لاڙڪاڻي جا وڪيل صاحب
• عبدالغفور خان ڀرڳڙي وڪيل: مون هن کي پهريون دفعو لاڙڪاڻي مدرسي ۾ والي بال راند کيڏندي ڏٺو هو. جڏهن مان ڊرائينگ جو امتحان ڏيڻ ويو هوس. امتحان جو سينٽر لاڙڪاڻو ئي هو. مان ان وقت ميهڙ هاءِ اسڪول جو شاگرد هوس. بهرحال هن سان پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن هو لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿيو هو ته مان ۽ ادا غلام نبي خان کيس مبارڪ ڏيڻ ويا هئاسين. هن سان منهنجي آخري ملاقات چڱا سال اڳ موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ٿي هئي، جڏهن اسان جا ڪي عزيز حج يا عمرو ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تان لاڙڪاڻي هوائي جهاز ۾ پئي آيا ته انهن کي رسيو ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪجهه مائٽن سان گڏ ويو هوس. ڀرڳڙي صاحب به ان فلائيٽ ۾ موهن جي دڙي ايئرپورٽ تي لٿو هو، جتي ساڻس ملاقات ٿي هئي. ان کان پوءِ وري ملاقات نه ٿي. ٻڌو اٿم ته هو تازو ئي وفات ڪري ويو آهي.
• عبدالرزاق سومرو صاحب: لاڙڪاڻي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ نوڪريءَ دوران ساڻس منهنجي دعا سلام شروع ٿي هئي. جيتريقدر ياد ٿو پوي ته ڪڏهن ڪڏهن سندس آفيس ۾ به وڃي ٻه چار دفعا ملاقات ۽ ڪچهري ڪئي هئم. مان پوءِ جڏهن 1968ع ۾ پروموٽ ٿي مختيارڪار ۽ پوءِ A.D.M/S.D.M ٿيو هوس ته رٽائرمينٽ تائين منهنجي نوڪري لاڙڪاڻي ضلع کان ٻاهر رهي. لاڙڪاڻي اچڻ بلڪل گهٽ ٿيندو هو، ايتريقدر جو ڪي عيدون به ٻاهر نوڪريءَ وارن هنڌن ڪيون هيون. منهنجون آخري ٻه ملاقاتون ساڻس تڏهن ٿيون، جڏهن منهنجي ڀاڻج امان الله جو والد صاحب وفات ڪري ويو هو ته ان جي تعزيت لاءِ آيو هو. تڏي تي ئي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ويندي وقت چيو هئائين ته منهن ڏيکارجان! پوءِ ٻئي ڏينهن تي پنهنجي ڀاڻج سعيد احمد سان گڏ وڃي سندس جڳهه تي چڱو وقت ويهي مون هن سان ڪچهري ڪئي، جا ساڻس آخري ملاقات هئي. منهنجي دل ته گهڻو ئي چاهيندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي وڃي سنگتين ساٿين ۽ مٽن مائٽن سان ملجي ۽ پنهنجن وفات ڪري ويلن مٽن کي مقام ۾ وڃي قُل وغيره پڙهي ختمو بخشجي، پر پيرسنيءَ ۽ ڪمزوريءَ سبب سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي، جو مان هنن سٽن لکڻ تائين 88 سالن جيڏي وڏي ڄمار کان به ڪراس ڪري چڪو آهيان. زندگيءَ جا باقي الائي ڪيترا ڏينهن باقي آهن. مسٽر عبدالرزاق صاحب جي باري ۾ وڌيڪ ڪجهه هيٺينءَ ريت به لکڻ چاهيان ٿو. مون ڪاوش اخبار جي آچر جي ڏينهن “دنيا مئگزين” ۾ قربان سنديلي جو شايع ٿيل مضمون پڙهيو، جنهن ۾ هن مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب جي لکيل ڪتاب “يادن جي ڳڙکيءَ مان” جو حوالو پڙهيو. مون تازو ئي ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي لاڙڪاڻي مان گهرائي آهي، جيڪا مان هنن ڏينهن ۾ پڙهي رهيو آهيان. توڻي جو منهنجي نظر ڪمزور آهي پر ڪتاب جي پرنٽ سٺي ۽ صاف اکرن واري آهي، جنهن ڪري مان ٿورو ٿورو ڪري ڪتاب پڙهندو آهيان، پر گهڻي زور ڏئي به پڙهندو آهيان، جو پوءِ ان ڪري تڪليف محسوس ڪندو آهيان.
