گهوٽڪي ڊپٽي ڪالونائيزيشن آفيسر
هڪڙي ڏينهن ٻن ڌرين جي تڪراري معاملي بابت مون فيصلو ڪري ڌرين کي چيو ته تپيدار سرزمين تي اچي ڌرين کي زمين جي ماپ ڪري ڏيندو، ان تي هڪڙي ڌر جي هاريءَ چيو ته ڏسئون ته تپيدار ڪيئن ٿو سرزمين تي اچي.
جنهن تي مان کيس آفيس جي ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ قاسم علي شاهه ڊي ايس پي گهوٽڪيءَ کي فون ڪيم ته ڪنهن A.S.I کي موڪلي ته مون کي فرياد لکرائڻي آهي. جنهن A.S.I کي موڪليو ۽ مون هن کي لکت ۾ ان هاريءَ خلاف فرياد ڏني، جنهن کي هو گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي ويو ۽ کيس ايس ڊي ايم جي ڪورٽ ۾ چالان ڪري ڇڏيو. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو، سردار غلام محمد خان مهر هن جي ضامن کڻڻ لاءِ فون ڪيو، جنهن کي مون چيو ته ڀلي ٻه ڏينهن جيل ۾ هجي، باقي سومر ڏينهن ضامن ڪرائبس.
هن جو ضامن ته ٿيو پر ڪيس هن جي خلاف هلندو پئي آيو ۽ ان ڪيس کي چڱو وقت گذريو ته هڪڙي ڏينهن مسٽر غلام قادر ميمڻ ايس ڊي ايم گهوٽڪي مون وٽ بنگلي تي آيو هو ۽ ڪچهري ڪري جڏهن واپس وڃي رهيو هو ته بنگلي کان ٻاهر نڪتاسين ته جنهن ماڻهوءَ خلاف ڪيس هليو پئي، انهيءَ پٽڪو لاهي منهنجن پيرن تي رکي عرض ڪيو ته سندس ڪيس مان جان ڇڏايان. مان پوءِ ايس ڊي ايم کي چيو ته هن تي ڏنڊ ڪري ڪيس ختم ڪريو.
پني عاقل جي ديهه گهريءَ ۾ هڪڙي آبادگار جي نالي وڌيڪ اناج پوکڻ جي مهم هيٺ 400 ايڪڙ زمين گرانٽ ٿيل هئي. جڏهن ان گرانٽ جون سموريون قسطون پيارجي چڪيون، تڏهن ٽن ٻين آبادگارن ڪالونائيزيشن آفيسر جن کي درخواست ڏني ته خانگي طرح هو به ان 400 ايڪڙ ايراضيءَ ۾ هڪ جيترا ڀائيوار آهن. انهيءَ ڪري هنن مان به هر هڪ کي 100 ايڪڙ زمين ڏياري وڃي. اها درخواست مون ڏي انڪوائري ڪري رپورٽ ڪرڻ لاءِ آئي. مون سرزمين تي وڃي ڏٺو ته هر 100 ايڪڙ ايراضيءَ ۾ چئني جا جدا جدا ڳوٺ ٻڌل هئا ۽ چئني ڳوٺن ۾ انهن جا هاري رهندا هئا، جڏهن ته هر هڪ ڳوٺ ۾ جدا جدا ٽيوب ويل به لڳل هئا. مان هارين توڙي ٻين جا بيان وٺي انڪوائري مڪمل ڪري درخواست ڏيندڙن ٽن آبادگارن جي لاءِ سفارش ڪري موڪلي ته انهن جو به ان زمين تي هڪ جيترو حق آهي ۽ 400 ايڪڙن مان هر هڪ کي سؤ سؤ ايڪڙ ايراضيءَ تي حق آهي.
