آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاءِ داخلا

مان ڇهه درجا سنڌي ڳوٺ ۾ پڙهي انگريزي تعليم لاءِ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس. اسان جي ڳوٺ جي ٻين هيٺين شاگردن به ميهڙ هاءِ اسڪول مان ئي مئٽرڪ پاس ڪئي. 1. عبدالله خان مرحوم 2. حاجي غلام حيدر شيخ مرحوم (عبدالله خان شيخ مرحوم جو ننڍو ڀاءُ) 3. ادا غلام نبي شيخ مرحوم 4. واحد بخش شيخ مرحوم 5. شاهنواز شيخ مرحوم 6. شمس الدين شيخ مرحوم ۽ سندس ٻه ننڍا ڀائر 7. نظام الدين شيخ مرحوم 8. ظفر الدين شيخ مرحوم 9. محمد صالح ٻٽ مرحوم 10. محمد خان ٻٽ مرحوم 11. محمد عثمان ٻٽ مرحوم.
باقي تاج محمد شيخ ۽ عبدالستار شيخ لاءِ ياد نه ٿو اچي ته انهن ميهڙ هاءِ اسڪول يا لاڙڪاڻه مدرسه مان مئٽرڪ ڪئي. ساڳيءَ طرح عبدالعزيز شيخ مرحوم لاءِ به نٿو چئي سگهان ته هن مئٽرڪ ميهڙ مان ڪئي يا هالا مان. مون جڏهن هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته مون کي پنجئين درجي تائين سائين محمد ابراهيم خان مرحوم، جيڪو هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هو، اهو گهر ۾ ماني کارائيندو هو، پر پوءِ جڏهن هو وفات ڪري ويو ته سائين محمد عارب خان جن جي مهربانيءَ سان مون کي مئٽرڪ تائين فري بورڊ شپ ملي. سائين محمد ابراهيم خان جن جي فرزند حمزي خان سان اڄ تائين اچ وڃ جو رستو آهي.
اسان سڀ شيخ شاگرد بورڊنگ هائوس ۾ ئي رهندا هئاسين، سواءِ ادا غلام نبي مرحوم جي، جيڪو شهر ۾ پنهنجي والد صاحب بابي الله ڏني خان وٽ رهندو هو. اسان ڇنڇر تي شام جو ڳوٺ ايندا هئاسين ۽ سومر ڏينهن صبوح جو ميهڙ ويندا هئاسين، جيڪو اسان جي ڳوٺ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي آهي.
محمد عمر بورڊنگ هائوس جو بورچي هوندو هو. ميهڙ هاءِ اسڪول تعليم جي لحاظ کان به ڏاڍو مشهور هو، جنهن ڪري، نه رڳو، ميهڙ شهر جا، پر پوري دادو ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻه ضلعي جا شاگرد جهڙوڪ احمد نواز اعواڻ، عبدالوحيد ڪٽپر ۽ رسول بخش عباسي (ٻئي ويٺل ڏوڪري) مريم بخش شيخ (ويٺل نصيرآباد) عبدالمجيد شيخ (ويٺل جاني بند) حاجي ڪريم بخش شيخ (ويٺل پٺاڻ) ۽ صدر الدين شيخ به ميهڙ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي.
جيڪب آباد ضلعي جي هڪڙي شاگرد علي بخش ٻرڙي به ميهڙ مان ئي مئٽرڪ ڪئي. ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ گهڻائي هندو شاگردن جي هوندي هئي، پر مسلمان شاگرد به چڱي انداز ۾ هوندا هئا.
هندو شاگردن مان هاڻي رڳو هڪڙو هولارام اڄ تائين به لاڙڪڻي ۾ رهندو آهي ۽ پاڪستان ڇڏي ڪونه ويو. کيس شروع ۾ گُتي جو دڪان هوندو، پر هاڻي شايد پاڻ ڪجهه ڪونه ڪندو آهي. باقي ممڪن آهي ته سندس پٽ ڪنهن نوڪريءَ يا ڌنڌي ڌاڙيءَ سان هجن. هاڻي به وقتي وقتي ساڻس لاڙڪاڻي شهر ۾ رستي ويندي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي. هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه هندو شاگرد وري نظر ڪونه آيو آهي.
مسلمان شاگردن ۾ زمينداري ڪلاس وارا ٿورا هوندا هئا. باقي ٻيا مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ هئا.
