آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

فرمانبردار پٽ

منهنجو ڏاڏو سدا رنگ خان مرحوم جڏهن مسلمان ٿيو ته پنهنجو نالو محمد علي رکيائين. مون تي پنهنجي ڏاڏي جو نالو رکيل آهي، پر پوءِ به هُو سدا رنگ نالي سان ئي مشهور هوندو هو. مون ته پنهنجو ڏاڏو نه ڏٺو هو، پر منهنجي ڏاڏي مرحومه جيڪا سال 1965ع ۾ وفات ڪري وئي، اها ڳالهه ٻڌائيندي هئي ته ڏاڏو مرحوم خيرپورميرس ۾ صوبيدار هوندو هو. اتي جي ميرن سان به چڱا تعلقات هوندا هئس، ان ڪري جو تنهن وقت صوبيدار جي وڏي عزت هوندي هئي. ڏاڏي سدا رنگ خان مرحوم جا والدين (پيءُ ۽ ماءُ) مسلمان نه ٿيا هئا. ڏاڏي خيرپور ميرس ۾ نوڪريءَ دوران هڪ سريت ويهاري هئي. ڳوٺ اچڻ گهٽ ڪري ڇڏيو هيائين. پوءِ هڪ ڀيري ڏاڏي مرحوم جا والدين وٽس خيرپور ميرس ويا. ڏاڏو ٿاڻي تي ڊيوٽيءَ تي هو ته سندس والده جنهن کي پڙو پاتل هو (جو هوءَ مسلمان نه ٿي هئي) ۽ وٽس پهچندي ئي پنهنجي جتيءَ جو پادر لاهي کيس (ڏاڏي کي) ڪُٽڻ لڳي. اهو ڏسي سپاهين پاڻ ۾ سُس پُس ڪندي چيو ته مهتي صاحب کي پادر پئي ٿي هڻي. کيس ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه اڳڀرو ٿيا ته ڏاڏي هنن کي منع ڪئي. وڌڻ کان روڪي کين چيائين ته هيءَ منهنجي ماتا آهي. سندس والده چڱو پادرن جو ڏاڏي کي ڪُٽڪو ڏئي پاڻ ۽ ڏاڏي جو والد بزرگوار واپس موٽي آيا.