ڪراچي ڪاليج ۾ تعليم وارو عرصو
منهنجو ارادو جهوناڳڙهه ڪاليج ۾ وڃڻ جو هو، پر بابي الله ڏني خان مرحوم اوڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ڏني. سائنس ڪاليج مان انٽرميڊيٽ ڪري N.E.D انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پهرئين سال (F.E) ۾ داخلا ورتي، پر امتحان ۾ فيل ٿيس ۽ نه رڳو مان پر، سڀ مسلمان توڙي گهڻي تعداد ۾ هندو شاگرد به فيل ٿيا، جو انهيءَ سال ڪورس تبديل ٿيو هو ۽ پوريءَ يونيورسٽيءَ جو نتيجو به تمام گهٽ 14% چوڏنهن سيڪڙو آيو هو. امتحان ۾ فيل ٿيڻ کان پوءِ به ٻين هم ڪلاسي فيل ٿيل مسلمان شاگردن جي کنيل مارڪن جي ڀيٽ ۾ منهنجيون کنيل مارڪون ڪي گهٽ ڪين هيون، پر مان دلشڪستو ٿي پيس ۽ وڌيڪَ انجنيئري پڙهڻ جو خيال لاهي ڇڏيم ۽ وڃي D.G ڪاليج ۾ B.Sc ۾ داخلا ورتم. سال 1947ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان B.Sc پاس ڪري نڪتس. اهو بمبئي يونيورسٽيءَ جو آخرين امتحان هو. مان انجنيئري ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ علامه دائودپوٽي عمر بن محمد خان، ڊئريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن، جن سان اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ وڃي مليس، جنهن 50 (پنجاهه) رپيا ماهوار جي عنايت ڪئي، جيڪا منهنجي پهرئين سال ۾ ئي فيل ٿيڻ ۽ انجنيئري پڙهڻ ڇڏي ڏيڻ ڪري ختم ڪئي وئي. خير محمد سولنگي ۽ عبدالرحيم يوسفاڻي، جيڪي به انجنيئري جي پهرئين سال ۾ فيل ٿيا هئا، انهن به مون سان گڏ B.Sc پاس ڪئي پر هنن وري وڃي انجنيئري ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ B.E پاس ڪري انجنيئري کاتي ۾ وڃي نوڪري ڪئي ۽ اتان رٽائر ڪيو. منهنجا B.Sc ۾ غلام علي ميمڻ ۽ غوث بخش شيخ پڻ هم ڪلاسي هئا.
منهنجي ۽ غلام علي ميمڻ مرحوم جي پاڻ ۾ چڱي دوستي هئي، انهيءَ ڪري ڪي پيرڊ فارغ هوندا هئاسين ته هو گهڻو ڪري لئبرريءَ ۾ ويهي انگريزي اخبار پڙهندو هو يا وري ٻئي گڏجي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪئنٽين ۾ وڃي چانهه پيئندا هئاسين. جيڪڏهن اجلاس هلندڙ هوندو هو ته اسيمبلي هال ۾ وڃي اجلاس جي هلندڙ ڪارروائي ڏسندا هئاسين.
انهن ڏينهن ۾ رسول بخش انڙ صاحب ضلع نوابشاهه واري تي قلم 110 ۽ پ ر تحت ڪيل ڪارروائي خلاف جڊيشل ڪورٽ ۾ اها ڪارروائي رد ٿيڻ (Qunsh) لاءِ داخل اپيل درخواست تي هلندڙ ڪارروائي وڃي ٻڌندا هئاسين. اها ڪارروائي خارج (رد) ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواست، ڪورٽ سڳوريءَ جا ٽي جج صاحبان، ٽئي انگريز، جسٽس ڊيوس (چيف جسٽس) جسٽس لوبو صاحب ۽ جسٽس ڪانسٽنٽائين ٻڌندا هئا ۽ آخر رسول بخش خان انڙ خلاف 110 ۽ پ ر هيٺ ٿيل ڪارروائي رد ٿي. اهو پڻ پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته ڪارروائي رد ٿيڻ کان پوءِ به رسول بخش خان ٻيهر ڪڏهن به پڳ ڪانه ٻڌي.
هڪڙي ڏينهن اهڙو عجب اتفاق ٿيو جو مان شهر ڏي پئي ويس. برنس گارڊن کان ٽپي رستي تي ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته مون هڪ خوش لباس پهريل ماڻهو ڏٺو، جنهن کي اڇي شلوار قميص پهريل هئا ۽ مٿي تي به سٺو اڇو پٽڪو ٻڌل هو. ٺهندڙ ڪاري گهاٽي سونهاري هئي ۽ ويجهو ٻيو ڪوبه ماڻهو ڪونه هو. مان جڏهن هن جي ڀرسان لنگهيس ته هن مون کي چيو ته سائين هو عزت وارو ماڻهو آهي، پر هتي سندس سڀ پئسا ڪو شاهينگ ڪڍي ويو آهي، سو مون کي حيدرآباد جي ٽرين لاءِ ڪرايي جيترا پئسا ڏيو ته مان اتي پهچان. ايئن چوندي هن پنهنجن ٻنهي هٿن سان پٽڪو مٿي تان لاهي مون کي چيو، ته هي اوهان پاڻ وٽ گروي رکو ۽ هو پئسا ڏئي واپس وٺي ويندو. مون کي هن پرديسي جي مجبوريءَ جو ڏاڍ شدت سان احساس ٿيو. مون کيس چيو ته ڪا ڳالهه ڪانهي توهان پٽڪو مٿي تي رکو. اوهان کي ٽڪيٽ لاءِ گهڻا پئسا کپن. پوءِ هن جيڪي ٻڌايا سي مون کيس ڏنا. ان وقت ڪرايا به سستا هئا.
اسيمبلي اجلاس به انهيءَ دور ۾ ڏاڍي شائستگيءَ ۽ احسن طريقي سان هلندو هو. اڄ وانگر هل هنگامو هائوس ۾ ڪونه هوندو هو. سيد ميران محمد شاهه صاحب اسپيڪر اسيمبلي اجلاس هلندي، جڏهن ڪنهن ڪنڊ پاسي کان ڪو ڏاڍيان آواز ٻڌي وٺندو هو ته ٽيبل تي هئمر (هٿوڙو) هڻي آرڊر، آرڊر چوندو هو ته سڄي هال ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هو مڙس بدن ۾ هوندو سنهڙو هو، پر جڏهن اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي ويهي اسيمبليءَ جي ڪارروائي هلائيندو هو ته سڄي هائوس تي سندس رعب ڇانيل هوندو هو. اسيمبليءَ ۾ اجلاس هلندي ڪا ڇڪتاڻ جيڪڏهن اتفاقي ٿي پوندي هئي ته به ميمبرن جي گفتگو اخلاق جي دائري اندر هوندي هئي. اڄ وانگر هائوس مڇي مارڪيٽ ڪونه بڻبو هو ۽ نه وري ڪو غيرپارلياماني لفظ اچاربو هو ۽ نه وري ميمبر پنهنجيون سيٽون ڇڏي اچي اسپيڪر جي سامهون هنگامو ڪري بيهندا هئا. سڀ هڪ وقت جنهن کي جيڪي وڻي سو ڳالهائڻ شروع ڪري. مطلب ته اڳي اسيمبليءَ جو تقدس هوندو هو جو اڄڪلهه پارليامينٽ هائوس توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ بنهه نظر ڪونه ٿو اچي. ميمبرن ۾ به ڪو سهپ جو مادو ناهي رهيو. سندن ٻولي به بازاري ٿي وئي آهي. ان دور ۾ اپوزيشن وارن کي اڄ وانگر بلڪل نظرانداز ڪونه ڪيو ويندو هو. سنڌ اسيمبليءَ جا اڳيان سياسي ليڊر به اعليٰ پائي جا هوندا هئا. سر غلام حسين هدايت الله خان، خانبهادر محمد ايوب کهڙو صاحب، هاشم گذدر، قاضي فضل الله صاحب، مير غلام علي ٽالپر صاحب، جي. ايم سيد صاحب (غلام مصطفيٰ شاهه صاحب)، آغا غلام نبي خان پٺاڻ، پيرزادو عبدالستار، عبدالمجيد شيخ سنڌي ۽ پير الاهي بخش خان سٺا ليڊر ٿي گذريا آهن. هندن ۾ نهچلداس وزيرائي به نالي وارو ليڊر هو ۽ ڄيٺي سپاهيملاڻي به سٺي ڊپٽي اسپيڪر ٿي رهي. اڄ جي سنڌ اسيمبليءَ جي نام نهاد ليڊرن (وزيرن توڙي ميمبرن) ۾ اڳ وارن ليڊرن جهڙي اهليت ۽ فضيلت ڪاٿي. اڄ واري سياست ته، مورڳو وڏي نفعي وارو واپار ٿي وئي آهي.
غلام علي ميمڻ مرحوم، B.Sc ڪرڻ کان پوءِ قانون جي ڊگري ورتي. پهريائين اي. ڪي. بروهيءَ سان ڪجهه وقت گڏ رهي پوءِ الڳ ٿي وڪالت شروع ڪيائين. سندس شمار قابل وڪيلن ۾ ٿيندو هو. هو سنڌ جو ائڊووڪيٽ جنرل به ٿي رهيو، پر جلد اها ڇڏي وري پنهنجي خانگي پرئڪٽس شروع ڪيائين.
جناب ذوالفقار علي خان ڀٽي صاحب تي هلندڙ خون جي ڪيس ۾ پڻ سندس وڪيل ٿي رهيو ۽ يحييٰ بختيار وڪيل جيڪو ڀٽي صاحب جو وڪيل رهيو، ان کي ڪيس جي پيرويءَ ۾ Assist (مدد) ڪندو هو، جو ڀٽي صاحب پنهنجي نظربنديءَ دوران کيس گهرائي چيو هو ته تو مجيب الرحمٰن کي چيو هو ته توکي ڦاسي نه ايندي ۽ منهنجو ڪيس به تون هلاءِ.
ائين به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته اعجاز بٽالوي، جيڪو ڀٽي صاحب خلاف خون وارو ڪيس سرڪار پاران هلائيندو هو، ان هڪ موقعي رتي يحييٰ بختيار کي ائين به چيو هو ته تون ڪيس خراب ٿو ڪرين ۽ ميمڻ غلام عليءَ کي چئو ته ڀلي اهو پاڻ ڪيس هلائي.
ان ڪيس هلندي دوران اوچتو هڪ ڏينهن غلام علي ميمڻ کي سندس رهائش واري هوٽل ۾ ئي فوت ٿيل ڏٺو ويو، جنهن لاءِ اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته کيس زهر ڏئي ماريو ويو آهي. غلام علي ميمڻ جي وفات کان پوءِ کيس پهريائين ٺٽي ۾ دفنائڻ جو پروگرام رکيو ويو هو، جو هو ٺٽي جو ويٺل هو. مان ان وقت سانگهڙ ۾ S.D.M هوس ۽ سندس دفنائڻ وارين رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٺٽي ويس. مختيارڪار کان پروگرام معلوم ڪرڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويس ته ميمڻ غلام عليءَ جي هڪڙي عزيز ٻڌايو ته ٺٽي وارو پروگرام رد ڪري هاڻي کيس ڪراچيءَ دفنائيندا، پر مان اوڏانهن ڪونه وڃي سگهيس، جو ڪافي دير ٿي چڪي هئي.
منهنجي 1947ع ۾ B.Sc ڪري ڪراچي ڇڏڻ کان پوءِ وري ساڻس ملاقات 1973ع ۾ سندس آفيس ۾ ٿي، جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هوس. ساڻس ٻه ڪلاڪ کن ملاقات رهي ۽ ٻڌايائين ته ڀٽي صاحب جي پهرين چونڊن ۾ اي. ڪي. بروهي صاحب قائم علي شاهه (جو سندس ڀيڻويو هو) کي پاڻ وٽ سکر گهرائي اليڪشن ۾ نه بيهڻ جو چيو هو، جو اي. ڪي. بروهيءَ جو تعلق جماعت اسلامي سان هو. هن پاڻ بابت وڌيڪ ٻڌايو ته ٻه ڀيرا لاڙڪاڻي خانبهادر محمد ايوب کهڙي صاحب وٽ آيو هو ۽ ٻئي ڀيرا منهنجي پڇا ڪئي هئائين، پر ملاقات ڪانه ٿي سگهي، مون ٻڌايومانس ته انهن موقعن تي مان شايد ڪنهن تعلقي ۾ هيڊ منشي هوندس، جو منهنجي نوڪري روينيو کاتي ۾ هئي.
