S.D.M ميرواهه
مير غلام حسين ٽالپر ميرواهه سب ڊويزن جي فيض گنج تعلقي پنهنجي ڳوٺ رضاآباد ۾ رهندو هو، جيڪو فيض گنج ۽ ناري تعلقي جي دنگ تي هوندو هو. هن لاءِ ٻڌو هيم ته هو اصل ٻئي هنڌ رهندو پر شڪار جو ڏاڍو شوقين هوندو هو، انهيءَ ڪري اتان ڇڏي اچي ناري تعلقي جي دنگ تي رهيو هو، جو ان تعلقي ۾ تلور، تتر ۽ ڦاڙهي وغيره جو گهڻو شڪار ڪندو هو. بهرحال ميرواهه جي چارج وٺڻ کان اڳ مان جميل احمد صديقي صاحب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سان ملندو ويس، مونکي ڏسي چيائين ته توکي ڇا ٿي ويو آهي، ڪراچيءَ ۾ ته ڳاڙهو لڳو پيو هوندو هئين! مان کيس چيو ته سائين عمر جي لحاظ سان ته ائين ٿيندو ئي آهي، مان مير غلام حسين ٽالپر ڏانهن نياپو ڪري موڪليو ته مون سان ملي وڃي. هو آيو ته کيس ٻڌايم ته ڪمشنر صاحب جن اوهان جي پارت ڪئي آهي ۽ چيائين ته اوهان سندن دوست آهيو، انهيءَ ڪري جڏهن به اوهان جو ڪم ڪار پوي ته ضرور چئجو. جميل احمد صديقي صاحب جن پوءِ جڏهن خيرپور ضلع مان بدلي ٿي ويا ته مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب جن سندن جاءِ تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مقرر ٿي آيا. الاهي بخش خان ٻانڀڻ جيڪو مون سان منهنجي ميرواهه جي مختيارڪار واري وقت نه ٺهيو هو ۽ منهنجي بدلي ڪرائڻ لاءِ وفد به ڪمشنر صاحب جن ڏانهن وٺي ويو پر صاحب موصوف هن کي انڪار ڪري ڇڏيو هو (اهڙو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان). ان سان ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبلي هال ٻاهر هڪ دفعو ملاقات ٿي هئي ۽ ان وقت هُن ڏاڍو قرب ۽ عزت واري لهجي سان ڳالهايو، جو مان خيرپور ضلعو ئي ڇڏي چڪو هئس، منهنجي ميرواهه ۾ S.D.M ٿي اچڻ کان اڳ ڪنهن کيس سندس ئي ڪراچيءَ واري بنگلي ۾ بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، سندس قتل جي ذميوار جو ڪو پتو نه پيو هو ۽ نه وري ڪا پوليس وٽ فرياد ئي داخل ٿي هئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته سندس دوست سيد امام علي شاهه (جيڪو ان دوران ڪراچيءَ ۾ ئي پوليس آفيسر هيو)، ان ڳالهه کي دفن ڪرائي ڇڏيو. مان چارج وٺڻ بعد سندس پٽن ظفر ٻانڀڻ ۽ زاهد ٻانڀڻ جن وٽ ظفر آباد تعزيت لاءِ ويو هئس. پوءِ ته هنن ۽ منهنجو هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ چڱو ٿيندو رهيو، جو فيض گنج تعلقو به ميرواهه سب ڊويزن ۾ هيو.
مان جڏهن ميرواهه ۾ مختيارڪار هئس يا وري جڏهن پوءِ S.D.M ٿي ويس ته گمبٽ تعلقي ۾ محرم دوران منهنجي ڊيوٽي گڏيجيءَ ۾ لڳندي هئي، ڇاڪاڻ جو ان دور ۾ ميرواهه سب ڊويزن ۾ شيعا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا سي به ڄڻ ظاهر ئي ڪونه هوندا هئا. انهيءَ ڪري شيعا ــــ سنيءَ جو کٽراڳ نه هوندو هو. S.D.M واري دور ۾ جڏهن منهنجي ڊيوٽي گڏيجيءَ ۾ لڳي ته ٻنهي فرقن ۾ ڇڪتاڻ هئي، شيعن جو مکيه ماڻهو وهاب پيرزادو ۽ سنين ۾ وري صديقي مکيه ڪردار ادا ڪندا هئا. اصل جھڳڙو ان ڳالهه تان ئي هوندو هو جو اهل شيعت وارا سڄي رات ماتم ڪري صبح جو فجر جي عين نماز واري ٽائيم تي ماتمي جلوس ڪڍي سنين جي مسجد جي دروزاي سامهون روڊ تي بيهي ماتم ڪندا هئا، جنهن ڪري جماعتين جي نماز ۾ رخنو پوندو هو ۽ سنت جماعت وارا ان تي سخت ناراض ٿيندا هئا ۽ صورتحال جهيڙي جي نوبت جهڙي ٿي ويندي هئي.
مان پوءِ ٻنهي فرقن جي ماڻهن کي ٿڌو ڪندو هئس، سنت جماعت وارن کي چوندو هئس ته ٻارنهن مهينن ۾ هن جو اهو هڪڙو ڏينهن اچي ٿو، انهيءَ ڪري اوهان ڪجهه ٿڌا ٿيو ته هو ڀلي ماتم ڪندي گذري وڃن، جو انهن جي روٽ پرمٽ به انهيءَ رستي سان هوندي هئي ۽ ساڳي طرح اهل شيعت وارن کي چوندو هيس ته اوهان به ايترو ڪيو جو مسجد جي در وٽ جلوس روڪي ماتم بيهي نه ڪيو، انهيءَ بجاءِ ماتم ڪندي تڪڙا اتان گذري وڃو. پوءِ ٻئي ڌريون مڙئي تعاون ڪنديون هيون. هڪ دفعي ته مان فجر جي نماز ان سنين واري مسجد (جيڪا ماتمي جلوس جي روٽ پرمٽ ۾ ڏيکاريل رستي جي وچ ۾ ايندي هئي) ان ۾ وڃي پڙهي ۽ ٻنهي ڌرين جي تعاون سان ڪا جھڳڙي واري نوبت نه آئي. ساڳي طرح گمبٽ تعلقي ۾ ئي سائين سچل سرمت جي درازن ۾ ميلي ۾ به ٻين سان گڏ منهنجي به ڊوٽي لڳندي هئي ۽ انهن موقعن تي به ڪو گوڙ وغيره نه ٿيو هو.
نارو تعلقو جيڪو ڪوٽڏيجي سب ڊويزن ۾ هو، ان ۾ تلور، تتر ۽ ڦاڙهي وغيره جو شڪار گهڻو هوندو هو، ان تعلقي جي حد ميرواهه سب ڊويزن جي ٻنهي تعلقن ميرواهه ۽ فيض گنج سان لڳندي هئي. اهو نارو تعلقو، عرب امارات جي امير شيخ زيد بن نهيان جن کي ليز تي ڏنل هوندو هو، جنهن ۾ امير پاڻ ۽ عرب شهزادا ئي شڪار ڪري سگھندا هئا ۽ ٻئي ڪنهن کي پوري تعلقي اندر شڪار ڪرڻ جي پرمٽ ڪانه ملندي هئي، باقي ڪو لڪي لڪي وڃي شڪار ڪري ايندو هجي ته اها ٻي ڳالهه هئي.
عرب امارات جي امير جن جي طرفان بشير نالي هڪ پنجابي نگهبانيءَ لاءِ رکيل هوندو هو، جيئن ڪو غير قانوني طرح ان تعلقي ۾ نه اچي شڪار ڪري، جيڪڏهن هو ڪنهن کي شڪار ڪندي ڏسندو هو ته هو هڪدم سندن هيڊ آفيس (رحيم يار خان (پنجاب صوبو) کي اطلاع ڪندو هو، جي وري وڌيڪ ڪارروائي ڪندا هئا. هڪڙي رات ڪمشنر صاحب آغا رفيق حسين جن فون ڪئي ته ٻانڀڻ ناري تعلقي ۾ وڃي شڪار ڪري آيا آهن، انهن خلاف قدم کڻجان ۽ هن ڊپٽي ڪمشنر کي به چيو آهي اهو به توکي فون ڪندو. ٿوري دير بعد ڊپٽي ڪمشنر صاحب به فون ڪئي ۽ ساڳي ڳالهه چيائين. حقيقت اها هئي جو ٻانڀڻ زاهد ۽ سندس چاچو عبدالمجيد ۽ ٽيون ڄڻو هڪ جيپ ۾ ۽ ٻي جيپ ۾ زاهد ٻانڀڻ جا ٻه ماما محمد قاسم ۽ ٻيو وڃي ناري ۾ شڪار ڪيائيون ته بشير راکي کين ڏسي ورتو ۽ کين شڪار ڪرڻ کان منع ڪئي، جنهن تي ٻانڀڻن هن سان جهيڙو ڪيو، اهڙو اطلاع هن هيڊ آفيس رحيم يار خان ڪيو، جتان ڪمشنر صاحب جن کي ٻانڀڻ خلاف قدم کڻڻ لاءِ چيو ويو. انهيءَ وقت ظفر ٻانڀڻ مون وٽ ٻئي ڪواٽر ۾ ماني پئي کاڌي، جنهن کي مون چيو ته هنن سڀني ٻانڀڻ کي جيڪي شڪار ڪرڻ ويا هئا، انهن کي چوي ته صبح جو مون سان اچي ملن، مون کيس وڌيڪ ڪا به ڄاڻ نه ڏني.
صبح جو بشير ۽ گيم انسپيڪٽر وساڻ به مون وٽ آفيس ۾ آيا پر زاهد ٻانڀڻ ۽ ٻيا واسطيدارر اڃا نه پهتا هئا ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن فون تي پڇا ڪئي ته ڇا ٿيو؟ جنهن تي مون کين چيو ته ٻانڀڻ اڃا نه آيا آهن ۽ مون هنن کي چورائي موڪليو آهي ته اچن. ائين ڪندي اهي ٻانڀڻ جيڪي ملوث هئا، اهي ته پئدا ڪونه ٿيا پر هو ڪيڏانهن کسڪي ويا هوندا، جو هو ڳالهه کي سمجھي ويا هوندا. پوءِ امام بخش بگھڙ ۽ ٻيا ٽي چار غير واسطيدار ٻانڀڻ آيا. ته ايتري ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن وري فون ڪري پڇا ڪئي ته ڇا ٿيو! مون کين چيو ته سائين ڏنڊ ڪري ڇڏيان، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڪجهه خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين ته چڱو ڏنڊ وجهين. انهيءَ دوران راکي بشير پنجابيءَ چيو ته سائين ٻي به هڪ جيپ ۾ ماڻهو شڪار ڪرڻ ناري تعلقي ۾ ويا آهن ۽ مون کي هڪڙو سپاهي گهرائي ڏيو ته هو انهن جي پٺيان وڃن. مان هن کي هڪڙو سپاهي گهرائي ڏنو ۽ ٻئي انهيءَ جيپ جي پريان تلاش لاءِ ويا. مان جيڪي ٽي ڄڻا زاهد ٻانڀڻ، سندس چاچو عبدالمجيد ٻانڀڻ ۽ ٽيون جيڪو ساڻ هين ۽ هوڏانهن ٻي جيپ وارن زاهد جي مامن محمد قاسم ۽ ڀاڻس کي في ماڻهو 500 روپيا ڏنڊ وجهي اهو جيڪي امام بخش ۽ ساڻس گڏ آيل ٻانڀڻن کان وصول ڪري ڏنڊ جي رقم گيم انسپيڪٽر وساڻ کي ڏئي کين انهن کي ٻه جدا جدا رسيدون وٺي ڏنيون. گيم انسپيڪٽر جو خيال ڏٺم ته ڏنڊ وڌيڪ وجھان ها، جو هن کي ڏنڊ جي رقم جو 30 سيڪڙو ملندو هو پر مون کي وڌيڪ چئي نه سگهيو.
شام جو مان آفيس مان اٿي اڃا پنهنجي جڳهه تي پهتس ئي مس ته بيل وڳي مان ٻاهر اچي ڏٺو ته بشير ۽ سپاهي پير عبدالقادر شاهه ٻه نينگر ۽ ٻه ٽي مريد به ساڻ هئا. انهن کي جيپ سوڌو وٺي آيو. مان پير صاحب جن کي سڃاڻندو هئس جو مان گمبٽ تعلقي ۾ مختيارڪار ٿي رهي آيو هئس.
مان سڀني کي اوطاق ۾ ويهاريو ۽ بشير کي چيم ته پير صاحب عزتدار آهي ۽ هن جي مٿي شڪايت نه ڪجان ۽ مان پير صاحب کي منع ٿو ڪيان ته آئينده اوڏانهن نه ويندو. پوءِ مون پير صاحب جن کي چيو ته سائين وقت ڏسو ته خراب لڳو پيو آهي، انهيءَ ڪري اوهان اوڏانهن شڪار لاءِ نه ويندا ڪيو. پير صاحب چيو ته هن کي خبر نه هئي ۽ هو ڍيڍاڻي مريدن ڏي ويو هو، جيڪي کيس شڪار تي وٺي ويا هئا پر آئنده نه ويندو. بشير صاحب کي شابس هجي جو منهنجي چوڻ تي پير صاحب خلاف مٿي ڪا به شڪايت نه ڪئي. مون اها ڳالهه ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي به ٻڌائي هئي، پير عبدالقادر شاهه تازو ئي وفات ڪري ويو آهي.
ميرواهه ۾ منهنجي S.D.M هئڻ دوران غلام محمد خان ڀُٽو ٺري ميرواهه ٿاڻي جو انسپيڪٽر هو. مان جڏهن اتي مختيارڪار هئس ته S.H.O رهيو هو. هو به لاڙڪاڻي جو ئي ويٺل هيو، پر انسپيڪٽر هئڻ دوران هن جي خلاف رشوت جون ڏاڍيون شڪايتون ٿيون، جا ڳالهه مان D.M صاحب مسٽر غلام محمد خان ميمڻ سان ڪئي، جنهن کيس خيرپور ضلع مان ئي بدلي ڪرائي ڇڏيو، ان جي جاءِ تي عبدالله ميمڻ انسپيڪٽر ٿي آيو، جيڪو سڄو ڏينهن شاهه محمد ٻانڀڻ ۽ سندس ڀائرن جي خوشامد ۾ لڳو پيو هوندو هو، ايتريقدر جو هنن وٽ ڪڏهن دعوت ٿيندي هئي ته مهمانن آڏو پليٽون به انسپيڪتر پاڻ هر هڪ اڳيان رکندو ويندو هو.
هن جي بدلي ٿيڻ بعد منظور مغل انسپيڪٽر ٿي آيو ۽ هن پنهنجي زيردستن کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو هو، جيڪي پيا ڦرلٽ ڪندا هئا ۽ هن کي به راضي رکيو ويٺا هوندا هئا. هن جي بدلي ٿيڻ بعد عزيز الله خان بروهي انسپيڪٽر ٿي آيو، جو نهايت نيڪ ۽ نماز جو پابند هوندو هو ۽ هن خلاف خلق آزاديءَ جي ڪا شڪايت ته ظاهري ٻڌڻ ۾ نه ايندي هئي پر ٿورو ٿڪو ته پوليس کاتي ۾ هر پوليس آفيسر وٺندو رهندو آهي، هو ڀُٽي صاحب جي لاٿل آفيسرن وانگر عتاب هيٺ آيل هو پر پوءِ وري نوڪريءَ تي چاڙهيو ويو هو. منهنجي ميرواهه سب ڊويزن ڇڏي وڃڻ وقت به اتي ٺريءَ ۾ ئي انسپيڪٽر هيو.
تپيدارن جون بدليون پهريائين ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب سڄي ضلع ۾ پاڻ ڪندو هو پر پوءِ S.D.M کي لکي موڪليائين ته هر هڪ S.D.M پنهنجي سب ڊويزن ۾ تپيدارن جي بدلي ڪري پر هر هڪ S.D.M پنهنجي سب ڊويزن ۾ تپيدارن جي بدلي ڪري پر هر هڪ تپيدار بدليءَ جي آرڊر جي ڪاپي بدليءَ جي سببن ڄاڻائڻ سان ڪنفرميشن (confirmation) لاءِ ڏانهس موڪلي وڃي. مان ته ايڪڙ ٻيڪڙ مناسب بدلي ڪندو هئس ۽ ڪاپي ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪليوندو هئس ۽ جيڪي به مون بدلين جا آرڊر ڪيا هئا، اهي سڀ صاحب موصوف Confirm ڪيا هئا.
خيرپور سب ڊويزن جو S.D.M بدلي ٿي ويو ته اڃان جيئن ته اها جاءِ خالي پئي هئي، انهيءَ ڪري ان جي چارج عارضي طور شوڪت علي شيخ سٽي مئجسٽريٽ کي ڏياري وئي هئي. هن عارضي چارج وٺندي ئي 16 تپيدارن جي بدلين جو هڪ ئي آرڊر ڪڍيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن بحاليءَ (Confirmartion) لاءِ موڪليو پر هن سڄو آرڊر رد ڪري ڇڏيس. ٿورن ڏينهن بعد ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن S.D.M ۽ مختيارڪارن جي ماهياني ميٽنگ سڏائي ۽ ميٽنگ ۾ ايس ڊي ايمز ۽ مختيارڪار ويٺا هئاسين ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب شوڪت علي شيخ کي ڏاڍو دٻايو ته بدلين جا آرڊر تو ڇو ڪڍيا، تون S.D.M ته ڪونه هئين ۽ ڀري ميٽنگ ۾ ٽڪو مان ڪيائينس.
منهنجي سب ڊويزن جي هڪ تپيدار محمد قاسم راڄپر کي هڪڙي سندس تپي جي کاتيدار 300 روپيا رشوت وٺڻ تي ائنٽي ڪرپشن کان ڇاپو هڻائي پڪڙايو ۽ کيس گرفتار ڪرايو. ائنٽي ڪرپشن وارا هن کي ته گرفتار ڪري وٺي ويا پر سندس رڪارڊ ضبط نه ڪيائون. ان کاتيدار ڏانهن ڍل جا 300 روپيا رهيل هئا. تپيدارن بندوبست ڪري رسيد بوڪ هن کي جيل ۾ ڏياري موڪليو ۽ تپيدار ان کاتيدار جي نالي 300 روپيه ڍل جي رسيد ڪڍي ڇڏي. هن پوءِ ضامن ٿيڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ضامن نه پئي ٿيس. پوءِ مونکي نياپو موڪليائين ته مهرباني ڪري سندس ضامن ڪرايان. ان وقت مسٽر عبدالجبار بچاڻي ائنٽي ڪرپشن جج سکر مقرر ٿي آيو. منهنجا هن سان ڪاليج واري وقت کان سٺا تعلقات هئا. مان پوءِ ان ڏانهن سکر وڃي ساڻس مليس ۽ ضامن کڻڻ لاءِ چيومانس، مان ائين به کيس ٻڌايو ته اهي پئسا رشوت جا ناهن پر کاتيدار تپيدار کي ڍل جا ڏنا آهن ۽ اوهان ڀلي رڪارڊ گهرائي ڏسو. هو اڃا انهيءَ ڏينهن ئي آيو هو ۽ کيس بنگلو به اڃا خالي ٿي ڪونه مليو هو ۽ سيشن جج صاهب محمد صالح ميمڻ وٽ ئي ترسيل هو ۽ مان به اتي ئي وڃي ساڻس مليو هئس (محمد صالح ميمڻ صاحب به منهنجو ڪراچيءَ کان واقف هيو، جو جڏهن هو اتي ائڊيشنل سيشن جج هيو ۽ مان ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هيس ته آفيسر هاسٽل ۾ ٻنهي جا ڪمرا هڪٻئي جي ڀرسان ئي هوندا هئا) عبدالجبار بچاڻي صاحب پوءِ تپيدار جو رڪارڊ گهرايو ۽ جيئن ته 300 روپين جي کاتيدار جي نالي ڍل جي رسيد نڪتل هئي، انهيءَ ڪري هن تپيدار جو ضامن کنيون. تپيدار تي ڪيس هلندڙ ئي هيو جو مان ميرواهه مان موڪل تي هيلو ويو هئس ۽ پوءِ دادوءَ ۾ منهنجي A.D.M طور پوسٽنگ ٿي هئي. جڏهن هو ڪيس مان بري ٿيو ته سپيروائيزنگ تپيدار غيور عباس کي محمد قاسم تپيدار وٺي مون وٽ دادوءَ آيو ۽ چيائين ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب پوسٽنگ آرڊر نٿو ڏئي، سو اوهان کان جيڪا مدد ٿي سگهي سا ڪريو.
مسٽر غلام محمد ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر صاحب منهنجي ماسات عبدالحميد شيخ ايگزيڪيوٽر انجنيئر جو گهاٽو دوست هو ۽ ٻئي دادوءَ ۾ گڏ رهيا هئا. مان پوءِ پنهنجي ماسات کي چيو ته مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب کي چوي ته تپيدار کي پوسٽنگ آرڊر ڏئي، هن پوءِ ساڻس فون تي ڳالهايو جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر صاحب S.D.M ميرواهه کي فون ڪئي ته محمد قاسم تپيدار جيڪو تپو چوي ان تپي تي رکو، ائين هن کي سندس مرضيءَ موجب تپي تي رکيو ويو.
مسٽر عبدالحفيظ ميمڻ صاحب جسٽس هاءِ ڪورٽ جن ٺري ميرواهه ۾ ڪورٽن جي انسپيڪشن تي آيا هئا، پر مان ان ڏينهن هيڊ ڪواٽر ۾ موجود نه هئس. هنن منهنجي ڪورٽ ۽ مختيارڪار ميرواهه جي ڪورٽ جي انسپيڪشن ڪئي، ساڻس سيشن جج صاحب خيرپور مسٽر تاج محمد ابڙو (ويٺل لاڙڪاڻي) ۽ خيرپور بار جو صدر مسٽر عبدالرزاق ميمڻ جن گڏ هئا. منهنجو خيرپور وڃڻ ٿيو ته سيشن جج صاحب ٻڌايو ته جسٽس صاحب جن منهنجي ڪم مان ڏاڍا مطمئن ٿيا هئا ۽ ٻيو مسٽر محمد بخش سومرو مختيارڪار گمبٽ جي ڪورٽ جي انسپيڪشن دوران سندس ڪم مان به مطمئن ٿيا هئا. (تاج محمد ابڙو سيشن جج صاحب چيو ته اهو سندس لاءِ فخر جو باعث آهي، جو مان ۽ محمد بخش سومرو مختيارڪار ٻئي سندس ئي شهر لاڙڪاڻي جا هئاسين).
مسٽر عبدالحفيظ ميمڻ صاحب پوءِ گهڻو ڪري ته هاءِ ڪورٽ سنڌ جو چيف جسٽس به ٿي رهيو هو ۽ ٻڌو اٿم ته وفات ڪري ويو آهي.
مسٽر ظفر ٻانڀڻ (مرحوم الاهي بخش ٻانڀڻ جو وڏو فرزند) پير صاحب پاڳاري جن کي هڪڙي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ظفرآباد ۾ چانهه جي دعوت ڏني هئي. مون پير صاحب جن جي اوڏانهن وڃڻ واري وقت تي رستي تي مکيه چونڪن تي پوليس بيهاري ڇڏي هئي، جيئن پير صاحب جن جي گاڏي رستي تي نه بيهي، ڇاڪاڻ جو پير صاحب جن جو ڪنهن پاسي وڃڻ جي پروگرام جي سندن مريدن کي خبر پوندي آهي ته اُهي به ان پاسي ويندا آهن، جيئن سندن زيارت ڪري سگهن، مان ان ڪري احتياطن پوليس، چونڪن تي بيهاري ته متان پير صاحب جن جا مريد نه رستي روڪ ڪن.
مان به ظفر آباد ويس ته اتي منهنجو پير صاحب جن سان تعارف ڪرايائون ته سائين هي S.D.M ميرواهه آهي. پوءِ پير صاحب جن ۽ مان هڪڙي ڪمري ۾ گهڙياسين ته پير صاحب جن مونکي چيو ته ويهو ته ڪچهري ڪيون. اڃا اسان ٻئي ويٺاسين ۽ ڪا گفتگو به اڃا شروع نه ٿي ته وڏيرو فيض محمد خان ٻانڀڻ اندر ڪمري ۾ آيو ته پير صاحب جن اٿي ساڻس مليا ۽ کيس چيائون ته فيض محمد خان ويهو پر هن پير صاحب جن کي چيو ته سائين اوهان مرشد آهيو، اوهان جي آڏو ڪيئن وهندس. پير صاحب جن، مان ۽ فيض محمد خان ٻانڀڻ بيٺا هياسين ته ميزبانن مان هڪڙي اچي پير صاحب جن کي چيو ته سائين چانهه تيار آهي. اسان پوءِ ٻاهر اچي چانهه جي ٽيبل تي بيٺاسين ته مان پير صاحب جن جي سامهون بيٺو هئس ته پير صاحب جن جي فياضيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جو هن ڪوپ کڻي هڪ ٻانڀڻ کي ڏنو ته بابا ايس ڊي ايم صاحب کي ڪافي ٺاهي ڏيو.
