ڪمشنر صاحب
2. محمد اسلام باجوا صاحب
3. محمد حسين شيخ صاحب
4. محمد صديق صاحب
5. پرويز احمد بٽ صاحب ڪراچي
6. عبدالله _ ڊي _ بلوچ صاحب
7. عبدالله _ جي _ ميمڻ صاحب
8. اي _ ڪي _ لوڌي صاحب
9. علي محمد شيخ صاحب
10. سيد محب الله شاهه صاحب
مان ڪنهن به ڪمشنر جي آفيس ۾ نوڪريءَ ۾ نه رهيس پر اهي جڏهن گشت ۾ ايندا هئا ته کليل ڪچهري ڪندا هئا يا ڪنهن ميٽنگ ۾ وٽن وڃڻ ٿيندو هو ته ساڻن ملڻ ٿيندو هو. البت ٻه ڪمشنر صاحب محمد حسين ۽ محمد صديق صاحب مون ڪڏهن نه ڏٺا هئا.
صوبي بلوچستان ۾ سئيءَ جي مڪامَ وٽ جتي سئي گئس پلانٽ جي (Installation) ٿيل هئي، ان جي ويجهو گذر ٿيو هو ۽ سڄي (Installation) شايد ته اليومينيم جي بلڪل اڇين چادرن سان ڍڪيل هئي، جا پري کان چانڊوڪيءَ ۾ تمام اڇي چلڪي ۽ خوبصورت لڳي رهي هئي.
هڪ دفعي ڪوٽڙيءَ واري Distillery (شراب ٺهڻ واري بٺي) به وڃي گهمي ڦري ڏٺي هئم، اتي موجود ماڻهن مان هڪ ٻاهر وڏي حوض مٿان بيهاريو، جنهن ۾ سندس چواڻي ته شراب ٺاهڻ لاءِ (Raw Material) ڪٺو (Dump) ٿيل هو، جنهن مان تمام گهڻي بدبوءِ اچي رهي هئي ۽ خبر ئي نه پئي پوي ته ان حوض ۾ ڪهڙو مادو ڪٺو ڪيو ويو هيو، جو ان مان ايڏي بدبوءِ اچي رهي هئي. بدبوءِ جي ڪري اتي ٿورو ئي وقت بيهي پوءِ اندر وياسين، جتي اهو حوض ۾ گڏ ٿيل مادو ڪيترن مرحلن مان گذري رهيو هو ۽ آخرڪار هڪ شيشي جي نلڪيءَ مان صاف شراب جو ڦڙو ڦڙو ٿي ٽمندو هڪ شيشي جي ٿانءُ ۾ ڪٺو پئي ٿيندو ويو. هينئر جي خبر نه آهي ته اها Distillery اتي اڃا هلي رهي آهي يا بند ٿي وئي.
منهنجي وڏي فرزند ڊاڪٽر غلام ياسين سال 1988 جي آخر کان سال 2008 جي آخر تائين دادو سول اسپتال ۾ نوڪري ڪئي ۽ سندس مستقل رهائش به دادوءَ ۾ هئي. ان بعد هن دادو ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري پنهنجي بدلي به دادوءَ مان حيدرآباد ڪرائي ۽ سندس (Posting) مقرري گدو اسپتال حيدرآباد ۾ ڪئي وئي. گدو اسپتال لاءِ عام تاثر اهو ورتو ويندو رهيو آهي ته اها چرين جي اسپتال آهي پر دراصل ائين نه آهي.
تاريخ 12.06.2009 رتي مون کي پنهنجي پٽ ڊاڪٽر غلام ياسين سان گڏ وڃي گدو اسپتال ڏسڻ جو موقعو مليو. اها حقيقت آهي ته گدو اسپتال ۾ چرين جا وارڊ آهن پر ان کان علاوه ٻين بيمارين وارن مريضن جهڙوڪ هيروئن جي عادين، ذهني مريضن وغير جا به وارڊ اتي موجود آهن. اسپتال ۾ مرد ڊاڪٽرن، ليڊي ڊاڪٽرياڻين سميت ٻيو به عملو مقرر ٿيل آهي. اسپتال ۾ ٻن قسمن جي چرين جا وارڊ آهن. هڪڙا چريا جيڪي نهايت خطرناڪ آهن، جيڪي عام ماڻهن توڙي پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا آهن، اهي وارڊن ۾ اندر بند رکيا ويا آهن ۽ انهن کي وارڊ مان ٻاهر نه ڪڍيو ويندو آهي ۽ انهن وارڊن ڏانهن عام ماڻهوءَ کي وڃڻ به نه ڏيندا آهن. باقي ٻيا چريا پاڻمرادو وارڊ ۾ ئي وڃي ويهندا آهن يا وري مرضيءَ پوڻ تي وارڊ مان ٻاهرر اچي وارڊن جي سامهون هڪ وڏي کليل ميدان ۾ گھمندا وتندا آهن پر ان ميدان جي چوڌاري ديوار ڏنل آهي ۽ هڪ مضبوط گيٽ لڳل آهي ۽ ان کان ٻاهر ڪنهن به چرئي کي وڃڻ نه ڏيندا آهن.