1943ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ پٺيان ان وقت خالي پيل ميدان (هينئر اتي مختلف آفيسرن لاءِ بئرڪون ٺهيل آهن) تي ٿيو هو، جنهن ۾ جناح صاحب کان علاوه پوري هندستان مان مسلم ليگ جا چوٽيءَ جا ناميارا ليڊر شريڪ ٿيا هئا.
پهريائين جناح صاحب انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي پوءِ چيائين ته ڪو ان تقرير جو مفهوم اردوءَ ۾ اجلاس ۾ حاضر ماڻهن کي ٻڌائي. ان وقت ڪراچي شهر جي آدمشماري به ايتري گهڻي ڪانه هئي پر جلسي ۾ مڪرانين جو چڱو تعداد موجود هو، جي انگريزي نه ڄاڻيندا هئا.
ان کان پوءِ نواب بهادر يار جنگ، جيڪو حيدرآباد دکن جو باشندو هو، ان ارودوءَ ۾ جناح صاحب جي ڪيل تقرير جو مڪمل مفهوم پنهنجي نهايت سهڻي ڪيل تقرير ۾ ٻڌايو، جو سڀني حاضرين ڏاي سڪون سان ٻڌو ۽ ان کي ساراهيو.
نواب بهادر يار جنگ تمام سٺو مقرر هو، پر هن جي حياتي تمام ٿوري رهي. هن کي حيدرآباد دکن جي ان وقت جي وزيراعظم مير لائق علي دعوت ڏئي گهرايو. کاڌي ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. اڳ ئي سٽيل منصوبي هيٺ حقي ۾ تماڪ سان گڏ قاتل زهر ملائي حقو آڻي نواب بهادر يار جنگ جي ڇڪڻ لاءِ سندس آڏو رکيو ويو. هو حقو ڇڪيندڙ هو. پر هن حقي مان هڪ ڪش هڻي وري ٻيو ڪش اڃا مس هنيو ته زهر اثر ڏيکاري چڪو. ايئن سندس روح اتي ئي پرواز ڪري ويو. نواب بهادر يار جنگ جي حيدرآباد دکن واري جاگير ته اڳ ئي ضبط ڪئي وئي هئي.
ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ پهريائين مان، منهنجو ڀاءُ غلام نبي مرحوم، آخوند مجيب الرحمٰن (دادو) ۽ عبدالوحيد ڪٽپر رام باغ روڊ (هاڻي آرام باغ روڊ) تي لوٽيا بلڊنگ جي هڪ فليٽ ۾ رهياسين ۽ ان کان پوءِ مئڪلوڊ روڊ تي برنس گارڊن ڀرسان هڪ فليٽ ۾ رهياسين. ان کان پوءِ وري ڪجهه عرصو رنڇوڙ لائين ۾ هڪ جڳهه ۾ رهڻ ٿيو. پوءِ مونکي پهريائين جناح ڪورٽس جي مين بلڊنگ پٺيان هڪ بئرڪ ۾ الاٽمينٽ ملي. ٿوري عرصي کان پوءِ مين بلڊنگ ۾ مٿئين فلور تي هڪ ڪمرو الاٽ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي ڇڏڻ تائين رهڻ ٿيو. مون سان ٻيو هڪڙو روم ميٽ به هو، پر ان جو نالو ياد ناهي، ڪٽپر صاحب به اتي ئي الڳ ڪمري ۾ رهندو هو.
لوٽيا بلڊنگ ۾ اسان جي مٿان هڪ فليٽ ۾ پير علي محمد راشدي رهندو هو. جڏهن به ٻاهر ڪاڏي ويندو هو ته سدائين روالور لوڊ ڪري نڪرندو هو، جو ”سورهيه بادشاهه“ جي ڦاسيءَ اچڻ کان پوءِ حرن کان ڏاڍو ڊڄندو هو. حر ڦاسيءَ لاءِ کيس ذميوار سمجهندا هئا.
مرحوم غوث بخش شيخ به B.Sc ۾ منهنجو هم ڪلاسي هو. لئباريٽريءَ ۾ ايڪسپيريمينٽ (Experiment) ڪرڻ مهل هو، ميمڻ غلام علي ميمڻ مرحوم ۽ مان اڪثر گڏ بيهندا هئاسين. هو B.Sc ڪرڻ کان پوءِ سب ڊويزنل فاريسٽ آفيسر صلور چونڊيو ويو. مان جڏهن ڪليڪٽر جي آفيس ۾ نوڪريءَ ۾ هوس ته هو لاڙڪاڻي ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ٿي آيو هو ۽ ساڻس سندس آفيس ۾ وقتي ملاقات ڪرڻ ويندو هوس. هن ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري کيس ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب زور ڀري پاڻ سان گڏ ايران گهمائڻ وٺي ويو هو.
غوث بخش شيخ صاحب سان وري هڪ ڀيرو پوءِ سکر ۾ ملاقات ڪئي هئي. جڏهن هو اتي ڪنزرويٽر آف فاريسٽ هو. ان کان پوءِ وري ساڻس ملاقات ڪانه ٿي، البت ڪجهه ايترو ذهن ۾ اچي ٿو ته سندس والد جي وفات تي وٽس تعزيت لاءِ روهڙي ويو هوس. ڀٽي صاحب جڏهن سرڪاري ملازم، نوڪريءَ مان ڪڍيا ته هيءُ به ان جي عتاب هيٺ آيو.
پوءِ مون ٻڌو هو ته غوث بخش شيخ جي ڪنهن ويجهي عزيز ڀُٽي صاحب وٽ کيس نوڪريءَ ۾ کڻڻ لاءِ عرض ڪيو هو، جنهن کي ڀُٽي صاحب چيو ته غوث بخش پاڻ وٽس اچي، پر هن وٽس وڃڻ کان انڪار ڪيو. اڳتي هلي ڀٽي صاحب جي دور کان پوءِ ٻڌو هيم ته هن کي وري نوڪريءَ ۾ کنيو ويو هو ۽ کيس چيئرمين گيهه ڪارپوريشن طور مقرر ڪيو ويو هو.
مون هڪڙي ڀيري صدر الدين شيخ مرحوم، جيڪو رٽائرڊ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر هو، سان ڳالهين ڪندي کانئس غوث بخش بابت پڇيو. هن ٻڌايو ته هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي ٺٽي واريون زمينن تان گهمي ڦري ۽ سڌ سماءَ لهي واپس اچي پنهنجي بنگلي تي چڙهيو ته کيس اوچتو دل جو دورو پيو. هڪدم کيس اسپتال ڏانهن کڻائي ويا، پر علاج کان اڳ ئي وفات ڪري ويو.
هڪڙي ڏينهن مان، ميمڻ غلام علي، غوث بخش شيخ ۽ هڪڙو گجراتي شاگرد (جيڪو چڱو ڪارو هو) ليبارٽريءَ ۾ Experiment پئي ڪيو ته گجراتي شاگرد چيو ته وٽس پڙهڻ لاءِ هڪ چمني آهي، جنهن جي روشنيءَ تي پورو پڙهي نٿو سگهي. هن اهو چئي بس ڪئي ته مون چيومانس ته تنهنجو Cocfficiant of also reption آهي پورو هڪ انهيءَ ڪري چمنيءَ جي روشني ته تون ئي جذب ڪري ڇڏيندين ته ڪتاب تي ڇا هوندو جو تون پڙهي سگهين. ان تي ميمڻ غلام علي ۽ غوث بخش شيخ ڏاڍو کليا ۽ ٽهڪ ڏنا ۽ اسان ٽئي ٻاهر ورانڊي ۾ ٿورو بيهي کلي وري جڏهن اندر وياسين ته ان گجراتي شاگرد مونکي چيو ته “چهوٽي شيخ تم بڙي شرارتي هو.” غوث بخش شيخ قد ۾ مون کان ڪجهه وڏو هو.
ڪاليج وارن منهنجن ميهڙ وارن ڪلاس فيلوز کان علاوه ٻيا، به ڪاليج ۾ ڪلاس فيلوز ٿي رهيا. سنڌ مسلم ڪاليج جي شاگردن سان هاسٽل ۾ رهڻ دوران، خاڪسار تحريڪ ۾ ڪجهه عرصو رهڻ دوران، اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ هجڻ وقت، ڪئنٽين ۽ ميس تي گڏ ٿيڻ دوران يا اسپورٽس ۾ کين ڏسڻ دوران جن ٻين مختلف ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن سان چڱي ڏيٺ ويٺ ٿي وئي هئي. انهن جي باري ۾ ڪجهه ذڪر ۽ سندن مختلف سرڪاري عهدن وغيره تي رهڻ يا ٻين مشغولين بابت ذڪر اڳتي هلي ڪبو. باقي ڪاليج واري عرصي دوران ٿيل ڪجهه واقعن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
گهڻو ڪري سال 1943ع ۾ گڏيل هندستان واري وقت ۾ بنگال ۾ سخت قحط پيو هو، جنهن وگهي وڏي تعداد ۾ ماڻهو مري رهيا هئا. ڪجهه خاڪسار تحريڪ جا شاگرد اوڏانهن امدادي ڪمن لاءِ ويا هئا ۽ ڪراچي هاسٽل مان مانيون پچرائي ۽ ڊبل روٽيون وٺي ڍاڪا ڏڪار جي مصيبت ۾ ورتلن لاءِ کاڌ خوراڪ لاءِ موڪليون هيون. خاڪسار شاگرد جڏهن اتان موٽيا هئا ته بقول انهن جي ته هو لاش کڻڻ ۽ کين دفنائڻ جي ڪم ۾ مشعول هوندا هئا ته هوڏانهن وري ليگي لڏي وارا ٻي آني واري ڊبل روٽي هڪ رپئي ۾ بليڪ تي ڏڪار جي متاثرين کي وڪرو ڪندا هئا. ليگين جا ڪم سدائين اهي ئي رهيا آهن. هتي به جيڪي اٽي ۽ کنڊ، دالين وغيره جا بحران پيدا ڪيا ويا آهن، اهي به حڪومت ۾ ويٺل ليگي ليڊرن جا ئي ڪرايل آهن ۽ غريبن کي وڏا عذاب پيا ڏيندا اچن ۽ انهن جي ان اڍنگي طريقيڪار کي روڪڻ موجوده حڪومت جي وس ۾ ناهي.
هڪ ڀيري خاڪسار تحريڪ جي باني علامه عنايت الله مشرقي صاحب ڪراچي عيدگاهه ميدان ۾ تقرير پئي ڪئي ته ان تي ليگي ڪارڪنن پٿر به وسايا هئا. گهڻو ڪري ساڳئي ئي سال 1943ع ۾ يا 1942ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. اسان پنهنجي ڳوٺ پئي وياسين پر سيوهڻ کان اڳتي ٽرين ڪانه پئي وئي جو سڄو علائقو ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويو هو. انهيءَ ڪري اسان کي ٽلٽيءَ تائين ٻيڙيءَ ۾ وڃڻو پيو هو، جتان پوءِ خشڪي رستي دادو پهچي پوءِ ريل رستي راڌڻ اسٽيشن پهچي ڳوٺ ٻٽ سرائي وياسين.