اسڪول ۾ هيٺيان استاد صاحب هوندا هئا.
1. سائين تلوڪچند هيڊ ماستر صاحب 2. سکرامداس صاحب 3. سائين علي اصغر شاهه صاحب 4. سائين محمد ابراهيم صاحب 5. سائين محمد عارب خان صاحب 6. ديوان هاسانند صاحب 7. سائين مينگ راج صاحب 8. سائين لوڪومل صاحب ۽ 9 سائين چندناڻي صاحب (سائنس ٽيچر)
سڀ استاد صاحب پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ نهايت قابل هئڻ سان گڏوگڏ تمام محنتي ۽ هندو توڙي مسلمان شاگردن کي ڪنهن به فرق کان سواءِ هڪ ڪري ڏسندا هئا ۽ سندن تعليم توڙي اخلاق ڏانهن پورو پورو توجهه ڏيندا هئا ته جيئن سندن شاگرد هوشيار ۽ بااخلاق بڻجي اسڪول مان تعليم پرائي نڪرن جنهن ۾ سندن به عزت ٿيندي ۽ ان کان علاوه شاگرد به کين دعائون ڪندا.
ان دور ۾ اڄ وانگر ٽيوشن وٺڻ جو ته تصور هو ئي ڪونه. اسڪول ۾ پڙهائي ڪري واپس اچي وري شاگرد بورڊنگ هائوس پنهنجي گهر ۾ محنت ڪري پڙهندا هئا. هندو استاد صاحبن مان ٻيا ته پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ لڏي هندستان هليا ويا. باقي ٻه استاد صاحب سکرامداس صاحب ۽ مينگهراج صاحب آخر تائين هتي رهيا ۽ هتي ئي ديهانت ڪري ويا. اڳتي هلي سائين علي اصغر شاهه صاحب هيڊ ماستر صاحب ٿيو هو.
سائين علي اصغر شاهه صاحب جن جي هڪ فرزند انور علي شاهه کي عبدالوحيد ڪٽپر، جو سندن شاگرد ٿي رهيو هو، پنهنجي وزارت واري وقت ۾ سڌو اسسٽنٽ ڪمشنر ڪري کڻايو هو، جو هاڻي رٽائر ڪري چڪو آهي.
مان جڏهن 1983ع ۾ دادوءَ ۾ A.D.M هوس ته سائين سکرامداس، جيڪو منهنجو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي جو ڪلاس ٽيچر ٿي رهيو هو، اهومنهنجي آفيس ۾ آيو ته مان اٿي بيهي ڏاڍي عزت سان ساڻس مليس ۽ کين ڪرسيءَ تي ويهاري کانئن تڪليف ڪري اچڻ جو پڇيم ته چيائين ته منهنجو ته ڪو ڪم ڪار ڪونهي پر مون کي راڌڻ واري سيٺ ڌرمداس اوهان لاءِ مالٽا ڏنا آهن، سي کڻي آيو آهيان، جي مون کانئس وٺي رکيا. باقي ٻين استاد صاحبن سان ميهڙ هاءِ اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ ڪڏهن به وري ملاقات ڪانه ٿي.
زمينداري ڪلاس جا هيٺيان شاگرد مئٽرڪ ڪري وڃي پنهنجي زمينداريءَ کي لڳا.

1. عبدالحميد خان جتوئي 2. الله ڏنو ٿيٻو (گهاڙي وارو) 3. غلام نبي مهيسر (ويٺل گاهي مهيسر) 4. مير محمد جانوري (ويٺل منگواڻي) اهي سڀ منهنجا هم ڪلاس هئا. 5. ولي محمد ناريجو (ويٺل ٿرڙي محبت) 6. غلام اڪبر لغاري (ويٺل ڳوٺ راوت لغاري تعلقو خيرپور ناٿن شاهه) 7. غلام قادر کوکر ۽ سندس ڀاءُ حسين علي کوکر (ويٺل سائينداد کوکر تعلقو وارهه) باقي ٻن ڄڻن هڪ محمد شفيع جوڻيجو ولد رئيس محمد وارث جوڻيجو (ويٺل ڳوٺ ٻورڙي تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ڪراچي انجنيئري ڪاليج مان B.E ڪري چيف انجنيئر اريگيشن جي عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو.)