چانهه پي فارغ ٿيڻ بعد پير صاحب جن واپس پئي ويا، سندن گاڏي دروازي وٽ بيٺل هئي ته اتي بيهي پڇيائون ته بابا S.D.M صاحب ڪٿي آهي ته موڪلايونس. مان ٿورو پوئتي ڪنهن ٻانڀڻ زميندار سان ڳالهائيندو پئي آيس ته کيس ٻڌايائون ته سائين S.D.M اچي پيو، مان آيس ته پير صاحب جن مون کان ۽ ٻين کان موڪلائي روانا ٿي ويا. پير پاڳارو صاحب تازو ئي وفات ڪري ويو آهي.
هڪ ڇهن C.S.S آفيسرس انڊر ٽريننگ جو گروپ پنجاب صوبي جو خيرپور آيو هو ته D.C صاحب مونکي فون ڪئي ته اهو آفيسرن جو گروپ ٺري ميرواهه (Outing) سير لاءِ ايندو ته انهن کي ڪجهه سير ڪرائجان. پوءِ مان هنن جو پروگرام امام بخش خان شيني جي ڳوٺ رکرايو ۽ رات جي مانيءَ جو بندوبست به اتي ڪرائي کين اتي ئي رات رهائي. امام بخش خان شيني جي ڳوٺ ڀرسان هڪ ڊنر هئي، جنهن ڪري آفيسرن کي شڪار ڪرائڻ لاءِ هن ڪجهه ڪارتوس به گهرائي ڇڏيا هئا. رات گذاري صبح جو کين ان ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ لاءِ وٺي هليو جو، مڙئي هڪ ٻن آفيسرن اهڙو شڪار جو خيال ڏيکاريو هيو. آفيسر شڪار تي نه هليا پر سواءِ هڪ ٻن پکين کان وڌيڪ شڪار به نه لڳن. سڀئي آفيسر پوءِ ناشتو به اتي ڪري واپس خيرپور روانا ٿي ويا. (هي جدا جدا گروپ جا آفيسر هئا).
تعلقي فيض گنج جي هڪ کاتيدار نبي بخش لاشاري پنهنجي زمين لاءِ نئين پيچ (واٽر ڪورس) منظور ڪرايو هو. نئين پيچ منظور ڪرڻ تي ڪنهن کي اعتراض هوندو هو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي اريگيشن ائڪٽ جي 91 سيڪشن هيٺ ڌرين کي ٻڌي اعتراض رد ڪرڻ جو اختيار هوندو هو ۽ جيڪڏهن اعتراض رد ڪندو هو ته نئين پيچ جي منظوري ڏيندو هو پر جيڪڏهن اعتراض جائز ڏسندو هو ته پيچ منظور نه ڪندو هو.
نبي بخش لاشاريءَ جي منظور ٿيل پيچ (نئين واٽر ڪورس( تي سندس مخالف ڌر نيڪ محمد لاشاريءَ کي اعتراض هو پر ايريگيشن جي واسطيدار عملي غلط رپورٽ ڪري نيڪ محمد لاشاريءَ جي غير موجودگيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کان نبي بخش لاشاريءَ جي فائدي ۾ هڪ طرفو فيصلو ڪرايو هو.
نبي بخش لاشاريءَ اسسٽنٽ انجنيئر ايريگيشن فيض گنج کي سرزمين تي پيچ کوٽائي ڏيڻ لاءِ چيو جيڪو پوليس فورس پاڻ وٺي سرزمين تي ويو ته مخالف ڌر نيڪ محمد لاشاريءَ وارا اڳ ئي هٿياربند ٿي ويٺا هئا ۽ نبي بخش لاشاري ۽ ساڻس گڏ اسسٽنٽ انجنيئر ۽ پوليس فورس اتي پهتا ته نيڪ محمد جي ڌر مٿن فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن ڪري هو سڀ بنان ڪنهن ٻي وڌيڪ ڪارروائيءَ جي واپس موٽي آيا. اسسٽنٽ انجنيئر فيض گنج مونکي چوندو رهيو ته مختيارڪار فيض گنج ساڻن گڏ سرزمين تي موڪليان پر مان هن کي انڪار ڪندو رهيس ته اهو مختيارڪار جو ڪم ناهي. امن امان رکڻ لاءِ اوهان سان پوليس عملو ئي هلندو، باقي مختيارڪار نه هلندو. انهيءَ ڪري اها ڳالهه نئين پيچ کوٽائڻ جي اتي ئي حال في الحال رڪجي وئي.
مير رسول بخش ٽالپر صاحب سينيئر صوبائي وزير خيرپورت ضلعي جي دوري تي آيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن مون کي چيو ته سندن سڄي ضلعي جو ٽوئر مان ئي ڪور ڪيان، ڇاڪاڻ ته خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي سب ڊويزن ۾ سني شيعا جهڳڙا پئي هليا، انهيءَ ڪري اهي ٻئي S.D.M سب ڊيوزن نه ڇڏي سگھندا. مير صاحب جن جي رهائش جو بندوبست به ٺري بنگلي تي رکيو ويو هو جتي ٻه يا ٽي راتيون رهيا هئا. مير رسول بخش ٽالپر جن شادي شهيد _ پير پاڳاري صاحب جن وٽ سندن پير ڳوٺ، مير غلام حسين ٽالپر وٽ سندن ڳوٺ رضاآباد ۾ دعوت تي، روهڙي ٽالپرن وٽ دعوت تي، خيرپور ۾ مسٽر غلام رسول صديقي سينيٽر جي دعوت تي هليا هئا ۽ هڪڙي ڏينهن خيرپور جيل تي پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن سان ملڻ به هليا هئا ۽ مان سدائين هر هنڌ ساڻن گڏ هئس. رضا آباد ۾ مير غلام حسين ٽالپر جي دعوت وقت نبي بخش لاشاريءَ پنهنجي منظور ٿيل پيچ جي باري ۾ درخواست کيس ڏني جا هن مير رسول بخش خان ٽالپر آڏو پيش ڪئي، جنهن اها درخواست وٺي مونکي ڏني ته سرزمين ڏسي رپورٽ ڏياري موڪلجان.
روهڙيءَ ۾ ٽالپرن جي دعوت ۾ جڏهن ماني پئي کاڌيسين ته مان مير صاحب جن جي سامهون بيٺو هئس. مير صاحب جن کي مڙئي ٿورو دل جو عارضو هيو، انهيءَ ڪري هن لاءِ انهيءَ خيال کان الڳ خاص طعام تيار ڪرايا هئائون ۽ مير صاحب جن ويهي ماني پئي کاڌي. سندن ڀرسان هڪ ڊش ڪا سٺي تيار پئي هئي ته مون کي چيائون ته هيءَ شئي _(ان ڊش مان) کاءُ ۽ مان به پوءِ ان ڊش مان ڪجهه کڻي کاڌي. مير صاحب جن رات ٺري بنگلي تي ترسيل هئا ۽ عزيز الله خان بروهي پوليس انسپيڪٽر ميرواهه ڪافي دير تائين اتي موجود هوندو هو، جيسيتائين مير صاحب آرام ڪرڻ وڃي اهو مونکي ٻڌائي پيو ته مير صاحب جن وٽ رات جو منظور حسين شاهه هالاڻيءَ وارو به ايندو آهي ۽ ڪافي دير تائين سندن شراب جو دور هلندو آهي. مير صاحب جن جي آخري دعوت مسٽر غلام رسول صديقي سينيٽر وٽ خيرپور ۾ سندس ئي جڳهه تي هئي ته ان ۾ به مان شريڪ ٿيو هئس. ڊپٽي ڪمشنر صاحب مسٽر غلام محمد ميمڻ جن به ان دعوت ۾ شريڪ ٿيا هئا.
مير صاحب جن خيرپور جيل تي پيپلز پارٽي ورڪرن سان ملڻ پئي هليا ته جيل سپرنٽينڊنٽ اوڪاش شيخ کين جيل گهمائي رهيو هو ۽ مان به ساڻن گڏ هئس. جيل گھمائيندي جيل سپرنٽينڊنٽ مير صاحب جن کي هڪڙي نوجوان جوابدار جي مٿان اچي کين ٻڌايو ته سائين هي هڪڙي ڇوڪريءَ کي ڀڄائي وڃڻ جي ڪيس ۾ جوابدار آهي، اهو جوابدار هڪ گرو شڙو ڇوڪرو نه ڪنهن منهن مهانڊي وارو، قد جو بلڪل هلڪو ۽ نه ڪنهن هڏ ڪاٺ وارو هو. مير صاحب ان ڇوڪري کي چڱيءَ طرح غور سان پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏسي چيو ته ”ڇوريءَ به وس ڪيو آهي جو هن سان نڪتي آهي.“ پوءِ اتان اڳتي هليا. مير صاحب جن خيرپور ضلعي جو دورو ڪري واپس هليا ويا ۽ خير خوبيءَ سان وقت گذري ويو. (مير صاحب رسول بخش ٽالپر جن مزدورن جي ڏينهن پهرين مئي تي وفات ڪئي).
نبي بخش لاشاري پيچ جي باري ۾ جيڪا درخواست مير غلام حسين ٽالپر معرفت مير رسول بخش خان ٽالپر کي ڌني جن وري مون کي سرزمي ڏسي رپورٽ ڪرڻ لاءِ ڏني هئي، ان سرزمين ڏسڻ لاءِ مان جڏهن اتي ويس ته اتي ڏٺم ته جنهن ڪلاسي ٻني سان نئين پيچ نبي بخش لاشاريءَ کي منظور ڪري ڏني وئي هئي، ان جي لڳ هارين جا گهر چڱي تعداد ۾، هڪ ننڍو عليم ۽ مسجد شريف موجود هئا ۽ ڪي هارين جا گهر اتان ٿوري ٿوري مفاصلي تي هئا. مون پوءِ اهڙي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي ڏياري موڪلي. (ڊپٽي ڪمشنر صاحب جيڪا نئين پيچ منظور ڪئي هئي ان ۾ ايريگيشن وارن اهو مؤقف اختيار ڪيو هو ته جنهن هنڌ پيچ منظور ڪئي وئي هئي، هارين جا گهر اتان 400 فوٽن ۽ ان کان به ڪي اٽڪل 600 فوٽن جي مفاصلي تي هئا، جو سراسر غلط هو. نه ئي هنن اهو ڏيکاريو هو ته اتي علم ۽ مسجد به موجود هئا ۽ هنن بدنيتيءَ سان هڪ طرفو فيصلو نبي بخش جي حق ۾ ڪرايو هو ۽ مخالف ڌر کي ڄاڻي ٻجهي ڪو اطلاع نه ڏنو هو ۽ هن کي سازش تحت ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن آڏو اعتراضن ٻڌڻ واري تاريخ تي غير حاضر ڪيو).
هڪڙي مهاجر جو ٻانڀڻ سان زمين تي ڪو تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي فيصلي لاءِ مهاجر مختيارڪار ميرواهه غلام الله پيرزادي کي درخواست ڏني هئي، جنهن تي هن مهاجر جي حق ۾ ڪو فيصلو ڏنو هو. ٻانڀڻن ان خلاف ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي درخواست ڏني، جا مون وٽ انڪوائري ۽ رپورٽ لاءِ موڪلي وئي هئي. مان پنهنجي رپورٽ ۾ لکي موڪليو ته تڪراري زمين تي مهاجر جو ڪو حق نٿو لڳي.
هڪڙي ڏينهن خيرپور جي ميجر گهرايو، ان ڏينهن اهو مهاجر به ميجر وٽ آيو هو، مان جيئن ميجر جي آفيس ۾ اندر وڃي ڪرسيءَ تي ويٺس ته ميجر مونکي چيو ته زمين جو قبضو مهاجر کي ڏياريان. مان کيس چيو ته مونکي اهڙو ڪجهه لکت ۾ ڏيو، جنهن تي هن چيو ته مختيارڪار هن جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. مون کيس چيو ته مختيارڪار منهنجو زيردست آهي، هن جي فيصلي سان منهنجو واسطو نه آهي، اوهان ڀلي مختيارڪار کي چئو ته هن کي قبضو ڏي ۽ مان ان معاملي ۾ پنهنجي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن موڪلي آهي، ڀلي اهو جيڪو فيصلو ڪري. ميجر مڙئي اتي ڪجهه اڻوڻندڙ لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو، جنهن تي مان هن سان وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهي خاموش رهيس. آخر ميجر مونکي ۽ ان مهاجر کي چيو ته ٻئي ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ وڃيو، پوءِ ٻئي اتي وياسين ته مون ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي عرض ڪيو ته سائين ميجر جي ڳالهائڻ جو طريقو ٺيڪ نه هو ۽ اسان اهڙي حالت ۾ هتي نوڪري نه ڪري سگھنداسين. بس منهنجو ايترو چوڻ ۽ پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون تي ميجر کي سخت لهجي ۾ چڱو وقت دٻائيندو رهيو ۽ چيائينس ته جيڪڏهن سينيئر ماڻهن سان اوهان جو اهو رويو هوندو ته پوءِ ڪير اسان وٽ نوڪري ڪرڻ چاهيندو.
مون کي پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب پاڻ ٻڌايو هو ته منهنجي رپورٽ ۽ ان سان پنهنجي وڌيڪ رپورٽ لکي D.M.L.A سکر سان ڏيڍ ڪلاڪ کن ان ڪيس تي بحث ڪيو ۽ کيس چيم ته مهاجر جو زمين تي حق نٿو لڳي ۽ پوءِ D.M.L.A خاموش ٿي ويو. ٿورن ڏينهن بعد D.M.L.A سکر ٺريءَ ۾ کليل ڪچهري رکي ۽ اهو ميجر به ساڻس گڏ آيو هو. هن مون سان زور ڪري پي ڳالهايو پر مان ساڻس مُنهن ڏئي نه پيو ڳالهايانس. اهو ڪو ڊپٽي ڪمشنر صاحب به ڏسي رهيو هو، جنهن مون کي چيو ته هو ڏسي پيو ته ميجر مون سان زور زور ڪري پيو ڳالهائي پر مان ساڻس مُنهن سان نه پيو ڳالهايان.
هڪڙي ڏينهن مان گشت مان واپس اچي ڏٺو ته روينيو پلاٽ ۾ هڪ ڪنڊ A کان ٻي ڪنڊ B تائين 3 فوٽ کن ويڪرو ۽ چڱو اونهو کڏو کوٽيل هو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهو امداد حسين دستي ائنڊمنسٽيٽر ٽائون ڪاميٽي ٺري کوٽايو آهي، وڌيڪ خبر پئي ته اهو کڏو هڪ ٺيڪيدار کان کڻايو ويو هو جو به ذات جو دستي هو. مون ان ٺيڪيدار کي گهرائي چيو ته اهو کڏو پورائي ڇڏيو، اهو اسان روينيو وارن جو پلاٽ آهي ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جو نه آهي، جنهن تي هن چيو ته هن اهو ائڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽيءَ جي چوڻ تي کوٽايو آهي ۽اهو چوي ته پوءِ پورائيندس. مان تعلقي هيڊ منشيءَ کي چيو ته ماڻهو گهرائي اهو کڏو پورائي ۽ ٺيڪيدار خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جو فرياد داخل ڪرائي. هن پوءِ وڃي ٺيڪيدار خلاف پوليس اسٽيشن تي فرياد داخل ڪرائي ۽ کڏو به پورائي ڇڏيائين.
ڪنهن وڃي امداد حسين دستي ائڊمنسٽريٽر کي چيو ته فرياد ۾ سندس به نالو آهي جنهن ٻڌڻ سان هو برقعو پائي راتوواهه شهر ڇڏي ويو ۽ خبر پئي ته ڪوئيٽا هليو ويو آهي. پوليس ٺيڪيدار کي وٺي اچي ٿاڻي ۾ بند ڪري ويهاري ڇڏيو. امداد حسين دستيءَ جو هڪڙو کنڊ جو دوڪان هوندو هو، جنهن جي لاءِ شڪايت هئي ته دوڪاندار کنڊ بلئڪ ۾ وڪرو ڪندو آهي. مان هن جي ان دوڪان تي وڃي بلئڪ ڪرڻ جي الزام تحت 500 روپيا ڏنڊ دوڪاندار کان وصول ڪري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. امداد حسين دستي ڪجهه ڏينهن ڪوئيٽا ۾ رهڻ بعد موٽي خيرپور آيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي ٽوپي لاهي پيرن تي رکي چيائين ته مون کي سندس پارت ڪري نه ته هو کيس جيل ۾ وجھندو. انهيءَ دوران منهنجو خيرپور وڃڻ ٿيو ته هادي بخش لاڙڪ وڪيل مليو، جنهن به اامداد حسين لاءِ ڏاڍو ستايو ۽ سندس پارت ڪئي. مونکي ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون ڪئي ته امداد حسين دستيءَ کيس ڏاڍو ستايو آهي، سو هن تان ڪاوڙ لاهي. مون صاحب موصوف جن کي ٻڌايو ته سائين امداد حسين خلاف ته فرياد ۾ نالو ئي ناهي ۽ هو خوامخواهه ڊڄي پيو ۽ نه ئي منهنجي مٿس ڪا ڪاوڙ آهي.
امداد حسين پوءِ ٺريءَ موٽي آيو ۽ جيئن ته نالو جيڪو هن پلاٽ ۾ کوٽايو هيو، اهو به اسان پورائي ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري ٺيڪيدار خلاف داخل ڪرايل فرياد جي به وڌيڪ پوئواري ڪرڻ ڇڏي ڏنيسين. وقت گذرندو رهيو. آغا رفيق حسين ڪمشنر صاحب بدلي ٿيو ته سندن جڳهه تي سيد محب الله شاهه ڪمشنر سکر ڊويزن ٿي آيو. ٺري ميرواهه ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي افتتاح لاءِ ڪمشنر صاحب اچڻو هو ۽ ان افتتاح واري تقريب کان پوءِ امداد حسين دستي ائڊمنسٽريٽر سندن لاءِ چانهه جو بندوبست ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ رکيو هو.
حاجي شاهه محمد ٻانڀڻ جو امداد حسين دستيءَ جو سخت مخالف هو، ان سوچيو ته امداد حسين ڪمشنر صاحب کي چانهه پارٽي ڏئي پاڻ کي معتبر ڪرائڻ پيو چاهي، انهيءَ ڪري هن به چاهيو ته ڪمشنر صاحب سندس چانهه به ٺريءَ ۾ ئي سندن بنگلي تي پيئي. هن خيرپور وڃي ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي چيو ته ڪمشنر صاحب کي سندس به چانهه پيئڻ لاءِ چوي. پر ڊپٽي ڪمشنر کيس چيو ته S.D.M سان ان باري ۾ ڳالهائي. انهيءَ تي شاهه محمد ٻانڀڻ مورڳو خيرپور مان چانهه جي بندوبست لاءِ مورڳو گهربل مٽيريل ڪيڪ، پيسٽريون، بسڪيٽ، ڊراءِ فروٽ وغيره سڀ ڪجهه وٺي آيو. صبح جو ڪمشنر صاحب واٽر سپلاءِ اسڪيم جي افتتاح لاءِ سرزمين تي پهتو ۽ ويهڻ جو بندوبست به اتي ئي ڪيو ويو هو. ڪمشنر صاحب سان ڊپٽي ڪمشنر صاحب گڏ ويٺو ۽ سندن پاسي ۾ مان ويٺو هئس. شاهه محمد ٻانڀڻ مونکي اچي چيو ته ڪمشنر صاحب سندس چانهه به پئي. مون اهو ذڪر ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان ڪيو پر هن پهريائين نه پئي مڃيو پوءِ مان کين وري عرض ڪيو ته هو عزت وارو ماڻهو آهي ۽ اوهان کي خيرپور به عرض ڪري آيو هو ۽ هن سمورو بندوبست به ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ ڪري اوهان ڪمشنر صاحب کي چئو ته سندس چانهه به پئي. آخر ڪمشنر صاحب چيو ته واپسيءَ وقت هو سندس چانهه پيئندو.
افتتاحي تقريب ختم ٿيڻ بعد ڪمشنر صاحب ٽائون ڪاميٽي آفيس هليو جتي سڀ ميمبر به موجود هئا. ڪمشنر صاحب ۽ ٻين جڏهن چانهه پي پوري ڪئي ۽ وڃڻ وارو ئي هو ته امداد حسين دستي بنان ڪنهن نالي کڻڻ جي ڪمشنر صاحب جن کي عرض ڪيو ته هن شهر جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال ڪري کڏ ۾ اماڻڻ لاءِ نالو کڻايو هو، سو پورايو ويو آهي. مان ته اهڙن موقعن تي شرارتي ماڻهن جا فائيل پاڻ سان هميشه کڻي ويندو هئس ۽ اتي ڪمشنر صاحب جن کي ٻڌايو ته اهو نالو مون پورايو آهي، جو اهو روينيو پلاٽ آهي ۽ ان پلاٽ تي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جي آفيس ٺهرائڻ لاءِ اسڪيم ويل آهي. ان کان علاوه مون کين سرزمين جو نقشو ڏيکاري چيو ته پلاٽ ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين نالو کوٽائي سڄو پلاٽ بيڪار ڪري ڇڏيو آهي،باقي جيڪڏهن روڊ جي وٽ سان B کان C پوائنٽ تائين 3 فوٽ نالي لاءِ چوي ته اهو ڏيانس. ان نقشي کي ڏسي ۽ منهنجي کين سڄي صورتحال ٻڌائڻ بعد ڪمشنر صاحب ٿورو مُشڪي امداد حسين کي چيو ته تنهنجو ڪم ٿيندو. ڪمشنر صاحب پوءِ ٽائون ڪاميٽيءَ مان اُٿي شاهه محمد ٻانڀڻ جي بنگلي تي سندن چانهه پي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن سان گڏ واپس روانا ٿي ويا.
ڪجھ ڏينهن بعد امداد حسين اچي چيو ته کين روڊ جي ڀر ۾ ٽي فوٽ کن پلاٽ مان ايراضي ماپ ڪرائي ڏيو. مون پوءِ تپيدار کي گهرائي اهو ڪم چيو، جنهن کيس وڃي ماپ ڪرائي ڏني. (هتي اهو واضع ڪيان ته امداد حسين دستيءَ جو سؤٽ قمرالدين محب الله شاهه صاحب جن سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ روم ميٽ ٿي رهيو هو، قمرالدين دستي فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ ان وقت آفيسر هو). ڪافي عرصي بعد منهنجو ٺري ميرواهه وڃڻ ٿيو ته ڏٺم ته مذڪور پلاٽ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواهه جي آفيس (نئين) ٺهيل هئي ۽ ڪافي ايراضي سندن بنگلي ٺهڻ لاءِ به خالي پئي هئي. مان ان نئين آفيس ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان ملاقات پڻ ڪئي هئي.
پڪاچانگ (تعلقي هيڊ ڪواٽر فيصض گنج) کان هڪ رات دير سان ٺري ميرواهه پئي موٽيس ته ڪرونڊي پل ويجهو پري کان ڏٺم ته هڪ ڪار بيٺي هئي، جنهن جي هڪ بتي پئي ٻري. اها ڪار پوءِ روس ٿي ڪرونڊي پل کان ٺري ميرواهه رستي سان پئي وئي. مان پنهنجي جيپ ۾ چڱو پنڌ پوئتي پئي آيس ته ڪار جيڪا آڏو وڃي پئي، اها هلي هڪ لاڙي وٽ جتي صفا سڃ هئي اتي روڊ جي پاسي بيهي انڊيڪيٽر ڏيڻ لڳي ته مون پنهنجي ڊرائيور کي چيو ته گاڏي جهڪي ڪر جو مون کي ڪار وارا رهزن ٿا لڳن نه ته ڪار جيپ کي انڊيڪيٽر ڇو ڏئي. اها ته تيز رفتار سان هلي وڃي ها. اسان جي جيپ کي ڍرو ٿيندي ڏسي اها ڪار اڳتي رواني ٿي ۽ هڪڙي ٻئي سڃ واري جڳهه تي بيٺي وري انڊيڪيٽر ڏنائين پر اسان جيپ ڪار کان ڪافي مفاصلي تي پويان ڪندا پيا اچئون ته پوءِ ڪار رواني ٿي اڪري چودڳي ٽپي سڌي ٺري ميرواهه رستي سان هلي وئي.
مان اڪري چودڳيءَ تي اچي اتي جيڪي سپاهي ويٺا هئا انهن کان پڇيو ته اها جيڪا ڪار اڳتي وئي، توهان ان جي چيڪنگ ڪئي؟ جنهن تي هنن وراڻيو ته چيڪنگ ڪانه ڪئي ۽ اهو به ٻڌايائون ته هڪ بتي پئي ٻريس. مان پوءِ ٺريءَ ڏانهن نه ويس ۽ اڪري چودڳيءَ تان هڪڙو سپاهي پاڻ سان کڻي ٻيو ظفرآباد ويندڙ رستي سان وڃي رات اتي ظفرآباد ترسي پيس ۽ صبح جو ٺري ميرواهه ويس.