سال 1945ع ۾ ڪراچيءَ کان ويندڙ هڪ پئسينجر ٽرين سان جنگشاهي اسٽيشن تي هڪ خطرناڪ حادثو پيش آيو هو. ان جو ڪارڻ اهو پئي ٻڌايو ويو ته جنگشاهي اسٽيشن تان رات جو انهيءَ ٽائيم تي ويندڙ ٽرين ۾ پلا ٻاهر موڪلڻ لاءِ چاڙهيا ويندا هئا ۽ اسٽيشن ماستر کي هڪ پلو هر رات رسائيءَ ۾ ڏنو ويندو هو. حادثي واري رات بارش به ڏاڍي پيئي پوي. چوڌاري اوندهه انڌوڪار هئي. ان ٽرين جي پٺيان ساڳي لائين تي گڊس ٽرين اچڻ واري هئي، جيڪا جنگشاهي اسٽيشن تي بيهڻي نه هئي، پر ٿُرو وڃڻي هئي. ان دور ۾ گاڏين ۾ اسٽيم بئالر انجڻ لڳندي هئي ۽ ڊيزل انجڻ گهڻو عرصو پوءِ گاڏين ۾ لڳڻ شروع ٿيون. ان حادثي هيٺ آيل ٽرين ۾ اسان جو هڪڙو دوست مرحوم شير محمد راهوجو (جيڪو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ اسان کان سينيئر هو) به سفر ڪري رهيو هو ۽ بقول هن جي ته اهو هڪ تمام وڏو ۽ نهايت ئي خطرناڪ ريلوي حادثو هو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون هيون. حادثي جو اصل ڪارڻ اهو پئي ٻڌايو ويو ته اسٽيشن ماستر مسافر ٽرين کي رواني ٿيڻ لاءِ سگنل به ڏياري ڇڏيو ۽ ان پويان ايندڙ مال گاڏيءَ کي به لائين ڪليئر جو سگنل ڏياري ڇڏيو، پر هن پَلن جي مالڪن کي هڪ بدران ان وقت ٻن پَلن ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو هُو ڏيڻ کان انڪار ڪندا رهيا. انهيءَ گهپيءَ تي اسٽيشن ماستر ناراض ٿي پئسينجر ٽرين جو هيٺ ٿيل سگنل اپ (مٿي) ڪرائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين اسٽيشن تي بيٺي رهي ۽ انهيءَ دوران پويان ساڳي پٽڙيءَ تي تيز رفتاريءَ سان ايندڙ مال گاڏي (جنهن کي لائين ڪليئر ته مليل ئي هئي) جنهن جا سڀ گاڏا ڪڻڪ سان ڀريل هئا. اها تيز رفتار سان اچي مسافر گاڏيءَ سان ٽڪرائي. ان جون بوگيون چيريندي آئي ۽ ائين ڪافي بوگيون تباهه ٿي ويون. مال گاڏيءَ جو بئالر به ڦاٽي پيو ۽ اسٽيم خارج ٿي وئي ته انجڻ رڪجي وئي، جا مرحوم شير محمد راهوجي جي ڀرسان اچي بيٺي ۽ سندس لڳ ويٺل ٻه ماڻهو انجڻ جي هيٺان اچي ويا، پر پاڻ خوشقسمتيءَ ۽ الله پاڪ جي فضل ڪرم سان بچي ويو. ان گاڏيءَ ۾ ڪي انگريز به سفر ڪري رهيا هئا، جي گاڏن مان گاديلا ڪڍي وسندي بارش ۾ لاشن ۽ زخمي مسافرن کي کڻي انهن گاديلن تي سمهاريندي پئي ويا.
ان بدنصيب ٽرين ۾ ڪراچيءَ جي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ روپچند جي پوري فئملي پڻ سفر ڪري رهي هئي، جا پوري جي پوري حادثي جو شڪار ٿي وئي. هن جي عورتن کي ڪافي سونا زيور به جان تي پاتل هئا. اهڙي قيامت صغريٰ واري حالت ۾ به اسان جا ڀلارا مسلمان ريلوي پورٽرن (ڪولين) جنهن به عورت جي ڪنهن عضوي ۾ سونو زيور پاتل پئي ڏٺو ته مورڳو اهو عضوو ئي ڪپي کڻي پئي ويا.
ان مسافر گاڏيءَ ۾ محمد الياس احمداڻي، جيڪو انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هو، پڻ سفر ڪري رهيو هو. مال گاڏيءَ جي اسٽيم بئالر ڦاٽڻ سبب خارج ٿيل اسٽيم مسافر گاڏيءَ جي سڀني لوهه وارين لڳل دروازن ۽ درين جي شيخن کي تمام گرم ڪري ڇڏيو هو ۽ جيئن ئي احمداڻي صاحب دروازي جي شيخن ۾ هٿ وجهي هيٺ لٿو پئي ته تتل شيخن سبب سندس هٿن جون کلون سڙي ويون ۽ هٿ سخت زخمي ٿي پيس. جن جو پوءِ هن آپريشن ڪرايو تڏهن وڃي ٺيڪ ٿيو.
ڪاليج واري زماني ۾ ڪيترن ئي ليگي ليڊرن جي اسڪئنڊلز بابت داستان پڻ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، پر انهن ۾ ڪا صداقت به هئي يا رڳو بهتان بازي هئي، ان باري ۾ خاطريءَ سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي. بهرحال اهي هتي دهرائڻ مناسب نٿو سمجهان.
سال 1946ع ۾ وئڪيشن دوران منهنجو ڳوٺ ٻني (تعلقو ميرپور بٺورو ضلعو ٺٽو) وڃڻ ٿيو هو، جو ادا غلام نبي مرحوم اتي رينج فاريسٽ آفيسر هو.
درياءَ ٻني شهر کان ٿوري ئي مفاصلي تي وهندڙ آهي. اتي ان زماني ۾ پلو به ڏاڍو مرندو هو ۽ وڏو به هوندو هو ۽ ٻني جي ڀرسان ئي مياڻي هوندي هئي، جتي پلا مرندا هئا ۽ اگهه به سستو هوندو هو. جيڪڏهن ڪو موالي مڙد نشي جي ٻاڙ مارڻ لاءِ مياڻيءَ تي وڃي ملاحن کان ڪنهن پلي جي صدا ڪندو هو ته ان کي نه موٽائيندا هئا ۽ هڪڙو پلو کيس مفت ۾ ڏئي ڇڏيندا هئا. جيڪو هو کپائي نشو پتو ڪندو هو، پر ان دور ۾ موالي به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻڌبو هو ۽ نشو به ڀنگ يا آفيم تائين محدود هو. پلي پچائڻ جو هڪ اهو طريقو به ٻڌائيندا هئا جو پلي جي مٿان چوني جو چڱو تهه ڏئي ان مٿان ڳوڻ ٽپڙي ۾ ويڙهي نوڙيءَ سان قابو ٻڌي درياهه ۾ اڇلائي نوڙيءَ جو ڇيڙو ٻيڙيءَ سان ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ اهو پلو درياهه ۾ ٻيڙي سان گڏ هلندو رهندو هو ۽ چوني تي پاڻي لڳڻ سان جيڪا ٻاڦ نڪرندي هئي ان تي پلو پچي تيار ٿي ويندو هو. پوءِ ملاح اندازو لڳائي سمجهندا هئا ته تيار ٿي ويو هوندو ته ڇڪي درياهه مان ڪڍي وٺندا هئا جو ڏاڍو لذيذ لڳندو هو.
هونءَ به هو پلو ڏاڍو لذيذ تيار ڪندا هئا، پلي جي خاص ڪري آني ته اهڙا گرم مصالحا وجهي ڪري پچائيندا هئا جو ٻڌايائون پئي ته هڪڙي ماڻهوءَ ٻن آنين کائڻ جي شرط رکي، پر هن هڪ آني کائي ٻي آنيءَ جو اڃا اڌ کان به گهٽ مس کاڌي ته کيس اتي ئي دست شروع ٿي ويا.
ٻَني ۾ هوا به روزانو ڏاڍي ۽ وڻندڙ لڳندي هئي. تنهن ڪري ڏاڍي ڪوشش هوندي به والي بال راند نه ڪري سگهبي هئي. ڪجهه ڏينهن ٻني ترسي مان واپس پي آيس ته مون سان جهرڪ ٿاڻي جي صوبيدار به گڏ سفر پئي ڪيو. ٻني وٽ درياهه به تازو وهي آيو هو ۽ پوري موج ۽ تيز وهڪري سان وهي رهيو هو ۽ اسان کي ٻيڙي رستي درياهه پار ڪري جهرڪن جي پتڻ تي پهچڻو هو.
ٻني وٽ درياهه جي وچ سير مان ڦاٽ کائي پاڻي پڃاري واهه ۾ وهندو هو، جو به ڪافي ويڪرو ۽ اونهو هو ۽ پاڻي به ڏاڍو تيز وهندو هو. ان هنڌ ڪا پل يا ريگيوليٽر ڪونه هو. اسان کي پهريائين پڃاري واهه پار ڪري درياهه جي وچ سير مان ٻيڙي ڪڍي درياهه جي پرئين ڪناري تي وڃڻو هو، جو جهرڪ ٿاڻو ان ڪناري تي هو.
جڏهن ٻيڙي پڃاري واهه مان اچي درياهه جي وچ سير ۾ پهتي ته درياهه جي پاڻيءَ جي ڇولين اچي کيس کنيو. خير جڏهن الله پاڪ کي سنڀاليندي درياهه جي سير مان نڪري اڳتي ٿياسين ته ڇوليون به جهڪيون ٿيون. توڻي جو هوا به ان وقت ڏاڍي پئي لڳي، پر خير خوبيءَ سان اچي جهرڪن ۾ پهتاسين.
ٻني ۾ ترسڻ دوران مان ٽنڊي سائينداد جي سرهندي بزرگن جي زيارت لاءِ به ويو هوس جتي آغا هاشم جان، آغا ستار جان جي زيارت نصيب ٿي. آغا حسن جان جن انهن کان وڏا هئا، پر انهن جي زيارت ڪانه ڪري سگهيس. باقي اسان جي ڳوٺ ٻن سرائن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا ته اتي سندن زيارت ڪبي هئي. آغا هاشم جان جن گهڻو ڪري ڪوئيٽا ۾ رهندا هئا. ڪافي سال اڳ هڪ ڀيري جڏهن هو اسان جي سؤٽ حاجي نظام الدين مرحوم وٽ لاڙڪاڻي آيل هئا ته اتي به سندن زيارت ڪئي هيم.سرهندي بزرگ ناليوارا حڪيم به هوندا هئا.
ادا غلام نبي مرحوم جنهن وقت ۾ مظفر ڳڙهه ۾ سب ڊويزنل فاريسٽ آفيسر هو ته وٽس گهمڻ به ويو هوس. ان وقت ۾ مظفر ڳڙهه وارو علائقو ايترو آباد ڪونه هو ۽ سڄو علائقو بنجر پئي لڳو.
سال 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون هيون. سائين علي اڪبر شاهه ميهڙ وارو اسيمبليءَ ميمبرشپ لاءِ وڏيري محمد قاسم مهيسر، گاهي مهيسر واري، خلاف چونڊ ۾ اميدوار بيٺل هو. شاهه صاحب جن جي اليڪشن مهم ۾ بهرو وٺڻ لاءِ ڪراچي ڪاليج جا شاگرد به آيا هئاسين. مان ٻين سان گڏ فريد آباد ورڪ لاءِ ويو هوس.
هڪڙي ڏينهن حاجت ضروري پوري ڪرڻ لاءِ جڏهن ٻاهر جهنگ ڏانهن پئي ويس ته رستي ۾ هڪ جهوپڙيءَ ٻاهران ايوان ۾ هڪ نهايت خوبصورت بروهڻ عورت جنڊ پيهي رهي هئي، جنهن جو حسن ڏسي دنگ رهجي ويس. مون گهڙي کن بيهي کيس غور سان ڏٺو پر پوءِ اڳتي روانو ٿي ويس جو اتي وڌيڪ بيهڻ مناسب نه پئي لڳو.
شاهه صاحب کي اليڪشن ۾ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ميمبر چونڊجي آيو. تڏهن به ڪن ماڻهن کي شاهه صاحب جن جهڙي نيڪ ۽ پرهيزگار شخص جو سياست ۾ اچڻ، پسند نه ايندو هو. توڻي جو جو اڄ هنن سٽن لکڻ کان لڳ ڀڳ 68 سال اڳ سياست ۾ ايتري گندگي (Pollution) اڃا ڪانه آئي هئي. پاڪستان تحريڪ ۾ مسلم اسٽوڊنس فيڊريشن به اهم ڪردار ادا ڪندي هئي. ان مهم دوران ڪجهه شاگرد سائين جي، ايم، سيد صاحب جن سان ڪنهن معاملي تي ڳالهائڻ ويا. مان به انهن شاگردن واري وفد ۾ شامل هوس. شاه صاحب جن شاگردن سان ڳالهائي پوءِ کين مشورو ڏنو ته اوهان وڃي شيخ عبدالمجيد صاحب جن سان ملو پوءِ هو جيڪو فيصلو ڪري.