محمد شفيع جوڻيجو پهرئين درجي انگريزيءَ کان N.E.D ڪاليج ۾ پهرين سال تائين منهنجو ڪلاس فيلو هو.
ٻيو محمد صالح خان ٻٽ، جيڪو اسان جي ڳوٺ جي زميندار سرائي غلام رسول خان ٻٽ جو وڏو فرزند هو، ان L.L.B ڪري ميهڙ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ آخر تائين اتيئي رهيو. (محمد شفيع جوڻيجو ۽ محمد صالح ٻٽ ٻئي وفات ڪري ويا آهن.)
ميهڙ ۾ تعليم دوران مان ٻه ڀيرا لاڙڪاڻي ۾ ڊرائنگ جا امتحان، ايليمينٽري ۽ انٽرميڊيٽ ڏيڻ ويو هوس. انڪري جو انهن امتحانن جو سينٽر لاڙڪاڻي ۾ ئي هو. اتي بورڊنگ هائوس ۾ رهڻ ٿيو هو. لاڙڪاڻي مدرسي ۾ روزانو شام جو والي بال راند کيڏي ويندي هئي. والي بال ٽيم محمد ٺارل جي ٽيم سڏبي هئي ۽ انهيءَ ٽيم جا ٻيا رانديگر عبدالغفور ڀرڳڙي، محمد پنهل جتوئي، عبدالخالق ٽانوري ۽ ٻيا هوندا هئا. ڏاڍي مشهور ٽيم ليکبي هئي. ان زماني ۾ والي بال راند جو وڏو اوج هو. شهرن کان علاوه جهر جنگ ۽ وستي واهڻ ۾ ڏاڍي شوق سان کيڏي ويندي هئي. اسان جي ڳوٺ جي ٽيم به سٺي هوندي هئي، جنهن ۾ رانديگر محمد صالح ٻٽ، ادا غلام نبي، محمد خان ٻٽ، علي گوهر ٻٽ مان ۽ علي گوهر ٻگھيو هوندا هئاسين. محمد صالح ٽڳي جي ٽيم به ٻڌبي هئي، پر مون کيس ڪونه ڏٺو هو. محمد ٺارل ۽ ابرار شاهه ٻئي قداور هوند هئا ۽ والي بال ڏاڍي زور سان هڻندا هئا. ابرار شاهه جو هڪ پير ٻئي پير جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڏو هوندو هو.
شاهه پنجي وارو عنايت دايو سدائين نيٽ تي بيهندو هو ۽ ڏاڍي سٺي راند ڪندو هو. محمد ٺارل ۽ محمد صالح سينٽر ۽ نيٽ ٻنهي هنڌ کيڏندا هئا ۽ ٻنهي ئي فيلڊن تي سهڻي راند ڪندا هئا. محمد ٺارل مرحوم جو نالو والي بال راند جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ مشهور هو. هو پوليس ۾ D.S.P رهي رٽائر ٿيو. ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ به والي بال جي سٺن رانديگرن واري ٽيم هئي. اسان جي ڳوٺ واري ٽيم جي مئچ اڪثر ڪري شاهيپن جي ۽ ميهڙ جي ٽيمن سان ٿيندي هئي. لاڙڪاڻه مدرسي ۾ محمد ٺارل سان ملاقات کان ڪيترا سال پوءِ حياتيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو ملاقات سکر ۾ ٿي هئي. ان وقت ۾ اسان ٻئي نوڪريءَ مان رٽائر ٿي چڪا هئاسين. مان سکر جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ڏانهن پنڌ پئي ويس ته هو به سامهون پنڌ پئي آيو. ٻئي پاڻ ۾ ملياسين ۽ ڪجهه وقت بيهي ڳالهايو ٻولهايوسين. هن ٻڌايو ته نوڪريءَ کان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان هڪ ٽڪريءَ جتان ميٽ نڪرندو آهي. ان ٺيڪو کنيو آهي.
ميهڙ هاءِ اسڪول مان ڪي مئٽرڪ ڪري وڃي نوڪريءَ ۾ لڳا. ڪن مختلف ڪاليجن مان تعليم پرائي اتان ڊگريون وٺي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. ڪن مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪري وڏن عهدن کي ماڻي رٽائر ڪيو.
