آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

قصو هڪ نهايت نافرمان پٽ جو

مان گمبٽ تعلقي ۾ سال 71-1972ع ۾ تعلقي مختيارڪار ٿي رهيو آهيان. گمبٽ تعلقي جي اڳڙا شهر ۾ بدرالدين خان زاهدي رهندو هو. هو چڱن وڏن عهدن تي رهيو هو. جيتري قيدر ياد ٿو پوي ته هو ڪنهن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ جو چيئرمين به ٿي رهيو هو. هڪ ڀيري هو رات واري گاڏيءَ ۾ ڳوٺ پئي آيو ته مون کي ڊپٽي ڪمشنر صاحب خيرپور فون ڪئي ته مان کيس گمبٽ اسٽيشن تي رسيوِ ڪريان. مان پوءِ پٽيوالو ساڻ ڪري گمبٽ اسٽيشن تي ويس ۽ کيس ڪجهه پري کان جاچيندو پئي ويس ته ڏٺم ته هو ڪڇ ۾ مختصر بسترو ۽ هٿ ۾ بئگ کنيو پئي آيو. مون پٽيوالي کي چيو ته صاحب کان بسترو ۽ بئگ وٺ. اسٽيشن کان ٻاهر آياسين ته گمبٽ بنگلي تي نه ترسيو. پنهنجي ڳوٺ اڳڙا هليو ويو. ان بابت هڪ معتبر ماڻهوءَ واتان ٻڌو هيم ته زاهدي صاحب ڪنهن وڏي عهدي تي هو ته سندس والد بزرگوار ساڻس ملڻ ويو. پٽيوالي کي چيائين ته صاحب کي ٻڌاءِ ته اوهان جو والد اوهان سان ملڻ آيو آهي، پر زاهدي صاحب پٽيوالي کي چيو ته اهو منهنجو پيءُ نه، پر نوڪر آهي. کيس ڪنهن ڪواٽر ۾ وڃي رهايو. پٽيوالي پوءِ اچي اها حقيقت زاهدي صاحب جي والد کي ڪئي، جنهن تي هن پٽيوالي کي چيو ته مان تنهنجي صاحب جو نوڪر ناهيان. مان هن جي ماءُ سان سمهندو آهيان. وڌيڪ چيائين ته خدا تعاليٰ ڪندو ته وري تنهنجي صاحب جو مُنهن ئي نه ڏسندس. اهو چئي پوءِ زاهدي صاحب جو والد صاحب واپس موٽي آيو. اها ته مون کي اڳ خبر نه هئي ته زاهدي صاحب زندهه آهي يا وفات ڪري ويو پر تازو اخبار ۾ سندس وفات بابت پڙهيو اٿم.