مختيارڪار تعلقه پنو عاقل ضلعو سکر
گهوٽڪي سب ڊويزن ۾ ان وقت پنج تعلقه؛ روهڙي، پنو عاقل، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ اُٻاوڙو شامل هُئا ۽ سب ڊويزن جو هيڊ ڪواٽر گهوٽڪي هيو. پني عاقل تعلقي ۾ سردار غلام محمد خان مهر جو گهڻو اثر رسوخ هيو، پر پاڻ رهندو خانڳڙهه گهوٽڪي تعلقي ۾ هو. سردار علي مردان خان چاچڙ پنهنجي ذات جو سردار هيو ۽ اهو به سٺو مانائتو ماڻهو هيو ۽ زمين به خاصي چڱي هوندي هُيس. هن کي ڪچي جي ايراضيءَ ۾ به زمين هوندي هئي. موجوده چاچڙ ذات جو سردار حاجي خان چاچڙ علي مردان خان چاچڙ جو فرزند آهي.
ان دور ۾ درياهه ۾ پاڻي تمام گهڻو هوندو هو ۽ بچاءَ بند تائين اچي لڳندو هو، انهيءَ ڪري ڪچي جي ايراضيءَ ۾ ربيع جي موسم ۾ ڪڻڪ، چڻن ۽ مٽرن جي تمام گهڻي پوک ٿيندي هئي. جڏهن ڪچي جي ايراضيءَ ۾ پڙتال لاءِ گهوڙن تي چڙهي وڃبو هو ته ميلن جي ميلن ۾ آبادي هوندي هئي. سرنهن ۽ ڄانڀو ته چڱي ايراضيءَ ۾ پوکيا ويندا هئا. هينئر ڪچي جا اهي اوج ڪونه رهيا آهن بلڪه پڪي جي ايراضيءَ وارا کاتيدار ئي پاڻي جي گهٽتائيءَ سبب سورن ۾ آهن ۽ پاڻيءَ جي قلت خلاف روزانو سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جلوس نڪرن ٿا، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ٿين ٿيون.
ڊپٽي ڪمشنر آصف فصيح وردگ صاحب منهنجي وقت ۾ هڪ دفعو دوري تي آيو هو. سندس بدلي ٿي وڃڻ بعد وقار رستم بخشي صاحب سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو هو جيڪو پڻ C.S.P آفيسر هو ۽ منهنجي پني عاقل تعلقي مان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ به اتي ڊپٽي ڪمشنر هيو. ساڳي طرح اسسٽنٽ ڪمشنر نثارالحميد صاحب منهنجي بدلي ٿي وڃڻ بعد به گهوٽڪي سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو.
پني عاقل ۾ نوڪري دوران منهنجا محمد حسن خان بُلو، الله بخش محمدي وڪيل ۽ امين الدين شاه وڪيل سان ڪجهه چڱا تعلقات هئا. ادا غلام نبي پني عاقل ۾ R.F.O (رينج فاريسٽ آفيسر) ٿي رهيو هو ۽ محمد حسن خان بُلي جا ان سان سٺا تعلقات رهيا هئا، انهيءَ ڪري هو جڏهن به پني عاقل ۾ ڪمين ڪارين ايندو هو ته مون وٽ ايندو هو، حالانڪه هُو پني عاقل کان چار پنج ميل مفاصلي تي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هُو دلير ۽ يار ويس ماڻهو هو ۽ ڪامورن ڪڙن سان چڱي اٿ ويهه هوندي هيس.
امين الدين شاهه وڪيل، مسٽر نور احمد شاهه جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو آهي، ان جو مامو ٿيندو هو ۽ اهو به پنهنجي ڳوٺ هنگورو ۾ رهندو هو.
الله بخش محمدي وڪيل صاحب پني عاقل شهر ۾ رهندو هو. علي نواز خان ڌاريجو چڱو ڀلو زميندار هو ۽ ڪنهن وقت ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو هو پر هن جو توجهه زمين طرف ڪونه هو، انهيءَ ڪري سندس ڪيتري زمين غير آباد پئي هوندي هئي ۽ ان ڪري گهڻي زمين هُئڻ باوجود اُپت گهٽ ٿيندي هُئس. سندس ڀاءُ نظير احمد ڌاريجي ڪراچيءَ مان شادي ڪئي هئي ۽ هو گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ ئي رهندو هو ۽ زمينن کي گهڻو وقت نه ڏئي سگهندو هو. خريف جي ڍل لاءِ اڪثر ڪري اسٽي آرڊر وٺندا هئا ۽ اهڙي طرح خريف جي ڍل به ربيع جي ڍل سان گڏي پيئاريندا هُئا.