شاگردن وارو وفد پوءِ وڃي شيخ عبدالمجيد صاحب جن سان مليو، پر سندن شاگردن سان گفتگو جو جيڪو انداز هو، ان جي اهڙي نامياري ليڊر مان توقع ڪانه هئي. انهيءَ ڪري ڪي شاگرد ڪجهه جذباتي ٿي ويا ۽ ماحول جهڳڙي جي نوبت تائين پهچڻ وارو ئي هو ته ٻين شاگردن وچ ۾ پئي انهن جذباتي ٿي ويلن کي سمجهايو ته ان ۾ وڏي بدنامي ٿيندي. اها ڳالهه هنن به محسوس ڪئي ۽ خاموش ٿي ويا. وفد به شيخ صاحب جن سان وڌيڪ ڪنهن بحث مباحي ڪرڻ بنا واپس موٽي آيو. قاضي غلام هادي هالاڻيءَ وارو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر هو.
مون اپريل 1947ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان B.Sc پاس ڪئي. اهو بمبئي يونيورسٽيءَ جو آخري امتحان هو، پوءِ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي.
مون سان ميهڙ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين جيڪي ڪلاس فيلوز هئا، انهن مان ڪي وڃي پنهنجي زميداريءَ کي لڳا. ڪن قانوني ڊگري وٺي وڪالت شروع ڪئي. باقي جيڪي سرڪاري نوڪري ڪري رٽائر ٿيا، انهن بابت تفصيلي ذڪر اڳي ڪري چڪو آهيان.
هينئر وري جيڪي شاگرد ڪراچي ڪاليج ۾ منهنجا ڪلاس فيلوز رهيا يا جن سان هاسٽل ۾ رهڻ دوران يا ڪلب ۾ ميس تي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ رهڻ دوران، ڪجهه عرصو خاڪسار تحريڪ ۾ هجڻ وقت ۽ وري جن سان کين اسپورٽس ۾ کيڏندي واسطو رهيو يا ڪن سان دوستي، دعا سلام يا واقفيت وڙي رهي، انهن مان به ڪن جو احوال ڪري آيو آهيان ۽ باقي ٻين جوذڪر ڪرڻ به بهتر ٿو سمجهان.
عبدالوهاب شيخ، ائڊيشنل چيف سيڪريٽري اريگيشن ٿي رهيو ۽ گورنر جو صلاحڪار به ٿي رهيو. امان الله ميمڻ، (خيرپور ميرس) چيف انجنيئر ٿي رهيو ۽ نوڪريءَ دوران ئي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. ٻڌڻ ۾ آيو هو ته پي. اي. کي Dictation ڏئي رهيو هو ته هلندي هلندي سندس آواز اوچتو بند ٿي ويو. جنهن تي پي. اي. ڪنڌ مٿي ڪري جان ڏسي ته امان الله خان جو ڪنڌ ٽيبل تي پيل هو. سندس روح پرواز ڪري ويو هو. هن کي ڪاليج دوران مون سدائين کلمک ۽ خوش طبع ڏٺو. هڪ ٻه ڀيرا انجنيئريءَ جي ٻئي سال ۾ فيل ٿيو هو ته به هن جي منهن تي ڪڏهن به ڪي ڳڻتيءَ جا آثار نه ڏٺا. مان دادوءَ ۾ A.D.M هوس ته مسٽر تاج محمد شيخ (جيڪو اسان جي ڳوٺ جو هو) ان وقت سيڪريٽري اريگيشن هو ۽ دادوءَ ٽوئر (گشت) ۾ آيل هو. مان بنگلي تي ساڻس ملڻ ويس ته ڏٺم ته امان الله خان، جو ان وقت چيف انجنيئر هو، اهو به هن سان گڏ آيو هو. مان ٻنهي سان ملي تاج محمد صاحب سان ويٺس ته امان الله خان جيڪو ٿورو پرتي ويٺل هو، انهيءَ مون کي چيو ته هيڏي آءُ ۽ منهنجي ڀرسان اچي ويهه. پر پوءِ پنهنجي سيٽ (جڳهه) تان اٿي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو ۽ زماني جا حال احوال ڪندا رهياسين. مون سندس طبيعت ۾ ان وقت به اها ئي خوش مزاجي ۽ منهن تي مرڪ ڏٺي، جيڪا ڪاليج واري زماني ۾ منجهس ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اسان جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ رهندا هئاسين ۽ شام جو روزانو والي بال راند ڪندا هئاسين، جنهن ۾ امان الله خان، عبدالله خان آرائين، مان، محمد عمر ميمڻ ۽ ٻيا هوندا هئاسين. هو ان وقت به اڳي جهڙو خوش مزاج هو. مرڪي مون کي چيائين ته محمد علي اسان جا سگنل ڊائون ٿي ويا آهن.
مسٽر محمد هاشم ميمڻ (ويٺل ضلع نوابشاهه) چيف انجنيئر جي عهدي تان رٽائر ڪيو.
هيءُ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سپرنٽينڊنگ انجنير ٿي آيو هو ۽ پوءِ وري سکر ۾ چيف انجنيئر هو تڏهن ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي.
مسٽر عزيز الله خان هيسباڻي، هيءَ سپرنٽينڊنگ انجنيئر ٿي رهيو ۽ ٿورو وقت اڳ وفات ڪري ويو آهي. مسٽر شير محمد بلوچ مرحوم، ويٺل ضلع نوابشاهه، هيءُ اولهه پاڪستان جو اريگيشن سيڪريٽري ٿي رهيو. هن سان واقفيت ڪراچيءَ ۾ تڏهن ٿي، جڏهن هو شايد S.S.E جو امتحان ڏيڻ آيو هو ۽ ساڳي ڪلب ۾ ئي ماني کائيندا هئاسين.
مان جڏهن دادوءَ ۾ 1983ع ۽ 1984ع ۾ A.D.M هوس، تڏهن هن ڪئٽل فارم لاءِ پنج هزار ايڪڙ زمين سيوهڻ ۾ گرانٽ ڪرائي هئي ۽ ان سلسلي ۾ جڏهن به سندس دادوءَ اچڻ ٿيندو هو ته مون وٽ مڙئي ايندو ئي هو ۽ محمد پريل برهماڻي سدائين ساڻس گڏ هوندو ئي هوندو هو.
پر شير محمد صاحب جيڪا زمين پنهنجي نالي الاٽ ڪرائي هئي، اها مسٽر عبدالجبار عباسي، جيڪو ان وقت سيوهڻ ۾ S.D.M هو، هارين کي گرانٽ ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته عبدالجبار عباسيءَ جو پيءُ مسٽر محمد عيسيٰ عباسي (رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر) ۽ شير محمد بلوچ وارن جو گهڻي وقت کان پاڻ ۾ ٺاهه ڪونه هو. انهيءَ ڪري بلوچ صاحب کي ان زمين جو قبضو ڪونه مليو. هن قبضي ملڻ لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪئي، پرجيستائين مان دادوءَ مان 11 اپريل 1984ع تي رٽائرڊ ٿيس، تيستائين ته کيس قبضو ڪونه مليو هو. پوءِ جي خبر ناهي.
بلوچ شير محمد صاحب هڪڙي ڀيري ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته سندس پٽ محمد عالم (جيڪو به سنڌ جو اريگيشن سيڪريٽري ٿي رهيو هو) کيس چيو ته بابا توهان هاڻي بس ڪري ڪم ڪار ڇڏي چپ ڪري ويهو. مان توهان کي هڪ لک رپيا ماهوار ڏيندس، جنهن تي هن کيس چيو ته پٽ توکي مون ڄڻيو آهي ۽ تو مون کي ڪونه ڄڻيو آهي. هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته سندس پٽ محمد عالم کي سندس Cattle farm ۾ 500 مينهون هن وقت موجود آهن پر هو چوي ٿو ته 1000 مينهون ڪندو. شير محمد بلوچ صاحب تمام گهڻي جائداد پٺيان ڇڏي ويو. هينئر ته سندس پٽ محمد عالم به وفات ڪري ويو آهي.
احمد خان کان بارڪزئي مرحوم: هيءُ جناح ڪورٽس ۾ مون واري ڪمري جي ويجهو ئي ڪمري ۾ رهندو هوو ۽ انهيءَ ڪري ساڻس گهڻي دعا سلام رهندي هئي. هن سيشن جج جي پوسٽ تان رٽائر ڪيو هو. پر رٽائرمينٽ کان پوءِ اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۽ آخر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿي رهيو، جنهن دوران ساڻس هڪ ڀيرو فون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان کان پوءِ ساڻس ملاقات ڪانه ٿي هئي.
احمد خان بارڪزئي صاحب سان سندس ٻيو روم ميٽ امتياز صاحب مرحوم رهندو هو. هڪ ڀيري ڳالهين ٻولهين دوران کانئس هن جي باري ۾ پڇيم ته ٻڌايائين ته هو ايئر فورس ۾ پائلٽ مقرر ٿيو هو، پر ٽريننگ دوران ئي هوائي جهاز جي حادثي ۾ جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو.
احمد خان بارڪزئي پنهنجي پٽ جو نالو به امتياز رکيو هو، جيڪو سال 1978ع ۾ جڏهن مان سانگهڙ ۾ S.D.M هوس ته هو D.S.P هو. ان باري ۾ پڇيومانس ته ٻڌايائين ته هن C.S.S ڪئي پر انڪم ٽئڪس گروپ ۾ آيو. هن اتي وڃڻ نه پئي چاهيو. سندس ارادو هو ته وري وڃي واپس D.S.P ٿئي، پر منهنجي گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ اتي وڃي جوائن ڪيائين.
قاضي خدا بخش مرحوم: هيءُ سيشن جج هو. کيس اوچتو دل جو دورو پيو. ان مان بچي ڪونه سگهيو. ان وقت سندس عمر ايڏي وڏي به ڪانه هئي.
عبدالجبار بچاڻي مرحوم: هيءُ جنهن وقت ۾ وارهه ۾ سب جج هو، تڏهن سندس محمد پريل جيڪو ان وقت ۾ وارهه ۾ S.H.O هو ان سان ٽڪر ٿي پيو ۽ هن کيس ڪورٽ جي بي ادبيءَ جي ڏوهه ۾ 50 رپين ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.
مان 1973 ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هوس تڏهن هي ليبر ڪورٽ جو پرزائيڊنگ آفيسر (ائڊيشنل سيشن جج) هو. اسان ٻئي ان وقت ۾ گارڊن جي ڀرسان آفيسرس هاسٽل ۾ رهندا هئاسين ۽ گهڻو ڪري منهنجي ڪمري ۾ اچي ڪچهريون ڪندو هو، هو وري جڏهن دادوءَ ۾ سيشن جج هو تڏهن ساڻس ملاقات ٿي هئي. ان کان پوءِ وري ملاقات ڪانه ٿي، هي ٽنڊي الهيار جو ويٺل هو ۽ تازو وفات ڪري ويو آهي. هي ڪاليج واري وقت ۾ ڏاڍو حسين هوندو هو.
جمال الدين ابڙو مرحوم، هي سيشن جج ٿي رهيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو هي سٺو ۽ ناليواري اديب هو ۽ سندس لکيل ڪهاڻيون ڏاڍيون مقبول ٿيون ڪمال الدين ابڙو مرحوم، هيءَ جماالدين ابڙي جو ننڍو ڀاءُ هو هن B.E پاس ڪري ٿورو ئي عرصو انجنيئري ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي جو ڦوهه جوانيءَ ۾ انتقال ڪري ويو. جمال الدين ابڙو ۽ ڪمال الدين ابڙو ٻئي شمس الدين ابڙي وڪيل مرحوم جا ننڍا ڀائر هئا.
الاهي بخش سومرو هن به N.E.D ڪاليج ڪراچءَ مان B.E ڪري سپرنٽينڊنگ انجنيئر ٿي رهيو ۽ پوءِ سياست ۾ آيو ۽ وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رهي چڪو آهي.
آغا امداد علي، هيءُ ۽ الاهي بخش خان سومرو پاڻ ۾ ڏاڍا گهرا دوست هوندا هئا ۽ گهڻو ڪري ٻئي گڏ ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
هيءُ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿي رهيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به ٿي رهيو. بخت علي جکراڻي مرحوم (ويٺل ضلع جيڪب آباد) هيءُ سيشن جج ٿي رهيو ۽ پوءِ وري وڪالت ڪندو هو. محمد صالح ميمڻ (ڏيپلي وارو) هيءُ هيلٿ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ تازو فوت ٿيو آهي، ميمڻ مير محمد مرحوم (ويٺل نوابشاهه)، قاضي غلام هادي (ويٺل هالاڻي)، مرحوم عبدالمنان قاضي (لاڙڪاڻو ضلعو) مرحوم دوست محمد ابڙو (ويٺل رتوديرو) نظام الدين ميمڻ، ملڪ غلام ياسين مرحوم (ويٺل ڪنڌ ڪوٽ)، مرحوم غلام رسول صديقي (ويٺل گڏيجي ضلع خيرپور) مرحوم عبدالرزاق ميمڻ (ويٺل خيرپور) فقير امير علي هيسباڻي مرحوم (ويٺل خيرپور ضلع) مرحوم خير محمد سرهيو (ويٺل خيرپور ضلع) هادي بخش شيخ (ويٺل گمبٽ) الاهي بخش ڪيهر (ويٺل خيرپور) انهن سڀني وڃي وڪالت شروع ڪئي.