پر ڪالونائيزيشن آفيسر علي محمد خان ڊومڪيءَ کي ڇهن هفتن لاءِ پشاور ٽريننگ تي موڪليو ويو ته اها عارضي طور چارج مونکي ڏني وئي هئي. انهيءَ دوران ڪالونائيزيشن آفيسر ان معاملي جو فيصلو اڃان ڪونه ڪيو هو. جڏهن مونکي عارضي طرح چارج هئي ته اهي درخواست ڪندڙ ٽي آبادگار آيا ۽ چيائون ته اوهان سرزمين ڏسي آيا آهيو ۽ اوهان فيصلو ڪيو. مان پوءِ هنن جي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو. منهنجي گهوٽڪيءَ ۾ عرصي دوران ووٽن جي لسٽن تي ڪليم ۽ اعتراض ٻڌڻ لاءِ آرڊر آيل هئا ته ڊپٽي ڪمشنر سکر مسٽر اشفاق احمد عباسي صاحب گهوٽڪي سب ڊويزن جو اهو ڪم مونکي ڪرڻ لاءِ لکيو. عام روايتي طرح ته اهو ڪم ڊپٽي ڪليڪٽر جي حوالي ٿيندو آهي پر شايد ته مان مسٽر اشفاق احمد عباسي صاحب جن وٽ جڏهن هو سجاول سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ته مان شاهه بندر جو مختيارڪار هن جو زيردست ٿي رهيو هئس، انهيءَ ڪري اهو ڪم هن مون کي ڪرڻ لاءِ چيو هجي.
جيئن ته ڪليم ۽ اعتراضن لاءِ درخواستون تمام گهڻيون پهتل هيون، جو ان ايريا ۾ لُنڊن _ مهرن ۽ ڀرچونڊي وارن پيرن جو اثر هو، انهيءَ ڪري مان لکي موڪليو ته اهو سمورو ڪم مان مقرر وقت اندر پورو نه ڪري سگهندس، انهيءَ ڪري ٻيو به ڪو آفيسر مقرر ڪيو وڃي. انهيءَ وچ ۾ سردار نور محمد خان لنڊ منهنجي خلاف تار ڪئي ته مان مهرن جو ماڻهو آهيان، انهيءَ ڪري اهو ڪم مان نه ڪيان ۽ ٻيو ڪو آفيسر مقرر ڪيو وڃي.
هوڏانهن سردار غلام محمد خان مهر پنهنجو ماڻهو مصري چنڊ کي موڪليو، جنهن اچي چيو ته سردار صاحب چيو آهي ته اسان جي مڙئي پارت هجيوَ. جنهن تي مون هن کي چيو ته سردار صاحب جن کي چوي ته مان بي انصافي ڪونه ڪندس، اوهان ڀلي منهنجي جاءِ تي ٻيو ماڻهو رکرايو.
خير مان ڏهرڪي بنگلي تي ڪم شروع ڪيو ته مهر صاحب (سردار غلام محمد مهر) سردار نور محمد خان لنڊ ۽ ڀرچونڊيءَ جي پيرن جا ماڻهو هٿيار کڻي اندر اچي ويٺا، جن کي مون چيو ته مان هتي ڪنهن کي ويهڻ ڪونه ڏيندس ۽ مان سمورا فيصلا قرآن شريف رکي ڪندس، جنهن بعد هو سڀ ٻاهر نڪري ويا. مان اڃا ٿورو ئي ڪم ڪيو ته مونکي تار پهتي ته مان ڪم نه ڪيان (اها تار مسٽر احمد خان بارڪزئي جيڪو اليڪشن ڪمشنر هو ان ڪئي هئي) منهنجي جاءِ تي ظهير احمد ائڊيشنل سيشن جج کي مقرر ڪيو ويو، مان تار پهچڻ تي ڪلمو پڙهي شڪر ڪيو ته منهنجي هن ڪم مان جان ڇُٽي.
مسٽر ظهير احمد خان آيو ته مان ان کي چارج ڏئي موٽي آيس. ڪجهه وقت کان پوءِ مسٽر احمد خان بارڪزئي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته منهنجي ليٽر مان هن محسوس ڪيو هو ته تون ان ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نه هُئَين، انهيءَ ڪري هن تار ڪئي هئي ته مان ڪم نه ڪيان (مسٽر احمد خان بارڪزئي ڪراچي ڪاليج واري وقت کان منهنجو دوست هو، جو ٻئي ساڳي هاسٽل ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان وارن ڪمرن ۾ رهندا هئاسين).