محمد حسن خان بُلي ۽ علي نواز خان ڌاريجي جي پاڻ ۾ هميشه اڻبڻت هوندي ئي هوندي هئي. مسٽر محمد هاشم صاحب ميمڻ ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) هوندو هو ۽ هڪ دفعي پني عاقل تعلقي جي انسپيڪشن تي آيو هو ته مونکي چيائين، هاليجي شريف واري بزرگ حماد الله صاحب ڏي هلڻو آهي. صبح ٿيڻ تي مان وٽس بنگلي تي ويس ۽ کيس اطلاع ڪرايم ته مونکي اندر گهرايائين. پاڻ ناشتو ڪري ويٺو هو ۽ چانهه پئي پيتائين ۽ ان سان گڏ هڪ ڦڪي رنگ جو ڪئپسول پي ورتائين ۽ مونکي چيائين هي Surbex T آهي ۽ تون به روزانو هڪڙو وٺندو ڪر.مان پوءِ کيس هاليجي شريف وٺي ويس جتي هي بزرگ حماد الله صاحب جن سان مليو، جو مسجد شريف ۾ ويٺو هو ۽ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته هُو اڪثر ڪري ويهندو ئي مسجد ۾ هو. بزرگ صاحب بت ۾ ڀريل هو ۽ وڏي ناليوارو بزرگ ليکبو هو. هاليجي شريف جي درگاهه به مشهور درگاهه آهي.
بزرگ صاحب سان ملي محمد هاشم صاحب ۽ مان موٽي آياسين ۽ پوءِ صاحب موصوف سکر روانو ٿي ويو.
ان کان وٺي محمد هاشم ميمڻ صاحب جن سان نيازمندي رهندي آئي، جا سندن وفات تائين رهي. انهيءَ عرصي دوران مان سندن زيردست به رهيس ۽ مونکي آخر تائين بدلين جي سلسلي ۾ مدد فراهم ڪندو رهيو ، جن بابت ذڪر اڳتي ايندو.
هڪ دفعي سردار غلام محمد خان مهر اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب گھوٽڪيءَ جي، رات جو دعوت ڪئي، جنهن ۾ هن سب ڊويزن جي سڀني مختيارڪارن کي به دعوت ڏني هئي. ان دؤر ۾ مختيارڪارن کي سرڪاري گاڏي مليل ڪانه هوندي هئي، انهيءَ ڪري مان پني عاقل مان ٽئڪسي ڪري گهوٽڪيءَ ويس ۽ ٽئڪسي سردار صاحب جي بنگلي کان پري بيهاري ڇڏي جو هڪ ته آفيسرن جو احترام ڪبو هو ۽ ٻيو ته ان دور ۾ پڇاڻو به هوندو هو ۽ جيئن ته ٽئڪسين جو رنگ به مخصوص هوندو هو، جنهن مان خبر پئجي ويندي هئي ته اها ٽئڪسي آهي. دعوت ۾ مختيارڪارن مان صرف گھوٽڪيءَ جو مختيارڪار ۽ مان شريڪ ٿياسين پر ٻيا ڪونه آيا هئا.
دعوت کائڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ترسي، مون سردار صاحب کان واپس وڃڻ جي اجازت گهري ته سردار صاحب پنهنجي بنگلي کان وٺي ٽئڪسي تائين، جا سندس بنگلي کان فرلانگ ڏيڍ پري بيهاري هيم، اوسيتائين مون سان گڏيو آيو ۽ مونکي چيائين ته خان صاحب ٽئڪسي ڇو ڪري آيا آهيو، مونکي فون ڪيو ها ته گاڏي موڪلي ڏيانوَ ها! ان تي مان کيس چيو ته سردار صاحب مڙئي خير آهي.
سردار صاحب جي ڪمن ڪارين سان سندن خاص ماڻهو مصري چنڊ ايندو ڪندو هو ۽ آفيسرن مان ڪم ڪرائي ويندو هو ۽ اڪثر ڪري سڀ ڪامورا سردار صاحب جي عزت ڪندا هئا ۽ سندن آيل ماڻهوءَ کي ڪم ڪري ئي ڏيندا هئا.