خير محمد گهانگهرو B.Sc مون سان گڏ ڪئي ۽ وڃي پنهنجي زمينداريءَ کي لڳو. قاضي عبدالمنان مرحوم پوءِ سياست ۾ آيو ۽ سنڌ حڪومت ۾ ايريگيشن کاتي جو وزير ٿي رهيو. مرحوم غلام رسول صديقي سينيٽر به ٿي رهيو. الاهي بخش ڪيهر، اصل ويٺل خيرپور جو هو، پر هن وڪالت لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪئي ۽ سندس مستقل رهائش ان ڪري لاڙڪاڻي ٿي وئي. اڃا به اتي وڪالت ڪندو اچي ٿو. محمد اڪرم انصاري، هيءُ شڪارپور ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. خير محمد سولنگي (ويٺل جوهي ضلع دادو)، هيءُ چيف انجنيئر روڊس/بلڊنگس ٿي رهيو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات سندس نوڪريءَ دوران شهباز بلڊنگ ۾ سندس آفيس ۾ گهڻا سال اڳ ٿي هئي، پوءِ وري ملاقات ڪانه ٿي آهي.
مان نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهندو هوس ۽ صبح جو واڪ تي ويندو هوس. الاهي بخش ڪيهر وڪيل به واڪ ڪندو هو ته هڪ ڏينهن لکي ريلوي پليٽ فارم تي گڏياسين ته مونکي چيائين ته محمد علي اسان جي خيرپور واري سڄي سنگت وفات ڪري وئي آهي. مرحوم عبدالڪريم شيخ (خيرپور ضلع) مرحوم سائينداد سولنگي، مرحوم محمد صديق ميمڻ سپرنٽينڊنگ انجنيئر ٿي رهيا. مرحوم سائينداد جڏهن لاڙڪاڻي ۾ انجنيئر هو ته ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي هئي. مرحوم ظفر الدين شيخ (منهنجو سؤٽ) ۽ مرحوم محمود ميمڻ ايگزيڪٽو انجنيئر ٿي رهيا.
محمد بچل خان سومرو آرميءَ ۾ مڪينيڪل انجنيئر هو ۽ اتي ڪرنل جي عهدي تي هو ته فوج ۾ سپاهين جي ڀرتي جي سلسلي ۾ دادوءَ آيو هو. مان تڏهن دادوءَ ۾ A.D.M هوس. هن چيو ته سيوهڻ ۾ ڀرتي ڪرڻي آهي، تڏهن شايد قلندر شهباز جي ميلي جو موقعو هو، انهيءَ ڪري هن چيو ته اتي شاميانين ۽ فرنيچر جو بندوبست ڪرائي ڏيو. مون کيس سيوهڻ جي مختيارڪار کي چئي اهو ڪم ڪرائي ڏنو هو.
عبدالعليم دريشاڻي صاحب: مان جڏهن سال 1969ع ۾ پني عاقل ۾ مختيارڪار هوس ته هو جيڪب آباد ۾ سيشن جج هو ۽ اسان جي اڪثر ڪري سکر اسٽيشن تي ملاقات ٿيندي هئي. ان کان پوءِ ڪڏهن ڪونه مليا آهيون. هو ڏاڍي سٺي سڀاءَ وارو هو، جنهن کان مان ڏاڍو متاثر هوندو هوس. عبدالله آرائين صاحب: ڪاليج واري عرصي دوران اسان ٻئي جناح ڪورٽس ۾ رهندا هئاسين. هو نهايت خوش طبع هو ۽ سندس منهن تي سدائين مُرڪ هوندي هئي. اسان هاسٽل ۾ روزانو شام جو والي بال راند به ڪندا هئاسين. اسان جي ڳوٺائي محمد صالح ٻٽ مرحوم سان سندس گهڻي گهاٽائي هوندي هئي. خوش طبع هئڻ ڪري محمد صالح کي سدائين سالو ڪوٺيندو هو، جيڪو کيس برو نه لڳندو هو.
سال 1947ع ۾ ڪراچي ڇڏڻ کان 36 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ منهنجي ساڻس 1983ع ۾ دادوءَ ۾ ملاقات ٿي هئي. جڏهن مان اتي A.D.M هوس ۽ هو ڪنزرويٽر آف فاريسٽ سکر هو ۽ دادوءَ گشت تي آيو هو. اقبال جوڻيجو صاحب، جيڪو تنهن وقت دادوءَ ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر هو، ان آرائين صاحب جي اچڻ بابت ٻڌايو ته مون کيس چيو ته جنهن وقت هو اچي ته مونکي ٻڌائجو ته مان ان سان ملندس. جنهن وقت آرائين صاحب بنگلي تي پهتو ته D.F.O مون کي فون تي اطلاع ڪيو. مان پوءِ بنگلي تي ويس ۽ جيئن ئي ڪمري ۾ گهڙيس ته آرائين صاحب ڏسندي ئي چيو ته تون ته محمد علي آهين، پر احمد علي ڪڏهن کان ٿيو آهين. مون چيومانس ته مان محمد علي ئي آهيان. هن پوءِ D.F.O ڏانهن اشارو ڪندي چيو هيءُ راڌڻ کان وٺي احمد علي، احمد علي پيو چوندو اچي. پوءِ مون کي پاڻ سان گڏ ويهاري حال احوال ڪندي ٻڌايائين ته خدا بخش بچه صاحب وزير مٿس ناراض ٿي کيس پشاور اڪيڊمي ۾ موڪليو ۽ مون اتي قرآن شريف حفظ ڪيو آهي.
منهنجي اها ئي آرزو رهندي آهي ته جن سان گذريل ڪنهن وقت ۾ ٻه چار ڏينهن گڏ گهاريا آهن، تن سان ملجي. انهيءَ ڪري مان جڏهن لاڙڪاڻو ڇڏي اچي هتي حيدرآباد ۾ رهيس ته دل چاهيو ته آرائين صاحب سان ملان، پر سندس ائڊريس جي خبر ئي نه هئي. پوءِ هڪڙي ڏينهن غلام رسول ڪيريو صاحب، سکر جي ڪنزرويٽر آف فاريسٽ، جنهن سان مسجد ۾ نماز پڙهندي واقفيت ٿي وئي هئي، ان کان عبدالله آرائين صاحب جي ائڊريس جي پڇا ڪيم، پر هو پوري ائڊريس ڪونه ٻڌائي سگهيو. باقي ايترو ٻڌايائين ته لطيف آباد ۾ رهندو آهي. پر لطيف آباد يونٽ نمبر يا آرائين صاحب جي بنگلي نمبر وغيره جي کيس معلومات ڪانه هئي. پوءِ مان حيدرآباد جي موجوده ڪنزرويٽر آف فاريسٽس محمد عمر ميمڻ صاحب جن کان مڪمل ائڊريس وٺي آرائين صاحب سان ملڻ ويس. بنگلي تي پهچي مون ڊرائيور کي چيو ته بيل وڄاءِ. گهنٽيءَ تي هڪ عورت اچي دروازو کوليو، جنهن کي ڊرائيور منهنجي نالي ٻڌايو ته صاحب سان ملڻ آيو آهي، جيڪا مونکي اندر اچڻ جو چئي پاڻ اڳيان ٿي هلي. بنگلي جو ايوان تمام وڏو هو. مون ويندي ڏٺو ته هڪ پيرسن ماڻهو کٽ تي سمهيو پيو هو. مون سمجهيو ته آرائين صاحب اندر بنگلي جي ڪمري ۾ هوندو، جتان کيس وڃي منهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيندي، پر اها عورت سڌو هلي ان کٽ تي ليٽيل پيرسن مٿان بيٺي ۽ ٻڌايائين ته هيءُ آرائين صاحب آهي. پوءِ اندر وڃي ڪرسي کڻي اچي کٽ جي ڀرسان رکي ڏنائين.
مان آرائين صاحب جن جي حالت ڏسي حيران ٿي ويس ۽ دل جي اهڙي ڪيفيت ٿي وئي جو ڄڻ پڪ ئي نه پئي پوي ته هيءُ اهو ساڳيو آرائين صاحب آهي، جنهن کي ڪراچيءَ واري وقت ۾ ۽ پوءِ دادوءَ ۾ ڏٺو هيم ۽ ساڻس ڪچهري ٿي هئي. آرائين صاحب کٽ تي ليٽي تسبيح پڙهي رهيو هو. مون کيس ٻه ٽي ڀيرا ٻڌايو ته مان محمد علي شيخ آهيان، پر ان هوندي به ڪونه سڃاتائين. البت ٻه منٽ کڻي کٽ تي اٿي ويهي هٿ ڏنائين ۽ وري کٽ تي آهلي پيو ۽ تسبيح پڙهڻ لڳو. مون سان زبان سان هڪ حرف به ڪونه ڳالهايائين ۽ نه وري آخر تائين سڃاتائين. ان عورت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ چيائين ته هوءَ سندس نُنهن ٿئي ۽ ٻڌايائين ته پاڻ ذات جي لغارڻ آهي ۽ چيائين ته ماڻهو شايد ائين سمجهندا هوندا ته مون کيس بنگلي مان ڪڍي ڇڏيو آهي جو ايوان ۾ ڇاپري هيٺان کٽ تي سمهيو پيو آهي. وڌيڪ ٻڌايائين ته اٽڪل ٻن سالن کان سندس اها حالت آهي. مان آرائين صاحب جي اها حالت ڏسي سوچ ۾ پئجي ويس ته انسان پيرسنيءَ ۾ ڪيترو ته بيوس ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال بڻجي وڃي ٿو. بس پوءِ مان ساڻس ڪنهن به گفتگو ٿيڻ کان سواءِ واپس هليو آيس.
انور چوڌري: هيءُ N.E.D انجنيئرنگ ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ۾ پروفيسر ٿي رهيو آهي. باڪسنگ ائسوسيئيشن جو صدر آهي. عبدالرسول ميمڻ (ويٺل شڪارپور) غلام عباس شيخ ۽ منير شيخ (ٻئي ويٺل شڪارپور) پڻ N.E.D مان B.E ڪئي، پر خبر ناهي ته هو ڪهڙي عهدي تي رهي رٽائر ٿيا. عبدالرب شيخ مرحوم: هن کي اسپورٽس ۾ بهرو وٺندي ڏسبو هو ۽ ڏاڍو سٺو اسپورٽس مئن هو. هو لاڙڪاڻي ۾ S.P ٿي آيو هو ۽ مٿس پنهنجي ئي صوبيدار محمد مسلم سنجراڻيءَ کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳو هو، جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ گولي هڻي آپگهات ڪيو هو. محمد مسلم سنجراڻيءَ جو پيءُ الهه رکيو خان سنجراڻي پاڻ D.S.P هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ دڙي محلي ۾ رهائش هوندي هئس. هو پاڻ وڃي تصديق ڪري آيو هو ته واقعي عبدالرب آپگهات ڪيو هو، ڇو جو پهريان اهو افواهه اٿيو هو ته گوهر ايوب، جيڪو سندس دوست هو، کيس ملڪ کان ٻاهر روانو ڪري ڇڏيو هو.
عبدالرب شيخ مرحوم جڏهن لاڙڪاڻي ۾ S.P هو، تڏهن هڪ ڏينهن منجهند جي وقت جيپ ۾ ميرو خان گشت ۾ پئي ويو. تن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻو ميروخان روڊ سِرن جو ٺهيل ۽ سوڙهو هو، جنهن تي به گاڏيون ڪراس نه ڪري سگهنديون هيون. هڪ گاڏيءَ کي روڊ جي پاسي تي ڪچي ۾ لهڻو پوندو هو. مان به ان جي پويان عبدالمنان قاضيءَ جي ڪار ۾ ميرو خان ئي وڃي رهيو هوس. جيئن ته منجهند جو ٽائيم هو ۽ منهنجيون اکيون ننڊ اچڻ ڪري ٻوٽيل هيون ته اوچتو منهنجي ڪار ڊرائيور S.P جي جيپ کي ڪراس ڪرڻ لاءِ ڪار ڪچي ۾ لاٿي ته جھٽڪي اچڻ ڪري اکيون کليون ته مون جيپ تي پٺيان S.P لکيل پليٽ ڏٺي ۽ ڊرائيور کي چيم ته گاڏي روڪ پر ان دوران ڪچي مان مٽي اٿڻ جي ڪري S.P صاحب جو مُنهن سڄو مٽيءَ ۾ ڀرجي ويو. سندس ڪئپ به ڌوڙ ۾ لٽجي وئي.