منهنجي پٽ غلام ياسين جي آفيس به ان گيٽ جي اندر ئي آهي ۽ جڏهن هو ڊيوٽيءَ تي ويندو آهي ته گيٽ تي مقرر ٿيل عملي جو ماڻهو کيس آفيس ۾ وڃڻ لاءِ گيٽ کولي ڏيندو آهي ۽ وري گيٽ اندران بند ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجي پٽ ڊاڪٽر غلام ياسين جي آفيس جي لڳ ۽ ڪجهه پري چرين جا وارڊ آهن ۽ وڏو ميدان جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، اهو به سندس آفيس جي بلڪل سامهون آهي، جنهن ۾ ڪجھه چريا گهمندا رهندا آهن ۽ ڪي وارڊن ۾ ئي ويٺا هوندا آهن ۽ جڏهن مرضي پوين پئي ته وارڊ مان نڪري ان ميدان ۾ گھمندا ڦرندا پيا وتن. غني نالي هڪڙو قداور چريو ظاهري طرح ٺيڪ ٺاڪ پئي لڳو، ان جو ٻين چرين تي مڙئي ڪجھ رعب پئي لڳو، جو جنهن چرئي کي جيئن چوي پيو ته اهو ائين ڪري پيو. ايئن جڏهن چرين جا ڪپڙا لانڊريءَ تان ڌوپجي آيا ته انهن کي چيائين ته وڃي ڪپڙا بدلايو. هنن هڪدم وڃي ڪپڙا بدلايا ۽ جيڪڏهن ڪنهن چرئي کي پٽڙيءَ تان لهندو پيو ڏسي ته ان کي ٿوري ڇڙٻ ڏئي چوي پيو ته وڃ گوري وٺي کاءُ ته هو يڪدم وڃي اها گوري کائي وري ايوان ۾ گهمندا ڦرندا وتن. مان ۽ منهنجو پٽ ڊاڪٽر غلام ياسين ٻه ڪرسيون ان ميدان ۾ هڪ وڻ هيٺان رکي ويٺاسين. منهنجي پٽ واري واري سان هڪ هڪ چرئي کي سڏي ٿورو پري ويهاري کانئن احوال پئي ورتو ته چانهه پيتي اٿوَ ۽ گوري کاڌي اٿوَ. اوهان جو ڪو مٽ مائٽ ملاقات لاءِ آيو آهي؟ وغيره جهڙيون ڳالهيون پئي ڪيون. چرين جو به پنهنجو جهان آهي. منهنجي پٽ ٻڌايو ته هتي وارن وارڊن ۾ 45 چريا آهن پر ڪنهن جو به سالم دماغ ٿيڻ جو امڪان ڪونهي ۽ انهن جي زندگي اتي ايئن ئي گذري ويندي ۽ اهي اتي ڪيترن ئي سالن کان انهيءَ حالت ۾ آهن ۽ ڪن کي ته 30 _ 32 سال اتي رهي ٿيا آهن.
غني چريو جنهن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، انهيءَ ته ڪجهه اهڙا سٺا ۽ عقل ڀريا شعر به ٻڌايا جي ٻڌي محسوس ئي نه پيو ٿئي ته هي ڪو چريو آهي پر وقتي بيٺي بيٺي پٽڙي تان لهي پيو وڃي، جنهن مان سندس چريائپ نظر پئي آئي. هڪڙي چرئي منهنجي پٽ کي چيو ته سندس ڪروڙ ڊالر بئنڪ ۾ پيا آهن ۽ ڇڏيو ته اهي ڪڍرائي اچان.
ڪن چرين کي منهنجي پٽ چيو ته توهان ڪجھه ٺيڪ ٿيو ته اوهان کي ڳوٺ ڇڏي اچجي ته وري هيڏانهن موٽي ته نه ايندا؟ جنهن تي هنن جو چوڻ هو ته ڀلي اسان کي ڳوٺ ڇڏي اچو پر وري موٽي هتي ئي اينداسين.منهنجي پٽ وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن چرئي کي مائٽ هتي ڇڏي هليا ويندا آهن ته وري ساڻن ملاقات ئي نه ڪرڻ ايندا آهن. ڪن چرين بابت ته ائين به ٻڌايائين ته چڱو پڙهيل آهن ۽ ٻه ٽي ته اهڙا به هئا جيڪي سرڪاري نوڪريءَ ۾ به رهيا هئا. هڪڙي چرئي لاءِ ته اهو به ٻڌايائين ته کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ 600 جريب ذاتي زمين به آهي.