ڊپٽي ڪمشنر وقار رستم بخشي صاحب جن کي پنهنجي رهائش واري بنگلي واري لان(باغيچي) واسطي درياهه جي سلٽ (واري) گهربي هئي، جنهن لاءِ هن سکر جي مختيارڪار عبدالرحيم ميمڻ کي چيو هو پر هن ڪجهه، سستي ڪئي. پوءِ صاحب موصوف ان لاءِ مونکي چيو، مون محمد حسن خان بُلي کي چيو ته واسطيدار انجنيئر صاحب کي چوي ته اسان کي درياهه مان سلٽ کڻڻ جي اجازت ڏئي. هن انجنيئر سان ملي مونکي اچي ٻڌايو ته هو کانئس موڪل وٺي آيو آهي ۽ اوهان ڀلي سلٽ کڻايو. مان پوءِ ماڻهو موڪلي سلٽ درياهه مان ڪڍرائي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي باغيچي لاءِ پهچائي ۽ جڏهن کيس گهربل مقدار ۾ سلٽ پهچي چڪي ته پوءِ وڌيڪ سلٽ نه موڪلڻ لاءِ چيائين.
اڳتي هلي اهڙو اتفاق ٿيو (جيڪو منهنجي پني عاقل تعلقه مان بدليءَ جو ڪارڻ بڻيو) جو مونکي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب بيگ محمد شيخ ۽ عبدالعزيز سندس ڀاءُ (جنهن ٻنهي مان هر هڪ ڏانهن 7000 يا 8000 روپيا انڪم ٽئڪس جي بقايا رهيل هئي) جي ضبطي جا وارنٽ ڏنا. هونءَ دراصل ته وصوليءَ ۽ ضبطي جا وارنٽ ڪڍڻ مختيارڪار جو ئي ڪم هوندو آهي پر اسسٽنٽ ڪمشنر جي وارنٽ ڪڍڻ جي پس پردي ڳالهه اها هئي جو عبدالعزيز شيخ وارن جو پني عاقل شهر جي وچ ۾ هڪ وڏو پلاٽ هيو، جنهن ۾ هڪ پنجابي عطاءُالله جهانيا جي اک هئي ته شيخ صاحب کيس اهو پلاٽ ڏين پر هو ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. جيئن ته اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب به پنجابي هو ۽ عطاءُالله جهانيا جي ان سان گهاٽائي هئي، ان ڪري شيخ صاحبن کي زير بار ڪرڻ لاءِ صاحب موصوف کي هن استعمال پئي ڪيو. عطاءُالله جهانيا رهندو ته سکر ۾ هيو پر هن جو پني عاقل تعلقي سان واسطو هيو، جو سندس زمين تعلقي جي تپه مبارڪپور ۾ هئي ۽ مبارڪپور ۾ سندس رهائش جي جڳهه به هئي. اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب هر جمعي تي گهوٽڪيءَ کان پني عاقل ايندو هو ۽ شام جو روهڙي هليو ويندو هو ۽ آچر اتي گذاري سومر ڏينهن سڌو گهوٽڪيءَ واپس هليو ويندو هو.
وارنٽن ملڻ کان پوءِ مون رات جو بيگ محمد خان شيخ، سندس ڀاءٌ عبدالعزيز ۽ ساڻن گڏ عبدالخالق شيخ صاحب جن کي پاڻ وٽ گهرائي کين وارنٽ ڏيکاريا ۽ چيومان، ته پنهنجي ڪميونٽي وارا آهيو، ان ڪري اوهان کي وارنٽ ڏيکاريان ٿو ته اوهان کي تسلي ٿئي ته اهي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جا ئي نڪتل آهن انهيءَ ڪري بقايا جي رقم، جيڪا ايڏي وڏي به ڪانهي ڏئي ڇڏيو ته سٺو آهي.
بيگ محمد شيخ ته وڃي ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽان يا انڪم ٽئڪس اٿارٽي وارن کان اسٽي آرڊر وٺي آيو. جڏهن جمعي ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب پني عاقل آيو ته پچا ڪيائن ته وارنٽن جو ڇا ٿيو. مون کيس ٻڌايو ته بيگ محمد ته اسٽي آرڊر وٺي آيو آهي باقي عبدالعزيز چوي ٿو ته هو پئسا ڏيندو. جنهن بعد صاحب موصوف روهڙي روانو ٿي ويو.