جن وڪالت شروع ڪئي انهن ۾ 1. محمد سچل رند مرحوم 2. محمد عرس ٻرڙو مرحوم 3. غلام اصغر شيخ مرحوم (هيءُ بنيادي طرح خوش گهراڻي مان هو.) 4. عطا محمد ڪانڌڙو مرحوم 5. فيض محمد ٻرڙو 9. احمد نواز اعواڻ مرحوم 10. عبدالوحيد ڪٽپر 11. ۽ غلام حيدر بلوچ.
شاهنواز لاڙڪ نوابشاهه جو ويٺل هو، پر سندس والد حاجي خان صاحب ميهڙ ۾ وڪالت ڪندو هو. انهيءَ ڪري هن مئٽرڪ ميهڙ مان ڪئي پر وڪالت نوابشاهه ۾ ڪرڻ لڳو . اتي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پرازيڪيوٽر به ٿي رهيو. عبدالوحيد ڪٽپر وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به گهڻو بهرو وٺندڙ هو. سندس لاڳاپو پيپلز پارٽيءَ سان رهيو. ان پارٽيءَ جو سنڌ حڪومت ۾ وزير ۽ وقتي عارضي طرح وزيراعليٰ پڻ ٿي رهيو آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي. اڃا تائين وڪالت ڪندو اچي. هن جو شمار قابل وڪيلن ۾ ٿيندو آهي. ٻيا شاگرد جيڪي مئٽرڪ ڪري وڃي مختلف کاتن ۾ نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيا، تن ۾

• مخدوم غلام محمد عباسي (ٽلٽيءَ وارو) چيف منسٽر ممتاز علي ڀٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
• محمد اسماعيل ٻگهه ڪالرنائيزيشن آفيسر گڊو بئراج، ڊپٽي ڪمشنر جي گريڊ تي رهيو.
• عبدالعليم انصاري A.D.M عبدالڪريم ابڙو سٽي مئجسٽريٽ S.D.M، عزيز الله بلوچ ۽ محمد عثمان ٻٽ به S.D.M جي گريڊ جي عهدي تي رهي رٽائر ٿيو.
• ڪوڙا خان ميمڻ ۽ غلام محمد ميمڻ (ٻئي ويٺل دادو) مختيارڪار هئا. غلام محمد ميمڻ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ گيمس جو ڪپتان هوندو هو.
• ڪريم بخش شيخ، ويٺل نصيرآباد، ميهڙ ۾ مختيارڪار هو ۽ ڪنهن سياسي چڪر ۾ اچي ويو، جنهن کي ان وقت جي دادوءَ جي ڪليڪٽر نور محمد ڀٽي جي رپورٽ تي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. هن پوءِ L.L.B ڪري وڪالت شروع ڪئي.
• عبدالخالق ابڙو ۽ علي خان چانڊيو، ٻئي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس ٿي رهيا.
• جان محمد پنهيار سائين محمد ابراهيم جو ڀائٽيو، روينو ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو، جو نوڪريءَ واري عرصي دوران ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سندس والد آدم خان، سائين محمد ابراهيم جو وڏو ڀاءُ هو ۽ ساڻن گڏ رهندو هو.
• قمرالدين ابڙو دادو ڪليڪٽري ۽ عبدالمجيد شيخ خيرپور ۾ آفيس سپرينٽينڊنٽ ٿي رهيا.
• نور محمد پنهور (سيف الدين جو چاچو ۽ محمد حسين جو مامو) ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪري رٽائر ٿيو.

مرحوم تاج صحرائي، هيءُ صاحب طالب المولا هاءِ اسڪول دادوءَ جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. فيض محمد ٻرڙي ميهڙ ۾ وڪالت شروع ڪئي، پر هاڻي صحت جي خراب رهڻ ڪري وڪالت ڪرڻ ڇڏي ڏني اٿس. باقي ٿورو ٿڪو پنهنجين زمينن جو ڪم ڪار سنڀاليندو اچي ٿو.