S.D.M جي حيثيت ۾ مونکي هر مهيني هڪ يا ٻه ميٽنگون واري واري سان هر يونين ڪائونسل ۾ ڪرڻيون پونديون هيون، جنهن ۾ ڊي ايس پي، واسطيدار ايس ايڇ او ۽ تر جا معزز زميندار شريڪ ٿيندا هئا ۽ ائين ميٽنگ ۾ امن امان بابت ڄاڻ وٺبي هئي ۽ صورتحال معلوم ڪبي هئي. هر ميٽنگ ۾ اڪثر ڪري موجود زميندار مبهم نموني ۾ چوري چڪاريءَ جي رڳو زباني شڪايت ڪندا هئا ته چوري وڌي وئي آهي. باقي چورن جي نالن ڏيڻ کان لنوائي ويندا هئا، جو هر ڪو زميندار سمجھندو هو ته جيڪڏهن هُو کُلي طرح ڪي نالا ڏيندو ته سڀاڻي وري سندس مخالف زميندار هن جي پاليل چورن جا نالا کڻندو. ڇاڪاڻ ته ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر هر زميندار وٽ ڪجهه اهڙا رهزن هوندا آهن، جن تي سندن هٿ هوندو آهي ۽ پوليس سان رس رساءُ ڪري انهن کي تحفظ ڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ کان سواءِ سندن زمينداري حيثيت ڪانه رهندي آهي ۽ ڀر وارو زميندار مٿس قابض ٿي ويندو آهي. آخر هڪڙي ڏينهن مان ظفرآباد يونين ڪائونسل آفيس ۾ ميٽنگ پئي ڪئي، جنهن ۾ ڊي ايس پي رسول بخش سومرو ۽ پوليس انسپيڪٽر فيض گنج به موجود هئا ته موجود زميندارن اهو ئي راڳ شروع ڪيو ته چوري وڌي وئي آهي. مون کين ٻڌي چيو ته هر ميٽنگ ۾ اوهان اهو ئي چئو ٿا پر ان جو ڪو حل نه ٿا ڏسيو، نڪي اهڙن چورن جا نال ئي ڏيو ٿا ۽ ڏيندا به ڪونه. چڱو هاڻي هينئن ٿو ڪيان جو قرآن شريف گهرائي ميز تي رکان ٿو، اوهان سڀ انهيءَ تي هٿ رکي چئو ته جيڪو حقي ڏوهي هوندو ان لاءِ اوهان ڪابه سفارش نه ڪندا، پوءِ هو ڊي ايس پي ويٺو آهي ۽ مان چوان ٿو ته پوءِ ڏوهه ٿئي ته اسان ذميوار آهيون. اوهان ڀلي ڪنهن ڏوهاريءَ جو نالو به نه ڏيو، ها باقي جيڪڏهن ڪنهن بي ڏوهيءَ خلاف ڪو قدم کڻون ته ان لاءِ بيشڪ اچي چئجو ته هو ڏوهاري نه آهي. بس منهنجي ائين چوڻ تي ڄڻ سڀني کي نانگ سنگهي ويو ۽ سڀ خاموش ٿي ويا، ائين وري جيڪو وقت مان ميرواهه ۾ S.D.M ٿي رهيس ته ٻيهر اهو ڀنڊڻ نه ڪيائون.
سيد محب الله شاهه صاحب ڪمشنر سکر، پڪا چانگ ۾ تعلقي فيض گنج جي زميندارن جي ميٽنگ سڏائي، جيئن ته ميٽنگ جي وقت منجھند جي مانيءَ جو ٽائيم ٿيڻو هو، انهيءَ ڪري زميندار جيڪي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيا هئا، مون انهن جي مانيءَ جو بندوبست به بنگلي تي ئي ڪرايو هو. ڪمشنر صاحب جن ميٽنگ ڪري رهيا هئا ته نبي بخش لاشاريءَ کين سندس نئين منظور ٿيل پيچ بابت درخواست ڏني، جيڪا ڪمشنر صاحب جن مونکي ڏني ته سرزمين ڏسي رپورٽ موڪل. مان کين عرض ڪيو ته اهڙي درخواست نبي بخش سينيئر منسٽر صاحب مير رسول بخش خان ٽالپر جن کي به اڳ ڏني هئي ۽ مان سرزمين ڏسي اڳ ئي رپورٽ موڪلي آهي پر صاحب موصوف چيو ته وري سرزمين ڏسي نئين رپورٽ موڪل، مون پوءِ ائين ئي ڪيو ۽ سرزمين تي ساڳي اڳ واري ئي پوزيشن ڏٺي ۽ مان نئين سر اهڙي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي موڪلي ڏني.
ڪمشنر صاحب جن ميٽنگ ختم ڪري اندر ڪمري ۾ هلي ويٺا ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ مان به ساڻن اندر وڃي ويٺس. مير غلام حسين ٽالپر مونکي چيو هو ته سندس ملاقات ڪمشنر صاحب جن سان ڪرايان. مون اهڙو ذڪر ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن سان ڪيو پر هن نه مڃيو. مان کين چيو ته سائين مير غلام حسين ٽالپر نهايت شريف ۽ خانداني ماڻهو آهي، جنهن تي هن ڪمشنر صاحب کي چيو، پوءِ مير غلام حسين ٽالپر کي اندر گهرائي ساڻس ملاقات ڪئي. ان بعد ڪمشنر صاحب جن واپس روانا ٿي ويا.
ڪرونڊي هاءِ اسڪول (تعلقو فيض گنج) ۾ اسڪول انتظاميا طرفان هڪ فنڪشن رکيو ويو، جنهن جي صدارت مسٽر الهداد ٻوهئي ڊسٽرڪت انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور جن کي ڪرڻي هئي. ان فنڪشن ۾ راڳ جو پروگرام به هيو. جنهن ۾ عابده پروين ۽ ٻيا فنڪار به گهرايا ويا هئا. اهو سمورو خرچ شاهنواز راڄپر پئي ڪيو ۽ ان رات جي مانيءَ جي دعوت ۾ به ويهه، پنجويهه سرڪاري آفيسر ۽ پنهنجا دوست زميندار به گهرايا هئا. اهو مارشل لا جو دور هيو، انهيءَ ڪري مارشل لا اختياريءَ وارن جي اجازت ملڻ کان سواءِ اهڙي فنڪشن نه ڪري سگهبي هئي. شاهنواز راڄپر کي هڪ رٽائرڊ فوجيءَ خاطري ڪرائي هئي ته هو کيس مارشل لا اختياريءَ وارن کان اجازت وٺي ڏيندو ۽ هن جي انهيءَ آسري تي هن مانيءَ ۽ اسڪول ۾ راڳ جو بندوبست ڪيو هو.
شاهنواز خان راڄپر جن مهمانن کي مانيءَ جي دعوت ڏئي گهرايو هو، اهي به اچي ويا ۽ اسڪول ۾ به راڳ ٻڌڻ لاءِ ماڻهو گڏ ٿيندا پئي ويا. عابده پروين جي اچڻ جو ٻڌي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هيمشه وانگر گهڻا اچي گڏ ٿيا هئا. هو رٽائرڊ فوجي مارشل لا اختياريءَ وارن ڏانهن اجازت وٺڻ لاءِ خيرپور ويو هو، جنهن موٽڻ ۾ ڏاڍي دير ڪري ڇڏي هئي، اتي اچي رات جا ڏهه کن ٿا، انهيءَ ڪري شاهنواز خان ماني لڳرائي ۽ سڀني مهمانن ماني کائي فارغ ٿيا ته هو رٽائرڊ فوجي آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته هنن اجازت ڪانه ڏني، باقي ميجر چيو ته S.D.M صاحب سان وڃي ملو ۽ جيڪي ان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن اهو اجازت ڏئي ته کين اعتراض نه آهي. پوءِ شاهنواز خان مونکي چيو ته اوهان اجازت ڏيو. مان سوچيان پيو ته راڳ تي ٽي چار هزار کن ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، جيڪڏهن اجازت نه ٿو ڏيان ته ممڪن آهي ته اهي ماڻهو نعرا (جيئي ڀُٽو) هڻندا واپس وڃن ته ڳالهه سٺي نه ٿيندي. ماڻهن جي دلين ۾ ته ڀُٽي صاحب جو سحر ويٺل هو پر مارشل لا اختياريءَ وار “جيئي ڀُٽو” جو نعرو ٻڌڻ به گوارا نه ڪندا هئا.
آخر مون شاهنواز خان راڄپر کي چيو ته اوهان اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب کان لکرائي ڏيو ته فنڪشن ۾ هو صرف سپاسنامون پڙهندو ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو به ان جي جواب ۾ ئي صرف تقرير ڪندو ۽ ڪا سياسي تقرير نه ٿيندي ۽ نه ئي ڪو اسڪول جو شاگرد اسٽيج تي اچي تقرير ڪندو. اهو سڀ ڪجهه هن مون کي لکرائي ڏنو، ان بعد مون کين اجازت ڏني. هيڊ ماستر صاحب طرفان سپاسنامون پڙهڻ ۽ ڊاڪٽر الهداد خان ٻوهئي جي تقرير کان پوءِ راڳ جي محفل شروع ٿي. ماڻهو سڀ خاموشيءَ سان راڳ ٻڌي رهيا هئا ته هڪڙي ڪنڊ کان ڪنهن ماڻهوءَ جهلي آواز ۾ “جيئي ڀُٽو” جو نعرو هنيو پر پوءِ يڪدم چپ ٿي وئي ۽ وري سڄي پروگرام دوران ٻيهر ڪو به نعرو نه لڳو.
عابده پروين جڏهن اهو ڪلام شروع ڪيو ته “ملان مرئي ماءُ پتو ڦسئي پيٽ ۾” ته منهنجي ڀرسان پوليس انسپيڪٽر ويٺو هو، جنهن کي مون چيو ته منع ڪرائينس ته اهو نه ڳائي پر هن چيو ته هاڻي شروع ڪري ڇڏيو اٿس، هاڻي ڪيئن جهلجي، خير هن پوءِ اهو سارو ڪلام ڳايو. ٻيا به جيڪي راڳي گهرايا ويا هئا، اهي به واري واري سان ڳائيندا رهيا، اهڙي طرح فنڪشن سڄي رات هلندي صبح ڌاري خير خوبيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتو. مان صبح جو آفيس اچي گذريل رات واري فنڪشن بابت مڪمل رپورٽ ميجر کي خيرپور ڏياري موڪلي. ٻئي ڏينهن تي مسٽر نظر محمد تنيو D.S.P CID مون وٽ آيو ۽ فنڪشن جي باري ۾ مون کان رپورٽ گهريائين. مون کيس ٻڌايو ته مون رپورٽ ميجر صاحب کي اڳ ئي ڏياري موڪلي آهي، جنهن تي هن انهيءَ رپورٽ جي ئي ڪاپي گهري، جيڪا هُو وٺي واپس هليو ويو.
مارشل لاءِ اختياريءَ وارن ڊاڪٽر الهداد خان ٻوهئي کي گهرايو، جو هو صاحب صدر هيو ۽ ان کان عابده پروين پاران ملن خلاف ڳايل ڪلام بابت پڇا ڪئي، جنهن تي هن انهن کي ٻڌايو ته اهو اسان جي ڪلچر ۾ شامل آهي ۽ اهڙا ڪتابن مان کين ثبوت ڏيکاري کين مطمئن ڪيائين، ان بعد هو خاموش ٿي ويا.
نبي بخش لاشاري جنهن لاءِ مان مٿي ٻن ٽن هنڌن تي ذڪر ڪري آيو آهيان، انهيءَ ڪا ڪمشنر صاحب جن کي سکر وڃي درخواست ڏني ته سندس منظور ڪرايل پيچ وارو ڪم اڃان نه ٿيو آهي، جنهن درخواست جي حاشي تي ڪمشنر صاحب ڳاڙهي پين سان نوٽ هڻي موڪلي ته هن ماڻهوءَ جو ڪم ڇو اڃان نه ٿيو آهي ۽ S.D.M پاڻ فلاڻي تاريخ ۽ فلاڻي وقت تي روبرو اچي وضاحت ڪري. مان ان تاريخ تي پنهنجي آفيس فائيل سميت پهريائين ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جي آفيس ۾ اچي پڇا ڪئي ته هنن منهنجي اڳ موڪليل رپورٽ ڪمشنر صاحب ڏانهن نه موڪلي آهي ڇا! جنهن تي هنن ٻڌايو ته هنن رپورٽ موڪلي ڏني آهي (اها شايد ڪمشنر صاحب جن کي آفيس وارن Put up ئي نه ڪئي هئي) پوءِ مان ڪمشنر صاحب جن وٽ وڃي حاضر ٿيس ۽ سندن موڪليل درخواست ڏئي مون کين عرض ڪيو ته مون سرزمين ڏسي رپورٽ موڪلي ڏني آهي ۽ کين اها رپورٽ به ڏيکاريم جا هن ٻه دفعا پڙهي ڏٺي ۽ پوءِ مونکي چيائين ته تون ڀلي وڃ. مان ته پوءِ هليو آيس پر پوءِ ٻڌو هيم ته ڪمشنر صاحب مورڳو منظور ٿيل پيچ رد ڪري ڇڏي هئي ۽ تڪراري نبي بخش لاشاري ۽ نيڪ محمد لاشاري پاڻ ۾ به ٺهي ويا هئا. منهنجي S.D.M ميرواهه هئڻ دوران سچل سيمينار خيرپور ۾ شروع ڪرايو ويو، جنهن لاءِ غلام محمد ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ڪمشنر صاحب محب الله شاهه ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي خاص دلچسپي وٺي رهيا هئا، ڊپٽي ڪمشنر صاحب سيمينار جي ضروري بندوبست ڪرڻ لاءِ ميٽنگ سڏائي ۽ اهو نئون نئون شروع ڪرايو ويو هو نه ته اڳ ۾ صرف سچل سرمست جن جو ميلو ئي لڳايو ويندو هو.
ان سيمينار ۾ 150 کن دانشور ۽ اديب مدعو ڪرايل هئا ۽ ان کان علاوه ڪافي تعداد ۾ فنڪار به گهرايا ويا هئا، جو آخري رات انهن جو پروگرام رکيل هو، سيمينار ٽن ڏينهن لاءِ سڏايل هو. اديبن، دانشورن وغيره لاءِ خيرپور ۾ سرڪاري بنگلن کان علاوه ڪيترا خانگي بنگلا به رهائش واسطي مخصوص ڪيا ويا هئا ۽ ڪن ناليوارن اديبن لاءِ ته سکر درياهه تي (Pak-in-Pak) هوٽل ۾ به ڪمرا بوڪ ڪرايا ويا هئا. سيمينار دوران ڪيترا مختلف سامانن جا اسٽال به لڳرايا ويا هئا. ميٽنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن مون تي اها ذميواري رکي ته اهي ٽئي ڏينهن آيل مهمانن جو ٽئي وقت ماني ٽڪي ۽ چانهه وغيره جو بندوبست ڪيان. حالانڪ سيمينار خيرپور ۾ رکيل هيو ۽ مان S.D.M ميرواهه سب ڊويزن هئس، پر انڪار ته ڪرڻو ئي نه هو ۽ حاڪمن جو حڪم اکين تي رکي بندوبست ڪرڻو هو. خير سيمينار هلندو رهيو ۽ اديب ۽ دانشور مقالا ٽئي ڏينهن پڙهندا رهيا، جن لاءِ اسٽيج، شاميانن ۽ ڪرسين وغيره جو به بندوبست ٿيل هو. ڪنهن وقت تي سيد غوث علي شاهه جيڪو ان وقت وزير هو، اهو به مهمانن سان گڏ اچي مانيءَ کائڻ ۾ شريڪ ٿيندو هو (پر ڪنهن ڪنهن وقت)، پير حسام الدين صاحب رشديءَ جن سان به ان موقعي تي ملاقات ٿي هئي. ڏاڍو محب ماڻهو هو. سندن مزار مڪلي تي محمد هاشم ٺٽوي بزرگ واري مقام ۾ آهي. سيمينار جي آخري ڏينهن تي شام جو گورنر صاحب عباسيءَ جي اعزاز ۾ چانهه جو بندوبست رکيل هو، جنهن ۾ غوث علي شاهه وزير صاحب ۽ ٻيا به دعوت ۾ اچڻا هئا. ڪي مهمان واپس هليا ويا هئا، مون ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کان پڇا ڪئي ته گهڻن ماڻهن جو انتظام ڪجي، جنهن تي هن چيو ته 60 کن جو هجي. ان پروگرام لاءِ اسان Pak _ in _ Pak وارن سان رابطو ڪري سارو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪي کاڌي جي مٽيريل، ڪراڪري، ڪٽلري وغيره سکر مان کڻي پهچي ويا. گورنر صاحب جن جي آمد کان ڪلاڪ کن اڳ ڊپٽي ڪمشنر صاحب به بندوبست واري جڳهه تي نظر وجھڻ لاءِ آيو ته مون کين چيو ته 60 کن مهمانن لاءِ بندوبست ڪيل آهي، جيئن اوهان چيو هو، جنهن تي هن چيو ته 60 کن جو ڪيئن 100 مهمانن جو بندوبست ڪر. مان Pak-in-Pak وارن سان ڳالهايو ته اوهان وٽ ڪجهه وڌيڪ کاڌي جو مٽيريل موجود آهي ۽ ڪجهه اسان وٽ به آهي، اهو به اوهان کي ڏيان ته 100 کن ماڻهن جو بندوبست ڪري سگهندا؟ هنن چيو ها سائين، اوهان وٽ به کاڌي پيتي جو جيڪو مٽيريل موجود آهي اهو ڏيو ۽ وٽن به اهڙو مٽيريل گهڻو ئي موجود آهي ۽ هو انشاءَالله ايترن جو بندوبست ڪري ويندا. خير گورنر صاحب ۽ ٻيا چانهه پي روانا ٿي ويا ۽ رات جو رٿيل راڳ جو پروگرام شروع ٿيو، جو آخري رات ڌاري ختم ٿيو.
ائين سيمينار جا ٽي ڏينهن خير خوبيءَ سان پورا ٿيا ۽ ٻئي ڏينهن تي ڪمشنر صاحب جن اچي سيمينار ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ سرڪاري ملازمن کي سٺي ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا، جنهن وقت ڪمشنر صاحب مونکي سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيو هو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ منهنجي نالي چيس ته ميزبان مان هئس. سيمينار جي خرچ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب 000۔10 روپيا عنايت ڪيا هئا، پر جملي منهنجو ڪيل خرچ 45.000 روپيا ٿيو هو. باقي 35.000 روپين جو بار منهنجي سب ڊويزن ميرواهه جي تپيدارن پنهنجي سر تي کنيو.
سچل سيمينار جي موقعي تي آغا عبدالنبي خان رٽائرڊ ڪمشنر صاحب به بيگم سميت آيو هو، جن جي رهائش جو بندوبست راڻيپور ريسٽ هائوس ۾ ڪيو ويو هو. مان ٻه دفعا ساڻن اتي وڃي مليو هئس ته ڏسان ته کين ڪا تڪليف ته ڪانهي، هو بندوبست مان مطمئن پئي نظر آيو.
S.D.M ميرواهه دوران هڪ دفعي ڪراچيءَ وڃي ٿيو ته مسٽر شاهد عزيز صاحب جن سان سندن آفيس ۾ ملڻ ويس ته مونکي چيائين ته هو هاڻي ائڊيشنل سيڪريٽري سروسز جنرل ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ آهي ۽ جيڪا سب ڊويزن چوين، اها توکي ڏيان. مان کيس عرض ڪيو ته هاڻي ميرواهه سب ڊويزن تي خوش ويٺو آهيان. درحقيقت مان مهربان ڊپٽي ڪمشنر غلام محمد ميمڻ صاحب جن وٽان نه پيو وڃڻ چاهيان.
سيد بخشل شاهه (عبدالغفار شاهه) هڪڙي ڏينهن مونکي راڻيپور ۾ منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڏني. هن وٽ بورچي سٺا هوندا هئا ۽ ماني به ڏاڍي سٺي تيار ڪئي هيائون. مٺي (Sweet Dish) ۾ هن ميسر ٺهرايو هيو، جو ڏاڍو لذيز هيو. ان باري ۾ ٻڌايائين ته هو اهو پنهنجي بورچين کان ئي تيار ڪرائيندو آهي. وڌيڪ اهو به ٻڌايائين ته هڪ دفعي نواب اڪبر خان بگٽيءَ کي به دعوت ڏني هيائين ان ۾ به اهو ميسر تيار ڪرايو هئائين، جو کين ڏاڍو پسند آيو هو.
حيدرآباد ڪنهن ڪم سانگي منهنجو وڃڻ ٿيو ته مونکي اتي رات ترسڻو هو، انهي ڪري مون A.D.M حيدرآباد کي چيو ته سرڪٽ هائوس ۾ ڪو ڪمرو وٺرائي ڏيو. هن S.D.M سرهندي پير جيڪو پروٽوڪال آفيسر به هو، ان کي سرڪٽ هائوس ان لاءِ فون ڪئي، جنهن ٻڌايس ته منسٽر صاحب لٿل آهي، انهيءَ ڪري مين سوٽ ته نه ڏئي سگهبو، البت هڪ سائيڊ وارو ڪمرو چوي ته ڏيانس. مان A.D.M کي چيو ته اهو ئي ڏئي، جو سرڪٽ هائوس جو سائيڊ وارو ڪمرو به چڱي ڀلي هوٽل کان به وڌيڪ هوندو آهي ۽ وڌيڪ ته سرڪٽ هائوس ۾ گاڏي به سلامتيءَ سان بيٺي هوندي. مان پوءِ ان سائيڊ واري ڪمري ۾ سامان رکيو. سرڪٽ هائوس ۾ سيد غوث علي شاهه وزير ترسيل هو، جو شايد ته مير رسول بخش ٽالپر جن جي وفات تي تعزيت ڪرڻ آيو هو. هو جڏهن رات جو موٽيو ته ڊرائنگ روم ۾ مان به ساڻس وڃي مليس، جو هن سان اڳ جڏهن هو خيرپور ۾ وڪالت ڪندو هو، ان وقت کان وٺي چڱي دعا سلام هوندي هئي.
ڪجھه وقت ساڻس ويٺس ۽ ٻيا به ٻه چار ڄڻا ويٺا هئس ته ڪچهري ڪرڻ بعد جڏهن مانيءَ لاءِ اُٿيو ته چيائين ته هل ماني کاءُ پر مان کيس چيو ته مون ماني کاڌي آهي. پوءِ مانيءَ تي ويندي وقت ايترو پڇيائين ته تهنهنجي عمر گهڻي آهي، مان کيس ٻڌايو ته هن وقت 58 سال کن آهي، پوءِ مان پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيس.
صبح جو فجر جي نماز پڙهي سرڪٽ هائوس جي لان تي چڪر پئي ڏنم ته سيد غوث علي شاهه صاحب ٻاهر نڪتو ۽ سندن گاڏي لڳي بيٺي هئي ته مان به وڃي ساڻن ڀرسان بيٺس، مونکي چياڱين ته محمد علي تو رات 58 سال عمر ٻڌائي پر تنهنجي عمر ايتري لڳي ته نه ٿي! اها عمر صحيح آهي يا..... ڪيئن؟! مون کيس چيو ته رڪارڊ موجب اها صحيح عمر آهي. پوءِ چيائين ته تو نوڪري عزت سان ڪئي آهي ۽ الله پاڪ تي رک ته اهو چڱي ڪندو. پوءِ هو گاڏيءَ ۾ روانو ٿي ويو. (منهنجي خيرپور ضلع ۾ مختيارڪار ۽ S.D.M طور چئن سالن کان به وڌيڪ عرصو نوڪري رهي پر خيرپور تعلقي ۾ جيڪو سيد غوث علي شاهه جو رهائش جو تعلقو هو، ان ۾ نه ڪئي هئي، باقي مان جڏهن به ڪنهن ڪيس ۾ خيرپور سيشن ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ ويندو هئس ته اڪثر ڪري خون وغيره جي ڪيسن ۾ جوابدارن جو بچاءُ وارو وڪيل اڪثر ڪري سائين غوث علي شاهه ئي هوندو هو، انهيءَ ڪري هن سان چڱي دعا سلام ٿي وئي هئي).
عبدالله نالي هڪڙي ليبر اڳواڻ سيٺ ولي ڀائي سيٺارجا جي ڪاٽن فئڪٽريءَ جي مالڪ خلاف ڪا درخواست ڪئي، جيڪا مون ڏي انڪوائري ڪرڻ لاءِ موڪلي وئي. مان هڪ ٻه تاريخ انڪوائري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون پر ڪن ٻين ضروري مشغولين ۽ ميٽنگن ڪري انهن تاريخن تي انڪوائري ڪرڻ لاءِ نه وڃي سگهيس. جنهن تي ان ليبر اڳوڻ منهنجي خلاف ائنٽي ڪرپشن وارن کي درخواست ڪئي ته مون سيٺ وليءَ کان رشوت ورتي آهي، ان ڪري هن خلاف انڪوائري نه پئي ڪئي. ان درخواست تي سرڪل آفيسر ائنٽي ڪرپشن خيرپور عبدالله جو بيان به رڪارڊ ڪيو، جيڪا خبر پوءِ مونکي پئي.