هو اتي پهچي سڌو ميرو خان سب جيل تي ويو ۽ ٽوپي ڇنڊي چيائين ته پٺيان الائي ڪنهن جي ڪار پئي آئي جنهن ڌوڙ ۾ لٽي ڇڏيو. مان ميرو خان پهتس ته علي نواز خان جاگيراڻيءَ مون سان اها ڳالهه ڪئي، جنهن کي ٻڌايم ته ان ڪار ۾ مان هوس. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ مان جڏهن لاڙڪاڻي موٽيس ته S.P جن جي آفيس ۾ ويس. ساڻس ملڻ لاءِ رپورٽ ڪرايم. مون کي اندر گهرايائين. جيئن ئي مان سندس آفيس ۾ گهڙيس ته پاڻ مشڪيو. مون کيس چيو ته سائين اها ڊرائيور جي نالائقي هئي. جنهن تي چيائين ته ڪا ڳالهه ناهي. جيڪو ٽائيم مان وٽس ويٺس ته تمام سهڻي نموني ڳالهائيندو ٻولهائيندو رهيو. (اها هئي اڳئين وقت جي آفيسرن جي فراخدلي)
حسن علي ارباب مرحوم: هيءُ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر هو. هن نوجوانيءَ ۾ ئي پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو. مون هن جي دوست احمد نواز اعواڻ کان آپگهات جو سبب پڇيو، پر هن ان متعلق لاعلمي ڏيکاري. احسان علي بلوچ: هيءُ منهنجو ڪلاس فيلو هو ۽ دادوءَ ۾ E.A.D.A ٿي آيو هو ته اتي ساڻس ملاقات ٿي هئي. محمد ثابت خشڪ: هيءُ مون کان جونيئر هو. هن سان هڪ ڀيري ٽرين ۾ ملاقات ٿي هئي ته ٻڌايو هئائين ته هو E.A.D.A آهي. وري ساڻس ملاقات ڪانه ٿي. هو وفات ڪري ويو آهي.
شمس الدين سومرو مرحوم (نوابشاهه ضلع)، هن ويچاري کي شاگرديءَ واري عرصي دوران ئي T.B جو عارضو هو ۽ جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. نصير الله خان خشڪ مرحوم: هن B.E ڪئي پر ٿورو ئي وقت نوڪري ڪيائين ۽ وفات ڪري ويو. هن ۾ اها خوبي هئي جو روزانو باقاعدگيءَ سان قران شريف جي تلاوت معنيٰ ۽ تفسير سان ڪندو هو. علي بخش ٽالپر: هيءُ ميونسپالٽيءَ ۾ چيف آفيسر ٿي رهيو. يار محمد ٽالپر: هيءُ ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ سروس ۾ هوندو هو. دلشير ترڪ: هن B.Sc ڪئي هئي، پر خبر ناهي ته ڪٿي نوڪري ڪيائين. عبدالرحمٰن شاهه: هن B.E ڪئي. وڌيڪ هن جي باري ۾ ڪا خبر ناهي. تازو ئي هن لاءِ سندس هڪ ڳوٺائيءَ کان معلوم ٿيو ته هو چيف انجنيئر ٿي رهيو هو ۽ وفات ڪري ويو آهي. حاجي خان: هيءُ اليڪٽريڪل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيرو لاڙڪاڻي آيو هو ته ساڻس ملاقات ٿي هئي. حاجي خان جو ڀاءُ سليم هاسٽل ۾ مون سان گڏ رهندو هو. وڌيڪ خبر ڪانهي ته تعليم پوري ڪري ڪٿي نوڪري ڪيائين. زمان: ان کي گهڻو ڪري استاد زمان سڏيندا هئا. هيءُ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪندو هو. ڪنهن وزير جو شايد P.A به ٿي رهيو هو. ان سان دوري تي هڪ ڀيرو لاڙڪاڻي به آيو جتي ساڻس ملاقات ٿي هئي. ڪٽپر عبدالواحيد وزير هو ته مان ڪراچيءَ ۾ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هوس ته گهرايو هيائين. تڏهن زمان سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي هئي. عبدالحميد جوکيو ۽ در محمد شيخ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ٿي رهيا هئا. احمداڻي محمد الياس: هن به N.E.D مان B.E ڪئي پوءِ جي خبر ڪانهي ته ڪٿي نوڪري ڪيائين جو ساڻس منهنجي ڪراچي ڇڏڻ کان پوءِ ڪڏهن ملاقات ڪانه ٿي. هيءُ 1945ع ۾ جنگشاهي اسٽيشن تي ريلوي حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو، جنهن جو ذڪر اڳي پڻ ڪري آيو آهيان. خير محمد خان گهانگهرو: رتيديري جو رهواسي هو. هن مون سان گڏ B.Sc پاس ڪئي. هو نوڪريءَ ۾ نه گهڙيو ته وڃي پنهنجي زمينداري ڪِرت کي لڳو.
عيد محمد کوکر (ويٺل ميرو خان): هيءُ ٽريزري کاتي ۾ آفيسر رهي رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ بعد ٿوري وقت کان پوءِ اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو. هو ميرو خان ڇڏي اچي لاڙڪاڻي رهيو هو.
قاضي نظير احمد: هن قانون جي ڊگري وٺي وڪالت شروع ڪئي، پر پوءِ ترت ئي اها ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِOath Commissioner ٿيو ۽ اهو ئي ڪم دادوءَ ۾ ڪندي تازو ئي وفات ڪري ويو آهي. عبدالرسول ميمڻ مرحوم (ويٺل ضلع نوابشاهه): هن به N.E.D انجنيئري ڪاليج مان B.E ڪئي. اريگيشن کاتي ۾ ڪيترن عهدن تي رهيو. هيءُ ارسا جو چيئرمين به ٿي رهيو. هيءُ ويچارو گردن فيل ٿيڻ سبب وفات ڪري ويو. غلام حسن پرياڻي: هيءُ ڪراچيءَ ڇڏڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو دادوءَ آيو هو، جڏهن مان اتي A.D.M هوس. سندس ڀائر غلام حسين ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز اتي رهندا هئا. باقي پاڻ سيلاني ماڻهو آهي. مون کي پنهنجو ڪارڊ ڏيکاريائين، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي وقت ڪنسلٽنٽ ٿي رهيو هو. هو هر فن مولا شخص آهي. سندس زبان به ڏاڍي تيز هلندي آهي. ايتريقدر جو ڪاما ته ڪانه هوندي اٿس، پر فل اسٽاپ به ٿر واسي تمام دير دير سان ڏيندا آهن. ذهين به لاجواب آهي. هڪ ڀيري مون سندس دعوت به ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس ڀائرن کي به گهرايو هوم.غلام قادر ميمڻ: هيءُ ڊرگ انسپيڪٽر ٿي رهيو هو. ولي محمد انصاري: هيءُ ائنيمل هسبنڊريءَ ۾ چڱي عهدي تي رهيو. عطا محمد انصاري: هيءُ شايد سيشن جج ٿي رهيو، ائين ٻڌو هوم. باقي هن لاءِ ايتري پوري خاطري ڪانهي، انڪري جو ڪڏهن به ملاقات ڪانه ٿي آهي.
علي مدد جتوئي: هيءُ ڪراچيءَ ۾ انٽرميڊئيٽ ڪري بمبئي M.B.B.S ڪرڻ ويو. ٻڌو هوم ته فارين ۾ F.R.C.S ڪرڻ کان پوءِ اتيئي شادي ڪري برمنگهام ۾ سيٽل ٿيو. هو ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. سندس ڪراچيءَ ۾ انٽرميڊئيٽ دوران سندس هڪ هندو ڪلاس فيلو ڇوڪريءَ سان ڏاڍي دل هوندي هئي. هو منهنجو گهاٽو دوست هو. هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته هو ڪالهه ان ڇوڪريءَ پٺيان وڃي سندس گهر ڏسي آيو هو. سندس گهر پهچڻ وقت سندس نالو پڇيو جو هن کيس ٻڌايو. علي مدد جتوئي مسٽر قائم الدين جتوئيءَ جو ڀائٽيو هو. ڪاليج ۾ کيس سپورٽ به اهو ئي ڪندو هو. قائم الدين جتوئي صاحب پهريان روينيو ۾ مختيارڪار هو، پوءِ هن وڃي وڪالت شروع ڪئي.
مان سال 1953ع يا 1954ع ۾ قمبر ۾ هيڊ منشي هوس ته هڪڙي تپيدار ڳڙهي ياسين پاسي رهندڙ ڪن ماڻهن خلاف منهنجي ڪورٽ ۾ سڌي فرياد داخل ڪئي هئي. جنهن درخواست کي مون ڪيس فائيل تي آڻي انهن ماڻهن خلاف ضامن جوڳا وارنٽ ڪڍيا، جيڪي تعميل ٿي آيا. ڪيس جي جيڪا شنوائي واري تاريخ هئي ته مون آفيس جو ضروري ڪم ڪار لاهي ڪيس هلائڻ شروع ڪيا، مون کي پٽيوالي اچي چيو ته سائين ٻاهر هڪڙو ماڻهو بيٺو آهي ۽ اوهان سان ملڻ ٿو چاهي. مون ان کي اندر گهرايو ته اچڻ سان، مان جيستائين ساڻس ڳالهايان، هن اڳ ئي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي ته سندس نالو مولا بخش جتوئي آهي ۽ قائم الدين خان جتوئيءَ جو ڀاءُ آهي. قائم الدين جتوئيءَ جو نالو کڻڻ سان مون کي علي مدد جتوئي ياد اچي ويو. مون کيس ڪرسيءَ تي ويهاري کانئس علي مدد جتوئيءَ جو حال احوالي ورتو. ٻڌايائين ته هو سندس پٽ ٿئي ۽ اها به تصديق ڪيائين ته هو برمنگهام ۾ ئي رهي ٿو. مون کانئس پڇيو ته هو هتي اوهان وٽ ايندو ڪندو آهي، جنهن تي ٻڌايائين ته ها هو وقتي ايندو آهي ۽ ڪجهه عرصو اڳ به هتي آيو هو. پوءِ مون هن کان پڇيو ته اوهان جو ڀلا هتي اچڻ ڪيئن ٿيو آهي، جنهن تي چيائين ته توهان وٽ هڪڙو ڪيس اسان جي ماڻهن تي هلي ٿو، جن خلاف اوهان جي ڪورٽ مان وارنٽ به نڪتا آهن. سڀ جوابدار حاضر ٿيا ٻاهر بيٺا آهن. پاڻ انهن جو ضامن پوڻ ٿو چاهي. ان کان پوءِ مون کيس ٻڌايو ته تنهنجو پٽ علي مدد جتوئي ڪاليج ۾ منهنجو دوست هوندو هو، انهيءَ ڪري مان اوهان کي ڪورٽ جا ڪهڙا پنڌ ڪرايان؟ مون ڪيس ئي خارج ڪري ڇڏيو. جوابدارن کي مون اندر ڪورٽ ۾ به ڪونه گهرايو. ان کان پوءِ هو راضي ٿي روانو ٿي ويو.
جناح ڪورٽس واري مسجد ۾ هر جمعي جي ڏينهن علامه آءِ، آءِ، قاضي صاحب جن ليڪچر ڏيندا هئا، جيڪي سڀ شاگرد ٻڌندا هئاسين. مير غلام علي خان ٽالپر جيڪو وزير هو ۽ نهايت ئي شريف انسان هو، اهو به ليڪچر ٻڌڻ ايندو هو، پر هن کي جتي به جڳهه خالي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، اتي ئي ويهي رهندو هو. هو ٻه صفون لتاڙي وڃي اڳين صف ۾ ويهڻ جي نه ڪندو هو. هڪ ڀيري مان ٻين يا ٽين صف ۾ ويٺو هوس ته منهنجي پاسي ۾ ڀت طرف خالي جڳهه ڏسي اتي ئي ڀت سان لڳي ويهي رهيو. هاسٽل جا سپرنٽينڊنٽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب جن هوندا هئا، جي پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر ۽ تعليم واري وزارت جا وفاقي وزير به ٿي رهيا.