جنهن وقت ۾ موجوده بلوچستان صوبي جي نصيرآباد ڊويزن، سنڌ صوبي سان هئي ته سردار علي بلاول خان ڊومڪيءَ جي ڪجهه زمين حڪومت ڪنهن اسڪيم لاءِ کنئي (Acquire) هئي، جنهن جي عيوضي جو مسئلو هلندڙ هو ۽ ان ڪيس جي پوئواري D.C.O گهوٽڪي ڪندو هو. ساڳي طرح سومرن صاحبن جي زمين به حڪومت ورتي هئي، جنهن جو عيوضو (قميت جي رقم) هنن کي ملي چڪو هو. پر سردار علي بلاول خان کي سندس زمين جو عيوضو سومرن کي ڏنل عيوضي کان گهٽ پئي ڏنو ويو، جو هن نه ورتو ۽ سندس اها گُهر هئي ته جيترو عيوضو سومرن کي ڏنو ويو آهي کيس به ان حساب سان ڏنو وڃي. پوءِ جڏهن نصيرآباد ڊويزن بلوچستان صوبي سان ملائي وئي ته اهو ڪيس، بلوچستان صوبي جي ميمبر بورڊ آف روينيو وٽ پينڊنگ هيو. جنهن ڪيس جي نبيري لاءِ ٽيمپل ديرا ۾ ميٽنگ رکي هئي، جتي مان اهو ڪيس کڻي ويو هئس پر ميمبر صاحب اتي ڪو فيصلو ڪونه ڪيو ۽ ٻي ميٽنگ وري ڪوئيٽا ۾ رکيائين. اهي ڏينهن سخت سرديءَ جا هئا. مان سردار علي بلاول خان ڊومڪيءَ سان گڏجي سندس ڪار ۾ ڪوئيٽا ويس ۽ اتي شهلانيءَ جي بنگلي جيڪو ڪافي وڏو هو۽ تمام گهڻا ڪمرا هئس اتي وڃي رات جو رهيس ۽ ٻئي ڏينهن تي ميمبر بورڊ آف روينيو وٽ رکيل ميٽنگ ۾ اهو ڪيس کڻي ويس، جنهن تي بحث مباحثو ته ٿيو پر فيصلو ميمبر صاحب وري به ڪونه ٻڌايو.
ميمبر صاحب سردار صاحب ۽ مونکي رات جي مانيءَ جي به دعوت ڏني هئي ۽ ان دعوت ۾ وياسين ته ڪمري ۾ هڪڙو وڏو بخارو ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪاٺين جو وڏو مچ پئي ٻريو ۽ گڏوگڏ گرم پاڻيءَ جي پائيپ لائين به لڳل هئي، جنهن ۾ گرم پاڻي پئي هليو. ماني کائي واپس بنگلي تي آياسين ته مون سردار علي بلاول خان کي چيو ته هن سرديءَ ۾ مان وڌيڪ رهي نه سگھندس ۽ مان ٽرين ۾ واپس ٿو وڃان، جو هن چيو ته هو پنهنجي معاملي لاءِ ان وقت جي چيف منسٽر ڄام غلام قادر سان ملي فيصلو ڪرائيندو، انهيءَ ڪري کيس اتي ترسڻو پوندو. پوءِ مونکي چيائين ته هلو ته ٿورو شهر جو چڪر ڏئي جهٽ موٽئون ٿا ته پوءِ اوهان کي ڪار اسٽيشن تي ڇڏي ايندي. هو ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ وٺي هليو ۽ هڪ فل سوٽ جو فارين ڪلاس جو پيس وٺي ڏنو، جو ان وقت 599 روپين ۾ مليو. پوءِ سندس ڪار مونکي اسٽيشن تي ڇڏي وئي ۽ مان واپس آيس. اهو فل سوٽ وارو پيس ڪرٽن جي ڏانو جو هيو ۽ سرڻ جي ڏانو جو نه هو. پوءِ ان ڪپڙي مان هڪ ڪوٽ پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو پنهنجي پٽ غلام ياسين کي ٺهرائي ڏنم.