اتفاق سان هڪڙي ڏينهن گمبٽ ويس ته اتي محمد نواز ميڻ ڊئريڪٽر ائنٽي ڪرپشن مسٽر نظير احمد شيخ جي منجھند جي مانيءَ جي دعوت ڪئي هئي. محمد نواز ميمڻ مون کي به گڏجي ويو ۽ چيائين ته دعوت ۾ مان به شريڪ ٿيان، جنهن تي مون ساڻس انڪار نه ڪيو. (جيئن ته مان گمبٽ ۾ مختيارڪار ٿي رهيو هئس ۽ ان کان علاوه محمد نواز ميمڻ کيسن جو ڪم ڪندو هو ۽ مون به هن کان چڱا کيس آفيسرن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ خريد ڪيا هئا، ان ڪري گهاٽائي ٿي وئي هئي).
مان پوءِ سندس دعوت ۾ وڃي شريڪ ٿيس ته اتي ڊئريڪتر صاحب ائنٽي ڪرپشن سان مٿيون ذڪر ڪيو، جنهن چيو ته سرڪل آفيسر کي چئجان ته ساڻس فون تي ڳالهائي. مان پوءِ هڪ ٻن ڏينهن بعد جڏهن خيرپور ويس ته مسٽر خان محمد سيهڙ A.D.M کي چيو ته سرڪل آفيسر کي چئو ته ڊئريڪٽر صاحب سان فون تي ڳالهائي. سرڪل آفيسر اتي A.D.M وٽ اچي نڪتو، جنهن منهنجي واقفيت ساڻن ڪرائي ۽ چيائينس ته ڊئريڪٽر صاحب هن کي نياپو ڏنو آهي ته تون ساڻس فون تي ڳالهاءِ. سرڪل آفيسر شايد ته ڳالهه کي سمجھي ويو ۽ وڌيڪ ڪو ذڪر نه ڪڍيائين، باقي خبر ناهي ته هن ڊئريڪٽر صاحب سان ڇا وڃي ڳالهايو ۽ هن کيس ڇا چيو! بهرحال اها ڳالهه اتي ختم ٿي وئي.
مسٽر شاهد عزيز صاحب جن آمريڪا ڪنهن ٽريننگ جي سلسلي ۾ پئي ويا ته مان ڪجهه تتر ۽ ٻه سٺا قيمتي کيس ڪراچيءَ وڃي ڏنا. ڊرائنگ روم ۾ ويٺا هئاسين ته ان پنهنجي بيگم صاحبه کي گهرائي کيس ڏيکاريا، جيڪي ٻنهي کولي ڏٺا ۽ کين ڏاڍا پسند آيا. شاهد عزيز صاحب چيو ته کيسن جا گهڻا پئسا ٿيندا پر مان کيس چيو ته سائين پئسا ته ڪونه وٺندس. پوءِ ٻڌايائين ته صبح جو سندس فلائيٽ آهي، ائيرپورٽ تي ايندين؟ عاشق ميمڻ (هو وٽس شهدادپور ۾ S.D.M ٿي رهيو هو) به ايندو. مان کيس ٻڌايو ته سائين مان ائين بنا موڪل جي هليو آيو آهيان، انهيءَ ڪري مان رات ئي واپس ٺري ميرواهه هليو ويندس، انهيءَ ڪري صبح جو ايئرپورٽ تي نه اچي سگهندس. (مان رات جو ئي موٽي آيس جو ان دور ۾ امن امان هوندو هو ۽ سفر ۾ ڪو انتظار نه ٿيندو هو ۽ اڄ جهڙو ظلم نه هوندو، جو ڏينهن ۾ به سفر ڪرڻ خوف خطري کان خالي نه آهي).
مان مئي 1981 ۾ پنهنجي وڏي پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جي شادي ڪرائي. پهرئين ڏينهن مون برادري وغيره وارن کي ماني کارائي، ٻئي ڏينهن منهنجي پٽ غلام ياسين (جيڪو ان وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو) ان پنهنجن ڪلاس فيلوز ۽ دوستن وغيره کي ماني کارائي.
ٽئين ڏينهن تي مون ميرواهه سب ڊويزن جي لاڳاپن وارن زميندارن، ٻن ٽن ڪامورن دوستن، گمبٽ جي پير گل شاهه، حاجي ميرڻ شاهه، عبدالحميد خان جتوئي، لاڙڪاڻي جي ٻن ٽن روينيو آفيسرن رحمت الله قريشي، D.C، A.D.M ۽ S.D.M ۽ ڪجهه پنهنجن تمام ويجهن عزيزن جملي 150 ماڻهن جي دعوت لاڙڪاڻي جي سمبارا - ان - هوٽل ۾ رات جي ٽائيم تي ڪئي. Menu (کاڌي جا آئٽم) هوٽل وارن کي مان لکي ڏنو، جنهن جو هنن 40 روپيا في ماڻهوءَ چارج ڪيو. ويهڻ جو بندوبست ٻاهر هوٽل جي لان تي ڪيل هو، باقي ماني کائڻ جو بندوبست ائير ڪنڊيشنڊ هال ۾ رکيل هو. دعوت کائي ٻيا ته سڀ مهمان رات جو ئي واپس هليا ويا. باقي عبدالاڪبر سول جج ميرواهه ۽ ڊاڪٽر امداد علي راڄپر ميڊيڪل آفيسر ميرواهه رات هوٽل ۾ رهي پيا ۽ صبح جو واپس هليا ويا.
شاديءَ جو ذڪر نڪتو آهي ته مان مختيارڪار ٿيڻ کان اڳ هڪ همشيره ۽ ٻن نياڻين جي هڪ وقت، مختيارڪار واري عرصي دوران هڪ ڀاءُ ۽ هڪ نياڻيءَ جي ٿوري وقفي سان، S.D.M ٿيڻ بعد ٽن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي شادي ڪرائي، ائين چارئي شاديون ٿوري ٿوري وقفي بعد ڪرايون، جڏهن ته ننڍي پٽ سليم جي شادي گهڻي دير بعد 1998 اپريل ۾ ڪرائي. جملي مون يارنهن (هڪ ڀاءُ جي، هڪ همشيره جي، ستن نياڻين جون ۽ ٻن پٽن جون) شاديون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪرايون آهن.
الله تبارڪ وتعاليٰ جا لک شڪرانا جو منهنجي همشيره ۽ ستئي نياڻيون پنهنجي گهرن ۾ سٺي ۽ خوشحال زندگي بسر ڪري رهيون آهن. منهنجي ٻنهي پٽن کي به ڪشادو روزگار آهي، جن مان وڏو پٽ غلام ياسين ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ ننڍو پٽ محمد سليم نئشنل پوسٽنگ ڊئريڪٽوريٽ ۽ 17 گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر آهي (هن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن مان سليڪٽ ٿي سڌي طرح 17 گريڊ ۾ نوڪري جي شروعات ڪئي آهي). ساڳي طرح منهنجي ڀاءُ اقبال حمد جا پٽ به جوان ٿيا آهن ۽ ٽن کي سرڪاري نوڪري آهي، جن مان هڪ سرفراز PIA ۾ ٻيو بئنڪ ۾ ۽ ٽيون عرفان ڪچي آبادي محڪمي ۾ آهي ۽ خوش حال زندگي گذاري رهيا آهن.
جيئن ته مون تان نياڻين ۽ پٽن جا شادين جا بار منهنجي حياتيءَ ۾ ئي لٿل آهن ۽ نياڻيون توڙي پٽ سڀ پنهنجي گهرن ۾ الله پاڪ جي مهربانيءَ سان خوش زندگي گذارين پيا. انهيءَ ڪري مون کي انهن جي باري ۾ ڪو فڪر يا انتظار ڪونهي. منهنجو پوٽو، ڊاڪٽر ياسين جو فرزند پاڪ آرمي ۾ ليفٽيننٽ آهي. مونکي به الله تبارڪ وتعاليٰ ڪنهن جي محتاجي نه ڏني آهي، جو هن وقت مونکي 8630 روپيه پينشن ملي رهي آهي، جو مون ۽ منهنجي گهراواريءَ جي گذاري لاءِ ڪافي اهي. تاهم منهنجو وڏو پٽ غلام ياسين ڊاڪٽر هر مهيني پنهنجي رضا خوسيءَ سان بنان اسان جي گهرڻ جي 1500 روپيه (پندرهن سو روپيه) موڪليوند رهندو آهي. باقي مان ۽ منهنجي گهر واري پنهنجي ننڍي پٽ محمد سليم سان گڏ رهندا آهيون ۽ وقت ڏاڍو خير خوبيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ الله تعاليٰ جا لک شڪر آهن، جو پٽن لاءِ هڪ ننڍو ئي سهي پر سٺو گهر عمر جي آخري ڏينهن ۾ به ٺهرايو آهي، جو 1997 ۾ ٺهي پورو ٿيو.
مان لڳ ڀڳ پنهنجي 35 سال نوڪريءَ واري سموري عرصي ۾ بدلين يا پروموشن تي ڪڏهن به ڪنهن آفيسر کي روڪ پئسا نه ڏنا آهن ۽ الله تبارڪ وتعاليٰ جي فضل سان آفيسر مڙئي مهربان رهندا آيا آهن، جن هر وقت انهن موقعن تي منهنجي مدد پئي ڪئي آهي. فقط هڪ دفعو انهيءَ ساري عرصي ۾ مان جڏهن هيڊ آفيس مان پير بخش خان گهانگهري جي مهربانيءَ سان رتيديري تعلقي ۾ هيڊ منشي ٿيو هئس ته سندن پڇڻ سان ته دفتردار ڪرم علي شاهه صاحب جنهن اها بدلي ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ چئو ته ڪجهه ڏيانس ۽ هن 300 روپيا ڏيڻ لاءِ چيو، جيڪي به مون کيس ئي ڏنا ته دفتردار صاحب کي پاڻ ئي ڏي، پر مون صاحب موصوف کي هٿوهٿ نه ڏنا. سيد ڪرم علي شاهه رتيديري ۾ مختيارڪار ٿي رهيو ۽ پير بخش گهانگهري جا گهاٽا تعلقات ها، البت آفيسرن جي مهرباني هجڻ ڪري ڪن کي تحفي ۾ گمبٽ جا ‘کيس’ جيڪي تحفي ۾ ڏيڻ جهڙا هوندا هئا، اهي ڏنا آهن. جن آفيسرن کي مون اهي کيس تحفي طور ڏنا هئا، انهن مان ڪن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان ۽ جن ٻين آفيسرن کي ڏنا آهن، اهي صاحب مسٽر علي محمد شيخ ڊپٽي ڪمشنر صاحب ٺٽو، مسٽر محمد بچل ميمڻ ڊپٽي ڪليڪٽر سانگهڙ، مسٽر عبدالجبار بچاڻي سيشن جج صاحب، مسٽر علام محمد ميمڻ صاحب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، مسٽر عتيق الرحمٰن خان ڊپٽي سيڪريٽري ۽ مسٽر غلام مصطفيٰ جوکيو A.D.M جيڪب آباد ياد پون ٿا.
هتي آئون ان معاملي جو به ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جي ڪري مون کي نه صرف ميرواهه سب ڊويزن بلڪ سکر ڊويزن به ڇڏڻي پئي.
زڪوات ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جون چونڊون ٿيون ته ديهه ڊيراڻي ۾ هڪ هارايل اميدوار محمد دائود شر ڊپٽي ڪمشنر صاحب خيرپور جن کي درخواست ڏني ته چونڊ صحيح طرح نه ٿي آهي ۽ نئين سر چونڊ ڪرائي وڃي. هن جي مخالف اميدوار جو واسطو امداد حسين دستيءَ سان هيو، جنهن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو. اها درخواست مون ڏانهن انڪوائري ڪري رپورٽ موڪلڻ لاءِ موڪلي وئي هئي، مان انڪوائري ڪري رپورٽ ڏياري موڪلي ته برابر فيئر ۽ شفاف اليڪشن نه ٿي آهي، جنهن ڪري نئين سر اليڪشن ڪرائي وڃي.
ڪجهه وقت گذرڻ بعد خيرپور ڊسٽرڪٽ زڪوات ڪاميٽيءَ جي چيئرمين مسٽر عبدالرزاق ميمڻ خيرپور ۾ ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ ٽنهي سب ڊويزنن خيرپور، ڪوٽڏيجي ۽ ميرواهه جي (S.D.Ms)، A.D.M خيرپور ۽ ڪي تعلقي زڪوات ڪاميٽيءَ جا چيئرمين ۽ درخواست گذار محمد دائود شر (هارايل اميداور) گهرايا ويا هئا. ميٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون تي A.D.M خان محمد سيهڙ سان ڪجھه ڳالهايو، جنهن صاحب موصوف کي منهنجي لاءِ ٻڌايو ته اهو وٽس ويٺو آهي. ڊپٽي ڪمشنر صاحب پوءِ مونکي فون تي چيو ته بابا ٻانڀڻن جي چوڻ تي هلين ٿو، تڪليف ۾ ايندين. مون کين عرض ڪيو ته سائين ٻانڀڻن جو ته هن سان واسطو ئي ناهي، هوڏاانهن جيئن ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته امداد حسين دستي، ڪمشنر صاحب محب الله شاهه جن کي عرض ڪيو ته اها اليڪشن نئين سر نه ڪرائي وڃي، جنهن تي شايد ڪمشنر صاحب ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي اهڙي هدايت ڪئي هئي ۽ انهيءَ ڪري ئي ڊپٽي ڪمشنر صاحب مون کي فون تي مٿين ڳالهه چئي هئي. خير ميٽنگ شروع ٿي ۽ ٻيا به جيڪي ڪجهه معاملا ميٽنگ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ رکيل هئا، انهن تي فيصلا ٿيندا پئي ويا ۽ جڏهن مون واري رپورٽ چيئرمين زڪوات ڪاميٽي مسٽر عبدالرزاق ميمڻ سڀني کي پڙهي ٻڌائي ته S.D.M خيرپور نثار احمد صديقي ۽ S.D.M ڪوٽڏيجي محسن قريشي صاحب جن کان رايو پڇيو ته هنن منهنجي رپورٽ جي تائيد ڪندي چيو ته اها چونڊ نئين سر ٿيڻ کپي. A.D.M خان محمد سيهڙ مسٽر عبدالرزاق ميمڻ صاحب کي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جو چون آهي ته اها چونڊ نئين سر نه ڪرائي وڃي پر هن نه مڃيو ۽ چيائين ته هو ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي چوڻ مطابق ڪم نه ڪندو، جنهن ڪري هن اهڙو ئي فيصلو ڪيو ته محمد دائود شر واري اليڪشن نئين سر ڪرائي وڃي. آفيس ٻاهران محمد دائود شر جي مخالف پارٽيءَ وارا امداد حسين دستيءَ سميت فيصلي ٻڌڻ جي انتظار ۾ اڳ ئي بيٺا هئا، اهڙو فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ امداد حسين دستيءَ هڪدم سکر وڃي ڪمشنر صاحب جن سان مليو ۽ کيس فيصلي کان آگاهه ڪيائين. ان تي ڪمشنر صاحب کيس چيو ته هو مونکي ميرواهه مان بدلي ڪرائي پنهنجي آفيس ۾ رکرائي ٿو، جو وٽس اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) جي پوسٽ مسٽر قمر الدين ڀٽيءَ جي رٽائرمينٽ سبب خالي پيل هئي.
امداد حسين دستي اها ڳالهه ٺريءَ ۾ اچي مشهور ڪئي ته S.D.M جي بدلي ٿي ٿئي، غلام سرور ملاح منهنجي آفيس جي ڪلارڪ اها ڳالهه مون کي ٻڌائي ۽ مون کي به دل ۾ يقين ٿي ويو، ته ڪمشنر صاحب ضرور ائين ئي ڪندو، جو امدد حسين دستي جي سؤٽ قمر الدين دستي (جيڪو محب الله شاهه صاحب جن جو يونيورسٽيءَ ۾ روم ميٽ هيو) جي ڪري سندس خيال ڪندو هو. مون پوءِ 7 ڏينهن جي موڪل لاءِ درخواست پنهنجي هڪ خاص ماڻهوءَ هٿان ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪلي، جنهن اُها موڪل 7 ڏينهن بجاءِ 4 ڏينهن جي منظور ڪئي ۽ مان ڳوٺ لاڙڪاڻي هليو آيس. مان ان وقت ٺريءَ ۾ اڪيلو رهندو هئس ۽ منهنجي فئملي لاڙڪاڻي رهندي هئي.
مان موڪل گذرڻ بعد واپس ڊيوٽيءَ تي ٺري ميرواهه نه ويس پر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ سان گڏ ڊگهي موڪل لاءِ درخواست ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪلي ۽ ان جي ائڊوانس ڪاپي سڌي طرح چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن به موڪلي ڏني. پر ان درخواست تي اڃا ڪو آرڊر نه نڪتو ۽ درخواست ۾ موڪل لاءِ ڏيکاريل مدو به ختم ٿيڻ وارو هو ته مون وري ٻي درخواست ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر صاحب خيرپورکي موڪلي ۽ ان جي ڪاپي وري به سڌي چيف سيڪريٽري صاحب ڏانهن موڪلي ڏني. پوءِ ٻنهي درخواستن ۾ منهنجي گهربل موڪل منظور ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن نڪتو ۽ ائين منهنجو واسطو سکر ڊويزن سان ختم ٿي ويو ۽ مان هاڻي سروسز ۽ جنرل ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ سان وابسته ٿي ويس ۽ موڪل ختم ٿيڻ تي اتان ئي منهنجي نئين پوسٽنگ جو آرڊر نڪرڻو هو. انهيءَ عرصي دوران منهنجو خيرپور وڃڻ ٿيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب (مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب) جن سان مليس، جنهن ٻڌايو ته هن مون واري درخواست ڪمشنر صاحب کي موڪلي ڏني هئي پر هن مٿي موڪل منظور ٿيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري ڏانهن نه موڪلي ۽ پاڻ وٽ رکي ڇڏي ۽ الٽو کانئس پڇيائين ته ڇو هن مون کي ريزڪي موڪلي ڏني، جنهن تي هن صاحب موصوف کي ٻڌايو ته کيس اها خبر نه هئي ته مان وري ڊيوٽيءَ تي نه ايندس.
مان ڪمشنر صاحب محب الله شاه صاحب کي سيد سرادر احمد صاحب (جو ان وقت ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊئريڪٽر هو) کان به فون ڪرائي، جنهن منهنجي روبرو کيس فون ڪئي ته مان هن وٽ زيردست ٿي رهيو آهيان ۽ سٺو ماڻهو آهي. اوهان هروڀرو هن aged ماڻهوءَ کي تڪليف ڇو ٿا ڏيو، جنهن تي محب الله شاهه کين چيو ته ميرواهه سب ڊويزن ڇڏي، باقي کانئس ٻيو ڪو آپشن وٺو. مان پوءِ سيد سردار احمد صاحب جن کي ٻه ٽي آپشن ڏئي موٽي آيس پر پوءِ خبر پئي ته هن ڪو به آپسن قبول نه ڪيو ۽ بضد هيو ته مون کي پنهنجي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) واري خالي پيل پوسٽ تي رکرائي.
مان لاڙڪاڻي ۾ ئي هيس ته هڪڙي ڏينهن شاهه محمد ٻانڀڻ ميرواهه تعلقي واري جو پٽ مون وٽ آيو ۽ چيائين ته هلو ته مسٽر سالڪ نذير صاحب (جيڪو ان وقت ائڊيشنل سيڪريٽري هو) ان سان ملون. مان هن جي گهڻي اسرار تي لاچار ساڻس گڏجي ويس (سالڪ نذير خيرپور سب ڊويزن جو S.D.M ٿي رهيو هو ان ڪري شايد شاهه محمد ٻانڀڻ جي پٽ جو واسطو رهيو هجيس) ۽ سالڪ نذير صاحب سان ملياسين پر ”سڀ کي پنهنجو غرض“ جنهن ڪري هن کيس مونکي ميرواهه سب ڊويزن تي رکڻ لاءِ چيو، جنهن تي سالڪ نذير صاحب مونکي چيو ته ميرواهه سب ڊويزن خالي پئي آهي، تون ڀلي اتي جي چارج وٺ ۽ هو منهنجي اتان بدلي نه ڪندو. مان ان تي خاموش رهيس ۽ ڪجهه نه ڪڇيس. ڇاڪاڻ ته مان اتي وڃڻ لاءِ قطعي طور به تيار نه هئس. سالڪ صاحب جن جو ائين چوڻ ته هو منهنجي ميرواهه سب ڊويزن تان بدلي نه ڪندو ۽ منهنجي خاموش رهڻ مان حاجي شاهه محمد ٻانڀڻ جي پٽ شايد ائين سمجھيو ته مان وري ميرواهه سب ڊويزن تي اچي چڙهندس ۽ هن پوءِ اتان موٽندي اهڙي پروپيگئنڊا به ڪئي ته محمد علي واپس ٿو اچي. اها غلط پروپيگئنڊا ٻڌي امداد حسين دستي وري ڪمشنر صاحب ڏانهن ڀڳو ۽ وڃي اها حقيقت ڪيائين. جنهن تي ڪمشنر صاحب محب الله شاهه ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مسٽر غلام محمد ميمڻ کي منهنجي نالي چيو ته جيڪڏهن هو ميرواهه سب ڊويزن جو آرڊر وٺي به اچي ته کانئس پڇڻ بنان چارج نه ڏياري وڃي. نه رڳو اهو پر هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالوحيد پيرزادي کي به چيو ته هو ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر A.D.C خان محمد سيهڙ کي به ساڳي طرح چئي ڇڏي. (منهنجو موڪل دوران هڪ ڏينهن خيرپور وڃڻ ٿيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (غلام محمد ميمڻ صاحب ۽ خان محمد سيهڙ) جن سان ملڻ ٿيو ته ٻنهي اها ساڳي ڳالهه پاڻ مونکي ٻڌائي هئي). مون کي ٻڌي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ڪمشنر صاحب ڪيئن پيو سوچي ته سندس مون تي ايتري ناراضگي ۽ ڪاوڙ باوجود مان ٻيهر ميرواهه سب ڊويزن يا سندس سکر ڊويزن ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ سندن زيردست رهي نوڪري ڪرڻ چاهيندس يا وري ڪيئن ڪري سگهندس..!!
سالڪ نذير صاحب جن جو ذڪر نڪتو آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته هو ڏاڍو سهڻو هوندو هو ۽ سدائين سندن منهن تي مُرڪ هوندي هئي . هو خيرپور سب ڊويزن جو S.D.M هو ۽ مان سندس زيردستي ۾ ڪم نه ڪندو هئس پر جڏهن ميٽنگ مان نڪرندا هئاسين ته هن سان مڙئي زور ڪري به ڳالهائيندو هئس ۽ هو به نهايت اخلاق سان اسان سان ڳالهائيندو ڪندو هو، هن لاءِ اهو به ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪيس جا جوابدار کين چوندا هئا ته ڪيس جي تاريخ ويجهي رکو، پوءِ شاهد اچن نه اچن پر اوهان جو مُنهن ته ڏسي ويندا ۽ هُو وري به پيو اهڙين ڳالهين تي مُرڪندو هو. منهنجي موڪل واري عرصي دوران منهنجي هڪ پاڙيسري محمد اسحاق لغاريءَ جي زمين جي باري ۾ اپيل ڪمشنر صاحب جن وٽ هلندڙ هئي ۽ هو ان سلسلي ۾ سکر ويندو هو ته ڪمشنر صاحب جي P.A سان سندس ملڻ ٿيندو هو ۽ مونکي ڪڏهن ڪڏهن اچي اهو به ٻڌائيندو هو ته ڪمشنر صاحب پنهنجي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) جي پوسٽ خالي رکرائيندو اچي ۽ منهنجي نالي چوي ٿو ته ان کي ان پوسٽ تي ئي رکائيندو. چار مهينا اها پوسٽ خالي پئي هئي (انسان ڇا به چاهي پر جيڪي الله پاڪ کي منظور هوندو، اهو ئي ٿيندو، مان صلوات شريف مڙئي پڙهندو رهندو هئس، جنهن جي صدقي الله پاڪ مڙئي مون تي مهرباني ڪندو هو). موڪل پوري ٿيڻ ۾ ٿورو عرصو بچيو هو، جو مان علي محمد شيخ صاحب (جيڪو ان وقت ميمبر بورڊ آف روينيو هو ۽ مون تي ڪافي مهربان هوندو هو). ان سان وڃي مليس ۽ کيس عرض ڪيم ته مون کي دادوءَ ۾ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪرائي پر هو اتي ان وقت جي ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسٽر امداد علي شيخ تي به ڪافي مهربان پئي نظر آيو ۽ مون کي چيائين ته دادوءَ ۾ نه باقي چوين ته حيدرآباد جي ڪمشنر صاحب کي چئي مون کي حيدرآباد ۾ ئي سٽي مئجسٽريٽ ڪرايان پر مون هن کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ مان ماٺ ڪري واپس هليو آيس.
مان پوءِ عبدالحميد خان جتوئيءَ سان مليس ۽ ساڻس ساري حقيقت ڪيم، جنهن کلي طرح ٻڌايو ته سندن هينئر نه ٿي هلي ۽ ايترو به وڌيڪ چيائين ته جيئن حيدرآباد جي ڪمشنر صاحب عبدالله ميمڻ کي اها به خبر نه پوي ته تنهنجو اسان سان ڪو واسطو به آهي. لياقت علي خان جتوئي به ان وقت ويٺو هو، جنهن چيو ته هو محب الله شاهه سان ڳالهائي جو هو ۽ ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ گڏ رهيا آهن ۽ سندس هن سان سٺا لاڳاپا آهن پر مون کيس چيو ته مان سکر ڊويزن ۾ ئي وڃڻ نٿو چاهيان. عبدالحميد خان به پوءِ چيس ته جڏهن هي سکر ڊويزن ۾ ئي نه ٿو وڃڻ چاهي ته پوءِ محب الله شاهه سان ڳالهائڻ جي ضرورت به ناهي.