جڏهن هندستان جي ورهاڱي جي تجويز برٽش حڪومت جي زير غور هئي ته جواهر لال نهروءَ ان وقت جي گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بئٽن کي چيو هو ته اسان ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ به پنهنجي ڀارت جو اوهان کي ئي گورنر جنرل ڪري رکنداسين. خبر ناهي ته جواهر لال نهروءَ ليڊي مائونٽ بيٽن سان سندس عشق جي ڪري يا ڪنهن ٻي مصلحت هيٺ کيس ايئن چيو هو. ساڳيءَ طرح محمد علي جناح صاحب جن به کيس چيو ته پاڪستان جو به گورنر جنرل اوهان کي ئي ڪري رکنداسين. لارڊ مائونٽ بئٽن اهڙي خبر پنهنجي برٽش گورنمينٽ تائين به پهچائي هئي، پر اڳتي هلي جناح صاحب جن ان ڳالهه تي نه بيٺا (مان ته ان کي لياقت علي خان جو ئي منصوبو ٿو سمجهان، انڪري جو هن پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ پئي چاهيو). جناح صاحب جن جي پنهنجي ڪيل ڳالهه تي نه بيهڻ ڪري لارڊ مائونٽ بيٽن ڪنهن قدر ناراض ٿي جناح صاحب جن کي ٿوري سخت لهجي ۾ چيو ته سمجهو ٿا ته ان جو نتيجو ڇا ٿيندو، جنهن تي جناح صاحب وراڻيو ته اسان کي اسان جا اثاثا نه ملندا. پر هن کيس جواب ۾ چيو ته سڄي عمر لوڙيندئو ۽ برابر لوڙيون پيا ۽ لوڙيندا رهنداسين، خاص ڪري سنڌ. پوءِ ورهاڱي جو اَوارڊ (ريڊ ڪلف) جڏهن پڌرو ڪيو ويو ته گرداسپور وارو ضلعو، جيڪو پنجاب جي ٻئي حصي سان گڏ پاڪستان کي ملڻو هو، اهو ڀارت کي ڏنو ويو، جنهن ڪري ڀارت کي ڪشمير ۾ گهڙي اچڻ جو کليل رستو ملي ويو. ڪشمير جو حصو جيڪو والاريل ڪشمير سڏجي ٿو، اهو حملي کان پوءِ ڀارت جي قبضي ۾ اچي ويو. هاڻي اسان جا پاڪستاني حڪمران ان خوشفهميءَ ۾ نه رهن ته ڀارت والاريل ڪشمير ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته ڪشمير معاملي تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڀارت هر ڀيري ان کي پنهنجو اٽوٽ انگ قرار ڏيڻ جو راڳ ڳائي ٿو.
باقي اسان جا حڪمران ڀلي پاڪستاني ويڪائو قوم کي بيوقوف بڻائيندا رهن. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان وجود ۾ آيو، جنهن جي خوشيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ به جلوس ڪڍيو ويو هو. جلوس ۾ جناح صاحب وڪٽوريا بگيءَ ۾ ويٺل هو ۽ سندن همشيره مادر ملت محترمه فاطمه جناح به ويٺل هئي. ان وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ هڪ رنگي روپ وارا گهوڙا جوٽيل هئا. اهو جلوس جناح ڪورٽس هاسٽل جي سامهون واري روڊ تان گذري رهيو هو، جيڪو اسان هاسٽل مان ئي بيٺي پئي ڏٺو. جلوس لاءِ بهرحال مختصر رستو ڪڍيو ويو هو، ڇو ته ڪراچي شهر ۾ اها خبر ڦهليل هئي ته پنجاب مان هڪ ڇهن سکن جو ٽولو جناح صاحب جن تي خوني حملي ڪرڻ لاءِ پهتل آهي. جناح صاحب 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ خواجه ناظم الدين گورنر جنرل ٿيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سردار عبدالرب نشتربه جناح ڪورٽس ۾ هڪ ڀيرو اچي ڏاڍي جوشيلي ۽ سهڻي تقرير ڪئي هئي. هو شروع ۾ وفاقي وزير به ٿي رهيو، پر ترت ئي هن کي ڪنڊائتو ڪيو ويو. سردار عبدالرب نشتر لاءِ ٻڌبو هو ته لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس هلندي ڪانگريسي ليڊر سردار پٽيل کي جناح صاحب خلاف Indecent (ناشانائتو) گفتگو ڳالهائڻ تي هُن ڀريءَ ڪانفرنس ۾ سندس منهن تي هڪ زوردار چماٽ هڻي کيس خاموش ڪرائي ڇڏيو هو.
جيڪڏهن نواب بهادر يار جنگ خان مرحوم جن کي الله تبارڪ و تعاليٰ ڪجهه وڌيڪ زندگي عطا فرمائي ها ۽ سردار عبدالرب نشتر جن کي ڪنڊائتو نه ڪيو وڃي ها ته پاڪستان اڄوڪي پاڪستان کان گهڻو مختلف هجي ها، انڪري جو اهي ٻئي مخلص ماڻهو هئا. سندن قول فعل ۾ ڪوبه تضاد نه هوندو هو. انهن ٻن شخصيتن کان سواءِ اڄ تائين پاڪستان ۾ مون ڪوبه ٻيو مخلص ماڻهو ڪونه ڏٺو آهي ۽ نه ئي پيدا ٿيڻ جي توقع ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي پاڪستاني قوم لاءِ دلي درد هجي. البت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش خان جتوئي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪافي ڪجهه ڪيو. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ڏاڍا فساد ٿيا، جن ۾ ڀارت توڙي پاڪستان جي لاتعداد ماڻهن جون جانيون ويون. ڪيتريون ئي لڄالٽ جون وارداتون ٿيون، عورتون اغوا ٿيون ۽ ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي.
ان دوران اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته راس مسعود، جيڪو سنڌ ۾ نوابشاهه ضلع جو ڪليڪٽر هو، تنهن جا ٻه جوان پٽ ڀارت ۾ فسادن ۾ مارجي ويا ته هن جي دل ۾ انتقام وٺڻ جي باهه ڀڙڪي. هن ڇا ڪيو جو نوابشاهه مان هڪ سکن سان ڀريل ٽرين جيڪا رواني پئي ٿئي، اها ٽرين روڪرائي پوري ٽرين ۾ جيڪي سک هئا، سي سڀ جا سڀ شوٽ ڪرائي ڇڏيا. ان دور ۾ ڪراچي محدود شهر هو ۽ اڄ وانگر ڦهليل نه هو. انهيءَ ڪري ڏاڍو صاف سٿرو هوندو هو. البت جهونا مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ وارو ٽڪرو، گورڌنداس مارڪيٽ وارو علائقو، نيپيئر روڊ، لياري، ميٺادر، کارادر وارا علائقا ڪجهه گهڻي آباديءَ وارا هئا جو واپار وڙو اوڏانهن مڙئي وڌيڪ هوندو هو. جهونا مارڪيٽ ۾ چندو حلوائيءَ جو حلوو ڏاڍو مشهور هوندو هو. باقي ڊينسو هال کان وٺي جناح صاحب جي مزار تائين، جنهن کي ان زماني ۾ بندر روڊ ايڪسٽينشن ڪري سڏبو هو، سارو علائقو نهايت کليل ۽ صاف سٿرو هوندو هو. ڪياماڙيءَ پاسي توڙي صدر واري علائقي ۾ به ايڏي رش ڪانه هوندي هئي. ڪلفٽن برج ٺهڻ کان پوءِ ته رڳو پاڻي ئي پاڻي هوندو هو. سمنڊ جو ڪنارو پوءِ ايندو هو. جناح صاحب جي مزار ڀرسان به ڪي ٿورا ئي بنگلا ٺهيل هئا. شهر ۾ اچ وڃ واسطي به گهڻو ڪري ٽرام ۾ ماڻهو سفر ڪندا هئا. ٽرام تمام سستي سواري هوندي هئي. هلندي به چڱي خاصي تيز هئي. ٽرام جا روٽ، صدر سٽي کان ڪياماڙي (جيڪا صدر مان گذري بندر روڊ ڏي ويندي هئي) جهونا مارڪيٽ، نيپيئر روڊ تان گذرندي لياريءَ ويندي هئي ۽ هوڏانهن سولجر بزار به ويندي هئي.
ان زماني ۾ فلمي دنيا به اوج تي هئي. ڪيتريون نيون سئنيمائون زور شور سان ٺهنديون هيون. بندر روڊ تي پئليس ۽ صدر ۾ پئراڊائيز سئنيمائون به سٺيون ٺهيون هيون. فلمون به نهايت معياري ۽ اخلاق جي دائري اندر هونديون هيون. ائڪٽرن توڙي ائڪٽريسز جي ائڪٽنگ به دل کي ڏاڍي ڪشش ڪندڙ هئي. هونءَ ته گهڻا ئي ائڪٽر توڙيي ائڪٽريسون مشهور هئا، پر پرٿوي راج، چندر موهن، (ائڪٽر) ۽ سوڀنا سمرتي، مڌو بالا ۽ نرگس (ائڪٽريسون) ڪنهن قدر وڌيڪ شهرت رکندڙ هيون.
ڪاليج جي فنڪشنن ۾ سشيلا مهتاڻي نهايت سٺو ڳائيندي هئي. ”ننگڙا نماڻي دا جيوين تينوين پالڻا“ ڪلام ته خاص ڪري دلڪش انداز ۾ ڳائيندي هئي. مان دادوءَ ۾ A.D.M واري ٽائيم ۾ هڪ ڀيري ٿاڻي بولا خان گشت تي ويو هوس. اتي هڪڙو بنگلو ڏيکاريائون، جيڪو وڏو ۽ ڪافي سهڻو ٺهيل هو. چيائون ته اهو سشيلا مهتاڻيءَ جي چاچي جو هو، پر ان وقت اهو خسته حالت ۾ هو. اندر رکيل فرنيچر به ڀڄي ڀري ويو هو ۽ بنگلو خالي پيل هو.
B.Sc ڪرڻ کان پوءِ مون ٿورو وقت سئائل ڪلاسيفڪيشن (Soil Classification) آفيس ۾ نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ وري فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪجهه عرصو نوڪري ڪئي. خراس صاحب ڊئريڪٽر فوڊ هو. خدا بخش خان سهاڳ مرحوم به اتي ئي تنهن وقت نوڪريءَ ۾ هو ۽ مون کان سينيئر هو، پر پوءِ اتان ڇڏي روينيو کاتي ۾ آيو ۽ مختيارڪار ٿي رهيو.
مون کي انسپيڪٽر ماپ تور (Weights & measures) جي نوڪري ملي. پوسٽنگ شڪارپور ۾ ٿي. عملي ۾ هڪ مئينوئل اسسٽنٽ عبدالله سومرو ۽ هڪ پٽيوالو مولا بخش سومرو ئي هئا. شڪارپور ۾ تنهن وقت محمد ڇُٽل جهتيال مختيار ڪار ۽ ان سان گڏ رينٽ ڪنٽرولر به هو. هو اسان جي ڳوٺ ڀرسان جهتيالن جي ڳوٺ جو رهندڙ هو. مون ان کي رهائش لاءِ ڪنهن جاءِ جي الاٽ ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن چيو ته جنهن جاءِ کي بند پيل ڏسين ته ان جو تالو ڀڃي وڃي ويهه. تنهن وقت هندو اڃا تازو ئي لڏي ويا هئا. جايون ڪجهه خالي پيل هيون. مان پوءِ هاٿي در تي علوي محلي ڀرسان، پنهنجي آفيس جي ويجهو هڪ وڏي بلڊنگ جو تالو ٽوڙائي اتي رهيس. جڳهه جي هيٺان شاهي گودام هو ۽ رهائش مٿي هئي. لکي در به اتان ويجهو ئي هو. جتي ارباب ۽ سندس ڀاءُ جهنگل جتي هينئر ڪٽنگ سئلون هئي، ..... جتان وار ٺهرائيندو هوس، سئلون جي سامهون سئنيما هائوس به هو. وقتي سئنيما به ڏسبي هئي. منهنجي آفيس جي سامهون پوسٽ آفيس هوندي هئي. آفيس جي ڀرسان ئي فيض محمد سومري جو پئٽرول پمپ هو، جيڪو تنهن وقت جو وڏو ٽرانسپورٽر هو. جماڻي هال ٿورو پرڀرو هو، جنهن جو ايوان گهڻو ڪري سم جي پاڻيءَ سان ڀريل رهندو هو. هزاري در چڱي پنڌ تي هو.