مون ٻئي جمعي جي ڏينهن کان اڳ سومر جي رات وري عبدالعزيز شيخ کي گهرائي چيو ته بابا سٺو اٿئي ته بقايا ڏئي ڇڏ. هو هائو ته ڪري ويو پر دراصل هن جي بقايا پيارڻ جي نيت ئي ڪانه پئي ڏٺي جو هن اڱاري تائين پئسا نه ڏنا. مان پوءِ اربع جي ڏينهن محمد اسماعيل حر جي سپروائيزنگ تپيدار کي چيو ته وڃي عبدالعزيز جي ضبطي ڪر. اهو وصوليءَ جو وقت هيو ۽ مان ڍل جي وصوليءَ لاءِ جيپ ۾ ويس پئي ۽ جڏهن عبدالعزيز جي ڪارخاني وٽان لنگهيس ته سپروائيزنگ تپيدار جي پڇا ڪيم، جنهن کي عبدالعزيز مٿي بنگلي ۾ ڏٽو ڏئي ويهاري ڇڏيو هو ۽ هيٺ هو بئنڪ ۾ پنهجي ڪڻڪ جون سؤ سوا کن ٻوريون، جي گروي رکيون هيون اهي اتان رليز ڪرائي گودام مان ڪڍرائي پيو، جي هو ڪراچيءَ موڪلڻ پيو چاهي، جنهن لاءِ هن پني عاقل اسٽيشن تي گڊس ٽرين جو گاڏو به بُڪ ڪرائي ڇڏيو هو. مان پوءِ سپروائيزنگ تپيدار کي گهرائي چيو ته هي ڪڻڪ جون ٻوريون هاڻي مان ضبط ڪيان ٿو، جي تون کڻائي وڃي تعلقي آفيس جي ورانڊي ۾ رکاءِ جي هن گڏهه گاڏين وسيلي کڻائڻ شروع ڪري ڏنيون.
مان پوءِ اچي جيپ ۾ ويٺس ته عبدالعزيز شيخ صاحب مونکي اچي ستائڻ ۽ ايلاز ڪرڻ لڳو ته صبطي نه ڪيو جو ان ۾ سندس بيعزتي ٿيندي، مون کيس انڪار ڪندي چيو ته هاڻي ڪجهه نه ٿيندو ۽ مونکي پنهنجي عزت کان تنهنجي عزت وڌيڪ ڪانهي ۽ پوءِ مان حد ۾ وصوليءَ لاءِ روانو ٿي ويس.
عبدالعزيز شيخ وارا پوءِ وڃي احمد ميان سومري جي معرفت ڪمشنر صاحب سان مليا، جنهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي چيو ته ڏسي ته عبدالعزيز جي ضبطي نه ٿئي ۽ کين اسٽي آرڊر به ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر وقار رستم بخشي صاحب پوءِ مونکي فون ڪئي پر مان وصوليءَ لاءِ ويل هيس. انهيءَ ڪري منهنجي هيڊ منشي فون اٽينڊ ڪئي ۽ منهنجي لاءِ پڇا ڪرڻ تي هيڊ منشيءَ صاحب موصوف کي ٻڌايو ته گشت ۾ ويل آهي، جنهن تي هيڊ منشيءَ کي چيائين ته مختيارڪار اچي ته کيس چئجانءِ ته ساڻسس فون تي ڳالهايان. ائين چئي ڊپٽي ڪمشنر صاحب فون رکي ڇڏي پر عبدالعزيز شيخ جيڪي ڪمشنر صاحب وٽان ٿي اچي ڊپٽي ڪمشنر وٽ ويٺا هئا، انهن کين چيو ته هيڊ منشيءَ کي چئو ته مختيارڪار کي چوي ته سندن ضبطي نه ڪري مبادا انهيءَ وچ ۾ ضبطي نه ڪري وجهي. انهيءَ تي صاحب موصوف وري فون ڪئي ۽ کيس اهڙي هدايت ڪئي پر هيڊ منشي ءَ کين ٻڌايو ته ضبطي ته ٿي وئي آهي ۽ ضبط ٿيل ڪڻڪ جون ٻوريون آفيس ۾ به پهچي چڪيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر صاحب پوءِ فون رکي ڇڏي ۽ خبر ناهي ته عبدالعزيز وارن کي وڌيڪ ڇا چيائين. انهيءَ دوران علي ڏني پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل سکر ڊويزن به ڪمشنر صاحب جن جي آفيس مان فون ڪئي ته مختيارڪار گشت مان جيئن موٽي اچي ته ساڻس فون تي ڳالهائي. مون پوءِ گشت مان واپس اچي علي ڏني خان پنهور جن سان فون تي ڳالهايو جنهن چيو ته عبدالعزيز شيخ کي ڪمشنر صاحب اسٽي آرڊر ڏنو آهي، انهيءَ ڪري سندس ضبط ڪيل ڪڻڪ جو اسٽاڪ واپس ڪري ڇڏ، جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته وارنٽ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن جا ڏنل هئا ۽ هو جمعي ڏينهن هتي ايندا ته مان ساڻن اها حقيقت ڪندس. هن پوءِ وڌيڪ ڪجهه نه چيو ۽ فون بند ڪري ڇڏيائين. دستور موجب اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جمعي ڏينهن پني عاقل آيو، ضبط ٿيل ڪڻڪ جون ٻوريون پاسيريون ورانڊي ۾ پيون هيون پر انهن تي هن جي نظر ڪانه پئي. صاحب موصوف پوءِ ذرا رواجي لهجي کان ڪجهه مٽيل لهجي سان پڇيو ته ضبطي جو ڇا ڪيئي. جنهن تي مون کين عرض ڪيو ته ضبطي مون ڪئي آهي ۽ ڪڻڪ جون ٻوريون ورانڊي ۾ پيون آهن. مون وڌيڪ کيس علي ڏني خان پنهور واري حقيقت به ٻڌائي. هن پوءِ سکر لاءِ ڪال بڪ ڪرائي پر فون ملي نه سگهيس. هو پوءِ روهڙيءَ روانو ٿي ويو ۽ اتان فون ڪيائين ته ڪمشنر صاحب عبدالعزيز شيخ کي اسٽي آرڊر ڏنو آهي انهي ڪري کيس سندن ڪڻڪ وارو ضبط ٿيل اسٽاڪ موٽائي (رليز) ڏي. مون پوءِ عبدالعزيز کي گهُرائي کانئس دستوري بانڊ لکي ان تي صحيح وٺي اسٽاڪ رليز ڪري ڏنو، پر شيخ صاحبن وڃي احمد ميان سومري کي چئي ڪمشنر صاحب اسلم باجوا کان منهنجي بدليءَ جو آرڊر ڪرائي آيا ۽ مونکي سکر ضلعي ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي قرض جي وصوليءَ لاءِ مختيارڪار ڪري رکيائون، پر الله پاڪ جو شان جو منهنجي چارج ڇڏڻ کان اڳ ڪمشنر باجوا صاحب جن جي بدلي ٿي ۽ هن چارج ائڊيشنل ڪمشنر سيد محمد شاهه جن کي ڏئي ڇڏي جو سندس جڳهه تي اڃا ٻئي ڪنهن ڪمشنر جو آرڊر ڪونه ٿيو هو.
رات جو باجوا صاحب جي ڊنر پارٽي (الودائي پارٽي) سکر ۾ رکيل هئي، جنهن ۾ نثارالحميد اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب، وقار رستم بخشي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن به شرڪت ڪئي هئي اتي هنن باجوا صاحب جن کي مون لاءِ چيو ته مختيارڪار جو ته قصور ڪونهي جو اوهان هن جي بدلي ڪئي آهي، جنهن تي کين چيائين ته هُن ته چارج ڇڏي آهي ۽ هاڻي هُو اُن حوالي سان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب پوءِ منهنجي بدلي روڪرائڻ لاءِ ڊي او ليٽر (D.O Letter) لکي، مون کي پاڻ سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن وٽ وٺي هليو جيڪو اُن وقت روهڙي سيمنٽ فئڪٽري تي موجود هو ۽ هن کان پنهنجي (D.O Letter) تي سفارشي اينڊارسيمنٽ (Endoersment) ڪرائي مونکي ڏنائين ته وڃي ائڊيشنل ڪمشنر صاحب کي ڏيان، جيڪو مون ته کيس وڃي ڏنو پر ان کي هن ائين ئي رکي ڇڏيو ۽ ڪا ڪارروائي ڪانه ڪئي ۽ نه ڪو اسٽي آرڊر ڪڍيائين. انهيءَ دوران مسٽر الله بخش محمدي وڪيل مونکي چيو ته ساڻس گڏجي حاجي مولا بخش سومري صاحب، احمد ميان سومري جي والد صاحب وٽ هلان ۽ کيس چئي بدلي روڪرايون. مون ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو پر هُن جي حاجي مولا بخش سومري صاحب ۾ الائي ڪهڙي اميد هئي جو مون کي تمام زور ڀري وٽس وٺي ويو ۽ سومري صاحب سان سربستي حقيقت ڪئي. سومري صاحب نه رڳو کيس نراس ڪيو پر ساڻس بخيل ٿي اهڙي انداز ۾ ڳالهايو جو ايڏي وڏي عزت واري ماڻهوءَ جي شان وٽان نه هو . اسين پوءِ اتان واپس موٽي آياسين.