• غلام مصطفيٰ خان اعواڻ ۽ الاهي بخش خان سيال وڪيل: هي ٻئي منهنجي پاڙي ڪرمان باغ ۾ ئي رهندا آهن، جن سان دعا سلام ٿيندي رهي پر هنن سان ڪڏهن ويجهي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي. الاهي بخش خان سيال کي ته ڪنهن غلط فهميءَ ۾ اچي سندس اوطاق ۾ ئي کيس شوٽ ڪري ماري ويا هئا. البت غلام مصطفيٰ خان اعواڻ جي باري ۾ خبر ناهي ته هُو زنده آهي يا نه..!!
• انور دُراني صاحب وڪيل: مان جڏهن ڪرمان باغ مان شفٽ ٿي باقراڻي روڊ جي هڪ گهٽيءَ ۾ ڪٽپر صاحب کان پلاٽ خريد ڪري ان تي جڳهه ٺهرائي ۽ اتي 1965 کان رهڻ لڳس ته انور دُراني صاحب ان پاڙي ۾ ئي ويجهو ئي رهندو هو ۽ رستي ۾ ايندي ويندي ساڻس دعا سلام پئي ٿيندي هئي. ٻڌو اٿم ته هو وفات ڪري ويو آهي.
• نور الله خان انڙ: (مسٽر امداد الله خان انڙ جو ڀاءُ) هن سان چڱي دعا سلام رهي آهي. هو شايد ته D.P.P به ٿي رهيو آهي.
• فتح محمد خان بروهي وڪيل: هن سان به راهه ويندي دعا سلام ٿيندي هئي.
• مستر غلام نبي خان شيخ: ٿاڻي ڀرسان هي جنهن جاءِ ۾ رهندو هو اُها کانئس انو علي سيال رٽائرڊ سپرنٽينڊنگ انجنيئر خريد ڪري ۽ سڄي ڊهرائي پٽ ڪري، ٻيهر ان جي تعمير ڪندي ان ۾ هيٺ شاپنگ سينٽر ۽ مٿي رهائش لاءِ جڳهه ٺهرائي آهي. مسٽر غالم نبي خان سان به ٿوري ٿڪي دعا سلام هوندي هئي.
• مسٽر تاج محمد ابڙو رٽائر سيشن جج سان لاڙڪاڻي ۾ ته مونکي ياد نه آهي ته هن سان ڪڏهن ملاقات ٿي هجي پر جڏهن هو خيرپور ۾ سيشن جج هيو ۽ فارغ هوندو هو ته سندس چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ٿيندي هئي.
• غلام سرور عباسي صاحب وڪيل: هن سان به چڱي دعا سلام هوندي هئي. مان هتي اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عبدالوحيد ڪٽپر صاحب ۽ مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب الاهي بخش خان ڪيهر جن وٽ ئي سندن آفيس ۾ ويهي وڃي ڪچهري ڪندو هئس ۽ چوٿون احمد علي شيخ صاحب وٽ سندس آفيس ۾ وڃي ڪچهري ڪندو هئس. جنهن بابت وڌيڪ ذڪر اڳتي هلي ڪندس. انهن چئن وڪيل صاحبن کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ ٻئي ڪنهن به وڪيل وٽ سندن اوطاق/ آفيس ۾ ڪڏهن به ساڻن وڃي ڪچهري نه ڪئي.
• مسٽر احمد علي شيخ صاحب: (هاءِ ڪورٽ جو جج صاحب): هن سان منهنجي چڱي مٽي به آهي، هُو جڏهن وڪالت ڪندو هو ته سندس آفيس منهنجي رهائش واري جڳهه کان بلڪل ئي ٿوري مفاصلي تي هوندي هئي. مان ڪڏهن ساڻس سندس آفيس ۾ (جيڪا مٿي پهرئين فلور تي هوندي هئي) اتي وڃي ساڻس چڱو وقت ڪچهري ڪندو هئس ۽ وٽس گهڻو ان ڪري نه ويندو هئس جو هڪ ته هو رات جو ڪيسن جي تياريءَ ۾ مشغول هوندو هو، انهيءَ ڪري کيس ڊسٽرب نه ڪرڻ چاهيندو هئس ۽ ٻيو ته هن جي آفيس ۾ پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ ڊگهي، اُڀي ۽ سوڙهي هوندي هئي، جنهن تي چڙهڻ توڙي لهڻ وقت ڊپ ٿيندو هو. هو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو هو. جج ٿيڻ بعد هو هڪ دفعو پنهنجي والده سان گڏ منهنجي گهر به آيو جو منهنجي گهرواري جي طبيعت ان وقت ٺيڪ نه هئي ۽ ان جي طبع پرسيءَ لاءِ آيا هئا. هڪ دفعي ته جج ٿيڻ جي خوشيءَ جي موقعي تي ڪيڪ به ڏياري موڪليو هيائين. خدا تعاليٰ شل خوش ۽ آباد رکيس ۽ کيس لاڙڪاڻي ضلعي جي مسٽر رحمت حسين جعفري صاحب، سيد ديدار حسين شاهه صاحب ۽ راڻا ڀڳوانداس صاحب وانگر سپريم ڪورٽ جي جسٽس جي عهدي تائين رسيا.
