جو نقشو بحال ڪرائي ڏي، جو ٻئي پاڻ ۾ دوست هئا. مان پوءِ احمد الله فاروقي صاحب کي وڃي جماڻي صاحب نالي چيو ته هن، هيءُ ڪم ڪري ڏيڻ لاءِ مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هوڏاانهن مان ايس ڊي او غلام حيدر لاهوريءَ کي راضي ڪري کانئس حاجي گل محمد جي جڳهه جو نقشو تيار ڪرائي، ميونسپل آفيس کڻي ويس. اتي محمد خان شيخ چاچي عزيز الله جو پٽ به اچي نڪتو. مون کي نقشو هٿ ۾ ڏسي چيائين ته اهو بحال ڪرائڻ آيو آهين ڇا؟ جنهن تي مون کيس هائو ڪئي. ان تي چيائين ته اوهان سندس پيءُ ڏي هلو ۽ کيس چئو ته چاچا مڙئي خير آهي ۽ پلاٽ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، پر مون کيس ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مون پوءِ اهو نقشو ميونسپالٽيءَ مان منظور ڪرائي اچي حاجي گل محمد کي ڏنو، جنهن پوءِ جاءِ جو ڪم وري شروع ڪرائي جڳهه تيار ڪرائي. ان کان پوءِ به اسان جي سوٽن جي اسان سان دشمني هلندي پئي آئي ۽ هڪ نه ٻئي بهاني سان حاجي گل محمد جي در تي پوليس موڪلي کيس تنگ ڪندا رهندا هئا.
مان جن ڏينهن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ هيڊ منشي هوس ته غلام سرور سومرو مون وٽ ڪلارڪ هو. اهو به ڪپڙي پائڻ جو شوقين هو. انهن ڏينهن ۾ هڪ ڪوٽ جو سٺو ڪپڙو نڪتو هو، جنهن مان روينيو کاتي مان رڳو ٽن ڄڻن ڪوٽ ٺهرايا هئا، 1. ڊپٽي ڪمشنر عبدالمجيد افغان صاحب 2. مان ۽ 3. غلام سرور سومرو. مان ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ هيڊ منشي ئي هوس، جو مون کي پروموشن ڏئي هيڊ آفيس ۾ هيڊ ورنيڪيولر ڪلارڪ ڪري رکيو ويو. جتي مون 19.12.64 تي وڃي چارج ورتي، جتي مان 16.03.1967 تائين رهيس. انهيءَ عرصي ۾ مون ڪجهه عرصو 24.09.66 کان 03.12.66 تائين موڪل به ورتي هئي.
ايڇ وي سي يعني هيڊ ورنيڪيولر ڪلارڪ دوران منهنجو واسطو اپيلن سان هوندو هو ۽ سڌو ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن وٽ اپيلن ٻڌڻ لاءِ پيش ڪندو هوس. دفتردار صاحب جو ان ڪم ۾ ڪوبه عمل دخل ڪونه هوندو هو. انهيءَ عرصي ۾ ڊپٽي ڪمشنر عبدالسميع قريشي صاحب ۽ محمد رفيق صاحب (ٻئي سي ايس پي آفيسر هئا) سان واسطو رهيو. اهي ٻئي تمام ايماندار آفيسر هئا. انهيءَ ڪري اپيلن ۾ مون کي ٻه ڏوڪڙ عزت سان ملي ويندا هئا. هڪڙي دفعي ته ائين به ٿيو، جو شمن چولياڻي وارهه تعلقه جي کاتيدار تي سرڪاري زمين بنا اجازت آباد ڪرڻ ڪري 13000 رپيا ريموڪل فائين پيو هو، جو هو ڏئي نه پيو سگهي. اپيل کڻي آيو ته ڪجهه عرصي لاءِ مهلت (Stay order) وٺرائي ڏيو، جو مون کيس ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کان وٺرائي ڏنو، جنهن جا مون کي هو 1500 رپيا ڏئي ويو. وري مهلت جي ٿوري وڌائي ڏيڻ تي 300 رپيا ڏئي ويو. انهيءَ وچ ۾ هن پئسن جو بندوبست ڪري مٿس پيل ڏنڊ جي رقم ڀري ڏني پوءِ سندس اپيل رد ٿي.
مون کي نائب دفترداريءَ واري وقت کان وٺي هيڊ ورنيڪيولر ڪلارڪ تائين عرصي دوران عزت ڀريا ٻه چڱا ڏوڪڙ ملي ويندا هئا، جنهن مان گذر سفر به سٺو ٿيندو هو ۽ ڪجهه پاڇي به رهندا هئا. انهيءَ دوران مون ڪٽپر صاحب کان باقراڻي روڊ تي پلاٽ به خريد ڪيو، جنهن تي سال 1964ع ۾ مون نئين جاءِ ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو. انهيءَ دور ۾ مزدوري به سستي هوندي هئي. ڪاريگر (رازو) ڏهاڙي 7 رپيا ۽ مزدور ڏهاڙي 2 رپيا وٺندو هو. اهي ڪم به ايمانداريءَ سان ڪندا هئا. جاءِ ۾ گهربل مٽيريل به سستو هوندي هو، پوءِ پنهنجن پئسن مان ۽ ڪجهه چاچي غلام محمد خان جي ڏنل مالي مدد سان، ڇاڪاڻ ته اسان جي گڏيل فئملي هئي، جڳهه ٺهرائي تيار ڪرائي ۽ سيپٽمبر 1965ع واري لڙائيءَ ۾ جنهن رات کان بلئڪ آئوٽ شروع ٿي هئي، ان رات نئين جڳهه ۾ اچي ويٺس.