هڪڙي رات انور علي خان مهر (سردار غلام محمد مهر جي ڀاءَ) پنهنجي ڳوٺ ۾ دعوت رکي، جنهن ۾ مونکي، غلام وقار ميمڻ S.D.M انسپيڪٽر فاروقي ۽ڪن ٻين کي به مدعو ڪيو ويو هو. ڪافي وقت ڪچهريءَ ڪرڻ بعد انور علي خان مهر، غلام قادر ميمڻ S.D.M کي چيو ته سندن محفل ته دير سان لڳندي باقي کيس ۽ مونکي چئو ته ماني لڳرائي ڏئي. جنهن تي غلام قادر ميمڻ چيس ته ٺيڪ آهي، اسان ٻنهي کي ماني لڳرائي ڏيو ۽اسان ٻئي ماني کائڻ بعد واپس گهوٽڪيءَ آياسين. پوءِ خبر پئي هئي ته جيڪي دير واري محفل ۾ شريڪ هئا اهي نشي ۾ ايترو ته هوش وڃائي ويٺا هئا، جو ڪرسيون اڀيون ڪري هڪ ٻئي کي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هيائون.
جڏهن مونکي ڪالونائيزيشن آفيسر جي عارضي چارج هئي ته ان دوران ٻوڏ آئي هئي ۽ مونکي بيگمانجي اسٽيشن تي ٻوڏ جي ڊيوٽيءَ تي ڪمشنر صاحب مسٽر الله بخش سومري صاحب لڳايو. اسان جيڪي به ٻين هنڌن تي ٻوڏ ڊيوٽيءَ تي مقرر ڪيا ويا هئاسين، اهي سڀ ئي آفيسر مسٽر الطاف حسين قادري ائڊيشنل ڪمشنر صاحب جي سپروئين (نظرداري)هيٺ ڪم ڪندا هئاسين. مان انهن ڏينهن ۾ ڪالونائيزيشن آفيسر واري بنگلي ۾ سکر ئي رهندو هئس ۽ وچ ۾ گهوٽڪيءَ به ايندو ويندو هئس جو منهنجا ٻار اتي رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن شام جو مان قادري صاحب جن کان سندس ڪئمپ سٺئي واهه تي کانئس اجازت وٺي سکر آيس ته پٺيان ڪمشنر صاحب سٺئي ڪئمپ تي ويو ته منهنجي قادري صاحب کان پڇا ڪيائين، جنهن منهنجي لاءِ لاعلمي ٻڌايس. حالانڪ مان کانئس اجازت وٺي آيو هئس. ڪمشنر صاحب واپس سکر موٽي آيو ته محمد پنيل عطار صاحب جيڪو وٽس اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل هيو، ان کي چيائين ته تو وارو دوست ڊيوٽيءَ تان ڀڄي آيو آهي، (ڪمشنر صاحب جن کي خبر هئي ته محمد پنيل عطار ۽ مان دوست هئاسين ۽ محمد پنيل عطار ئي ڪوشش وٺي مونکي C.O جي عارضي چارج ڏياري هئي، حالانڪ مير محمد شيخ ڊپٽي ڪالونائيزيشن آفيسر شڪارپور مون کان سينيئر هو).
مان جڏهن سکر آيس ته عطار صاحب سان ملڻ ويس ته هن مونکي ٻڌايو ته ڪمشنر صاحب کيس چيو ته تو وارو دوست ڊيوٽيءَ تان ڀڄي آيو آهي. جنهن کي مون ٻڌايو ته مان ته قادري صاحب کان اجازت وٺي آيو آهيان. هن مون کي صلاح ڏني ته تون ڪئمپ تي هينئر ئي موٽي وڃي رات اتي ترس. مان کيس چيو ته مان هتي به ته اڪيلو آهيان، رات جهڙو مونکي هتي سمهڻو اهڙو ڪئمپ تي. پوءِ مان واپس سٺئي واهه تي جتي قادري صاحب جن جي ڪئمپ هئي ۽ ٻيو عملو به هيو اتي ويس، ڪافي وقت گذريو ته قادري صاحب جن چيو ته تون سکر وڃين ته ڀلي وڃ پر مون چيو ته سائين مان اتي ئي رات ترسان ٿو، مونکي سکر ڪو خاص ڪم ته ڪونهي. بهرحال مون ساڻن ڪمشنر صاحب واري ڳالهه بابت ڪو اکر به ڪُڇيو ڪونه. صبح جو ڪمشنر صاحب سويل سج اڀرڻ کان به اڳ سٺئي واهه واري ڪئمپ تي آيو. قادري صاحب جن ۽ مان سندن سامهون بيٺا هئاسين ته مون کان پڇا ڪيائين ته ڪالهه ڪاڏي ويو هئين ته مون صاحب موصوف جن کي ٻڌايو ته سکر ويو هئس. پوءِ چيائين ته ڪنهن جي اجازت سان ويو هئين ته مون قادري صاحب جن ڏي هٿ ڪري ٻڌايو ته صاحب جن کان موڪل وٺي ويو هئس، پر قادري صاحب جن ڪجهه نه ڪڇيو جو مان ڪوڙي ڳالهه ڪمشنر صاحب جن کي چئي نه هئي.