فيض محمد ٻرڙو جنهن ٽڪنڊڙ جڳهه ۾ ميهڙ ۾ رهندو آهي، اها ميهڙ جي سيٺ لولومل جي هئي. اها جڳهه تمام سٺي ۽ مٿي اوچائي تي ٺهيل آهي. مان به ان جڳهه ۾ آئلداس سان، جيڪو سيٺ لولو مل جو ڀائٽيو ۽ منهنجو ڪلاس فيلو هو، ان سان هڪ ٻه ڀيرا ملڻ ويو هوس ۽ جڳهه گهمي ڏٺي هيم. آئل داس جي پيءُ ويڙهي مل کي ميهڙ شاهي بزار ۾ ڪپڙي جو دڪان هو. ڀرسان ئي سندس گهر جي جڳهه هئي، جتي پڻ آئلداس ۽ سندس عزيز نندلال، جيڪو پڻ ميهڙ ۾ پڙهندو هو، سان هڪ ٻه ڀيرا ملڻ ويو هوس).
ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اها ٽڪنڊي عمارت فيض محمد ٻرڙي پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هندن جي لڏپلاڻ وقت صرف 35000 (پنجٽيهه هزار) رپين ۾ خريد ڪئي هئي. هاڻي ان لاءِ کيس هڪ ڪڙور رپيا جي به آڇ (آفر) آئي آهي، پر هن اڃا تائين ته ڏيڻي ڪانه ڪئي آهي.
• فقير محمد سميجو ۽ علي نواز چانڊيو. ٻئي S.P جي آفيس ۾ نوڪريءَ ۾ رهيا.
• عبدالله خان شيخ (منهنجو سوٽ) ڪجهه وقت دادو لوڪل بورڊ ۾ نوڪري ڪري پوءِ نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي شاهي بزار ۾ ڪپڙي جو دڪان ڪڍيو.
• ڪريم بخش شيخ ڪجهه وقت تپيدار رهي پوءِ نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي شاهي بزار ۾ ٻَڌي ڪپڙي (هول سيل) جو دڪان کوليو.
(ڪريم بخش جو سالو غلام رسول شيخ پراڻو ۽ قابل ڊاڪٽر هو. ٺٽي ضلعي ۾ ڪيترا سال سول سرجن ٿي رهيو. منهنجي پٽ غلام ياسين، جيڪو ڊاڪٽري پڙهندو هو، ان جي هر سال امتحان ۾ ڪريم بخش شيخ پنهنجي سالي ڊاڪٽر غلام رسول معرفت ڏاڍي مدد ڪندو هو. اها ڳالهه مون کي منهنجو پٽ، پاڻ ٻڌائيندو هو.
• غلام حيدر شيخ (منهنجو سوٽ) ۽ غلام محمد سومرو خيرپور ناٿن شاه وارو ٻئي پوسٽ ماسٽر ٿي رهيا.
غلام حيدر شيخ بابت خبر ناهي ته هن رٽائرمينٽ جي عمر جي حد کان ڪجهه اڳ ڇو رٽائر ڪيو، ڇاڪاڻ ته پوءِ به ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪونه ڪندو هو. البت هن ۽ مان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل اسٽور ڇهه مهينا به مس کوليو هو (جنهن بابت ذڪر اڳتي پڻ ايندو) پر نقصان پوڻ ڪري اهو به ڇڏي ڏنو هوسين.
• ميان عبدالرحمٰن سومرو (شاهه پنجي وارو) دادو لوڪل بورڊ ۾ ٿورو عرصو نوڪري ڪري پوءِ پنهنجيون زمينون سنڀالڻ لڳو. هن جي هڪ نوجوان پٽ، جيڪو ڊاڪٽر هو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پنهنجي ڪلينڪ هلائيندو هو، کي ڌاڙيلن ڳوٺ ۾ ئي قتل ڪري ڇڏيو هو. سندس ٻيو پٽ خالد محمود PCS ڪري دادوءَ ۾ سال 1974 ۾، مان جڏهن اتي A.D.M هوس، ٽريننگ وٺندو هو. جيڪو پوءِ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ سکر ۾ ڪمشنر ٿي رهيو. هاڻي ڪٿي سيڪريٽري هوندو.