مان پوءِ محمد هاشم ميمڻ صاحب جو ان وقت شايد ته (M.D seed corporation) مئنيجنگ ڊئريڪٽر سيڊ ڪارپوريشن هو، انهيءَ سان مليس، جنهن پڻ مونکي منع ڪئي ته محب الله شاهه ڏانهن نه وڃجان ۽ مسٽر عبدالله خان ميمڻ ڪمشنر حيدرآآباد وٽس ايندو آهي، انهيءَ کي چئي منهنجو A.D.C Dadu جو آرڊر ڪرائيندو، جو آرڊر نڪتو ۽ مان دادوءَ 01.11.82 تي وڃي اتي چارج ورتي، جيڪو منهنجي نوڪريءَ جو آخري پوسٽنگ آرڊر رهيو ۽ دادوءَ مان ئي ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان 60 سال عمر پوري ٿيڻ (جا رٽائرمينٽ جي عمر هئي) تي 11.04.84 تي رٽائر ٿيس. مان جڏهن دادوءَ ۾ چارج ورتي ته مسٽر فقير محمد خان ڏهر ڊپٽي ڪمشنر دادو هو.
لوڪل باڊيز جي چونڊن جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر صاحب جن وٽ ڊپٽي ڪمشنرن جي ميٽنگ سڏائي وئي هئي، جنهن لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪ پروفارما موڪليو ويو هيو ته اهو ڀري ميٽنگ ۾ کڻي اچن، پر ميٽنگ ۾ اهو پروفارما تبديل ڪري ٻيو پروفارما ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏنو ويو ته اهو ڀري ٻئي ڏينهن تي ميٽنگ ۾ کڻي اچن.
انهيءَ ڏينهن مسٽر عبدالرشيد ميمڻ ڊپٽي سيڪريٽري صحت کاتو دادوءَ آيل هو، جنهن جي رات جي مانيءَ جي دعوت ڊاڪٽر غلام سرور مستوئي سول سرجن دادو پنهنجي بنگلي تي ڪئي هئي ۽ ڊاڪٽر صاحب مونکي به ان دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو هو، مان سول سرجن صاحب جي بنگلي تي ويس ته جلد ئي مسٽر عبدالرشيد ميمڻ صاحب به آيو. ان وقت مون وٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو پٽيوالو به آيو ۽ چيائين ته صاحب موصوف حيدرآباد مان فون ڪئي آهي ته مان ساڻس سندس ڊائريڪٽ ڊائلنگ فون تان ڳالهايان. مان پوءِ سول سرجن وٽان اتي اچي ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان سندس بنگلي واري آفيس مان فون تي ڳالهايو، جنهن مونکي هڪ پروفارم ڊڪٽيٽ ڪيو ۽ چيائين ته اهو ڀري صبح جو 7 وڳي کيس فون تي لکرايان. جنهن جي لاءِ ڪجهه ڪاغذ سندن الماڙيءَ ۾ پيل آهن ۽ ٻيا ضروري گهربل تفصيل A.D.L.G جي آفيس مان وٺي پروفارم ڀريان. جنهن ڪري مان سول سرجن جن کي ٻڌايو ته مون کي ضروري ڪم ٿي پيو آهي، انهيءَ ڪري مان دعوت ۾ شريڪ نه ٿي سگهندس.
ڪجهه گهربل رڪارڊ مان ڊپٽي ڪمشنر وٽ رکيل الماڙيءَ مان ڪڍيو ۽ پوءِ مرکپور وڃي A.D.L.G جي آفيس جي واسطيدار ڪلارڪ کي وٺي اچي کانئس آفيس مان گهربل رڪارڊ کڻائي پاڻ سان گڏ بنگلي تي وٺي آيس ۽ کيس پروفارم ۾ تفصيل لکرائيندو ويس، جو صبح جو 5 وڳي ڌاري مس وڃي تيار ٿيو ۽ مان صبح جو 7 وڳي ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي فون تي ڊڪٽيٽ ڪرايو.
آچر جو ڏينهن هو جو مان صبح جو ڪنهن پاسي وڃي رهيو هئس ته آرمي هيڊڪواٽر خضدار مان فون آئي ته سندن هڪ هيليڪاپٽر لاپتو ٿي ويو آهي، جيڪو شايد دادو ضلع ۾ ڪٿي لٿو آهي، سو انهيءَ کي لوڪيٽ ڪري (ڳولهرائي) کين ان بابت اطلاع ڪيان. مان پوءِ ڊي ايس پي غلام محدم ميمڻ کي چيو ته ان جي جاچ ڪري ٻڌائي. هو پوءِ خيرپور ۽ ميهڙ تعلقن ۾ پنهنجي سر وڃي جاچ ڪري آيو پر ان حوالي سان خبر پيس ته دادو ضلعي ۾ هيليڪاپٽر لٿو ئي نه آهي. مان اهڙو اطلاع آرمي وارن کي خضدار ٻڌايو ته هنن چيو ته انهن کي خبر پئي آهي ته اهو لاڙڪاڻي ضلع ۾ غئبي ديري جي پاسي لٿو آهي.
مسٽر فقير محمد ڏهر ڊپٽي ڪمشنر صاحب روينيو کاتي ۽ ڪلارڪن جون جايون پئي ڀريون ۽ انهيءَ لاءِ آيل اميداورن کان انٽرويو وغيره به ورتا. دادوءَ ۾ منهنجي نياڻيءَ وٽ هڪ عورت گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي، ان منهنجي نياڻيءَ کي سندس ڀاءُ محمد حسين کي ڪلارڪي ڏيارڻ لاءِ چيو، جنهن لاءِ مون کيس پڪ نه ڏني، جو مان انهن معاملن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سان ڪا گفتگو يا ڪنهن جي سفارش وغيره نه ڪندو هئس ۽ ان باري ۾ هن جو سمورو وهنوار S.D.M دادو محمد رمضان چاچڙ جي معرفت ئي هلندو هو، باقي نياڻيءَ کي ايترو چيم ته مان ڪوشش سندس ۽ جي وس هلي سگهيو ته پوءِ مان محمد حسين کي ڪلارڪي ڏياريندس.
مان آفيس ۾ رات جي ٽائيم وقت ڪم ڪري رهيو هئس ته نور محمد پنهور شيخ آيو ۽ اچي پنهنجي هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪلارڪيءَ ۾ کڻائڻ لاءِ چيائين ۽ 3000 روپيا (ٽي هزار روپيا) ڏيڻا ڪيائين پر مون کيس مشورو ڏنو ته مان انهن معاملن ۾ نه ايندو آهيان ۽ تون وڃي محمد رمضان چاچڙ S.D.M سان ملي ته بهتر آهي، جو ڊپٽي ڪمشنر ڪم هن جي معرفت ئي ڪندو آهي، پر هن وري به منهنجي ٽيبل جي خاني ۾ 3000 روپيا رکي ڇڏيا. ائين ڪندي ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنهنجي بنگلي تان فون ڪري پاڻ وٽ گهرايو. مان اتي پهتس ته وٽس محمد رمضان خان چاچڙ S.D.M اڳ ئي ويٺو هو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب مونکي چيو ته تون ڪو هڪڙو نالو ڪلارڪي لاءِ ڏين ته ان کي رکان. مون کيس ٻن جاين لاءِ چيو جو هن نه مڃيو. مون کي هڪ طرف پنهنجي نياڻيءَ جو چوڻ ۽ ٻئي پاسي هئي 3000 رپين جي لالچ. آخر ان پئسن کي ٿڏي پنهنجي ضمير کي نه وڪيو ۽ جنهن لاءِ منهنجي نيانيءَ چيو هو، ان محمد حسين لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي چيم، جنهن کي هن پوءِ ڪلارڪي جو آرڊر ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽان واپس اچي مون نور محمد شيخ کي سندس پئسا 3000 روپيا واپس ڏنا ۽ ساڻس وڌيڪ ڪا ٻي ڳالهه نه ڪئي ۽ ائين پوءِ هو به واپس هليو ويو.
M.R.D تحريڪ (جمهوريت جي بحاليءَ .لاءِ تحريڪ) شروع ٿي، جيڪا پوري سنڌ صوبي ۾ دادو ضلع ۾ ۽ ان ۾ به خاص ڪري ٽن تعلقن دادو، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقن مان اٿي پر انهن ٽنهي تعلقن مان خيرپور ناٿن شاهه ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان هلي رهي هئي، جنهن تحريڪ فوجي حڪومت کي به لوڏي ڇڏيو هو ۽ فوجي ظلم به انتها ڪري ڇڏي هئي، خاص طرح خيرپور شهر ۾ ته ڏاڍا ورڪر قتل ڪيا ويا هئا، جتي فوجين ايريگيشن ريسٽ هائوس جي مٿان مورچا ٺاهي اتانن ڀڄندڙ ماڻهن کي به پٺيءَ ۾ گوليون هڻي به ماريو، نه رڳو ايترو پر گڏوگڏ پرتي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه عورتن به فوجين جي گولين جو کاڄ بنجي ويون هيون. ڪيترائي ورڪر گرفتار ڪيا ويا، جن مان ڪن کي ڦاسي ڏني وئي ۽ گهڻن ورڪرن کي ڦٽڪا به هنيا ويا ته اهي ورڪر ڦٽڪن کائيندي به “جيئي ڀٽو” جو نعرو هڻي رهيا هئا. فوجي جنتا ڀُٽي صاحب جي اهڙي وڌندڙ مقبوليت کان خائف ٿي ڦٽڪا هڻائڻ ئي بند ڪري ڇڏيا هئا.
دادوءَ ضلع کي ان وقت “ٻيو ويٽنام” ڪري سڏيندا هئا، ائين به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته فوجي حڪومت پنهنجن نقشن ۾ ضلع دادوءَ کي ڳاڙها گول دائرا ڏئي ڇڏيا هئا، جي خطري جي علامت هئا. جيڪي ورڪر گرفتار ٿيندا هئا يا پاڻ اچي گرفتاريون پيش ڪندا هئا ته هر هڪ ورڪر جو مڪمل تفصيل نالو، ذات توڙي سندس جنهن پارٽيءَ سان وابستگي هوندي هئي اهي سڀ تفصيل روازنو ائڊيشنل ڪمشنر مسٽر شاهد نزير کي حيدرآباد فون تي ڏنو ويندو هو. اهي ورڪر ته مڙئي سڀ پ پ سان وابسته هئا، باقي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو عوامي تحريڪ جو هيو ته هو، باقي ڪو به ورڪر ڪنهن ٻي پارٽيءَ جو نه هوندو هو. پاڪستان ۾ عوام جي هلايل تحريڪ اها M.R.D ئي چئي سگهجي ٿي، باقي ٻيون جيڪي به نام نهاد تحريڪون هيون، اهو خالص اسٽئبلشمينٽ جون هيون. ميان عبدالرحمٰن خان سومرو صاحب (مسٽر خالد محمود سومري جو والد صاحب هڪڙي ڏينهن سج لٿي ڌاري مون وٽ آيو هو جڏهن به دادو ايندو هو ته پنهنجي نياڻي مسٽر غلام نبي سومري وڪيل صاحب وٽ ترسندو هو، پر ان ڏينهن ڪلاڪ کن کانپوءِ چيائين ته اڄ رات مون وٽ ئي رهندو، جو کيس صبح جو آرميءَ وارن گهرايو آهي. مون کين چيو ته ڀلي ترسو. پوءِ رات جي ماني به مون وٽ کاڌائين ۽ صبح جو ناشتو ڪري آرمي وارن ڏانهن سندن بنگلي (ايريگيشن بنگلي) تي ويو ۽ انهن سان ملي مون کي اچي ٻڌايائين ته هو فوج وارن سان ملي آيو آهي ۽ هاڻي ڳوٺ پيو وڃي. هن جي وڃڻ بعد محمد حسن مهيسر وڪيل ۽ ان سان گڏ ٻيو ڄڻو به مون وٽ آيا ۽ چيائون ته ميان صاحب ٻڌو اٿئون ته رات تو وٽ ترسيو هو، مون کين چيو ته هائو ۽ صبح جو آرمي وارن سان ملي آيو هو ۽ ٻڌايائين ته هو هاڻي ڳوٺ پيو وڃي. پوءِ ٻئي ڄڻا ويا هليا.
هڪڙي ڏينهن حاجي پير بخش مونکي فون ڪئي ته S.D.M محمد رمضان چاچڙ جي ڪورٽ ۾ ڪنهن ڪيس ۾ هڪڙو جوابدار آهي. ان لاءِ چوانس ته سندس ضامن کڻي. مون چاچڙ صاحب کي فون ڪئي پر هن چيو ته D.M صاحب جن جي منع آهي. مان وڌيڪ کيس ڪجهه نه چيو ۽ حاجي صاحب کي ٻڌايم ته چاچڙ صاحب چوي ٿو ته D.M صاحب جي منع ٿيل آهي. ڪلاڪ کن بعد حاجي پير بخش فون ڪري ٻڌايو ته جوابدار کان پئسا وٺي چاچڙ صاحب سندس ضامن کڻي ڇڏيو آهي. مان حاجي صاحب کي چيو ته منهنجو وس هو هن کي چوڻ، باقي ٻيو مان ڇا ٿو ڪري سگھان! ٻه چار ڏينهن گذريا ته هڪڙي ڪيس ۾ پير مظهرالحق وڪيل جي هڪڙي جوابدار جي ضامن ٿيڻ بابت درخواست ڏنل هئي ۽ جنهن ڏينهن ان درخواست تي آرڊر ڪرڻو هو، ان تاريخ تي پير مظهر پاڻ نه آيو پر سندس جونيئر وڪيل آيو هو. ان وقت مون وٽ مسٽر غلام نبي سمورو وڪيل به ويٺو هو ۽ مان جوابدار جو ضامن کڻڻ جو ارادو به ڪيو هو ته ائين ڪندي چاچڙ صاحب S.D.M ان ساڳي جوابدار جي ضامن کڻڻ لاءِ فون ڪئي. مون پير مظهر جي جونيئر کي چيو ته پير صاحب کي ٻڌائجان ته ضامن اڄ کڻان ها پر جيئن ته S.D.M چاچڙ به ضامن کڻڻ لاءِ فون ڪئي آهي، انهيءَ ڪري اڄ ضامن نه ٿو کڻان ۽ انشاءَالله سڀاڻي کڻندس. پوءِ هو پير صاحب جو جونيئر هليو ويو.
وڪيل مسٽر غلام نبي سومري چيو ته چاچڙ صاحب کي اهو ٻڌايان، مان کيس چيو ته ڀلي وڃي ٻڌائينس ۽ هن پوءِ اها ڳالهه چاچڙ صاحب S.D.M کي ٻڌائي، جنهن مونکي فون ڪئي ته سنگت ۾ ميار ۽ اوهان تي ڏنڊ آهي. مان کيس چيو ته ڇا جي ميار! ڇا جو ڏنڊ؟! تو ڪهڙو منهنجي چوڻ تي ڪم ڪيو هو ۽ مان پوءِ فون رکي ڇڏي.
سيپٽمبر 1983 ۾ صدر ضياءَ الحق جڏهن دادوءَ هو ته D.M صاحب مونکي چيو ته آرمي پاران ڪرنل باجوا ۽ سول ائڊمنسٽريشن پاران مان هن کي رسيو ڪنداسين. جنهن وقت صدر صاحب آيو ته پهريائين ڪرنل باجوا ساڻن هٿ ملايو، ان بعد مون ساڻس هٿ ملايو ته مون صدر کي ڪرنل باجوا کي ايترو چوندي ضرور ٻڌو ته آرمي جو بندوبست صحيح ناهي. ايتري ۾ گورنر عباسي صاحب، چيف سيڪريٽري صاحب A. Sami Qureshi ڪمشنر صاحب ۽ ٻيا به پهچي ويا. چيف سيڪريٽري صاحب مون کان پڇيو ته هاڻي ڪٿي آهين ته مون کيس ٻڌايو ته هتي A.D.M آهيان، (A.Sami Qureshi) صاحب مونکي چڱيءَ طرح سڃاڻيندڙ هو جو جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ته مان سندس زيردست H.V.C ٿي رهيو هيس ۽ اپيلن جي سلسلي ۾ وٽن گهڻو وڃڻ هوندو هو. وري جڏهن خيرپور ۾ ڪمشنر هيو ۽ مان ميرواهه ۽ گمبٽ ۾ مختيارڪار هئس، تڏهن به ٽي چار دفعا وٽن وڃڻ ٿيو هو. خير مان ته صدر صاحب کي رسيو ڪري آفيس موٽي آيس ته متان ڪا فون نه اچي ۽ بنگلي تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب (جيڪو هيلي پئڊ تان صدر سان گڏ آيو هو ۽ S.D.M محمد رمضان چاچڙ بنگلي تي موجود هئا، صدر صاحب جي اچڻ بعد هڪدم ايريگيشن بنگلي جي ٻاهران روڊ تي ماڻهن جو وڏو انبوهه گڏ ٿي ويو ۽ نعرا هڻڻ لڳا. جنهن تي سيڪيورٽي عملي ان کي ڏسي پري ڪري ڇڏيو ۽ روڊ خالي ڪرائي بنگلي ڏانهن ڪنهن کي به اچڻ نه پئي ڏنو، ماڻهن جي هنگامي ۽ گوڙ ڪري ٻڌڻ ۾ آيو ته ان وقت جي S.P آغا خادم حسين کي دؤرو به پئجي ويو هو.
مان آفيس ۾ ويٺو هئس ته مون کي A.D.M حيدرآباد فون ڪئي ته اسان خاص ماڻهوءَ سان صدر جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڪجھه ڪاغذ موڪليا آهن، اهي صدر صاحب جي اتان رواني ٿيڻ کان اڳ اتي پهچائي ڏجو. مون پوءِ نور احمد ڪلارڪ کي اهي ڪاغذ ڏنا ته وڃي بنگلي تي پهچائي اچي. هن موٽڻ ۾ ڪجھه دير ڪئي ته مون کيس پئي ڪلارڪ هٿان نياپو موڪليو ته آرمي وارن کي چوي ته S.D.M کي اندارن سڏائي وٺن ته ان کي هي ڪاغذ جيڪي صدر صاحب جي پروگرام بنسبت ۽ ضروري آهن سي هڪدم پهچائڻا آهن، ته اهي S.D.M کي ڏيان، جو پوءِ پاڻ ئي اندر واسطيدار آفيسر کي ڏيندو، هو پوءِ ائين ڪاغذ S.D.M کي ڏئي آيو.
صدر صاحب پنهنجو ترسڻ (Stay) مختصر ڪري واپس پئي آيو ته جيمخانه ۽ S.P جي بنگلي آفيس جي موڙ وٽ بيٺل ٽرئفڪ جمعدار سيٽي وڄائي، ان موڙ وٽ اڳ ۾ ئي جڳهه سوڙهي هوندي هئي ۽ موڙ جي ڪري گاڏي ن ٿوري رفتار گهٽ ڪري موڙ ڪٽينديون هيون. انهيءَ موڙ وٽ گاڏيون اچڻ شروع ٿيون ته جنهن رستي سان صدر صاحب واپس وڃي رهيو هو، ان رستي سان سول اسپتال کان هڪڙو رستو اچي ان سان ملندو هو، پر اتي نه ڪو سپاهي يا ڪو فوجي ئي موجود هيو پر اتي ڪجهه عام ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، جن ٽائرن کي باهيون ڏئي وچ رروڊ تي اڇلائي ڇڏيا هئا. انهيءَ ڪري Pilot Jeep مان انسپيڪٽر لهي اهي ٽائر روڊ تان هٽايا پئي ته پويان صدر صاحب واري ڪار ۽ ٻيون سڀ گاڏيون ٿورو ٽائيم بيهي رهيون ۽ رستي صاف ٿيڻ تائين گاڏين جي رڪجي بيهڻ تي اتي موجود ماڻهو جيڪي صدر تي ڪاوڙيل ته اڳ ۾ ئي هئا، انهن کيس بجا ڏنا، (صدر جا ڪرنل باجوا کي چيل اکر ته آرميءَ بندوبست صحيح ناهي ڪيو، سي ثابت ٿيا)، اهڙي تصديق سيشن ڪورٽ جي ڪلارڪن جيڪي روڊ تي بيٺا هئا، انهن به پئي ڪئي، جو سيشن ڪورٽ ان رستي تي ئي آهي).
ان دوران ڪراچيءَ مان ڊپٽي سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ (گهرو کاتي) مون کان فون تي پڇا ڪئي ته پريزيڊنٽ صاحب جن جي ڪار رڪجي وئي هئي ڇا؟ جنهن تي مون کين ٻڌايو ته رڪي ضرور هئي پر ٿورو وقت! صدر صاحب پوءِ پوليس لائين مان هيليپئڊ تان هيليڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو. ڌاڙيل فئڪٽر پيدا ٿيڻ صدر صاحب جي ٿيل بي عزتيءَ جو رد عمل آهي، جيڪو اڄ تائين هلي پيو ۽ روز بروز وڌندو وڃي ٿو، جنهن جي شروعات مرڪزي حڪومت جو نمائندو مقرر ڪري ان کان ڪرائي وئي، جنهن سکر سينٽرل جيل مان 100 کن سنگين ڏوهن جا جوابدار سزا يافته پاڻ ڀڄرايا ۽ ايم ڪيو ايم کي نه رڳو جنم ڏنو ڪروڙين رپيا چندو به ڏياريو. پر انهن جي تنظيم حڪومت کي سدائين بلئڪ ميل ڪري پنهنجا مقصد پورا ڪندي رهي ٿي ۽ ناجائز مطالبا مڃرائيندي اچي ٿي ۽ سنڌين جي ڪٽر دشمن بڻجي وئي آهي ۽ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ سندن مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو آهي ۽ سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص ڏانهن به وڌي رهي آهي ۽ انهن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جيئن سنڌين کي سندن صوبي ۾ ئي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي. (سنڌ جو وڏيرو ڪلاس ۽ اسان جا سنڌي حاڪم ڪجهه سوچن، نه ته غريب عوام سان گڏ سندن حشر به نهايت برو ٿيندو).
(ڪرنل باجوا مون کي ٽي چار دفعا فون ڪئي ته هن صدر صاحب سان هٿ ملايو هو ته ان فوٽوءَ جي ڪاپي کيس به ڏيان پر مان کيس چيو ته مون کي ته خبر ڪانهي ته اهو فوٽو نڪتو به هو يا نه ۽ اوهان ان باري ۾ انفرميشن آفيسر سان ڳالهايو ۽ ان کان معلوم ڪيو، ان بعد هن وري مون کي فون نه ڪئي).
مان دادوءَ ۾ A.D.M هئس ته مسٽر ناظم حسين صديقي صاحب اتي سيشن جج هو، هن مون کي هڪڙي مهاجر جي زمين جي سلسلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ته مون فائيل وٽن کڻي وڃي کيسن ڏيکاريو ۽ چيو ته هن جو ڪم ٿيڻ جوڳو ناهي، هن پوءِ وڌيڪ زور نه ڀريو، هُو چيف جسٽس آف پاڪستان ٿي رٽائرڊ ٿيو.
فريد آباد جي وزيري علي نواز ڏيري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جون شبير احمد چانڊئي جي تر تپائي ڏيڻ خلاف D.M کي شڪايتون پهتيون هيون ته هو رهزن شرفو چانڊيي کي ساڻ کڻي ماڻهن کان زوريءَ ڀتو وصول پيو ڪري ۽ انڪار ڪرڻ تي کين مالي خواهه جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي، انهيءَ ڪري هن ظالم کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. D.M محمد شريف صاحب پاڻ ذاتي طرح وڃي انڪوائري ڪئي ۽ خاطري ڪئي ته برابر شبير احمد چانڊيي جو خلق سان واقعي ڏاڍو آزار آهي، انهيءَ ڪري ميهڙ جي ڊي ايس پي دودا خان کي چيو ته شبير احمد چانڊيي کي گهرائي ميهڙ ٿاڻي تي بند ڪري ويهاري ته هو ان جو M.P.O هيٺ نظر بند ڪرڻ (Detintion order) جو آرڊر ڏيندو، ميهڙ پوليس پوءِ شبير احمد چانڊيي کي وٺي اچي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو.
D.M صاحب هر مهيني امن امان جي صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ ضلع ۾ پوليس آفيسرن ۽ انچارج انسپيڪٽر پوليس اسٽيشن کان وٺي، ڊي ايس پيز ۽ ايس پيءَ) جي ميٽنگ سڏائيندو هو، جنهن ۾ ٻيا مئجسٽريٽ ڪونه گهرايا ويندا هئا، باقي A.D.M ان ميٽنگ ۾ ويهندو هو. هڪڙي ڏينهن اهڙي ميٽنگ هلندي فون آئي، جا D.M صاحب اٽينڊ ڪري غلام قادر مهر S.P کي فون ڏني ته اوهان جي فون آهي. S.P سان بشير احمد صديقي صاحب I.G (انسپيڪٽر جنرل آف پوليس) فون تي ڳالهايو. ايس پي صاحب فون تي ڳالهائڻ بعد دودا خان ڊي ايس پي ميهڙ کي چيو ته I.G صاحب چوي ٿو ته شبير احمد چانڊيو ڏوهاري ماڻهو نه آهي ۽ ان کي ڇڏي ڏيو. جنهن تي D.M صاحب S.P صاحب کي چيو ته هن پاڻ جاچ ڪئي آهي ۽ شبير احمد کي آزاد نه ڪجو ۽ مان اوهان کي هن جو M.P.O هيٺ Datention order ڏيان ٿو. S.P پوءِ خاموش ٿي ويو.