قادري صاحب جن ان وقت ته ڪجهه ڪونه ڪڇيو ۽ منهنجي ڳالهه کي رد به نه ڪيو پر هن منهنجي خلاف بغض دل۾ رکي ڇڏيو، جنهن جو اظهار هن ٻين موقعن تي ڪيو، جن جو ذڪر اڳتي انهن موقعن واري وقت ڪبو. خير اچجي ٿو ٻو واري صوتحال جي ذڪر تي.
ٻوڏ جي پاڻيءَ جو دٻاءُ سٺئي واهه تي وڌندو ويو ۽ جي اهو پٽو ٽٽي ته خيرپور شهر جي ٻڌڻ جو خطرو هو ۽ جيڪڏهن ان تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پاڻي جو رخ موڙجي پيو ته پوءِ ٻوڏ جو پاڻي ڪوٽڏيجي طرف پيو وڃي. قائم علي شاهه خيرپور کي بچائڻ پيو چاهي ۽ هوڏانهن مير عطا حسين ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ کي بچائڻ پيو چاهي. ٻئي ان وقت وزير هئا، هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا به ڪونه هئا. نيٺ بم بلاسٽ ڪري ريلوي لائين ٽوڙي ٻوڏ جي پاڻي جو رخ ڪوٽڏيجيءَ ڏانهن ڪيو ويو پر انهيءَ دوران ٻوڏ جي پاڻيءَ جو زور گهٽجي ويو هو ۽ ڪوٽڏيجيءَ تائين ڪونه پهتو ۽ خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي ٻئي ٻوڏ کان بچي ويا. گهوٽڪيءَ ۾ اکروٽن جي مٽائي ڏاڍي سٺي هوندي هئي جا ٻاهر به ويندي هئي. مونکي پوءِ ڊپٽي ڪالونائيزيشن آفيسر گهوٽڪيءَ واري پوسٽ تان بدلي ڪري ڪمشنر صاحب جن وٽ اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل ڪري مقرر ڪيو ويو ۽ منهنجي جاءِ تي مسٽر عبدالحفيظ سومري صاحب کي رکيو ويو. مان 24.10.76 تي هن کي چارج ڏني پر ڪمشنر صاحب جن جي آفيس ۾ ڊيوٽي تي نه چڙهيس ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪري موڪل تي هليو ويس. گهوٽڪيءَ مان، مون هڪ کيس محمد هاشم صاحب دادوءَ جي D.C کي موڪليو، جنهن هڪ هزار جو چيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڪري موڪليو.
موڪل پوري ٿيڻ واري هئي جو مون عبدالحميد خان جتوئيءَ کي چيو ته دادو ضلع ۾ ڪنهن پوسٽ تي رکرائي، جنهن منهنجو آرڊر ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ جو ڪرايو، جتي مان تاريخ 05.01.77 تي وڃي چارج ورتي.
منهنجي گهوٽڪي ۾ عرصي دوران نذير احمد چوڌري رٽائرڊ ڪمشنر پنهنجي بيگم سميت گهوٽڪي پنهنجون زمينون ڏسڻ آيو هو ۽ منهنجي آفيس ۾ به آيو هو. سندن رهائش جو بندوبست گهوٽڪي ايريگيشن بنگلي تي ڪيو ويو هو. آفتاب شعبان ميراڻي به شايد ساڻن گڏ آيو هو. دادوءَ ۾ تاريخ 05.01.1977 تي چارج A.D.C جي ورتي ته ان وقت مسٽر تاج محمد قريشي ڊپٽي ڪمشنر هو جنهن وٽ جڏهن هو خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ته مان سندن زيردست مختيارڪار گمبٽ هئس.