صادق علي شاهه سٽي مسلم ليگ جو صدر هو. وقتي وقتي مون وٽ ايندو هو. هو مڙئي ڀنگ جو شوقين هو، انهيءَ ڪري ڪجهه ڀنگ ۽ باداميون وغيره مون وٽ سدائين موجود هونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ عبدالعليم عقيلي صاحب شڪارپور ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو. محمد عثمان ٻٽ منهنجي ڳوٺائيءَ خط لکيو هو ته ساڻس ملاقات ڪجانءِ. مون ان جي حوالي سان ساڻس ملاقات ڪئي هئي.
عقيلي صاحب شڪارپور مان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻه ڀيرا ڪنهن ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ شڪارپور آيو ته ٻئي ڀيرا مون وٽ اچي ترسيو هو. حالانڪ هڪڙي وڪيل (غالبن سڪندر شيخ) کيس پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چيو، پر هن کي انڪار ڪيائين. ٻيو ڀيرو جڏهن آيو ته منجهند جي مانيءَ کان ٿورو اڳ مون کيس مذاق ۾ چيو ته ڀنگ پيئندئو. بس منهنجو ايترو چوڻ ته چيائين وارو ڪر، گهوٽائي وٽ. ڀنگ ۽ باداميون ته مون وٽ اڳيئي موجود پيون هيون. پٽيوالي کي چيم ته گهوٽي وٺ. هوڏانهن گاڏيءَ جو ٽائيم به ويجهو پئي ٿيندو ويو. چيائين ته اچ ته ڀنگ پاڻ ٿا ڇاڻيون. پوءِ اسان ٻنهي (عقيلي صاحب ۽ مون) گڏجي ڀنگ ڇاڻي جڳ ڀريو. عقيلي صاحب ڀنگ پي ماني کاڌي. پوءِ اسان ٻئي گڏجي ٽانگي تي چڙهي اسٽيشن ڏانهن وياسين، پر ريلوي ڦاٽڪ بند هو. گاڏي ڇٽڻ واري هئي، انڪري اسان ٽانگي تان لهي پيرن تي زور رکيو. پٽڙيءَ ڀرسان تکا تکا وڃي پليٽ فارم تي پهتاسين مس ته گاڏي به آهستي چرڻ شروع ڪيو ۽ عقيلي صاحب گاڏي ۾ چڙهيو ئي ته گاڏي ڇٽي.
سال 1948 ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. چيائون پئي ته ٽوڙي بند ڀڳو آهي. شڪارپور شهر کي به خطرو آهي. مان تڏهن لاڙڪاڻي ۾ ادا غلام نبي مرحوم وٽ ترسيل هوس. هو اتي ريجنل فاريسٽ آفيسر R.F.O هو. ڀٽن صاحبن جي بنگلي، جيڪو گرين پئلس هوٽل جي سامهون آهي، ان ۾ هيٺ سندس آفيس هئي ۽ مٿي سندس رهائش هئي.
ٻوڏ جو ٻڌي مان شڪارپور ڊيوٽي تي روانو ٿيس، پر ٽرين رُڪ اسٽيشن کان اڳتي نه هلي، انڪري جو ريلوي لائين مٿان ٻوڏ جو تيز پاڻي پي وهيو. انهيءَ ڪري مان ۽ ٻيا ڪجهه مسافر ٽرين مان لهي پياسين، جو اسان سڀني کي شڪارپور وڃڻو هو. سڀ گڏجي ريلوي پٽڙيءَ تي پنڌ ڪندا پئي وياسين ۽ پاڻيءَ جي تيز وهڪري ڪري آڌار طور لٺيون به هٿ ڪري پاڻ سان کنيون سين. رُڪ اسٽيشن ۽ حبيب ڪوٽ اسٽيشن وچ ۾ ٽي ڪئنال رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال وهندا آهن. انهن ڪئنالن مٿان گذرڻ ۾ ڏاڍو ڊپ پئي محسوس ڪيوسين، ڇو ته ريلوي پٽڙي ۽ ريلوي سليپر به پاڻيءَ مان چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ نه پئي آيا جو سليپرن تي پير رکي آهستي آهستي ڪئنالن تان لنگهي پار پئجي. سليپرن جي وچ ۾ وٿيون هنيون. اتي انتظار ۾ بيٺا ئي هئاسين ته ايتري ۾ سکر جي پاسي کان ريلوي وارن جي هڪ ٽرالي ايندي ڏٺيسين، جنهن ۾ حبيب ڪوٽ اسٽيشن جي عملي لاءِ راشن کنيو پئي ويا. ٽرالي اسان وٺي پهتي ته ان تي چڙهي پياسين. ٽراليءَ وارن اسان کي چڙهڻ کان منع ڪئي، پر اسان کين چيو ته مهرباني ڪري اسان کي رڳو ڪئنالن کان ٽپائي پرتي ڪيو ته اسان لهي وينداسين، جنهن تي انهن اسان کي واهه ٽپائي پرين ڀر ڪيو. پوءِ اسان سڀ ٽراليءَ تان لهي وري ريلوي پٽڙيءَ سان پنڌ ڪندا وڃي خير خوبيءَ سان شڪارپور پهتاسين. رُڪ اسٽيشن کان شڪارپور تائين اٽڪل تيرنهن ميل کن پنڌ ڪيوسين. خدا تعاليٰ جي مهرباني اها ٿي جو ٻوڏ جو زور ٽٽي ويو ۽ شڪارپور جو شهر، جيڪو خطري ۾ پئي چيو ويو، اهو بچي ويو.
جيئن ته ٻٽ سرائن مان شيخ اسان جا عزيز توڙي برادريءَ وارا يا ٻيا گهڻو ڪري لڏيندا پئي ويا، انهيءَ ڪري مان به نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڳوٺ مان لڏي اچي لاڙڪاڻي رهيس، ڇو ته گهر ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهو سار سنڀال لاءِ ڪونه هو. مان لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾ هڪ شيخ صاحب جي جڳهه جي مٿئين حصي ۾ ڪرايي تي اچي رهيس. هو هيٺ پاڻ فيمليءَ سان رهي پيو. لاڙڪاڻي ۾ اچي پنهنجي سوٽ غلام حيدر مرحوم سان گڏجي بندر روڊ تي هڪ ڪرايي واري ميونسپل جي دڪان ۾ دوائن جو دڪان کوليو، پر دڪان ۾ اسان کي نقصان پيو، جنهن ڪري اهو بند ڪري ڇڏيوسين.
مون پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ئي روينيو کاتي ۾ 15.06.49 تي ڪلارڪ طور وڃي نوڪري ڪئي ۽ ترقي ڪندي A.D.M جي عهدي تان دادوءَ مان تاريخ 11.04.84 تي سٺ سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش ڪرڻ لاءِ، مان الڳ جاءِ جي ڳولا ۾ هوندو هوس ته خبر پئي ته مرمان باغ محلي ۾ هڪ هندوءَ جي جڳهه ۾ (جيڪو هندستان لڏي ويو هو) غلام دستگير خان ڀُٽو رهندو آهي، جنهن جي پنهنجي ذاتي جڳهه مڇي مارڪيٽ پاسي ٺهي پئي، جا ذري گهٽ اچي مڪمل به ٿي آهي ۽ هو اوڏانهن هليو ويندو ۽ جڳهه خالي ڪري ويندو. غلام دستگير خان ڀُٽي جي ڀيڻيويي مرحوم عبدالغفور خان ڀُٽي، جيڪو ان وقت سکر ۾ پوسٽ ماسٽر هو، سان منهنجي دعا سلام هوندي هئي. انهيءَ ڪري مان ان کان وڃي غلام دستگير خان ڏانهن خط وٺي آيس ته موجوده جڳهه خالي ڪرڻ وقت ان جو قبضو مون کي ڏي ۽ خط اچي کيس ڏنم. هن مون کي جڳهه خالي ڪرڻ جو ڏينهن ڏسيو ۽ چيائين ته ان ڏينهن پنهنجو سامان کڻي اچي جاءِ ۾ رکجانءِ. مان سندس ڏنل ڏينهن تي سامان کڻي وڃي ان جاءِ ۾ رهيس. هن کي لک شابس هجي جو مون کان قبضي ڏيڻ لاءِ پائي پئسي جي تقاضا ئي نه ڪيائين. جڳهه تازي ئي ٺهيل پئي لڳي. سٺي حالت ۾ ۽ هيٺ مٿي (ڊبل سٽوري) هئي. ان ۾ رهڻ جي ڪافي گنجائش هئي. جڳهه جي ايراضي 1200 کن چورس فُٽ هئي ۽ مرمان باغ وارو محلو به سٺو هو.
اها جڳهه پوءِ مان سٽوڊين ڊپارٽمينٽ مان اٽڪل ڇهه هزار ۽ ٻن سون رپين ۾ خريد ڪئي پر قيمت جي لحاظ کان ان جي ڪنفرميشن (Confirmation) ائڊيشنل سيٽلمينٽ ڪمشنر حيدرآباد کان ڪرائڻي هئي. تنهن وقت جيئن مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته مسٽر محمد خان چاوڙو، جيڪو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ منهنجو ڪلاس فيلو هو، اهو ائڊيشنل سيٽلمينٽ ڪمشنر هو، ان کان وڃي ڪنفرميشن آرڊر وٺي آيس. ان جڳهه ۾ مان 1948ع کان 1965ع تائين رهيس. انهيءَ دوران مون مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب کان 3081 چورس فُٽ ايراضي جو پلاٽ باقراڻي روڊ تي پنج رپيا في چورس فُٽ جي حساب سان خريد ڪيو هو. جنهن تي پوءِ جڳهه ٺهرائي سيپٽمبر 1965ع (65 واري لڙائيءَ مهل) ۾ وڃي رهيس ۽ مرمان باغ واري جڳهه مون ادا غلام نبيءَ کي سترهن هزار رپين ۾ وڪرو ڪري ڏني، جنهن ۾ هينئر سندس پٽ سعيد احمد رهندو آهي. مان باقراڻي روڊ تي ٺهرايل جڳهه ۾ سيپٽمبر 1965ع کان سيپٽمبر 1996ع تائين، پورا 31 سال، رهيس. سيپٽمبر 1996ع ۾ مون ئي ان پوري جڳهه کي ڊهرائڻ شروع ڪيو ۽ مڪمل طور ڊهرائي پٽ ڪيو.
جڳهه کي پٽ ڪرائڻ کان پوءِ پلاٽ جي ڪل ايراضي 3081 چورس فُٽن مان 1108 چورس فُٽ ايراضي ڊاڪٽر امان الله شيخ کي وڪرو ڪري ڏني. باقي 1973 چورس فُٽ ايراضيءَ تي نئين جڳهه ٺهرائي نومبر 1997ع ۾ وڃي ان ۾ ويٺس. 3 مئي 2000ع تائين ان جڳهه ۾ رهيس. انهيءَ دوران مون پنهنجي ننڍي فرزند محمد سليم جي اپريل 1998ع ۾ شادي ڪرائي.
محمد سليم تنهن وقت سکر ۾ نوڪريءَ ۾ هو. جتان کيس بدلي ڪري حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو، انهيءَ ڪري 3 مئي 2000ع تي لاڙڪاڻو ڇڏي، اسان پوريءَ فيمليءَ سوڌو حيدرآباد ۾ مستقل طور رهائش ڪئي آهي.
لاڙڪاڻي واري جڳهه بند پئي هئي، جا پوءِ 21 جون 2001ع کان فوجي فائونڊيشن وارن کي ڊسپينسري کولڻ لاءِ ٽن سالن لاءِ 8000 رپيا في ماهه ڪرايي جي حساب سان ڏنل هئي، جنهن جو مدو 20 جون 2004ع تي پورو ٿيو هو ته وري وڌيڪ ٽن سالن لاءِ مدو وڌايو ويو آهي، جو 20 جون 2007ع تي پورو ٿيو. اها فوجي فائونڊيشن واري ڊسپينسري ڊاڪٽر محمد علي کوکر صاحب انچارج ميڊيڪل آفيسر جي نگرانيءَ ۾ هلي رهي آهي.