• محمد يوسف چنه (عبدالله خان چنه ڪليڪٽر جو فرزند) هن بابت مون کي اڳ ته خبر ڪانه هئي، پر سال 2004ع ۾ جڏهن مون کي عمري ادا ڪرڻ جي سعادت خدا تعاليٰ نصيب ڪئي ته جنهن هوٽل ۾ مڪي پاڪ ۾ مان ترسيل هوس ته اتي محمد يوسف جي ڳوٺ پاٽ جو عمر رسيده رهواسي پنهنجي پٽ سميت به اچي مون سان گڏ ساڳي ڪمري ۾ رهيو. ان کان حال احوال وٺندي هن ٻڌايو ته محمد يوسف حرن جي لوڙهي تي مئنيجر هو ۽ ان دوران لوڙهي ۾ بند حرن خواه ساڻ ملاقات لاءِ ايندڙ عزيزن وغيره سان ورتاءُ ڏاڍو سٺو هوندو هو ۽ هو ان مان ڏاڍا خوش هوندا هئا. پوءِ هڪ ڀيري محمد يوسف جڏهن ٽنڊي آدم ۾ آيو ته پير صاحب جا مريد (تر وارا حر) ساڻس ملڻ آيا ۽ سندس لاءِ تحفي (سوکڙي) طور ڪو ڍڳي، ڪو دنبو يا رڍ يا ڪو ٻڪر يا ٻڪري پاڻ سان آڻي اچي کيس ڏنائون ۽ ائين وٽس چڱو خاصو مال گڏ ٿي ويو.محمد يوسف جي ننڍي ڀاءُ نواب لاءِ ٻڌايائين ته فوت ٿي ويو آهي. محمد يوسف لاءِ اهو پڻ ٻڌايائين ته هاڻي ڪراچيءَ رهندو آهي.
• حبيب الله ناريجو (ٿرڙي محبت وارو) ۽ ميهڙ جو عبدالستار ابڙو پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪئي.
• غلام علي اپريءَ ميهڙ شهر ۾ هوٽل هلائيندو هو. (هيءُ عبدالوحيد ڪٽپر جو هم ڪلاسي هو)
• محمد صفر شيخ (خيرپورناٿن شاهه وارو) روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ رهيو.
• عبدالواحد مهيسر (گاهي مهيسر وارو) به روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي.
• عبدالصمد به روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿي رهيو.
• اسان مان ڪيترن ميهڙ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪري مختلف ڪاليجن ڊي _ جي ڪاليج ڪراچي، انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي، مسلم ڪاليج ڪراچي، ڪن جهوناڳڙهه ۽ علي ڳڙهه ڪاليجن مان مختلف شعبن ۾ ڊگريون حاصل ڪري وڏين نوڪرين تي رهي رٽائر ڪيو. جن ۾
• تاج محمد شيخ سيڪريٽري اريگيشن (آبپاشي)
• واحد بخش شيخ مرحوم، ڊئريڪٽر تعليم کاتو، سنڌ
• شاهنواز شيخ مرحوم سپرنٽينڊنگ انجنيئر، اريگيشن
• صدرالدين شيخ ۽ غلام نبي شيخ مرحوم ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ٿي رهيا.
• ظفرالدين شيخ مرحوم انجنيئر، اريگيشن
• شمس الدين شيخ اسسٽنٽ انجنيئر
• عبدالعزيز شيخ مرحوم ۽ شير محمد راهوجو ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس.
• عبدالستار شيخ سب انسپيڪٽر پوليس (C.I.D)
• راقم الحرف ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر
• عبدالقادر چنو ۽ محمد جعفر ڪانڌڙو، چيف آفيسر ميونسپل ڪاميٽي
• شمس الدين صديقي سنڌي پٽرن وارو سيشن جج
• رسول بخش عباسي، ڏوڪري وارو، انچارج رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري.
• محمد حسين پهنور ابراهيم علي، ڪنچر وارو، مڪينيڪل انجنيئر ٽنڊو ڄام
• محمد خان چاوڙو سنڌي پٽرن وارو ائڊيشنل سيٽلمينٽ ڪمشنر حيدرآباد
• ملان عبدالله ڪرياني جي دڪاندار جي پٽ احمد علي بابت ڪا خبر نه آهي.
• مجيب الرحمٰن آخوند (دادوءَ وارو) مئنيجر ڪو آپريٽو بئنڪ لاڙڪاڻو ٿي رهيو. (هيءُ عبدالوحيد ڪٽپر جو هم ڪلاسي هو)
• قادر بخش لنڊ سٽي سرويئر رهيو.