منهنجي پٽ وڌيڪ ٻڌايو ته ورلي ڪو چريو بلڪل صحيح سالم دماغ ٿي ويندو آهي ته ان کي اسپتال جي طرفان سرڪاريءَ گاڏيءَ ۾ وڃي سندس ڳوٺ ڇڏي ايندا آهن. جيڪي خطرناڪ چريا هميشه وارڊ ۾ بند هوندا آهن، انهن جون پري کان رڙيون به ٻڌڻ ۾ اچن پيون. هيروئن جي عادي مريضن ۽ ذهني مريضن وغيره جا وارڊ به ڏٺم جتي سندنس علاج پئي هليو. بس الله تبارڪ تعاليٰ پنهنجي خلقيل مخلوق جا راز پاڻ ئي ڄاڻي ٿو.
ادا غلام نبي جڏهن دادوءَ ۾ رينج فاريسٽ آفيسر (R.F.O) هيو ته مان ڪجهه ڏيبنهن وٽس وڃي رهيو هئس. هو “ويهڙ شريف” جي بزرگ جو مريد هو. ويهڙ جو ڳوٺ دادوءَ کان لڳ ڀڳ پنج ڇهه ميل پري آهي. هڪڙي ڏينهن دادوءَ ۾ منهنجو پڦڙ حاجي محمد ابراهيم ۽ ٻيو ويجھو عزيز حاجي جان محمد خان به دادوءَ ۾ آيا. اهي ٻئي به ويهڙ شريف جي بزرگ جا معتقد هئا. انهن ٻنهي ادا غلام نبيءَ کي چيو ته سندن ارادو آهي ته “ويهڙ شريف” واري بزرگ جي زيارت ڪري اچئون. پوءِ اسان چارئي، ادا غلام نبي، مان ۽ مٿيان ٻئي عزيز گڏجي جيپ ۾ ويهڙ شريف وياسين ۽ بزرگ صاحب جن جي زيارت ڪري واپس پئي آياسين ۽ موٽندي رات ٿي وئي هئي. لڳ ڀڳ اڌ پنڌ ڪيوسين ته اوچتو بارش شروع ٿي وئي. بهرحال اسان آهستي آهستي اچي رهيا هئاسين ته رستي ۾ جيپ بند ٿي وئي. ڊرائيور چيڪ ڪري چيو ته پئٽرول ختم ٿي ويو آهي ۽ جيپ اڳتي نه هلي سگهندي.
ادا غلام نبيءَ چيو ته هو دادو وڃي ٿو، جو سندس آفيسر ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سڀاڻي دادوءَ گشت تي اچڻو آهي ۽ هو دادوءَ مان پئٽرول ڏياري موڪلي ٿو. مان کيس چيو ته اوهان اڪيلا نه وڃو مان به اوهان سان گڏيو ٿو هلان. اسان ٻئي پوءِ جيپ مان هيٺ لٿاسين ته ڏٺوسين ته سخت بارش سان گڏ هلڪو ڳڙو به وسيو پئي ۽ کنوڻ جا به ڏاڍا ڪڙڪاٽ پئي پيا نه ته هونئن اوندهه انڌوڪار لڳي پئي هئي ۽ رستي جي به پوري خبر نه پئي پوي. بهرحال اسان کي ته دادوءَ وڃڻو ئي هيو، انهيءَ ڪري وڄ جي چمڪاٽ تي ڪجهه پنڌ هلي وڃي ڪنهن وڻ هيٺان پئي بيٺاسين. ائين ڪجهه پنڌ ڪيوسين ته پري کان زوردار رڙيون “آجائو، آجائو” ٻڌيوسين. اسان کي ڪجهه خوف ته ٿيو پر سوچيوسين ته هي رڙيون نه ڄاڻ ته ڪير ڪري رهيو آهي! پوءِ جيئن ته دادوءَ ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، انهيءَ ڪري اهي رڙيون ٻڌندا اڳتي وڌندا رهياسين ۽ جڏهن دادو ڪئنال جي پل تي پهتاسين ته ڏٺوسين ته هڪ مست ملنگ اهي ئي رڙيو ڪندو دادو ڪئنال جي پل جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين بار بار ائين ئي ڊوڙندي ڊوڙندي رڙيون ڪندو رهيو پر هن اسان کي ڪجھه نه چيو ۽ نه ئي ويجهو آيو. (دادو ڪئنال، دادو شهر کان ٿورو ئي ٻاهر ڪجهه ئي مفاصلي تي آهي). خير الله تبارڪ وتعاليٰ کي ٻاڏائيندي نيٺ دادو ۾ جاءِ تي اچي پهتاسين.
ادا غلام نبيءَ پوءِ پئٽرول دٻي ۾ وجھرائي پنهنجي پٽيوالي سان ٽانگي ۾ ڏياري موڪليو ۽ ٻئي عزيز پڦڙ حاجي محدم ابراهيم ۽ حاجي جان محمد خان جيپ ۾ دادوءَ اچي پهتا. جنهن هنڌ جيپ جو پئٽرول ختم ٿي ويو هو ۽ جيپ بند ٿي وئي هئي، اهو دادو شهر کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ميل کن جو مفاصلو هو.
****