هڪ رات بيگ محمد خان مون وٽ آيو ۽ منهنجي چاچي غلام محمد جي نالي چيائين ته ان کي گهرايو، مان چيومانس ته ان کي ڇا جي لاءِ گهرايان، جنهن تي چيائين ته گهمي وڃي. مان چيومانس ته هو دادوءَ مان پني عاقل گهمڻ اچي، جو پنو عاقل اهڙو گهمڻ جهڙو شهر آهي ڇا!؟
مان ته دل ۾ سمجهان پيو ته هو ڪاڏي ٿو ڳالهائي! ڇاڪاڻ ته بيگ محمد ۽ سندس ڀاءُ عبدالعزيز شيخ پهريائين راڌڻ شهر ۾ ڪاروبار ڪندا هئا. ان وقت دادوءَ ۾ نوڪريءَ ۾ هيو ۽ ساڳي ذات جي ناطي ساڻس هنن جي دعا سلام هئي ۽ بيگ محمد چاهيو پئي ته هو هتي ايندو ته کيس مُنهنجي بدلي بند ڪرائڻ لاءِ ٿورو ٿڪو ضرور چوندو. منهنجي انڪار تي پوءِ بيگ محمد خاموش هليو ويو. انهيءَ دوران محمد حسين جن سکر جا ڪمشنر مقرر ٿي آيا ۽ اچي چارج ورتائون. هوڏانهن شير محمد سولنگي جنهن کي منهنجي جاءِ تي مختيارڪار ڪري رکيو هئائون، ان پنهنجو سامان ڏياري موڪليو جو مون اوطاق ۾ رکائي ڇڏيو. پاڻ اڃان ڪونه آيو هو. ٻئي ڏينهن مان گهوٽڪيءَ سول جج جي ڪورٽ ۾، کاڌي ۾ ملاوٽ جي هڪ ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ ويس ته پهريائين اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سان مليس ۽ کيس ٻڌايم ته منهنجي عيوضيءَ سامان موڪلي ڏنو آهي، هاڻي چارج ڏيڻ لاءِ جيڪو حڪم ڪيو. جنهن تي مونکي چيائين ته توکي ٽي ڏينهن موڪل ٿو ڏيان ته تون ڳوٺ هليو وڃ ۽ هُو ان وچ ۾ ڪمشنر صاحب سان ڳالهائي بدلي روڪرائيندو. ائين منهنجي روبرو سکر لاءِ ڪال بڪ ڪرايائين. مان ته پوءِ ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻ هليو ويس. شاهدي ڏئي ڪورٽ مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته اسسٽنٽٽ ڪمشنر صاحب جو نائڪ بيٺو هو، جنهن چيو ته صاحب اوهان کي سڏايو آهي. مان وڃي ساڻن مليس ته مونکي ٻڌايائين ته هن پاڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ڪمشنر صاحب سان ڳالهايو آهي ۽ منهنجي بدليءَ وارو آرڊر رد ٿو ڪري ۽ مونکي وڌيڪ چيائين هاڻ تنهنجي مرضي ڊيوٽي ڪرين چاهي ٻه ٽي ڏينهن موڪل تي هليو وڃين. مان صاحب موصوف کي چيو ته مان في الحال موڪل تي ئي رهان ٿو ۽ ڳوٺ هليو ٿو وڃان. بعد ۾ مان پني عاقل موٽي اچي پنهنجي بورچيءَ کي پئسا ڏنا ته جي منهنجو عيوضي اچي وڃي ته ان کي ماني ٽڪي کارائجان.
ٻئي ڏينهن مان لاڙڪاڻي هُئس ته الله بخش محمدي صاحب وڪيل فون ڪئي ته ڪمشنر صاحب منهنجي بدليءَ وارو آرڊر رد ڪيو آهي، جنهن تي مان پني عاقل واپس موٽي آيس ۽ شير محمد سولنگي جيڪو منهنجي پرپٺ پني عاقل پهتو هو، اهو منهنجي واپسيءَ جو ٻڌي پنهنجو سامان کڻائي روانو ٿي ويو ۽ مان ئي پني عاقل ۾ مختيارڪار ٿي رهيس.
مان جڏهن پني عاقل ۾ مختيارڪار هئس ته سيد دائم شاهه صاحب لاڙڪاڻي ۾ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (S.P) هيو، جيڪو پني عاقل جي ويجهڙائي جو رهواسي هو. هڪڙي ڏينهن اُن لاڙڪاڻي ۾ منهنجي جاءِ تي نياپو ڏياري موڪليو ته مان جڏهن لاڙڪاڻي اچان ته ساڻس ملان. مان جڏهن لاڙڪاڻي آيس ته ساڻس وڃي مليس، جنهن مونکي ڪو ڪم چيو جو مون ڪري ڏنومانس.