جيئن ئي ميٽنگ ختم ٿي ته D.M صاحب مونکي چيو ته شبير احمد چانڊيو خلاف ٻن مهينن لاءِ M.P.O هيٺ Datention order ٺاهي موڪل، جو مون ڏانهس ٺاهي موڪليو ۽ هن اهو آرڊر صحيح ڪري پوليس ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن آرڊر تحت پوليس شبير احمد چانڊيي کي جيل اماڻي ڇڏيو. مهينو کن گذريو ته رات جو 11 بجي ڌاري D.M صاحب فون ڪئي ته شبير احمد چانڊيي وارو فائيل کيس ڏياري موڪل ۽ اهو به پڇيائين ته هو Datention order وٿ ڊرا (واپس) ڪري سگهي ٿو. مون کيس چيو ته ها واپس ڪري سگهو ٿا. مان پوءِ ڊرائيور کي چيو ته جيپ تي چڙهي نور احمد ڪلارڪ کي وڃي چئو ته شبير احدم چانڊئي وارو فائيل کڻي D.M صاحب جن ڏانهن وڃي. مان پوءِ D.M صاحب جي P.A کان پڇيو ته صاحب وٽ هن وقت ڪير ويٺو آهي، جنهن ٻڌايو ته نوابزاده سلطان احمد خان چانڊيو ويٺو اٿس. D.M صاحب آرڊر واپس نه ورتو ۽ بشير احمد چانڊيو کي M.P.O هيٺ ٻه مهينا (Detain) جيل اماڻي ڇڏيو. (بشير احد صديقي صاحب لاڙڪاڻي ۾ S.P ٿي رهي ويو هو ۽ نوابزاده سلطان احمد خان چانڊيي سان ان دور کان وٺي سندس ويجھا لاڳاپا هئس).
ڪجهه مهينا اڳ مون اخبار ۾ پڙهيو هو ته محمد شريف صاحب جي سندس گزري واري بنگلي جي رنگ جو ڪم پئي هليو ته چور اندر بنگلي ۾ گهڙي 500000 روپيا (پنج لک روپيا) نقد، هڪ رپيٽر ۽ ٻيا هٿيار وغيره چوري ڪري ويا هئا. مان سمجھان ٿو ته اها شبير احمد چانڊيي جي ئي انتقامي ڪارروائي هوندي، جو کيس محمد شريف صاحب دادو ۾ D.M هئڻ وقت 2 مهينا M.P.O هيٺ حراست ۾ رکيو هو. (وڌيڪ الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو) پر منهنجي ڀاڻج امان الله ٻڌايو ته محمد شريف صاحب کيس ٻڌايو هو ته اها چوري سندس عزيزن ڪرائي، جيڪي پوءِ ميڙ وٺي آيا ۽ هن انهن کي بخش ڪري ڇڏيو.
1983 ۾ يونين ڪائونسل جون چونڊون ٿين پيون، ميهڙ تعلقي جي مختيارڪار پنهنجي تعلقي ۾ پولنگ اسٽيشن مقرر ڪرڻ جي لسٽ ڏياري موڪلي ته هڪ ڏينهن لياقت علي خان جتوئي آيو ۽ لسٽ ڏسي 6 پولنگ اسٽيشون تبديل ڪري ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن تي مان لسٽ مختيارڪار ميهڙ کي واپس موڪلي ۽ فون تي چيو ته هي 6 پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري لياقت علي جتوئي جون ڏنل پلنگ استيشنون انهي جي جاءِ تي تجويز ڪري موڪلي، هن پوءِ لسٽ ان موجب درست ڪري موڪلي. ٻئي ڏينهن تي عبدالله خان مهيسر ۽ محمد صالح خان ٻٽ ٻئي ڄڻا آيا ۽ چيائون ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرايون اٿوَ، جنهن تي مون کين ٻڌايو ته لياقت علي جتوئي 6 پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرائي ويو آهي. هن پوءِ لسٽ ڏسي چيو ته اهي 6 پولنگ اسٽيشنون شروعاتي لسٽ واريون ئي مقرر ڪرايو، جنهن تي مون کين وراڻيو ته 6 نه باقي ڪهڙيون به انهن ڇنهن مان ٽي چئو ته اهي ساڳيون بحال ڪرايان. هو پوءِ اهي 3 تبديل ڪرڻ لاءِ چئي ويا، پر پوءِ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو. جنهن بعد مٿان کان آيل هدايتن موجب هر يونين ڪائونسل جي هر سيٽ تي ميمبرن جي نامزدگي شروع ڪئي وئي ۽ جنهن جنهن سيٽ تي جنهن جي به اڳ ۾ درخواست ملندي پئي وئي، ان کي ان سيٽ تي نامزد ڪيو پئي ويو ۽ ائين جن به اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو، اهي وڏي نقصان ۾ رهيا، جو سرڪار ته پنهنجو ڪم ڪري وئي.
منهنجي رٽائرمينٽ ۾ باقي 15_20 ڏينهن رهيا هئا، جو لياقت علي خان جتوئي پيٽرول پمپ منظور ڪرائڻ جون ٻه درخواستون کڻي آيو ته سفارش ڪري ڏيو، جو اعجاز علي جتوئي سندس ڀاءُ چيو اٿس ته درخواستون سفارش ٿي اچن ته هو پيٽرول پمپ منظور ڪرائيندو (هو ان وقت سينيٽر هو). هڪ درخواست موري باءِ پاس وٽ ۽ ٻي دادو _ لاڙڪاڻا روڊ تي پيٽرول پمپ لاءِ هئي. مان لياقت علي جتوئيءَ کي چيو ته اوهان درخواستون ڏئي وڃو ۽ مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن ڏانهن اهي موڪليان ٿو پر هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب سندن ڪم نه ڪندو ۽ مان For Dy:comm. صحيح ڪري سفارش ڪري ڏيان. هو پوءِ درخواستون مون وٽ رکي هليو ويو. ڪلاڪ _ ڏيڍ کن بعد وري عبدالحميد خان جتوئيءَ به فون ڪئي ته درخواستون مان For Dy:comm. ڪري سفارش ڪري ڏيان. پوءِ ٻئي درخواستون سفار ڪري For deputy commissioner صحيح ڪري کين ڏنيون ۽ اعجاز علي جتوئي سينيٽر ٻئي پيٽرول پمپ منظور ڪرايا. (مان درخواستون سفارش ڪرڻ جو مجاز نه هئس پر عبدالحميد خان جتوئيءَ جي سر ڪري ويندي وقت ايئن ڪيم).
منهنجي رٽائرمينٽ تي مسٽر مير محمد پرهياڙ S.D.M سيوهڻ ۾ منهنجي دعوت ڪئي، ان دعوت ۾ مسٽر تاج محمد قريشي صاحب جيڪو اڳ دادوءَ ۾ D.M ٿي رهيو هو ۽ مان سندن زيردست A.D.M هئس، ان وقت هُو ڪين ڪمشنر (Cane commissioner) هو ۽ سيوهڻ دوري تي آيل هو اهو به ان دعوت ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن مونکي چيو ته محمد علي جيڪڏهن خانگي نوڪري ڪرڻ چاهين ته سندس ڀاءُ آفتاب احمد قريشي ڪراچي سروسز هاسپٽل ۾ سول سرجن آهي، انهيءَ کي چئي وٺرائي ڏيانءِ، پر مون کين چيو ته حال في الحال ڪو اهڙو ڪو ارادو نه آهي.
ائين مون روينيو کاتي ۾ 15.06.49 کان ڪلارڪي سان نوڪري شروع ڪري الله پاڪ جي فضل وڪرم سان A.D.M/S.D.M جي عهدي تائين پهچي 11.04.84 تي پنهنجي عهدي جي چارج مسٽر محمد صديق ميمڻ S.D.M دادوءَ جن کي ڏئي خير خوبيءَ ۽ عزت سان رٽائر ٿيس، جو ان وقت منهنجو عيوضي مقرر ڪونه ٿيو هو پر بعد ۾ مسٽر محمد بخش سومرو (ويٺل لاڙڪاڻو) A.D.M دادو مقرر ٿيو. مان الله تبارڪ وتعاليٰ جا لک شڪر ادا ڪريان جو منهنجن سخت مخالف آفيسرن عبدالعليم عقيلي صاحب A.D.M، محمد صالح ميمڻ صاحب ڊپٽي ڪمشنر، ضيغم حسين موسوي صاحب ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ سيد محب الله صاحب ڪمشنر صاحب جن آڏو پيش نه پورايو ۽ منهنجي عزت ۽ خودداري برقرار رکي.
هڪڙي دفعي ذوالفقار علي ڀُٽي جي لاٿل سرڪاري آفيسرن جو ذڪر نڪتو ته چار پنج ڄڻا جيڪي موجود هياسين، انهن ۾ هڪ ٻه ايريگيشن کاتي جا ايگزيڪٽو انجنيئر صاحب به ويٺا هئا. جن مان هڪڙي انجنيئر صاحب چيو ته انجنيئري کاتي جا آفيسر بنسبت روينيو آفيسرن جي تمام گهڻا ڪڍيا ويا آهن، جنهن تي مون کيس چيو ته لطيف آباد حيدرآباد ۾ سڀ بنگلا ته انجنيري کاتي وارن آفيسرن صاحبن جا ئي آهن ۽ ڪنهن روينيو آفيسر جو ڪو اتي بنگلو آهي؟! جنهن تي هو خاموش ٿي ويو. هتي ايريگيشن کاتي جي آفيسرن جو انجنيئرن، سپرنٽينڊنگ انجنير وغيره جو به ٿورو ذڪر ڪرڻ مناسب آهي.
مان 1962 ۾ شاهجهان ايس ــ ڪريم اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب قمبر سب ڊويزن جن وٽ هيڊ منشي هئس ته صاحب موصوف جن کي وارهه برانچ جي پڇڙيءَ وارن کاتيدارن کان شڪايتون مليون ته منڍ وارا آبادگارمانڊول ڀڃائي وڌيڪ پاڻي کڻي وڃن ٿا، انهيءَ ڪري پڇڙيءَ وارن آبادگارن جا فصل سڪي رهيا آهن ۽ ڪيتري زمين ته مورڳو آباد ڪرڻ کان ئي رهجي وڃي ٿي. اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن پنهنجي سر ماڊول چيڪ ڪرڻ هليو. ڏينهن به ڏاڍا گرم هجن، بهرحال هو هليو ۽ مونکي به پاڻ سان وٺي هليو ۽ ايريگيشن کاتي جي واسطيدار ملازم کي به رڪارڊ جنهن ۾ هر هڪ واٽر ڪورس جي ماڊول جي لاءِ مقرر ٿيل پاڻي (Designed Discharger) سوڌو پاڻ سان وٺي هليو. لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو يا ان کان به وڌيڪ ماڊول چيڪ ڪيائين، جيڪي سڀ جا سڀ ڀڳل هئا ۽ رڪارڊ ۾ ڄاڻايل مقرر پاڻيءَ کان (Designed Discharger) کان وڌيڪ پاڻي وهائي رهيا هئا. صبح جو سويل جيئن مان آفيس ۾ پهتس ته مسٽر محمد حسن نارائي ايگزيڪيٽو انجنيئر وارهه ڊويزن مون وٽ آيو ۽ چيائين ته اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن کي سندس پارت ڪيان ته جيئن هن جي خلاف رپورٽ نه ڪڍي، باقي صاحب موصوف کي S.D.O لاءِ ڀلي جيڪا به رپورٽ وڻي اُها ڪڍي. مان پوءِ صاحب جن کي اها حقيقت ٻڌائي ۽ صاحب موصوف ٽارو ڪري ويس.
مسٽر شير محمد بلوچ صاحب اولهه پاڪستان جو آبپاشي سيڪريٽري ٿي رهيو هو، جنهن کي پڻ ڀُٽي صاحب جن نوڪريءَ مان برطرف ڪيو هو ۽ سندس پٽ عالم خان بلوچ به ايريگيشن کاتي ۾ ئي آفيسر هيو. شير محمد بلوچ صاحب منهنجو ڪراچيءَ ڪاليج واري وقت کان واقف هيو، جو هو شايد S.S.E جو امتحان ڏيڻ آيو هو ۽ ساڳي ڪلب ۾ ماني کائيندا هئاسين. ان دادو ضلعي ۾ سيوهڻ تعلقي ۾ زمين (Cattle Farm) لاءِ 5000 ايڪڙ الاٽ ڪرائي هئي ۽ ان سلسلي ۾ ايندو هو ته مون وٽ ضرور ايندو هو ۽ مان ان وقت دادوءَ ۾ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هئس.
بلوچ صاحب جن جي پنهنجي زباني جو مون کي ٻڌايائين ته سندس پٽ عالم خان بلوچ کي 500 مينهن جو فارم آهي ۽ سندس خواهش آهي ته 1000 مينهن جو فارم ڪري! عالم خان بلوچ به سنڌ جو آبپاشي سيڪريٽري ٿي رهيو هو جنهن کي زمينن جي تڪرار تان سندس مخالفن قتل ڪري ڇڏيو. اسان جي هڪ پري جي مائٽ مسٽر محمد سچل شيخ رٽائرڊ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر رٽائرڊ ٿيڻ بعد قاسم آباد ۾ پنهنجي نياڻي کي ميڊيڪل اسٽور کولائي ڏنو هو ۽ پاڻ به وندر خاطر اتي ويهندو هو ۽ مان به هن کان دوائون وٺڻ ويندو هئس ته ڪجهه وقت ويهي ڪچهري به ڪندا هئاسين. هن جو چوڻ هو ته هو هڪ پئٽرول پمپ خريد ڪرڻ چاهي پيو ۽ پيٽرول پمپ جي مالڪ جي گهر 60 لک روپيا هئي. هو ان رقم ۾ وٺڻ لاءِ به تيار هيو پر سودو پڪو ڪرڻ لاءِ بيانو وغيره ڏيڻ کان اڳ مسٽر سردار احمد خان مغل، رٽائرڊ چيف انجنيئر (جو شايد سندس آفيسر ٿي رهيو هجي) سان صلاح مشورو ڪيائين، جنهن چيو ته سڄي عمر رشوت کائي کائي هاڻي هي وري ڪهڙو بي ايمانيءَ جو ڌنڌو شروع ڪرڻ چاهين ٿو، جنهن تي هن اهو پيٽرول پمپ خريد نه ڪيو. (مان هن تي پنهنجي طرفان رشوت جو الزام نه ٿو هڻا پر سندس مون سان ڪيل زباني بيان ڪيو آهي).
ڪراچيءَ ۾ ڪاليج جي زماني ۾ جيڪي انجنيريءَ جا شاگرد هئا، انهن مان ڪن ٿورن ئي انجنيئرن ، سپرنٽينڊنگ انجنيئرن ۽ چيف انجنيئرن سان منهنجي نوڪريءَ دوران ملاقات ٿي هوندي، پر مان انهن جي به ذاتي معاملن جهڙوڪ رشوت وغيره جي ڄاڻ نه ٿو رکان ۽ انهيءَ ڪري انهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب به نٿو سمجهان. البت هڪ چيف انجنيئر مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب (ويٺل ضلع نوابشاهه) لاءِ نه رڳو عام مشهور هو ته هو سڄي سروس ۾ ايماندار آفيسر ٿي رهيو پر ان سان منهنجي ڪيترائي ڀيرا ملاقات به ٿي، جنهن آڌار مان به خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته هو واقعي به ايماندار آفيسر هيو، ڇاڪاڻ جو جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ سپرنٽينڊنگ آنجنيئر ٿي آيو هو ته مان ڪليڪٽر صاحب جي آفيس ۾ هئس ته هن سان چڱا ڀيرا آفيس ۾ ملاقات ڪرڻ ويو هئس، مون هميشه هن کي سادگيءَ واري لباس ۾ ڏٺو ۽ جڏهن هو سکر ۾ چيف انجنيئر هو تڏهن مان S.D.M هئس ته هن سان ملڻ ٿيندو هو، تڏهن به مان کيس هميشه ئي سادگيءَ لباس ۾ ڏسندو هئس. هڪ دفعي ته مان سکر ۾ ساڻس بنگلي تي ملاقات لاءِ به ويس، هن چانهه پياري ته ڪوپ به سادي چينيءَ جا هئا، (بيشڪ هن آفيسر صاحب پنهنجي عاقبت سنواري ڇڏي). مان هتي اهو واضح ڪيان ته مان به انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ (N.E.D college) ۾ پهرين سال F.E پڙهيو هئس، انهيءَ ڪري ان ڪاليج جي ٻين شاگردن سان واقفيت تي ٿئي هئي ۽ ڪي ته منهنجا ڪلاس فيلوز به رهيا هئا ۽ گهڻا ته ساڳي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين ۽ ساڳي ڪلب ۾ ماني کائيندا هئاسين پر مان امتحان ۾ فيل ٿيس ۽ انجنيئري ڪاليج ڇڏي وڃي D.J college مان انٽر سائنس ڪري انجنيئريءَ ۾ داخلا ورتي هئي، اتان ئي وري B.Sc ڪئي هئم. مان الله تبارڪ وتعاليٰ جو شڪر ٿو ڪيان جو انجنيئري پڙهڻ ڇڏي ۽ پنهنجي روينيو کاتي ۾ ڪيل نوڪريءَ مان بلڪل مطمئن آهيان، حالانڪ مان نوڪريءَ جي شروعات ڪلارڪيءَ کان 15.06.49 کان 62 روپيا ماهوار پگهار سان شروع ڪئي پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان A.D.M / S.D.M جي عهدي تي پهچي 11.04.1984 تي عزت سان نوڪري پوري ڪري رٽائر ٿيس.
ڪمشنر اسلم باجوا صاحب لاڙڪاڻي دوري تي آيو ته ميرو خان تعلقي جو اوچتو معائنون ڪرڻ هليو، مون کي دفختردار A.D.C صاحب چيو ته ساڻس گڏ وڃان. جڏهن لاڙڪاڻي جي V.I.P Road تان گذرندا هلياسين ته ان وقت رستي لڳ خانبهادر کهڙي صاحب جي بنگلي جو ڪم پئي هليو. ڪمشنر صاحب پڇيو ته ڪنهن جو ٿو بنگلو ٺهي. مون کين ٻڌايو ته کهڙي صاحب جو پيو ٺهي.
1972 ۾ مان جڏهن مسٽر علي محمد شيخ صاحب ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي جن وٽ شاهبندر تعلقي ۾ مختيارڪار هئس ته هڪڙي ڏينهن ذڪر ڪڍيائين ته ڪنڌڪوٽ سب ڊويزن جي ايس ڊي ايم سيد انور علي شاهه ۾ سندس زمين جي حوالي سان ڪم آهي ۽ اهو تنهنجو واقف آهي. مان صاحب موصوف جن کي ٻڌايو ته مان جڏهن لاڙڪاڻي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ هيس تڏهن سيد انور علي شاهه وارهه تعلقي جو مختيارڪار هيو ۽ ان دور ۾ ساڻس ملاقات ٿي هئي ۽ هو ماڻهو به سٺو آهي. پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب مون کي هن لاءِ ڪم ٻڌايو. مان ڪنڌڪوٽ ويس ته S.D.M صاحب هيڊڪواٽر ۾ موجود نه هو ۽ مختيارڪار ڪنڌ ڪوٽ مسٽر خان محمد سيهڙ ٻڌايو ته ڪراچي ويل آهي، ۽ وڌيڪَ ٻڌايو ته سنڌ سيڪريٽ ۾ ڪم هئس ۽ اتي گهڻو ڪري ملي ويندو. مان پوءِ ڪراچيءَ ويس ته شاهه صاحب انور علي شاهه سيڪريٽريٽ ۾ ئي ملي ويو ۽ مون کين مسٽر علي محمد شيخ صاحب جن واري ڪم لاءِ چيو، جنهن تي هن چيو ته هو ڪم ڪري ڇڏيندو. مون پوءِ موٽي اچي صاحب جن کي اها حقيقت ڪئي. سيد انور علي شاهه صاحب S.D.M، مسٽر علي محمد شيخ صاحب جن جو اهو ڪم ڪري ڇڏيو.
محمود خان ڀُٽو ويٺل عرضي ڀُٽو تعلقه ميرو خان شروع ۾ پرائمري ٽيچر هيو. ميرو خان تعلقي قاضي فضل الله صاحب جو اليڪشن تڪ هو ۽ هو اتان ئي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ايندو هو. هن پوءِ محمود خان ڀٽي کي نوازيو ۽ هن ڪافي زمين ورتي ۽ تر ۾ چڱو اثر رسوخ ڪري ويو ۽ نوڪري پڻ ڇڏي ڏنائين. ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب پنهنجي 1970 واري پهرين اليڪشن مهم دوران ميرو خان تعلقي ۾ اليڪشن جي مهم لاءِ ويو ۽ محمود خان ڀُٽي جي ڳوٺ عرضي ڀُٽي به ويو ۽ محمود خان ڀُٽي کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ چيائين. جنهن تي هن کين ٻڌايو ته قاضي فضل الله صاحب سندس بابو آهي ۽ هو ان کي نه ڇڏي سگهندو، جو قاضي فضل الله صاحب ان اليڪشن ۾ ڀُٽي صاحب جي مخالفت ۾ بيٺل اميدوار خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي لاءِ ورڪ ڪري رهيو هو. خير اليڪشن ٿي گذري، جنهن ۾ ڀُٽو صاحب ڪامياب ٿيو ۽ شروع ۾ پاڪستان جو صدر ٿيو.
حاجي علي نواز خان جاگيراڻي ميرو خان تعلقي جو وچولي ڪلاس جو زميندار هيو پر نهايت شريف انسان هو ۽ هن جي چهري مان ئي سندس شرافت محسوس ٿيندي هئي. هو اڪثر ڪري مون وٽ ايندو هو، جو مان ميرو خان تعلقي ۾ ٽي دفعا تعلقي هيڊ منشي ٿي رهيو آهيان. ڀُٽي صاحب جن جي صدر ٿيڻ کان ڪافي عرصو پوءِ هڪڙي دفعي حاجي علي نواز خان جاگيراڻي مون کي مليو ۽ ٻڌايائين ته ڀُٽي صاحب جن صدر ٿيڻ بعد محمود خان ڀُٽي ۽ غلام مصطفيٰ خان جروار (ويٺل تعلقي شهدادڪوٽ) کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ جڏهن محمود خان ڀُٽو سندن آڏو حاضر ٿيو ته ڀُٽي صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي اچي هن کي مُنهن تي گهروڙي بُجو ڏئي چيو ته تنهنجو بابو هاڻي ڪٿي آهي؟!
اها ڳالهه علي نواز خان جاگيراڻي کي ضرور محمود خان ڀُٽي پاڻ ئي ٻڌائي هوندي، جو ساڳي تعلقي ۾ رهندڙ هئا، سندن پاڻ ۾ ميل ميلاپ ٿيندو رهندو هوندو. بهرحال حاجي علي نواز خان، غلام مصطفيٰ خان جروار بابت ڪجهه نه چيو، جو هو شهداد ڪوٽ تعلقي جو رهندڙ هو ۽ حاجي علي نواز سان ملڻ نه ٿيو هوندس، جو ان کان پاڻ ئي کڻي احوال وٺي ها. مان جيئن ته مٿي ذڪر آيو آهيان ته دادو جيمخاني ۾ ڀُٽي صاحب T.V تي تقرير ڪندي ڏٺو ته هن ڪرسيءَ جي ٻانهن تي مُڪ هڻي چيو هو ته مان ڪمزور آهيان پر هيءَ ڪرسي ڪمزور ناهي، اهو هن محمود خان ڀُٽي کي ڪرسيءَ تان اٿي اچي مُنهن ۾ گهروڙي بُجو ڏئي واقعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته وزيراعظم خواه صدر جي ڪرسي ڪمزور ناهي هوندي. البت ڀُٽي صاحب جن کي الله تعاليٰ اڃا صدارتي ڪرسي نوازي هئي، هن ان ڪرسيءَ جي مرتبي ۽ شان کي نه ڏٺو پر هن محمود خان ڀُٽي کي مُنهن ۾ گهروڙي بجو ڏئي ڪرسيءَ جي طاقت ڏيکاري.