• مسٽر غلام قادر سمو وڪيل: هن سان لاڙڪاڻي ۾ دعا سلام هوندي هئي، هن مون کي هڪ ڪم ۾ وڏي مدد ڪئي. هو پوءِ حيدرآباد وڃي رهيو ۽ سال 1979 ۾ جڏهن ڪوٽڙيءَ ۾ سٽي مئجسٽريٽ هئس ته هڪ دفعو مون وٽ آيو هو.
• مسٽر امان الله خان شيخ وڪيل: هي منهنجو سڳو ڀاڻج ٿئي ۽ انهيءَ ناتي گهر جو ڀاتي ئي ليکجي، باقراڻي روڊ تي منهنجي گهر جي جڳهه ۽ سندس گهر جي جڳهه لڳو لڳ آهن ۽ وچ ۾ صرف ڀت آهي، انهيءَ ڪري هن لاءِ وڌيڪ ڇا لکان ۽ اهو لکڻ ئي ڪافي آهي جو هن لاءِ اڳ ڪافي لکيو اٿم، تنهن هوندي به ايترو سچ چوندس ته پئسي جي ڏيتي ليتيءَ ۾ سندس اڳ ڪارپت سٺي نه رهي آهي. جنهن لاءِ هو پاڻ به هينئر محسوس ڪندو هوندو. امان الله جي ڄمڻ وقت سندس والده (منهنجي همشيره) بيمار ٿي پئي، جنهنڪري کيس منهنجي گهرواري ٿڃ پياريندي هئي.
• مسٽر غلام الله شيخ وڪيل: هي نوان تڪ ۾ رهندو هو ۽ هُو منهنجو پڦاٽ ٿئي. هن جي پهريائين سياسي وابستگي ته قاضي فضل الله صاحب جن سان هئي ۽ ٻڌو هيم ته ان جي رضامندي وٺڻ بعد ئي پيپلزپارٽيءَ ۾ آيو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جن جي ويجهن ماڻهن مان هو. ان حد تائين ته مونکي اڳ خبر هئي ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جن کيس فارين سروس لاءِ سليڪٽ ڪيو هو، جنهن ڪري کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻو هيو پر سندس والد بزرگوار ان ڳالهه ۾ راضي نه هيو، جنهن ڪري هو نه ويو. هينئر جڏهن مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب جو ڪتاب مون پڙهيو ته ان ۾ هن مسٽر غلام الله جي باري ۾ سموري حقيقت هيٺينءَ طرح لکي آهي. “شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب جڏهن وزيراعظم هيو، تڏهن غالم الله جي چوڻ تي کيس وزارت خارجه ۾ فرسٽ سيڪريٽري جي عهدي لاءِ چونڊي سول سروس اڪيڊمي لاهور ۾ ڇهن مهينن جي تربيت لاءِ موڪليو ويو. ٽريننگ پوري ڪرڻ کان پوءِ ملڪ کان ٻاهر آرڊر ڪيو ويو. ٻاهر وڃڻ کان اڳ جڏهن مٽن مائٽن کان موڪلائڻ لاڙڪاڻي آيو ته سندس پيءَ کيس روئندي چيو ته “تون ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهين، مان مري ويندس ته منهنجو مُنهن به نه ڏسندين!” ايتري چوڻ جو مٿس ايڏو اثر ٿيو جو هن نوڪري ڪرڻ کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو. خدا جي قدرت ته ڏسو جو ملڪ ۾ ئي رهندي پاڻ پنهنجي پيءُ کان اڳ گذاري ويو ۽ سندس والد سندس مرڻ کان ڪيترائي ورهيه پوءِ به حال حيات رهيو.
• مسٽر عبدالمنان: هيءُ صوبائي اسيمبليءَ جو ميرو خان تعلقي مان ميمبر چونڊيو ويو ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ۾ ايريگيشن کاتي جو وزير ٿي رهيو. هن لاءِ ڪافي ڪجھه اڳ به لکي آيو آهيان.