منهنجي جڏهن گمبٽ مان شاهبندر بدلي ٿي هئي ته مان کانئن خيرپور موڪلائڻ ويو هئس ته ان وقت وٽس مسٽر محمد هاشم ميمڻ (جيڪو انهيءَ وقت نوڪريءَ تان لٿل هو) ۽ مسٽر علي محمد خان ڊومڪي ڊپٽي ڪليڪٽر خيرپور جن ويٺا هئا. تاج محمد قريشي صاحب، علي محمد خان ڊومڪيءَ کي منهنجي لاءِ چيو ته هن جي بدلي پير گل شاهه ڪرائي آهي. علي محمد خان ڊومڪيءَ مونکي چيو ته هو پير گل شاهه کي بدلي بند ڪرائن لاءِ چوي پر مون چيو ته مان گمبٽ ۾ نٿو رهڻ چاهيان.
تاج محمد قريشي صاحب پوءِ قائم علي شاهه وزير کي فون ڪئي پر اهو ڪونه ملي سگهيس پر سندس P.A محبوب علي کيمٽيو کين فون تي مليو، جنهن کي تاج محمد قريشي صاحب چيو ته سائين قائم علي شاهه کي سندس پاران چوي ته محمد عليءَ کي جيڪڏهن گمبٽ مان بدلي ڪرائي اٿو ته کيس سندس ئي ضلعي ۾ ڪوٽڏيجيءَ تعلقي ۾ رکي. مسٽر محمد هاشم صاحب به محبوب علي کيمٽئي کي ساڳي طرح چيو، پر منهنجو شاهبندر تعلقي وارو آرڊر تبديل ڪونه ٿيو. مان تاج محمد قريشي صاحب جن کي عرض ڪيو ته مونکي سالياني مخفي رپورٽ (Annual confidential Report) سٺي ڏجو جنهن جي مونکي هن خاطري ڏني.
هڪڙي ڏينهن مان آفيس ۾ ويٺو هئس ته مسٽر برڪت علي شيخ صاحب A.D.M منهنجي آفيس م آيو ۽ ساڻس حيدرآباد جو پوليس انسپيڪٽر به ساڻ هو. دراصل قصو اهو هو ته دادوءَ ۾ ليڊي ڊاڪٽر سڪندر شيخ جيڪا برڪت علي صاحب جن جي رشتيدار هئي، انهيءَ دادوءَ بزار ۾ برڪت علي صاحب جي گهرو ملازم کي گهمندي ڏٺو. جنهن برڪت علي صاحب کي حيدرآباد فون ڪئي ته اوهان پنهنجي نوڪر کي ڪڍي ڇڏيو آهي ڇا؟ جو هتي بزار ۾ پيو ڦري! جنهن برڪت علي صاحب ليڊي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته هنن کيس ڪڍيو ڪونهي پر هو ڪنهن شاديءَ تي ڪراچيءَ ويل هئا ته پٺيان سندن نوڪر گهر مان سڀ سونا زيور چوري ڪري کڻي ويو آهي. برڪت علي صاحب نوڪر کي هٿ ڪرائي ۽ کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. برڪت علي صاحب مونکي چيو ته حاجي پير بخش شيخ منهنجي ڀيڻيوئي هنن جي هڪ چورايل سوني دري ورتي آهي اها وٺرائي ڏيو. مون حاجي پير بخش کان فون ڪري پڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته هن برابر دري ورتي آهي پر اها هن چور کان نه ورتي آهي پر ٻئي ماڻهو جي معرفت 9000 (نون) هزار روپين ۾ ورتي آهي. انسپيڪٽر سندس دوڪان تي آيو هو ۽ تلاشي به ورتائين پر سندس دوڪان تان هن کي دري ڪانه ملي.. ها باقي کيس 9000 روپيا ڏين ته هو کين دري واپس ڪري. مون اها حقيقت برڪت علي صاحب جن کي ڪئي ته حاجي پير بخش ائين ٿو چوي ته کيس ڏنل پئسا ڏين ته هو دري واپس ڪندو. ان تي جيستائين برڪت علي صاحب ڪجهه ڪڇي ته انسپيڪٽر چيو ته اسان جو ان ڳالهه سان واسطو ناهي. ان تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ مون کيس دٻايو ۽ چيو ته تون ڀلي وڃي حاجي پير بخش کي گرفتار ڪر ته ڏس ته مان ڪيئن ٿو تنهنجي خلاف ناحق بند جي فرياد وٺي تنهنجي خلاف ڪارروائي ڪيان ۽ مان حيدرآباد انڙ صاحب D.M ۽ ڪليار صاحب ايس پي سان به ڳالهايان ٿو. مان برڪت علي صاحب جن جو زيردست ٿي رهيو آهيان، انهيءَ ڪري سڌي ڳالهه ٿو ڪيان پر جي انڪار ڪرڻ چاهيان ها ته ڪري پئي سگهيس پوءِ ٻئي آفيس مان ٻاهر ورانڊي ۾ وڃي صلاح مصلحت ڪري اچي چيائون ته ڀلا توهان فيصلو ڪيو. جنهن تي مان چيومان ته مان ته ڌر آهيان جو حاجي پير بخش منهنجو ڀيڻيويو ٿئي، باقي مان D.S.P کي فون ڪيان ٿو ته اهو اوهان جو فيصلو ڪري.
مان پوءِ غلام محمد خان ميمڻ (ڊي ايس پي) کي فون ڪئي ته هنن جو فيصلو ڪري ۽ حاجي پير بخش کي به فون ڪيم ته ڊي ايس پي وٽ وڃ، جو اهو سندن فيصلو ڪندو. ڊي ايس پي فيصلو ڪري حاجي پير بخش کي 8000 روپيا وٺرائي ڏنا. حاجي پير بخش پوءِ برڪت علي شيخ صاحب کي دري مسٽر محمد مريد ڏاوچ جي گهرواري (جنهن کي هن ڀيڻ ڪيو هو) معرفت واپس ڪئي.
مارچ 77 ۾ هڪ ڏينهن دادو جيمخاني ۾ ڀٽي صاحب جن جي تقرير T.V تي پئي ٻڌيسين ته هن جڏهن ڪرسيءَ جي ٻانهن تي مُڪ هڻي چيو ته مان ڪمزور آهيان پر هيءَ ڪرسي ڪمزور ناهي، تڏهن مونکي هن جا اهي غرور وارا الفاظ ٻڌي دل ۾ يقين ٿي ويو (قدرتي طرح) ته هن جو هاڻي زوال اچڻ وارو آهي. جو مان هيٺين ٻن فرمانروائن (بادشاهن) جا اهڙيءَ ئي طرح فرعونيت واري انداز ۾ الفاظ ڪڍڻ ۽ سندن حشر جا داستان جنگ اخبار جي مئگزين ۾ ڪافي عرصو اڳ پڙهي چڪو هئس.
• رضا شاهه پهلوي، شهنشاهه ايران
ايران جي آئين ۾ شايد ائين آهي ته شهنشاهه کي شاديءَ بعد ستن سالن ۾ جيڪڏهن وليعهد پئدا نه ٿئي ته ان راڻيءَ کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪرڻي هوندي. شهنشاهه کي جيئن ته پهرين راڻيءَ مان انهيءَ ستن سالن جي عرصي ۾ وليعهد پئدا ڪونه ٿيو، انهيءَ ڪري هن ان کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪئي ۽ انهيءَ راڻيءَ مان الله تبارڪ وتعاليٰ هن کي فرزند (وليعهد) عطا فرمايو. شهنشاهه ايران کي جڏهن امير امرائن مبارڪو ن پئي ڏنيون ته الله تبارک وتعاليٰ جو شڪر جنهن اوهان کي وليعهد عطا فرمايو ته انهن کي وراڻيائين ته ان ۾ الله تبارک وتعاليٰ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اها اسان جي پنهنجي ئي حڪمت عملي آهي. حاضرين مان وري جڏهن ڪنهن شهنشاهه کان پڇيو ته آيت الله خمينيءَ جو ڇا ٿيندو؟ پاڻ جواب ۾ چيائون ته هو ٻيو ته ڇڏيو پر ايران جي هوا به نه سنگهي سگهندو. پوءِ دنيا ڏٺو ته ايران ۾ انقلاب آيو ۽ آيت الله خميني جن ايران ۾ آيا ۽ ايران جي فرمانروا (شهنشاهه) کي ڪٿي به پناهه جي جاءِ نه پئي ملي.