ڪو وقت هو جو لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن جو دور هوندو هو، جتي پري پري کان شاعر اچي شعر پڙهندا هئا ۽ مان به انهن مشاعرن ۾ وڃي شعر پڙهندو هئس. لاڙڪاڻي توڙي دادو ضلعي جا وڏا ناليوارا شاعر ئي نه پر ٻين به ڪيترن ئي پري پري جي علائقن کان ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا هئا. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هالن وارو پڻ انهن مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ ايندو هئو. هو پاڻ به وڏو شاعر هو. هڪ دفعي محمد علي جوهر صاحب جيڪو به اديب ۽ شاعر هيو ۽ سندس مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن سان وڏي عقيدت مندي هئي، ان سان هڪ دفعو گڏجي هالا شريف ۾ ساڻن ملاقات ڪئي هئي. هو ڪچهري پٽ تي وڇايل غاليچن تي ويهي ڪندا هئا. حاجي ميرڻ شاهه گمبٽ شريف وارو ۽ سائين محمد شاهه صاحب منهنجي مرشد سائين غلام مرتضيٰ شاهه جن جو فرزند ۽ سندن فرزند اسد الله جن به ڪچهري هيٺ ئي پٽ تي وڇايل غاليچن تي ڪندا هئا. باقي نوڪريءَ دوران ٻين زميندارن به وٽ وڃڻ ٿيو ته انهن وٽ ڪچهري صوفا سيٽن تي ئي ٿيندي هئي.
ميهڙ تعلقي ۾ ڳوٺ شاهه پنجو شيعن جو ڳڙهه آهي ۽ غلام نبي شاهه (جيڪو نبي شاهه جي نالي سان مشهور آهي) وڏوي فسادي ماڻهو آهي. مان 1974 ۾ جڏهن S.D.M دادوءَ جي چارج ورتي (ميهڙ رتعلقو ان وقت دادو سب ڊويزن ۾ شامل هو) ان کان اڳ ڪو شاهه پنجي ۾ بزرگ شاهه پنجي جي درگاهه تي حق هئڻ جي باري ۾ سنين ۽ شيعن جي وچ ۾ جھڳڙو رٿيو هو، جو ٻنهي فرقن درگاهه تي پنهنجو حق پئي ڄاڻايو. درگاهه جي مقبري جي هڪ ديوار تي چئن يارن سڳورن 1. حضرت ابوبڪر صديق رضه 2. حضرت عمر فاروق رضه 3. حضرت عثمان غني رضه ۽ 4. حضرت علي کرم الله وجهه رضه جا اسم مبارڪ تمام گهاٽي نيري رنگ سان وڏن اکرن ۾ لکيل هئا پر شيعن جي درگاهه تي دعوا تسليم ڪندي پهرين ٽن يارن سڳورن جا نالا مٿن چونو هڻي مٽايا ويا هئا ۽ باقي حضرت علي ڪرم الله وجهه رضه جن جو اسم مبارڪ قائم رکيو ويو هو پر وقت گذرڻ سان چونو جهڪو جهڪو ٿيڻ ڪري پهرين ٽن يارن سڳورن جا اڳ مٽايل نالا ڪجھه قدر ظاهر ٿي پيا، جنهن تي شيعن جو چوڻ هو ته اهي نالا اهلسنت وارن وري لکيا آهن، حالانڪ ائين نه هو پر هو ازخود چوني جهڪي ٿيڻ سبب ظاهر ٿيا هئا ۽ اهلسنت وارن جو به ائين ئي چوڻ هو پر اهلشيعت وارا اهو دليل مڃڻ لاءِ قطعي ته تيار نه هئا ۽ بضد هئا ته پهرين ٽن خليفن سڳورن جا اسم گرامي مٽايا وڃن. تڪرار وڌندي ڏسي D.M محمد هاشم جن پاڻ به شاهه پنجي آيا ۽ اهل شيعت وارن کي ڪنهن ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه ڏسي ۽ سندن بار بار انهيءَ اسرار تي ته پهرين ٽن يارن سڳورن جا اسم گرامي مٽايا وڃن، آخر ائين ئي ڪيو ويو جو انهن جي مٿان گهاٽي چوني جا ٻه _ چار دفعا برش هڻايا ويا، جيستائين اهي صفا مٽجي ويا ان بعد قصو وڃي ٺريو ۽ فقط چوٿين يار حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جو اسم گرامي باقي رهيو.
مان 1977 ۾ جڏهن دادوءَ ۾ A.D.M هئس ته عنايت علي شاهه راڻيپور (تعلقي گمبٽ) وارو ٽي ڏينهن مون وٽ مهمان ٿي اچي ترسيو هو ۽ واپس ويندي وقت مونکي ٻڌايائين ته سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا هئا، انهيءَ ڪري اتان کسڪي هتي اچي ٽڪيو هو.
نوڪريءَ دوران مون هيٺيان پلاٽ به خريد ڪيا، جيڪي پوءِ آهستي آهستي جڏهن پئسن جي ضرورت ٿيندي هئي اهي نيڪال ڪري ڇڏيم.
• لاڙڪاڻي هيڊ آفيس ۾ هئس ته شهاب الدين سپروائيزنگ تپيدار پنهنجو اسٽيشن روڊ تي 2800 چورس فوٽ پلاٽ مون کي 2000 رپين ۾ وڪرو ڪري ڏنو هو پر منهنجي نوڪريءَ دوران مان جڏهن هيڊ ڪواٽر کان ٻاهر رهيو هئس ته ان پلاٽ تي احمد نواز تنيي ۽ ٻين ناجائز قبضو ڪري ڇڏيو. جنهن قبضي ڇڏائڻ لاءِ مان جڏهن ڪوٽڙيءَ ۾ سٽي مئجسٽريٽ هئس ته اتان جي ميجر صاحب کان لاڙڪاڻي جي ميجر کي فون ڪرايم ۽ کانئس ليٽر به ان ڏانهن وٺي آيس پر هن ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري ۽ مون اهو ڏٺو ته جيڪڏهن ٻن سنڌين جو پاڻ ۾ ڪو پراپرٽيءَ تي قبضي وغيره لاءِ تڪرار هلندڙ هو ته ان جو انصاف ڀريو فيصلو ته نه ڪندا هئا پر مورڳو هو ان ۾ ڪا دلچسپي ئي نه وٺندا هئا ۽ چاهيندا هئا ته ڀلي سنڌي پاڻ ۾ وڙهيل ئي هجن ته سٺو. باقي شل نه ڪنهن ميجر وٽ سنڌي ۽ غير سنڌيءَ جو اهڙي قسم جو معامو وڃي، پوءِ چاهي ڪنهن دوڪان، پلاٽ يا زمين جو ڇو نه هجي ته هڪدم تحرڪ ۾ اچي ويندو هو، پوءِ توڙي غير سنڌي (اڪثر ڪري پنجابي) ناحق تي هوندو هو ته ان کي سنڌيءَ دوڪاندار جا ٽپڙ ڪڍي ٻاهر روڊ تي ڦٽي ڪري به ان غير سنڌي کي هڪدم قبضو ڏياريندا هئا. (اهڙا ٻه ٽي معاملا ڪوٽڙيءَ ۾ نوڪريءَ دوران خود ڪوٽڙي شهر ۾ به ٿيا هئا) ساڳي ڳالهه پلاٽن ۽ زمين جي باري ۾ به هوندي هئي.
آخر مون مجبور ٿي اهو اسٽيشن وارو پلاٽ ناجائز قبضي ڪندڙن کي ئي 30 روپيا في چورس فوٽ جي حساب سان وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ انهن 84 هزار روپين مان 64 جريب زمين غيرآباد پنهنجي ڀاڻج امان الله جي چوڻ سان تعلقي ميرو خان ۾ خريد ڪئي، جو سندس زمين به ان زمين جي ڀرسان هئي. اها غير آباد زمين مون 64 هزار روپين ۾ هڪ هزار رپيا في جريب جي حساب سان خريد ڪري ورتي. باقي 38 جريب زمين جنهن جون قسطون اڃا رهيل هيون، انهن جي مون ائگريمينٽ امان الله جي نالي تي ڪرائي. جنهن لاءِ مون 2000 روپيه هڪدم بروقت ادا ڪيا ۽ رٽائر ٿيڻ بعد 18000 روپيا امان الله کي ڏنم ته انهن 38 جريب زمين جو رڪارڊ منهنجي نالي ڪرائي ڏي پر هو رڳو ڏٽا ڏيندو رهيو. انهيءَ دوران هو حاڪم علي گوپانگ ويٺل ميرو خان کان ان زمين لاءِ 200000 روپيه وٺي آيو ۽ کيس چيائين ته زمين سندس آهي ۽ ان جو کاتو هن کي ڪرائي ڏيندو پر هن کي به رڳو دلاسا ڏيندو رهيو ۽ سندس 200000 روپيا به کائي ويو.
اها حقيقت مونکي حڪم علي گوپانگ پاڻ ٻڌائي هئي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ٺڳ ماڻهوءَ 38 جريب زمين سان 30 جريب جنهن پنجابيءَ جي نالي اها کڻت ٿيل هئي ان جي نالي سان عام مختيارنامون ٺهرائي اها زمين سجاول جي شاهه صاحب حسين شاهه کي وڪرو پئي ڪئي پر هن (حاڪم علي گوپانگ) کيس وڃي چيو ته اها زمين سندن زمين جي مهاڳي ۾ آهي ۽ سهوليت ۾ آهي، انهيءَ ڪري هو نه وٺي ۽ کيس وٺڻ ڏي، جو هن مڃيو ۽ هن اها زمين 7 هزار روپين ۾ في جريب ٻيا پئسا ڀري خريد ڪئي ۽ امان الله جيڪي حاڪم عليءَ کان 200000 روپيا ورتا هئا، اهي به کيس موٽائي نه ڏنائين. باقي رهيل 8 جريب زمين جي به امان الله پوئواري نه ڪئي، حالانڪ ائگريمينٽ سندس نالي تي ٿيل هئي ۽ خبر ناهي ته ان زمين تي ڪنهن قبضو ڪري ڇڏيو. ائين امان الله منهنجي 38 جريب زمين ضايع ڪري ڇڏي ۽ 200000 روپيه ورتل به پاڻ کائي ويو. (خير سندس ايتري زيادتي به مون کيس معاف ڪري ڇڏي آهي). باقي 64 جريب زمين مون حاڪم علي گوپانگ کي 64000 روپين ۾ 1000 روپيه في جريب جي حساب سان وڪرو ڪري ڏني. امان الله جڏهن ڄائو ته سندس والده (منهنجي همشيره) بيمار ٿي پئي، انهيءَ ڪري منهنجي گهرواري امان الله کي ٿڃ پياريندي هئي.
مان هيڊ آفيس ۾ H.V.C هئس ته هڪڙي ڏينهن شفيع محمد ميمڻ تپيدار جمال الدين لغاري تپيدار کي وٺي آيو ۽ مونکي چيائين ته سندس ڍل جا سرڪارير پئسا کُٽي پيا آهن، انهيءَ ڪري سندس لاهوري محله ۾ 4948 چورس فوٽ پلاٽ پيل آهي، اهو مان کانئس خريد ڪيان پر مون کين جواب ڏنو ته مون وٽ پئسا ناهن، انهيءَ ڪري مان نه وٺي سگهندس. انهن ٻنهي مون کي ڏاڍو ستايو ته پلاٽ وٺان، اهو پلاٽ شفيع محدم ميمڻ ناوب امير علي خان لاهورِءَ کان 2000 روپين ۾ پنهنجي گهرواريءَ مسمات زيب النساءَ جي نالي خريد ڪيو هو، جو هن مونکي رضا خوشيءَ سان 8 آنه في چورس فوٽ جي حساب سان جملي رقم 2474 روپين ۾ وڪرو ڪري ڏنو. ان پلاٽ تي به ناجائز قبضا ٿي ويا. لاڙڪاڻي ۾ مون پوليس معرفت قبضن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو.
• دادوءَ ۾ A.D.M ٿي آيس ته هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ مون 10000 چورس فوٽ ايراضي وارو پلاٽ 5000 روپين ۾ خريد ڪيو هو. اهو پلاٽ اصل ۾ رئيس علي خان لغاريءَ جو ورتل هو پر جيئن ته هن پئسا جمع نه پئي ڪرايا، انهيءَ ڪري رد ڪري مون کي اهو پلاٽ وڪرو ڪيو ويو هو. مون جڏهن پنهنجي وڏي پٽ غلام ياسين ۽ هڪ نياڻيءَ جي سال 1981 ۾ شادي پئي ڪرائي تڏهن پئسن جي ضرورت سبب اهو پلاٽ پنهنجي ڀيڻيوئي حاجي پير بخش کي 60 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو.
• سال 1984 ۾ A.D.M دادوءَ وقت دوران مون ڄامشوري جي ديهه رئلو ۾ هڪ روينيو پلاٽ 4000 چورس فوٽ 4 روپيا في چورس فوٽ گرانٽ ڪرايو هو، ان تي هڪڙي مگسي ناجازئ قبضو ڪيو هو، جو مسٽر قبول محمد شيخ S.D.M ڪوٽڙيءَ مهرباني ڪري پٽائي پلاٽ خالي ڪرائي ڏنو. اهو پلاٽ مون پوءِ پنهنجي ڀاڻج انعام الله کي وڪرو ڪري ڏنو.
• دادوءَ ۾ مون هڪ ٻيو ننڍو پلاٽ 20000 روپين ۾ خريد ڪيو هو، جو پوءِ 24000 روپين ۾ مون وڪريو ڪري ڇڏيو هو.
• دادوءَ ۾ انڊسٽريل ايريا ۾ هڪ 18000 چورس فوٽ وارو پلاٽ گرانٽ ڪرايو هو، جنهن جا مون ان وقت تائين ڪل 6 هزار روپيا جمع ڪرايا هئا پر رٽائر ٿيڻ بعد اهو پلاٽ مسٽر غلام نبي سومري وڪيل کي کانئس ايترائي 6 هزار روپيا وٺي کيس وڪرو ڪري ڇڏيو.
• حيدرآباد ۾ هئپي هومز (Happy Homes) ۾ 150 چورس والن تي بنگلو نمبر 1 بُڪ ڪرايو هو، جنهن لاءِ مان 90000 روپيا ڏئي چڪو هئس پر حيدرآباد ۾ جھڳڙن سبب ڪنسٽرڪشن ڪمپني هٿ ڪڍي وئي ۽ اڏاوت جو ڪم بند ڪري ڇڏيو، انهيءَ ڪري بنگلي تي ڪن ماڻهن ناجائز قبضو ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري مون اهو 87 هزار روپين ۾ مسٽر ۾محمد عثمان آفيس سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد کي وڪرو ڪري ڇڏيو، جو قبضه ڇڏائڻ لاءِ هن جا 3 هزار روپيا ڪل خرچ جا پئسا مون کيس ڀري ڏنا.
• اهڙيءَ طرح پلاٽن ۽ بنگلي ۾ وقت بوقت لڳايل رقم ۾ مونکي موٽ ۾ انهن جي وڪري مان مليل رقم جي وچور هيٺينءَ طرح بيهي ٿي.
ڏنل رقمم ليل رقمتفاوت1.200056000+540002.2474130000+1275263.500060000+550004.2200050000+300005.2000024000+40006.60006000=7.9000087000-3000145474413000+267526
01.11.82 کان 11.04.84 تائين جڏهن مان دادوءَ ۾ A.D.M هئس ته ريلوي پوليس اسٽيشن دادو منهنجي ڪيسن جي سماعت جي حد (Jurisdiction) هئي. ريلوي پوليس دادوءَ مون وٽ ڪن جوابدارن جو چالان پيش ڪيو. انهن جوابدارن مان هڪ جوابدار جو دادوءَ ۾ هڪ ميجر سان ڪو واسطو هيو، جنهن پنهنجي ضامن کڻائڻ لاءِ ان ميجر کي چيو. مون وٽ P.S.I مسٽر ٽڳڙ جيڪو آرمي وارن وٽ ڪيسن هلائڻ واسطي Attach ٿيل هو، اهو ان جوابدار جي ضامن لاءِ درخواست کڻي آيو ۽ چيائين ته ميجر صاحب چيو آهي ته هن جوابدار جو ضامن منظور ڪيو. مان ان درخواست کي پنهنجي ڪورٽ سان Attach ڪري ٿيل P.S.I ڏانهن ٻئي ڏينهن لاءِ نوٽيس ڪڍيو ته ان ضامن لاءِ ڏنل درخواست تي پنهنجا دليل اچي ڏئي. اها ڳالهه ٽڳڙ P.S.I کي نه وڻي پر هو چپ ڪري هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي ٻئي P.S.I آيا ۽ منهنجي ڪورٽ سان Attach ٿيل P.S.I چالان ۾ جوابدارن خلاف لڳايل ريلوي ائڪٽ جا سيڪشن ڏسي چيو ته سائين هڪڙو جيڪو هي سيڪشن لڳايل آهي اهو صرف (Exelesirayr) هاءِ ڪورٽ جي ٻڌڻ جوڳو آهي ۽ ريلوپي ائٽ به ڏيکاريائين، مان پوءِ ضامن جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ڪيس سيشن جج صاحب دادوءَ جن ڏانهن موڪلي ڏنو ته اهو هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪليو وڃي، آرمي وارن سان Attach ٿيل P.S.I مسٽر ٽڳڙ پوءِ خاموش ٿي هليو ويو ۽ ضرور ميجر کي وڃي حقيقت ٻڌائي هوندائين.
دادوءَ ۾ سٽي مئجسٽريٽ ۽ اليڪشن آفيسر افتخار احمد هڪ ئي بنگلي ۾ گڏ رهندا هئا. دراصل اهو بنگلو سٽي مئجسٽريٽ لاءِ هيو پر جيئن ته اليڪشن آفيسر افتخار احمد پنجابي هو، انهيءَ ڪري آرمي وارن طرفان اثر رسوخ هلائي ان ئي بنگلي ۾ سٽي مئجسٽريٽ سان گڏ رهندو هو. هڪڙو C.I.D (Intelligence) جو ميجر ڪو اڳ ان بنگلي ۾ اليڪشن آفيسر سان گڏ رهي ويو هو، جو ان وقت شايد سٽي مئجسٽريٽ جي پوسٽ خالي هئي. اهو ميجر وري دادوءَ ۾ مقرر ٿي آيو ۽ حال في الحال ٻين آرمي آفيسرن سان بلڊنگ ريسٽ هائوس ۾ اچي رهيو. هن مون کي هڪڙي ڏينهن فون ڪئي ته ان بنگلي ۾ جتي ان وقت اليڪشن آفيسر سان گڏ مسٽر هريرام سٽي مئجسٽريٽ رهيو پئي ته سٽي مئجسٽريٽ جي جڳهه تي کيس ان بنگلي ۾ جڳهه ڏني وڃي. مون کيس چيو ته مان ائين نه ٿو ڪري سگهان. باقي D.M صاحب سان ذڪر ڪندي ته پوءِ ڏسجي ته هو ڇا ٿو چوي! مون هريرام سٽي مئجسٽريٽ کي گھرائي ميجر واري ڳالهه ٻڌائي ۽ کيس چيو ته تون D.M صاحب جن سان ان باري ۾ ملي وٺ، هن پوي وڃي D.M سان ملي کس اها حقيقت ڪئي، جنهن تي D.M کيس چيو ته تون چپ ڪري بنگلي ۾ رهيو پيو هج ۽ جي ميجر کيس فون ڪئي ته هو پاڻهي ساڻس ڳالهائيندو.
ٻئي ڏينهن تي وري ميجر مونکي فون ڪئي ته سندس ڪم جو ڇا ٿيو ته مون کيس ورندي ڏني ته اوهان پاڻ D.M صاحب سان ڳالهايو، جنهن تي چيائين ته توهان جو تعاون ڪونهي، مون کيس ورندي ڏيندي چيو ته ان ۾ تعاون وغيره جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ان بعد مونکي چيائين ته اوهان به بنگلي ۾ اڪيلا ئي ٿا رهو. مان ٿوري کهرائيءَ سان کيس چيو ته اهو A.D.M لاءِ ئي آهي (But it is for A.D.M)، پوءِ هو خاموش ٿي ويو ۽ وري ان باري ۾ ڪڏهن به فون وغيره نه ڪيائين.
اهو ته عام طرح سڀني کي ئي معلوم آهي ته الله تبارڪ وتعاليٰ ڏينهن رات جي 24 ڪلاڪن ۾ ڪا اهڙي گهڙي به رکي آهي جو ان وقت جيڪي انسان جي طرفان دعا يا بددعا يا ٻيا ڪي الفاظ واتان ان گهڙيءَ ۾ نڪرندا آهن (پوءِ ڇو نا دانسته ئي هجن) ته الله تبارک وتعاليٰ اهي قبول ڪري ڇڏيندو آهي. ان جو هڪ عجيب مثال مسٽر عبدالستار شيخ رٽائرڊ صوبيدار (جيڪو سندس ئي ذات سان وابسته آهي) پاڻ مونکي ٻڌايو ته هن ڪسٽوڊين ڊپارٽمينٽ مان هڪ گهر جي جڳهه خريد ڪئي هئي جا هن مسٽر علي نواز اعواڻ پوليس انسپيڪٽر کي ڪرائي تي ڏني هئي. ڪجھه وقت بعد هن کانئس گهر ڪئي ته جڳهه خالي ڪري قبضو کيس ڏئي پر علي نواز خان اعواڻ جڳهه خالي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن پوءِ وڃي سول سوٽ داخل ڪيو ۽ علي نواز اعواڻ کان مسواڙ وٺڻ کان انڪار ڪيو، جا سول ڪيس هلندي هو ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندو رهندو هو. هن جو سول ڪيس سپريم ڪورٽ تائين پهچي وري وري نئين سر هلائڻ لاءِ واپس ايندو رهيو. ائين 26 سال گذري ويا، آخر هڪڙي تاريخ تي اهو سول ڪيس سپريم ڪورٽ جي جسٽس عبدالقادري شيخ صاحب جن ڪراچيءَ ۾ هلايو ته ان تاريخ تي نه هو (عبدالستار شيخ) پاڻ ۽ نه ئي وري سندس وڪيل جسٽس صاحب وٽ حاضر ٿيا. البت مدعي مسٽر علي نواز اعواڻ جو وڪيل مسٽر عبدالحفيظ ميمڻ جسٽس صاحب (هو ان وقت نوڪريءَ تان ليٿل هو) ان تاريخ تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس صاحب وٽ حاضر ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ جي جسٽس صاحب مسٽر علي نواز اعواڻ جي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏي ۽ هن جڏهن اهو ٻڌو ته روئي به ويٺو ۽ پنهنجي وڪيل کي وڃي چيائين ته تو منهنجي 26 سالن جي محنت ڪورٽ مان غير حاضر رهي ضايع ڪري ڇڏي. پوءِ هو خاموش ٿي ويهي رهيو، پر الله تبارڪ وتعاليٰ جي قدرت جو هڪڙي ڏينهن وٽس سائين مولوي مشوري صاحب جنهن جو هو مريد هو، ان جو وڏو فرزند مٺو نالي وٽس آيو، جنهن سان هو تمام حجائتو هوندو هو. اهو جنهن مهل رات جو کانئس موڪلائي وڃي رهيو هو ته هن حجائتي ٿي چيس ته نالي مٺا ڳالهه ته ٻڌ جو 26 سال ٿي ويا آهن پر سندس مٿيون ڪم نٿو ٿئي، جنهن تي نالي مٺي چيس ته انشاءَ الله اڄ رات ٿي ويندو، جنهن تي هن وري حجائتي نموني کيس چيو ته چوين ڇا ٿو! 26 سالن ۾ نه ٿيو ۽ چوين ٿو ته انشاءَالله اڄ رات ٿي ويندو. خير نالي مٺو (جيڪو ڪو بزرگ به نه هو ۽ زماني جو ماڻهو هو) ته پوءِ روانو ٿي ويو.
عبدالستار صوبيدار جي پنهنجي مونکي روبرو ٻڌايل زباني ته الله پاڪ جو شان جو ان رات ئي دير سان 12 بجي ڌاري مير هزار خان جتوئي رٽائرڊ ڊي آءِ جي فون ڪئي ته عبدالستار تو واري اها علي نواز اعواڻ کي مسواڙ تي ڏنل جاءِ گهڻو لهي، جنهن ته هن کيس ٻه لک روپيا قيمت ٻڌائي، جنهن تي مير هزار خان جتوئيءَ چيس ته چڱو اهي 2 لک روپيه هو کيس موڪلي ڏيندو، جنهن تي هن (عبدالستار) چيس ته قبضو ڪيئن ڇڏائيندين؟ پر هزار خان جتوئيءَ چيس ته هو ان جڳهه جو قبضو نه ڇڏائيندو، ڇو جو ايوب صاحب جي مارشل لاءِ واري دور ۾ هن جي وڏي ڀاءُ هادي بخش جتوئيءَ تي ڪيس ٿيو هو، جنهن ۾ علي نواز اعواڻ صوبيدار بيان گهٽ وڌ ڪري کيس ان ڪيس مان بچايو هو. مير هزار خان جتوئيءَ پوءِ 2 لک روپيا کيس موڪلي ڏنا. (اسان کي به گهرجي ته پنهنجي اولاد يا ٻئي ڪنهن کي به ڪو پٽ پاراتو نه ڏجي، جو متان اها قبوليت جي ئي گهڙي هجي).
