آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

قصو هڪ حاذق حڪيم جو

لاڙڪاڻي شهر کان ڏکڻ پاسي ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي هڪڙو هٽڙي نالي ننڍو ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ ۾ علي شاهه نالي هڪڙو حاذق حڪيم رهندو هو. کيس الله تبارڪ وتعاليٰ طرفان چڱي هٿ شفا ڏنل هئي. مرض جي سڃاڻپ جي به سٺي ڄاڻ هئس. هن ناليواري حڪيم وٽ ڪو مريض علاج ڪرائڻ ويندو هو ته ان کان چڱي خاصي رقم اڳ ۾ وصول ڪري کيس علاج ڏيندو هو. مريض هن جي ڏنل علاج مان فائدو محسوس ڪري وڌيڪ علاج وٺڻ لاءِ وٽس ويندو هو ته هو گس گساءُ ڪري کيس ٽاري ڇڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو ان مريض کان خاصي رقم ته شروع ۾ وٺي چڪو هو. مريض پوءِ ٻه ٽي پنڌ ڪري آخرر بيزار ٿي وڃي ڪنهن ٻئي طبيب کان علاج معالج ڪرائيندو هو. هن جو مريضن کي پنڌ ڪرائي بيزار ڪرڻ جي ڪري هيٺين چوڻي مشهور هوندي هئي. (علي شاهه جي علاج کان ماڻهو مئو ڀلو آهي).
مامي محمد صديق جو ٻڌايل هڪ قصو. هو ڏوڪري تعلقي ۾ پهريان تپيدار ٿي رهيو هو، پر پوءِ نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي شاهي بازار ۾ حڪمت جو ڪم ڪندو هو.
اها هندستان جي ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اميدوارن جي چونڊ پئي ٿي. ان دور ۾ هندن جو ڏاڍو زور ۽ اثر رسوخ هو. قاضي فضل الله صاحب به ان چونڊ ۾ بهرو وٺڻ لاءِ پنهنجو نامينيشن فارم ڀريو، جنهن تي هندن ڏاڍو اعتراض ڪيو، ڇو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبريءَ لا اهو ئي اهل هوندو هو، جنهن کي پنهنجي کاتي ۾ ڪجهه زمين هجي، پر جيئن ته قاضي فضل الله صاحب اصل نوشهرو فيروز جو ويٺل هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ ئي اچي مستقبل رهائش اختيار ڪئي هئائين، تنهن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ کيس ڪا زمين وغيره نه هئي ۽ نه رڳو ايترو پر، کيس رهائش لاءِ به پنهنجي ذاتي جڳهه نه هئي. ساري زندگي وفات ڪرڻ تائين پنهنجي گھاٽي دوست ٻيٽي واري عبدالحميد خان جتوئيءَ جي لاڙڪاڻي شهر ۾ گهنٽي ڦاٽڪ ڀرسان بنگلي ۾ ئي رهندو آيو. اهڙو اظهار پاڻ قاضي فضل الله صاحب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب ۾، پنهنجيءَ زندگي بابت لکيل مضمون ”منهنجي زندگيءَ“ ۾ به ڪيو آهي. انهيءَ ڪري هندن قاضي صاحب جي لوڪل بورڊ جي چونڊ لاءِ ڀريل نامينيشن فارم خلاف تنهن وقت جي ڪليڪٽر/سيشن جج صاحب وٽ اپيل داخل ڪرائي. هوڏانهن وڏيري غلام عمر خان انڙ پنهنجي ديهه واري زمين مان ڪجهه زمين قاضي صاحب جي نالي ڪري رڪارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي هئي. پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ جاءِ خالي ڪرائي، ان کي قاضي فضل الله صاحب جي اوطاق طور مشهور ڪرائي ڇڏيو. پنهنجي ڳوٺ جي مڙني ماڻهن کي هدايت به ڪري ڇڏي ته ڪير به جڏهن ڪا پڇا ڪري ته هو اهو ئي ٻڌائين ته اها جڳهه قاضي صاحب جي اوطاق آهي. پاڻ به وقتي جڏهن هتي ايندو آهي ته ان ۾ ئي رهندو آهي. مامي محمد صديق چواڻي ته هو ان ديهه جو ۽ تپي جي ٻين ديهن جو تپيدار هو، انهيءَ ڪري هندن پاران ڪيل اپيل ٻڌڻ دوران کيس پنهنجي بيان ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو. کانئس پڇيو ويو ته تون قاضي فضل الله صاحب کي سڃاڻين. جنهن جي جواب ۾ هن اپيل ٻڌندڙ ڪليڪٽر صاحب/سيشن جج صاحب کي ٻڌايو ته هو هڪ ڀيري پنهنجي تپي ۾ پرتال ڪري رهيو هو ته هن قاضي صاحب کي فلاڻي ديهه ۾ پنهنجي فلاڻي فلاڻي سروي نمبرن جي فصل جي بٽئي ڪندي ڏٺو هو. ان جواب ٻڌڻ کان پوءِ اپيل ٻڌندڙ آفيسر صاحب (ڪليڪٽر يا سيشن جج صاحب) هندن کي چيو ته ٻيو به ڪو سوال آهي؟ هندو مطمئن نه ٿيا هئا، تنهن ڪري اهو اصرار ڪيائون ته سرزمين تي هلي جاچ ڪئي وڃي. هندن جي انهيءَ ضد ڪري اپيل ٻڌندڙ آفيسر صاحب، اپيل ڪندڙ هندن مان ڪجهه پاڻ سان گڏ کڻي وڏيري غلام عمر خان انڙ جي ڳوٺ ڏانهن وٺي ويو ته دادو ڪئنال جي پاٿ تي ڪي هندو واپاري (غلام عمر جي ڳوٺ جا) گڏهن تي ايندي سامهون نظر آيا ته هنن کان پڇا ڪئي وئي ته هو قاضي فضل الله صاحب کي سڃاڻن يا هن کي ڪڏهن ڏٺو آهي ته انهن گڏهن تي ايندڙ واپارين کين ٻڌايو ته ها هنن قاضي فضل الله جن کي ڏٺو آهي ۽ هن جي سندن ڳوٺ (غلام عمر خان جي ڳوٺ) ۾ فلاڻي هنڌ اوطاق به آهي ۽ جڏهن به پنهنجي زمين تي چڪر ڏيڻ مهل يا فصل جي بٽئي ڪرڻ ايندو آهي ته ان اوطاق ۾ ئي رهندو آهي. اهي گڏهن تي ايندڙ هندو واپاري لاڙڪاڻي مان پنهنجن دڪانن لاءِ سودو سلف وٺڻ پئي آيا. اپيل ٻڌندڙ آفيسر صاحب پوءِ اڳتي غلام عمر خان جي ڳوٺ وڃڻ بدران اتان ئي واپس لاڙڪاڻي موٽي آيو. هندن جي ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي.
الله تبارڪ وتعاليٰ مون کي زندگيءَ ۾ 293 مسجدن ۾ فرض نفلي نماز پڙهڻ جي سعادت نصيب فرمائي آهي.