آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

اليڪشن هيڊ منشي شهدادڪوٽ

مون صاحب موصوف کي پنهنجو بدلي ڪرڻ وارو غرض ٻڌايو ته مون کان ٻي ڪا پئسي ڏوڪڙ جي تقاضا ته ڪانه ڪيائين، پر چيائين ته بدلي تڏهن ڪندوسانءِ، جڏهن هڪ ڪم ڪرين ته مختيارڪار صاحب ڏوڪريءَ جي خلاف درخواست ڪراءِ ته هو کنڊ بلئڪ تي ٿو نيڪال. ڪري. مون کيس چيو ته اهو ڪم مون کان نه ٿي سگهندو، جنهن تي هن وراڻيو ته پوءِ بدلي به ڪونه ڪندوسانءِ. مان چيومانس ته اهو اوهان جو راض، بدلي نه ڪيو ته ڀلي نه ڪيو ۽ پوءِ کانئس اجازت وٺي واپس موٽي آيس. اڃا ٻه يا ٽي ڏينهن ئي گذريا، جو هن مون کي بدلي ڪري اليڪشن هيڊ منشي شهدادڪوٽ ڪري رکيو ويو ۽ اتي تاريخ 7 جولاءِ 1955ع تي وڃي چارج ورتم. ان وقت شهدادڪوٽ ۾ تعلقه هيڊ منشي مسٽر محمد بخش شيخ هو، جيڪو منهنجي قمبر تعلقي ۾ هيڊ منشيءَ واري وقت ۾ مون وٽ زيردست يعني ڪلارڪ ٿي رهيو هو. اليڪشن هيڊ منشيءَ جي حيثيت تعلقه هيڊ منشيءَ کان تمام گهٽ هئي. دفتردار صاحب (عبدالعليم عقيليءَ) محمد بخش شيخ تعلقه هيڊ منشيءَ کان فون تي منهنجي باري ۾ پڇيو ته چارج ورتي اٿائين ۽ چوي ته نه پيو ته هو سينيئر ماڻهو هو. ان هوندي به ان کي اليڪشن هيڊ منشي ڪري رکيو ويو آهي. جنهن تي محمد بخش کيس ٻڌايو ته چارج ورتي اٿائين ۽ وڌيڪ ته ساڻس ڪو ذڪر ڪونه ڪيو اٿائين.اهو دفتردار صاحب منهنجي مذاق اڏائڻ لاءِ يا پنهنجي ضمير ۾ چهنڊڙي پوڻ ڪري پڇيو، اها ته خبر ان کي هوندي.
اليڪشن هيڊ منشيءَ جي پوسٽ نواب محبوب علي خان مگسي جي ڪوشش سان پيدا ڪئي وئي هئي، جو هن شهدادڪوٽ تعلقي جي ووٽرن جي لسٽ ۾ وڌيڪ پنهنجا ماڻهو داخل ڪرائڻ پي چاهيا ۽ ان مقصد لاءِ هن نو هزار کن درخواستون جمع ڪرايون هيون .مون درخواستن جي چڪاس ڪئي ته واقعي انهن ۾ ڄاڻايل عرضدار ووٽرن جي لسٽ ۾ داخل ڪرڻ جا مستحق هئا ۽ اهي واقعي درخواستن ۾ ڄاڻايل ڳوٺن ۾ رهندڙ هئا. مان سڄو ڏينهن گهوڙي تي چڙهي مختلف ڳوٺن ۾ چڪاس ڪندو رهيس ۽ جيڪي درخواستون بوگس (ڪوڙيون) هيون ۽ جن ماڻهن جي نالن تي درخواستون ٿيل هيون، انهن جو مورڳو وجود ئي ڪونه هو، مون انهن درخواستن تي رد ڪرڻ جا آرڊر ڪري صحيح ڪري ڇڏيا. اڃا گهڻيون درخواستون چڪاس لاءِ رهيل هيون.
درخواستن رد ڪرڻ جي خبر جڏهن عبدالقادر خان کوسي (جنهن کي سردار محبوب علي خان مگسي ڪم لاءِ مقرر ڪيو هو) کي پئي ته هن وڃي عبدالعليم عقيلي صاحب کي منهنجي خلاف شڪايت ڪئي. صاحب موصوف فون ڪري مون کي لاڙڪاڻي پاڻ وٽ گهرايو. پهريائين هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. جڏهن مان کانئس اجازت وٺي واپس پئي آيس ۽ جڏهن پٺيرو ٿي سندس آفيس جي در جي قريب ٻاهر نڪرڻ لاءِ پهتس ته پٺيان وري سڏ ڪيائين. اصل مطلب جي ڳالهه ڪيائين ته عبدالقادر کوسي شڪايت ڪئي آهي ته سندن خلاف مان زيادتي پيو ڪيان. مون صاحب کي صاف چئي ڏنو ته مان ڪو به غلط ڪم نه ڪندس ۽ موڪل تي وڃڻ لاءِ تيار آهيان. جنهن تي چيائين ته موڪل ڪانه ملندي، جيستائين ڪم پورو نه ڪندين. مان پوءِ واپس شهدادڪوٽ هليو آيس. هوڏانهن عبدالقادر کوسي تعلقه مختيارڪار صاحب غلام محمد لغاريءَ کي به ساڳي شڪايت ڪئي هئي. مون کي مختيارڪار چيو ته مان رد ڪيل درخواستون بحال ڪيان، پر مون کيس ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. وڌيڪ ايترو چيومانس ته رد ڪيل درخواستون ڀلي اوهان پاس ڪري انهن جي جاءِ تي ٻيون درخواستون وٺي بحال ڪيو ته مون کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. مختيارڪار صاحب پوءِ ايئن ئي ڪيو، پر يڪدم پوءِ شهدادڪوٽ اليڪشن هيڊ منشيءَ جي پوسٽ ختم ڪئي وئي. اهو سمورو ڪم اڌ ۾ ئي رهجي ويو.
اليڪشن هيڊ منشي شهدادڪوٽ کان علاوه ضلعه هيڊ ڪواٽر لاڙڪاڻي ۾ به اليڪشن هيڊ منشيءَ جي پوشت Create ڪئي وئي هئي، جا خالي پئي هئي. مون کي وري ان پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. جتي مون تاريخ 17 سيپٽمبر 1955ع تي اچي چارج ورتي. جڏهن ان پوسٽ جو مدو به ختم ٿيو ته مون اتان تاريخ 17 آڪٽوبر 1955ع تي چارج ڇڏي. ان ڏينهن نائب دفتردار مسٽر محمد پنهل خان جتريءَ مون کي چيو ته دفتردار صاحب چيو آهي ته مون کي ٻڌاءِ ته ان وقت ٻه جڳهون هڪ سپلاءِ انسپيڪٽر (Supply Inspector) جي ۽ ٻي تعلقه هيڊ منشي رتيديري ۾ خالي پيون آهن ۽ مان ڪاٿي ٿو وڃڻ چاهيان. جيئن ته سپلاءِ انسپيڪٽر (Supply inspector) بڻجي راشن وارين شين کنڊ وغيره جي بلئڪ ڪري دفتردار کي راضي رکڻ وارو نيڪ ڪم منهنجي مزاج وٽان نه هو، انهيءَ ڪري مون کيس رتيديري ۾ هيڊمنشي ڪري موڪلڻ جو چيو.