هڪڙي ڏينهن A.D.M فون ڪئي ته مسٽر عبدالقادر شيخ هاءِ ڪورٽ جو جج صاحب پني عاقل ايندو، ان جو بندوبست ڪجو. مون بنگلي تي سندن رهائش جو بندوبست ڪيو ۽ هُو جنهن مهل آيو ته ساڻس مليس. هو اصل پني عاقل جو ويٺل هو ۽ ڪنهن شادي ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو ۽ اتان ٿي پوءِ سڌو واپس هليو ويو. مسٽر عبدالقادر شيخ صاحب پوءِ سپريم ڪورٽ جو جج به ٿيو هو.
مان جڏهن پني عاقل ۾ مقرر هُئس ته امان الله شيخ، منهنجو ڀاڻيجو سکر سينٽرل جيل ۾ قيد هو، مان ساڻس هڪ ٻه دفعو جيل تي ملاقات ڪرڻ به ويو هئس.
پني عاقل ۾ مقرري دوران مون جڏهن عبدالعزيز شيخ جي ضبطي ڪئي ته غلام عباس انڍڙ ، جيڪو زميندار ته نه هو پر ٻه ٽي ٻارا زمين جا هئُس، انهيءَ وٺي کاتيدارن ۽ آبادگارن ۾ ٻڙڌڪ مچايو ته بابا مختيارڪار پنهنجي ذات واري کي ئي ڪونه ڇڏيو سو ڪنهن مان ڪو نه ٽرندو. انهيءَ ڪري بهتر اهو اٿوَ ته بقايائون جمع ڪرائي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ مونکي نه رڳو ڍل جي وصوليءَ ۾ گهڻي تڪليف ڪرڻي ڪانه پئي پر ٻين کاتن جون بقايائون جهڙوڪ: زرعي ترقياتي بئنڪ جا قرض، انجنيئري کاتي جا وڌل زيان پاڻيءَ جا ڏنڊ ۽ ٻيلي کاتي جون بقايائون وغيره جيڪي به روينيو کاتو ئي وصول ڪندو هو، اهي به ڪافي بقايائون باقيدارن پياري ڇڏيون ۽ انهن محڪمن جي آفيسرن وٽان مونکي تعريفي ليٽر (Letters of appreciation) به آيا هئا. بدلي رُڪجڻ جي ٻه اڍائي مهينا کن پوءِ مان پني عاقل ۾ مختيارڪار ئي هئس جو هڪڙي ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم ته آغا افضل صاحب جيڪو ان وقت ميمبر بورڊ آف روينيو هو، ان کي اولهه پاڪستان (West Pakistan) جو چيف سيڪريٽري ڪري مقرر ڪيو اٿن، جو اهو ون يونٽ جو دور هو ۽ گاديءَ جو هنڌ لاهور هو. اخبار ۾ اهو پڙهندي ئي مونکي دل ۾ يقين ٿي ويو ته هاڻي منهنجي پني عاقل مان بدلي ٿيندي، ڇاڪاڻ جو مونکي ذاتي طرح خبر هئي ته آغا افضل صاحب ۽ احمد ميان سومري جا پاڻ ۾ تمام گهاٽا تعلقات هئا ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته آغا افضل صاحب جون زمينون به احمد ميان سومري وارن کي مقاطعي تي ڏنل هيون.
پوءِ ٿيو به ائين، جو آغا افضل چيف سيڪريٽريءَ جي چارج سنڀالڻ بعد ستت ئي لاهور مان ڪمشنر صاحب سکر کي فون ڪئي ته پني عاقل جي مختيارڪار کي اتان بدلي ڪيو، جنهن پوءِ مونکي بدلي ڪري تعلقه ميرواهه (ضلع خيرپور) جو مختيارڪار ڪري رکيو ۽ اتان جي مختيارڪار احمد بخش علوي جيڪو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، اُن کي منهنجي جاءِ تي پني عاقل جو مختيارڪار مقرر ڪيو.