مسٽر تاج محمد ابڙو صاحب خيرپور ۾ سيشن جج صاحب هيو ته هڪڙي ڏينهن مان خيرپور ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ بعد ساڻن چيمبر ۾ ملڻ لاءِ ويس، جو ٻئي لاڙڪاڻي جا ئي هياسين، ان ڪري هن وٽ اڪثر ڪجهه وقت ڪچهري ٿيندي هئي. مان جڏهن کانئس موڪلائي اٿيس ته مونکي چيائين ته تون ميرواهه ۾ S.D.M آهين ۽ عبدالڪبير لغاري سول جج ميرواهه کي سمجهائي، جو سندس رشوت جي باري ۾ ڏاڍي بدنامي ٿي پئي آهي، مان تعجب کائڻ لڳس ته هو سڌو سندن ئي ماتحت آهي ۽ هن کي پاڻ نٿو سمجھائي پر مون کي ٿو چوي. خير مان کين ڪجهه نه چيو ۽ اتان نڪري آيس.
سانگهڙ ۾ S.D.M ٿيس ته ٻن ٽن ڏينهن بعد مسٽر علي شير هبيسباڻيءَ سول جج پنهنجي پٽيوالي هٿان چورائي موڪليو ته صاحب ٿو چوي ته پنهنجي ڊرائيور کي چئو ته کيس سندس جاءِ تي ڇڏي اچي. مان ڊرائيور کي موڪليو، جو وڃي کيس ڇڏي آيو. ٻئي ڏينهن تي وري صبح جو هن جي پٽيوالي اچي منهنجي ڊرائيور کي چيو ته هيسباڻي صاحب سول جج ٿو چوي ته جيپ کڻي اچ جو هو آفيس ايندو. مون کي پنهنجي ڊرائيور اچي اها ڳالهه ڪئي. مون سول جج صاحب جي پٽيوالي کي گهرائي چيو ته ڇا ٿو چوين! جنهن اها ساڳي ڳالهه ڪئي، تنهن تي مون کيس چيو ته پنهنجي صاحب کي وڃي چئو ته هيءَ ٽئڪسي ناهي.
سال 1985 ۾ جڏهن ضياءَالحق جي دور ۾ قوم ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون ته حاجي گل محمد شيخ لاڙڪاڻي جي صوبائي سيٽ لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو ۽ سڀني شيخن اتفاق ڪري هن کي ووٽ ڏنا پر ان باوجود هو هارائي ويو.
بهرحال شيخ صاحبن اهڙي پهريون ئي ڀيرو پاڻ ۾ يڪمشت ٿيڻ جي خوشي ملهائڻ لاءِ سڀني شيخن جي ميٽنگ ڪوٺائي، جنهن ۾ ميٽنگ بعد مانيءَ جو به انتظام ٿيل هئو، مان به خير سان ان ميٽنگ ۾ پهريون ڀيرو ئي شريڪ ٿيڻ لاءِ ويس، جو مان اڪثر ٻاهر نوڪري ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ڪڏهن اهڙي ميٽنگ ۾ وڃڻ جو موقعو نه مليو. اتي ويس ۽ ڏٺم ته هڪ اسٽيج ٺهيل هو جنهن تي ڪجهه ڪرسيون سجايل هيون ۽ انهن تي ويهڻ وارن معززين جي نالن جون پرچيون هڪ هڪ ڪرسيءَ تي چسپان ٿيون پيون هيون، جي پري کان پڙهڻ ۾ آيون پئي. شيخ برادري جي صدر حاجي در محمد شيخ ۽ صوبائي ميمبريءَ لاِ بيٺل اميدوار حاجي گل محمد شيخ جن کي ڇڏي ٻين جن لاءِ ڪرسيون مخصوص هيون انهن ۾ ڪي ته پوليس جا دلال، ڪي بلئڪ مارڪيٽر وغيره شامل هئا. جن ۾ هڪ قديمي پوليس جو دلال هو، ان جي لاءِ به مخصوص ڪرسي اسٽيج تي لڳايل هئي. مان جڏهن اتي پهتس ته ان ساڳي پوليس جي دلال شيخ هڪ ڪرسي سوري اسٽيج کان هيٺ پهرين قطار ۾ رکي، مون کي ان تي ويهڻ لاءِ چيو، جنهن تي مون ان کي چيو ته تون اها تڪليف نه ڪر ۽ تون منهنجي ويهڻ کان ڇٽل آهين. برادري جي صدر صاحب در محمد شيخ ۽ گل محمد اميدوار کي اسٽيج تي لازمي ويهارڻ کپندو هو. باقي ٻين معززين صاحبن جا ڪرسين تي نالا پڙهي مون دل ۾ چيو ته جيڪڏهن مان انهن کان وڌيڪ معتبر ناهيان ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جيتري منهنجي به الله پاڪ عزت ڪئي آهي، انهيءَ ڪري مان هيٺ ويهڻ ۾ پنهنيج بي عزتي محسوس ڪندي ميٽنگ جي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اتي ويهڻ بنان واپس موٽي آيس. ٿوري دير بعد منهنجو ڀاڻج امان الله شيخ منهنجي گهر آيو ۽ چيائين ته شهاب الدين شيخ به ٻاهر بيٺو آهي ۽ اوهان کي وٺڻ آيا آهيون پر مون کيس ميٽنگ ۾ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هو واپس هليا ويا. خير ميٽنگ ۾ ڪهڙي ڪار گذاري ٿي گذري، ان لاءِ ته مون کي ڪا خاص دلچسپي نه هئي جو شيخ صاحبن جا ٽپڙ مونکي اڳي ئي ساريا پيا هئا پر البت جڏهن ميٽنگ ختم ٿي ۽ حاضرين کي ماني کائڻ لاءِ سڏ ٿيو ته هنن جي فضيلت ڀرئي ڪردار لاءِ ٻڌو هيم ته قناتون ٻناتون ڦاڙي گهڻا ماڻهو ته وڃي کاڌي جي ديڳين تي ٽٽا ۽ ديڳين مان پاڻ ئي ڪڍي کائڻ ۾ جنبجي ويا هئا. ائين خير خوبيءَ سان اهو موقعو به ٿي گذريو. وري لاڙڪاڻي جي شيخن ۾ اهڙيءَ يڪجهتي بابت ٻيهر ڪڏهن نه ٻڌو اٿم.
1983 ۾ قاضي عبدالمنان جو پهريائين، وڪالت ڪندو هو ۽ پوءِ هو P.W.D منسٽر به ٿيو هو، وفات ڪري ويو ته مان سدنس مامي قاضي فضل الله صاحب جن وٽ عذرخواهيءَ لاءِ ويو هئس، قاضي صاحب جن پوءِ هن جي خيرات جي مانيءَ لاءِ پڻ لکي موڪليو هو پر مان ان ۾ نه وڃي سگهيس ۽ مان ان وقت دادوءَ ۾ A.D.M هئس. اهو زندگيءَ ۾ منهنجو پهريون ۽ آخري ڀيرو مان قاضي فضل الله صاحب جن وٽ سندن بنگلي تي ويو هئس. سو به قاضي عبدالمنان صاحب سان منهنجا ڪراچي ڪاليج واري وقت کان دوستيءَ جو رستو هوندو هو. انهيءَ ڪرسي ئي سندن عذر خواهي ڪرڻ لاءِ ويو هئس.
مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب جن جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيا ته مان ان وقت نوڪريءَ مان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي ۾ ئي اچي رهيس. سندن چارج وٺڻ جي ٻئي ڏينهن تي مان ساڻن ملڻ ويس ۽ ڪچهريءَ بعد کين عرض ڪيم ته هلال احمر ۾ ٻن ڊاڪٽرن جون مقرر ٿيل پوسٽون ڪيتري وقت کان خالي پيل آهن ۽ منهنجو پٽ غلام ياسين M.B.B.S پاس ڪيو ويٺو آهي، انهيءَ ڪري کيس هلال احمر ۾ ڊاڪٽر ڪري رکو. هن پوءِ علي اڪبر شاهه جيڪو سندن P.A هو، ان کي گهرائي چيو ته انهن پوسٽن لاءِ جيڪي اڳ درخواستون ڏنل آهن، انهن اميدوارن کان انٽرويو لاءِ تاريخ رک ۽ مون کي به چيائين ته پنهنجي پٽ غلام ياسين کان به درخواست ڪرائي ته ان کي به انٽرويو لاءِ گهرائبو. انٽرويو جي تاريخ مقرر ٿي ۽ سڀني اميدوارن کان انٽرويو ورتا ويا، انٽرويو ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ قاضي اختر وڪيل ميمبر هو.
هڪ پوسٽ لاءِ ڪنهن ميجر هڪڙي اميدوار لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي فون ڪئي، انهيءَ ڪري ان کي کنيون ويو ۽ ٻي پوسٽ تي هن منهنجي پٽ غلام ياسين کي مقرر ڪرڻ پئي چاهيو پر قاضي اختر مخالفت ڪئي ۽ قاضي خالد کي ٻي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. مسٽر محمد هاشم صاحب جن سان منهنجي 1969 کان نيازمنديءَ جو رستو هو، جڏهن هو ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو هو ۽ مان پني عاقل تعلقي ۾ مختيارڪار هئس، ان بعد ته مان هن وٽ ڪيترو عرصو زيردست ٿي رهيس، جڏهن هو. دادو ۾ 1974 ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو ته مان هن وٽ A.D.M ۽ S.D.M ٿي رهيس، وري جڏهن هو ميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر هو ته مونکي پاڻ وٽ S.D.M ڊگڙي سب ڊويزن تي رکرائيو هئائين. هو ان بعد به مونکي بدلين ۾ ڏاڍي مدد ڏيندو هو ۽ منهنجي نوڪريءَ ۾ آخري A.D.M دادوءَ واري پوسٽنگ تي به هن ئي ڪمشنر صاحب حيدرآباد مسٽر عبدالله ميمڻ صاحب جن کي چئي ڪرائي هئي. (دادوءَ ۾ A.D.C جو آرڊر منهنجي نوڪري ۾ اهو ئي آخري آرڊر هو.)
هن مون سان ڪي اهڙيون ذاتي ڳالهيون به ڪيون هيون جي شايد ئي هن ڪنهن ٻئي سان ڪيون هجن. لاڙڪاڻي ۾ سندن نوڪريءَ دوران مان اڪثر وٽن ويندو هئس. هڪ دفعي ڳالهه ڪيائين ته محترمه امير بيگم (ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب جي پهرين گهرواريءَ) جو هڪڙو زمين بابت ڪيس 1973 کان هلندڙ هو، جنهن جو هن 1985 ۾ اچي سندس حق ۾ فيصلو ڪيو، محترمه امير بيگم کيس سندس دعوت کائڻ لاءِ چورائي موڪليو پر مون کيس چورائي موڪليو ته دعوت کائڻ مناسب ناهي، جنهن بعد هن فل سوٽ جو ڪپڙو ڏياري موڪليو.
ٻئي دفعي مان وري سندن بنگلي تي حيدرآباد ۾ وڃي مليس ته (انهيءَ وقت هو نوڪريءَ مان رٽائر ٿي چڪو هو) هن ٻڌايو ته سيد مظفر حسين شاهه اڳوڻو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر کين چوندو هو ته اوهان جڏهن ميرپورخاص ۾ ڊپٽي ڪمشنر هئا ته مٿن ڏاڍا احسان ڪيا هئا (ان وقت سيد مظفر حسين شاهه جو والد بزرگوار سيد غلام حيدر شاهه جن حال حيات هئا ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر هئا ۽ مان جڏهن ڊگڙيءَ ۾ S.D.M هئس ته کين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ ڏٺو هو)۔
محمد هاشم صاحب جن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن سيد مظفر حسين شاهه چيف منسٽر سنڌ هئا ته هن ساڻن ملاقات لاءِ کانئن ٽائيم ورتو ۽ هن ٽائم ڏنو پر جڏهن ان ڏنل ٽائيم تي وٽس ملڻ لاءِ ويو ته نه هن گهرايو ۽ نه ئي ساڻس مليو. جڏهن محمد هاشم صاحب روينيو آفيسر ڪوٽڙي بئراج هيو ته هڪ ڏينهن ساڻن آفيس ۾ ملڻ ويس ۽ چيائين ته محمد علي هن 52000 ايڪڙ زمين هارين کي گرانٽ ڪئي آهي.
سندس رٽائرمينٽ بعد هڪ دفعو حيدرآباد ۾ سندن بنگلي تي ملڻ ويس، هن شربت جا ٻه گلاس گهرايا، جن مان هڪ مونکي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ پيئڻ لاءِ کڻندي پڇيائين ته ٻيو ڪو ماڻهو ته ساڻ نه اٿئي! جنهن تي مون کيس چيو ته منهنجو ڊرائيور آهي، اهو ٻڌڻ تي هن پاڻ وارو گلاس ان ڊرائيور ڏانهن ڏياري موڪليو. مان جڏهن کانئس موڪلائي نڪتس پئي ته پاڻ مون سان گڏجي بنگلي جي گيٽ کان ٻاهر آيو ۽ ڪار بيٺل ڏسي پڇيائين ته هيءَ ڪار ڪنهن جي آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته هيءَ ڪار علي محمد جيسر دادوءَ واري جي آهي. مان دل ۾ چيو ته چڱو ٿيو جو مون کيس ٻاهر ڊرائيور جي هئڻ جو ٻڌايو، نه ته ڪوڙو ٿي پوان ها.
اها منهنجي ساڻن آخري ملاقات هئي ۽ پوءِ 1998 ۾ هُو 71 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويا، مان سندن فرزند آفتاب احمد ڏي عذر خواهي لاءِ ويو هئس. سندس وفات ننڊ ۾ هو ته ٿي هئي.
D.M محمد شريف صاحب جنهن وٽ مان دادوءَ ۾ A.D.M ٿي رهيو هئس، اهو پوءِ وري جڏهن سانگھڙ ۾ D.M هيو ته مان ان وقت رٽائر ٿي آيو هئس. هو هڪڙي دفعي جڏهن لاڙڪاڻي آيو ته پنهنجي ڊرائيور غلام رسول هٿان نياپو ڪيائين ته هو شام جو مون وٽ ايندو. مان پوءِ ڊاڪٽر شهه بيگ چانڊيي ۽ پنهنجي ڀاڻج امان الله کي به چيو ته اهي به انهيءَ مهل اچن، جو ٻه چار ٿي گڏجي ويهون. هنن ٻنهي جي پڻ اڳ ئي محمد شريف صاحب جن سان چڱي خاصي واقفيت هئي. هوُ شام جو آيو ۽ ڊاڪٽر شهه بيگ چانڊيو توڙي امان الله به آيا. هڪ ٻه ڪلاڪ کن ڪچهري ڪري چانهه پي پوءِ سڀئي اٿياسين ۽ محمد شريف صاحب جن روانه ٿي ويا.
منهجو جڏهن به ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو ته هو سيڪريٽري هيلٿ يا سيڪريٽري تعليم وغيره هيو ته مان ساڻن ضرور ملڻ ويندو هئس ۽ کين پنهنجو ڪارڊ موڪليندو هئس ته هڪدم گهرائيندو هو، پوءِ وٽس ڪيترا به ماڻهو اڳ ڇو نه ويٺا هجن، هڪ دفعي پنهنجي ائڊيشنل سڪريٽري جيڪو وٽس ويٺل هيو ان کي منهنجي لاءِ چيائين ته مان سندنس زبردست ٿي رهيو آهيان ۽ جڏهن به ڪراچيءَ ايندو آهي ته وٽس ضرور ايندو آهي. هڪڙي دفعي هو جڏهن سيڪريٽري هيلٿ هيو ۽ مان ساڻن ملڻ پئي ويس ۽ ان وقت منهنجو پٽ محمد سليم به گڏ هو ته منهنجي رستي ۾ عبدالحق جان سرهندي ائڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ جي بورڊ تي اوچتو نظر پئجي وئي ۽ مان پنهنجي پٽ کي چيو ته ياد ڪجانءِ ته موٽندي عبدالحق جان سرهنديءَ سان ملندا هلون، ڇاڪاڻ ته مان سانگهڙ ۾ S.D.M هئس ته هو کپري سب ڊويزن جو S.D.M هو، مان محمد شريف صاحب جن سان ملي واپس اچي پنهنجو ڪارڊ پير عبدالحق جان جي پٽيوالي کي ڏنو ته هي وڃي صاحب کي ڏي، جنهن موٽي اچي چيو ته صاحب چيو ته ويهاريوس ته مان گهرايانس ٿو. مون ان تي پٽيوالي کان پڇيو ته ڪارڊ ميز تي رکي آئينس يا صاحب کي ڏنئي، جنهن تي ٻڌايائين ته هن ڪارڊ صاحب کي هٿ ۾ ڏنو پر پوءِ مان نه ترسيس ۽ هليو آيس. پير عبدالحق جان سرهندي کپري ۾ هوندو هو ته اڪثر ڪري ملاقات ٿيندي هئي ۽ ماڻهو به نهايت شريف هوندو هو ۽ ڪا معذوري نه هوندي هئس. هڪ دفعي ته مان ڊاڪٽر غلام سرور مستوئي سول سرجن سانگھڙ ۽ دين محمد شيخ ايگزيڪٽو انجنيئر روڊس سانگهڙ وٽس گهمڻ ويا هئاسين ۽ هو اسان کي کپري تعلقي ۾ جيڪا وڏي لوڻ جي کاڻ هئي اها به گهمائڻ وٺي هليو هو ۽ منجهند جي ماني به هٿونگي بنگلي تي کارائي هيائين پر ان وقت ٻئي ساڳي پوسٽ تي هياسين جو ٻئي S.D.M هياسين پر هن وقت هو وڏي عهدي تي يعني ائڊيشنل سيڪريٽري هو ۽ مان هڪ رٽائرڊ ڪامورو هئس، انهيءَ ڪري هن تي ڪا ميار نه هئي پر اها منهنجي ئي غلطي هئي جو مان اڃا هن کي اهو ئي پير عبدالحق جان سرهندي پئي سمجهيو، جو مون کي ائين نه سمجهڻ گهرجي ها.
منهنجي ڀاڻج امان الله هڪ دفعي G.M Syed صاحب کي دعوت ڏئي لاڙڪاڻي گهرايو هو ته سندن بندوبست منهنجيءَ جاءِ ۾ رکيو هيائين. G.M Syed صاحب ته ان وقت به پيرسن هيو ۽ ويل چيئر تي ويهندو هو. هڪ دفعي وري امان الله بيگم نسيم ولي خان کي به دعوت ڏئي لاڙڪاڻي گهرايو ته ان جو بندوبست به منهنجي گهر واري جڳهه ۾ رکيو هو. ان وقت ته بيگم نسيم ولي خان نهايت چست ۽ چڱي شڪل شباهت واري هئي پر هاڻي مان جڏهن هن کي هڪ ٻه دفعو ٽي وي تي ڏٺو آهي ته سندس حليو ئي بگڙيل ڏٺم ۽ ڍنگر پئي لڳي. (ٻين کي جيڪڏهن اڃا به ڪنهن چڱي مُنهن مهانڊي ۾ نظر ايندي هجي ته ان لاءِ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان).
مان رٽائرمينٽ بعد ڪنهن وقت دادوءَ پنهنجي پٽ ڊاڪٽر غلام ياسين وٽ دادوءَ اچي رهيو هئس ته خبر پئي ته مسٽر عزيز الله خان بروهي جيڪو منهنجي ميرواهه سب ڊويزن جي S.D.M هئڻ دوران ٺريءَ ۾ پوليس انسپيڪٽر هو، اهو اتي D.S.P ٿي آيو آهي، ائين پوءِ مان هڪڙي ڏينهن ساڻس آفيس ۾ ملڻ ويس. مان جڏهن سندس آفيس ۾ اندر داخل ٿيس ته ٻه چار پوليس انسپيڪٽر وٽس ويٺا هئا مون سان ملي مونکي چيائين ته خان صاحب اوهان جي نوڪريءَ وارا دور گذري ويا ، هاڻي ته سندن پوليس کاتي ۾ به ڪو ڊسيپلين نه رهيو آهي ۽ سڀ ڪو پئسن جي ميڙ ميڙان ۾ لڳو پيو آهي. مان جڏهن ڪجهه وقت ساڻس ڪچهري ڪري موڪلائي اٿيس ته مون سان گڏجي ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته گاڏي ڏيانوَ، اوهان کي ڇڏي اچي، پر جيئن ته مان دادوءَ جي S.D.M جي گاڏي کڻي ويو هئس ان ڪري کيس چيم ته مونکي گاڏي آهي.
نوڪريءَ مان رٽائر ٿي اچڻ بعد جن وڏيرن آفيسرن يا ڪنهن پنهنجي ويجهن مائٽن سان ڪنهن ڪم ڪار جي سلسلي ۾ واسطو پيو ته مون ڪنهن هڪ به وڏيري يا پنهنجي عزيز ۾ لحاظ نه ڏٺو پر البت ڪن آفيسرن ته ساڳي عزت سان پئي ڏٺو ۽ ڪمن ڪارين ۾ روبرو توڙي پرپٺ نياپي موڪلڻ تي به نه موٽايو ۽ هڪ ٻه فون ڪرڻ تي به ڪم ڪري ڇڏيائون، جيڪي منهنجا زيردست به ٿي رهيا هئا، اهي نهايت بي لحاظ/ بي مروت نڪتا، جن سمورن وڏيرن، آفيسرن خواه عزيزن جو ذڪر هيٺ ڪبو.
وڏيرو عبدالحميد خان جتوئي ۽ سندن فرزند ارجمند لياقت علي خان، انهن ٻنهي جي باري ۾ پنهنجي نوڪريءَ واري دور ۾ ڪافي ڪجهه مٿي لکي آيو آهيان، سال 1984 جي اپريل مهيني ۾ مان رٽائر ڪري آيس ته منهنجو پٽ محمد سليم B.Com ڪري آيو. مو عبدالحميد خان کي کيس مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ نوڪري وٺائي ڏيڻ لاءِ هڪ ٻه دفعو چيو پر هن ڪم نه ڪيو. (ان وقت مسلم ڪمرشل بئنڪ جو پريزيڊنٽ سليم ملڪ صاحب هو، جو عبدالحميد خان کي بابو ڪري سڏيندو هو، جو هو ملڪ امير محمد خان گورنر جو مائٽ هيو ۽ گورنر صاحب سنڌ ۾ رڳو ٻن ماڻهن هڪ غلام محمد خان وساڻ ۽ ٻيو عبدالحميد خان جتوئي سان ئي ٺهيل هو ۽ اهڙو ذڪر مان اڳ به ڪري آيو آهيان) ساڳيءَ طرح لياقت علي خان جنهن کي منهنجي پٽ محمد سليم کي M.B.A ۾ داخلا وٺرائي ڏيڻ لاءِ چيو پر هن به ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري مون به وري سندن در تي لڙي وڃڻ کان ڪناره ڪشي ڪري ڇڏي ۽ عبدالحميد خان جي حياتيءَ تائين صرف هڪ دفعو انسانيت جي تقاضا سبب جڏهن سندس نوجوان فرزند اعجاز علي وفات ڪري ويو تڏهن ان جي عذر خواهيءَ لاءِ ويس.
جيئن ته عبدالحميد خان کي گوڏن ۾ سور جو عارضو هو، انهيءَ ڪري هو مٿي ڪرسيءَ تي ويٺل هو ۽ سندس هڪ پاسي سيٺ محمد يوسف هارون صاحب ۽ ٻئي پاسي کان پير محمد خان جتوئي (مرحوم عاشق حسين جو والد بزرگوار) ويٺل هئا. عبدالحميد خان مونکي ڏسي پڇيو ته محمد علي جنهن تي مان هائوڪار ڪئي، لياقت علي خان ان وقت چيف منسٽر هيو. ٻنهي کي اعجاز علي خان جي وفات تي عذر خواهي ڪري ڪجهه وقت تڏي تي ويهي واپس آيس. مون سان ان وقت منهنجو نياڻو ڊاڪٽر رسول بخش به گڏ هو.
ٻيو دفعو جڏهن عبدالحميد خان پاڻ اوچتو دل جو دور پوڻ ڪري وفات ڪري ويو، تڏهن سندن ڳوٺ ٻيٽي جتوئي لياقت علي خان سان عذر خواهي ڪرڻ ويس پر لياقت علي خان لاءِ چيائون ته ان جي طبيعت ڪجهه صحيح نه هئي، انهيءَ ڪري اندر جاءِ تي آهي، باقي ڀاڻس احسان ويٺو آهي. مان پوءِ احسان سان عذر خواهي ڪري موٽي آيس. (احسان منهنجو اڳ ڏٺل نه هو). البت ايترو ڪيم جو ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايم ته مان ۽ سندن والد بزرگوار ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهيا آهيون ۽ وڌيڪ چيم ته لياقت علي خان کي ٻڌائي ڇڏجان ته محمد علي شيخ تعزيت لاءِ آيو هو.
انهن ٻن ڏک وارن موقعن کان سواءِ مان 1984 کان 2006 تائين 22 سالن جي عرصي ۾ لياقت عليءَ خان جي منسٽر، چيف منسٽر يا وفاق وزير هئڻ باوجود ڪڏهن به سندن ڳوٺ مبارڪ ڏيڻ واري لنڊي خوشامد ڪرڻ نه ويو آهيان، جو وڏيري ۽ سرڪاري آفيسر جو تعلق آفيسر جي ڪرسيءَ ۾ هجڻ تائين ئي آهي ۽ سندس رٽائر ٿيڻ تي وڏيري جون اکيون ڦري وينديون آهن.