• انور کوجو شاگرديءَ دوران گذاري ويو
• محمد حسين خان پنهور، جيڪو نوڪريءَ جي شروعات واري عرصي ۾ ٽنڊي ڄام ۾ مڪينيڪل انجنيئر هو، اهو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پهرئين درجي کان وٺي ڪراچي ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ انجنيئريءَ پهرئين سال (First year) تائين هم ڪلاسي هو. جڏهن هو مڪينيڪل انجنيئر هو ته ان دور ۾ ٽرئڪٽر عام جام ته نه هوندا هئا، پر هن وٽ اڳواٽ پئسا جمع ڪرائي انڊينٽ داخل ڪرائي هئي. تنهن وقت واري اچڻ تي ٽرئڪٽر ملندو هو. مون به ان طريقي پنهنجي هڪ دوست الهوسائي مهر لاءِ ٽرئڪٽر ورتو، جيڪو ان وقت رتيديري تعلقي ۾ ڪنهن کي ڏنل هو. اهو ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ ورتو هو.
محمد حسين پنهور ترت ئي نوڪري ڇڏي، پنهنجي زمين ۽ باغن جي ڪم کي لڳو ۽ هن ڪيترن تي شعبن ۾ ميون سميت ريسرچ (تحقيقات) ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجا پيپر پڙهيا ۽ مشهور شخصيت هو. تازو ئي هو وفات ڪري ويو آهي. هن سان پوءِ وري منهنجي ملاقات سال 2005ع ۾ ٿي، جڏهن مان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت لاءِ ويو هوس. پاڻ ٻڌايائين ته سندس اهو پٽ آمريڪا ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور هلائيندو هو، جنهن کي ان اسٽور جي مئنيجر ئي قتل ڪيو هو، جو هن ڏانهن سندس ڪافي پئسا رهيل هئا، جي کانئس وٺڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويو ته اتي هن کيس قتل ڪري ڇڏيو. هن جا ٻيا ٽي پٽ به آمريڪا ۾ ئي پنهنجو ڪاروبار ڪندا آهن. محمد حسين پنهور جي مستقل رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي، پر حيدرآباد ۾ لطيف آباد ۾ پڻ سندس ذاتي بنگلو آهي، جتي هفتي ۾ ٻه ڏينهن اچي رهندو هو ۽ پنهنجي زمين ۽ باغن جو سڌ سماءُ ڪندو هو.
هن جي منهنجي ڀاڻج انعام الله سان پڻ دوستي آهي، جنهن سندس دعوت ڪئي هئي ته اتي به ساڻن ملاقات ٿي هئي. انعام الله هونءَ ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل رليشن جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي، پوءِ ڊيپوٽيشن تي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو. هاڻي علامه اقبال اوپن يونويرسٽيءَ ۾ ريجنل ڊئريڪٽر آهي.
الهرکيو پريو ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرول ٿي رهيو. محمد خان چاوڙي (سنڌي پٽرن وارو) ڪراچي ڪاليج ۾ گرئجوئيشن ڪئي هئي ۽ پهريائين ڪجهه وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ وري حيدرآباد ۾ ائڊيشنل سيٽلمينٽ ڪمشنر هو، جو مان وٽس پنهنجي جڳهه، جيڪا مون سٽرڊين ڊپارٽمينٽ مان خريد ڪئي آهي، ان جي ڪنفرميشن ڪرائڻ ويو هوس، جيڪا جڳهه جي قيمت جي لحاظ کان ضروري هئي، جا هن ڪري ڏني. (هو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي کان مئٽرڪ تائين منهنجو ڪلاس فيلو هو.)
بلاول لانگاهه (عنايت الله لانگاهه) خراب صحبت ۾ اچي ويو ۽ مٿس ڌاڙي جو الزام به لڳو هو. رسول بخش عباسي مرحوم (ڏوڪري جو ويٺل) انچارج رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ٿي رهيو ۽ سارين تي ريسرچ ڪري هڪڙي گهڻي سارين ڏيڻ واري ٻج جي ايجاد ڪئي هئي. هيءَ ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو.
مجيب الرحمٰن آخوند (رهائش دادو) لاڙڪاڻي ۾ ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي آيو هو. جوانيءَ ۾ ئي مٿس فالج جو حملو ٿيو هو، جنهن مان هيءُ خوش نه ٿي سگهيو. انهيءَ ئي عارضي ۾ ڪيترا سال بستري داخل رهي آخر وفات ڪري ويو. (مان هڪ ڀيرو دادوءَ سندس گهر طبع پرسيءَ لاءِ ويو هوس. ويچارو بستري تي سمهيل هو، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو نه هو.