جمعي جو ڏينهن هو، ڊپٽي ڪمشنر صاحب سکر (وقار رستم بخشي) جن تعلقه پني عاقل ۾ يونين ڪائونسل آفيسون وزٽ ڪرڻ جو پروگرام رکيو هو. هوڏانهن مسٽر احمد بخش علوي به ان ڏينهن پني عاقل چارج وٺڻ آيو. مان ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن سان، سندس گشت ۾ ساڻس گڏ هليو ويس ۽ جڏهن صاحب موصوف آخري يونين ڪائونسل بائجي شريف وزٽ ڪري، شام جو گهوٽڪيءَ پئي ويو ته مون کان پڇيائين ته تون چارج ڪڏهن ڇڏيندين. مون کين ٻڌايو ته منهنجو عيوضي آيو آهي ۽ هن کي سُڀاڻي يعني ڇنڇر جي ڏينهن چارج ڏيندس. پوءِ ويندي مهل مونکي چيائين ته رات ساڻس گهوٽڪيءَ اچي ملان.
پني عاقل پهچي مُون مسٽر احمد بخش علويءَ کي ٻڌايو ته مان گهوٽڪيءَ ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان ملڻ پيو وڃان جو صاحب ائين چيو آهي. ان تي هن چيو ته پاڻ به مون سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان ملڻ هلي ٿو. پوءِ گڏجي گهوٽڪيءَ وڃي ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان ملياسين ۽ صاحب موصوف جن کي مون علوي صاحب جي لاءِ ٻڌايو ته هي منهنجي جاءِ تي آيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر صاحب اتي ته مونکي ڪجهه وڌيڪ ڪونه چيو ۽ ڪافي دير بعد مان کانئس اجازت گهري ته چيائين ته پرهينءَ يعني آچر ڏينهن ساڻس سکر ۾ ملندو وڃان. مون صاحب جن کي چيو ته پرهين ته آچر آهي جنهن تي چيائين ته بنگلي تي اچي ملجانءِ. منهنجي اٿڻ وقت چيائين ته ماني کائي وڃ، جو اهو مانيءَ جو ٽائيم ٿي ويو هو پر مون صاحب جن کي چيو ته عملي منهنجي ماني ڪئي آهي ۽ اتي وڃي کائيندس. مان ۽ احمد بخش علوي پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کان موڪلائي پني عاقل موٽي آياسين ۽ مان هن کي ڇنڇر جي ڏينهن چارج ڏني.
چارج ڏيڻ کان پوءِ مان اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب کان موڪلائڻ لاءِ گهوٽڪي ويس. صاحب موصوف چيو ته تنهنجي بدليءَ لاءِ چيف سيڪريٽريءَ لاهور مان ڪمشنر صاحب کي فون ڪئي هئي انهيءَ ڪري بدلي ٿي آهي. مان صاحب موصوف جن کي چيو ته سائين بدلي ته ڪم آهي ۽ اوهان اڳي ئي ڪافي مهرباني ڪئي هئي، جو منهنجي بدلي بند ڪرائي هئي. مان پوءِ کانئن موڪلائي پني عاقل موٽي آيس ۽ ٻئي يعني آچر ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن سان سندن حڪم مطابق بنگلي تي وڃي مليس، جنهن صاحب به ساڳي ڳالهه ڪئي، جيڪا اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب جن ڪئي هئي. مان کين به ايئن ئي چيو ته سائين اوهان جي اها ئي وڏي مهرباني جو اڳي اوهان بدلي بند ڪرائي هئي، آخر بدلي ته ڪم آهي. وڌيڪ مون کين اهو عرض ڪيو ته مُنهنجي سالياني مخفي رپورٽ (Annual Confedential report) مڙئي سٺي ڏجو، ڇاڪاڻ جو اها منهنجي مختيارڪاريءَ ۾ پهرين Confedential Report هوندي. ان تي صاحب موصوف چيو ته خاطري ڪر ۽ هو سُٺي رپورٽ ڏيندو، جو تو واقعي سٺو ڪم ڪيو آهي. مان پوءِ کانئن موڪلائي واپس آيس.
جڏهن ويسٽ پاڪستان جا ڪجهه آفيسر ايسٽ پاڪستان (بنگال) موڪليا ويا هئا ته نثارالحميد صاحب جن کي به اوڏانهن موڪليو ويو هو، جنهن لاءِ ٻڌو هئم ته اتي وڳوڙين کيس ماري ڇڏيو هو، هن شادي به تازي ڪئي هئي، جڏهن گهوٽڪيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هو. وفات وقت هو ڦوهه جوانيءَ ۾ هيو، شڪل ۾ به سهڻو هوندو هو بس سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي. ٻڌڻڻ ۾ آيو هو ته سندس شادي ۾ سندس ساهرن پنهنجي نياڻيءَ کي لاهور ضلعي ۾ 300 جريب زمين به ڏني هئي پر ان باري ۾ وڌيڪ خاطري ڪانه ڪري سگهيو هيس.