اسان سڀ شاگرد جيڪي بورڊنگ هائوس ۾ رهندا هئاسين، سي پنج وقت نماز پابنديءَ سان ڪڪول واهه تي سائين علي اڪبر شاهه واري مسجد ۾ پڙهندا هئاسين. امامت به پاڻ ڪندا هئا ۽ فجر جي نماز کان پوءِ ذڪر به ڪرائيندا هئا. ڪجهه ضروري فقهي مسئلا به ٻڌائيندا هئا. سائين علي اڪبر شاهه جن نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار شخص هوندا هئا.
سائين علي اصغر شاهه سندن ننڍو ڀاءُ، جيڪو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هو، اهو به ڏاڍو نيڪ ۽ سٺي طبيعت وارو هو. ٻنهي ڀائرن جون مزار مبارڪون مسجد جي ٽئين در وٽ ڪمري ۾ آهن. جتي روزانو ڪيترا ماڻهو زيارت ڪرڻ ۽ قل پڙهي بخشڻ لاءِ ايندا رهندا آهن.
ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ تعليم دوران هڪ نهايت شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو به ٿي گذريو هو. اهو قصو ائين آهي ته وئڪيشن جا ڏينهن هئا. بورڊنگ هائوس ۾ شاگرد نه هئا. رڳو ٽي چار مسلمان شاگردن موجود هئا، جن ۾ علي بخش ٻرڙو جيڪب آباد ضلع جو، احمد نواز اعواڻ لاڙڪاڻي وارو ۽ هڪ ٻه ٻيا شاگرد شامل هئا. رڳو هڪ هندو شاگرد ميارام، راڌڻ واري ناليواري سيٺ کيئلداس جو پٽ، بورڊنگ هائوس ۾ ئي ترسيل هو. انهيءَ دور ۾ اسٽيج ڊرامن جو اوج هوندو هو، جهڙوڪ ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد وغيره. ڊراما ڏاڍي شوق سان ڏٺا ويندا هئا. احمد نواز اعواڻ ۽ ٻه ٻيا مسلمان شاگرد ميهڙ ۾ هلندڙ اسٽيج ڊرامو ڏسڻ هليا ويا. باقي بورڊنگ هائوس به مسلمان شاگرد علي بخش ٻرڙو ۽ هندو شاگرد ميارام بورڊنگ هائوس ۾ ترسيل هئا.
انهيءَ رات علي بخش ٻرڙي ميارام واري ڪمري جي منگهه جو ٽيئر ۾ پٽڪو ٻڌي هيٺ لهي وڃي ساڻس زوريءَ ڏاڍائي ڪري پوءِ مٿي وڃي پٽڪو ڇوڙي هندن جي سماڌين ڏانهن ڀڄي وڃي، اتي لڪو. اها خبر جڏهن احمد نواز ۽ ٻين مسلمان شاگردن کي پئي، جيڪي اسٽيج ڊرامو ڏسڻ ويا هئا ته هو ڊرامو ڇڏي بورڊنگ هائوس ۾ آيا، پر علي بخش کي موجود نه ڏسي سندس تلاش ڪندي سماڌين مان وٺي آيا.
پوءِ جڏهن وئڪيشن پوري ٿي ۽ اسڪول کليو ته پهرئين ڏينهن روزانو جي دستور موجب جيئن سڀ شاگرد اسيمبليءَ ۾ بيٺا هئاسين ته هيڊ ماستر تلجارام صاحب پٽيوالو ساڻ ڪري پاڻ سان نيٽ جو لڪڻ کڻي آيو. علي بخش ٻرڙي کي گهرائي ورانڊي جي در وٽ بيهاري سندس سڄو هٿ کولرائي ان تي پنهنجي پوري زور سان ويهه لڪڻ هنيا. وري کيس کاٻي هٿ کولڻ لاءِ چيو، جنهن تي هن چيس ته اهو ڪافي آهي. پوءِ هيڊ ماستر وڌيڪ ڪجهه ڪونه چيس. سيٺ کيئلداس وڏو عزت وارو هو. هن وڌيڪ بدنامي نه پئي چاهي، تنهن ڪري پوليس ۾ فرياد ڪانه ڪئي.