• ظاهر شاهه (افغانستان جو بادشاهه
بادشاهه سلامت جن 40 سال لاڳيتو عيد ميلادالنبيءَ جن جي موقعي تي نڪتل جلوس جي اڳواڻي پنهنجي سر ڪئي هئي، هڪڙي سال اهو موقعو ويجهو آيو ته بادشاهه يورپ جو دورو رکيو، جنهن تي امير امرائن کين عرض ڪيو ته قبلا عيد ميلادالنبيءَ جو موقعو مٿان آهي ۽ هر سال وانگر اوهان جيئن جلوسن جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي، انهيءَ ڪري هن سال به ان جلوس جي اڳواڻي ڪري ۽ موقعو گذاري پوءِ ئي يورپ وڃو پر بادشاهه سلامت جن انهن کي فخرانه انداز ۾ چيو ته هن 40 سال ساندهه اڳواڻي ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن هن سال نه ڪيائين ته ڪهڙو فرق ٿو پوي!
پوءِ دنيا ڏٺو ته ظاهر شاهه بادشاهه يورپ جي دوري تي روانو ٿي ويو ته پٺيان سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ پاڻ روم ۾ ڪيترائي ورهيه جلاوطنيءَ جي زندگي گهاري تازو ئي موٽيو آهي ۽ هن ساڳي پنهنجي ئي ملڪ افغانستان ۾ گمناميءَ واري زندگي گذاري هينئر وفات ڪري ويو آهي.
هڪڙي ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جي P.A نظام الدين مون کي فون ڪئي ته اسان جا ڊرائيور ڪم صحيح طرح ڪونه ٿا ڪن، انهيءَ ڪري اوهان پنهنجو ڊرائيور عبدالصمد کين موڪلي ڏيو. مان ڊرائيور سان گڏ مونکي مليل سرڪاري جيپ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جي بنگلي تي ڏياري موڪلي. ڊپٽي ڪمشنر صاحب ٻاهر گشت ۾ ويو هو ۽ جڏهن واپس آيو ته بنگلي تي مون واري جيپ ڏسي پٽيوالي کان پڇيائين ته A.D.M آيو آهي ڇا؟ جنهن پٽيوالي کين ٻڌايو ته A.D.M ته ڪونهي آيو پر مٿين P.A واري ڳالهه ٻڌايائين. جنهن تي صاحب موصوف پنهنجي P.A کي چيو ته تو ڇو A.D.M کي چيو ته پنهنجو ڊرائيور موڪلي ڏيو. ڊپٽي ڪمشنر جن پوءِ جيپ ۽ مون وارو ڊرائيور واپس ڏياري موڪليو.
مان پهرين ڏينهن چارج وٺڻ بعد آفيس کان منجھند جي وقت پنهنجي بنگلي تي آيس ته ڊرائيور مونکي ڇڏي چيو ته سائين مان ماني کائي اچان. مون کانئس پڇيو ته توکي اڳيون A.D.M (امداد علي شيخ) ماني نه کارائيندو هو ڇا؟ هن چيو ته سائين هو ماني ڪونه کارائيندو هو ۽ پنهنجي گهران کائي ايندو آهي. مون کيس چيو ته تون هميشه هتي مون وٽ ماني کائيندو ڪر. مان بدلي ٿي وڃڻ بعد ٻڌو هو ته عبدالصمد ڊرائيور پوءِ سعودي عرب هليو ويو هو ۽ اتي وڃي ڊرائيوري ڪندو هو.
مسٽر مولا بخش خان سانگي انهن ڏينهن ۾ دادوءَ ۾ سيشن جج هو، هو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. هن جو ۽ منهنجو بنگلو لڳو لڳ هئا. هو ڪجهه عرصو ٿيو جو وفات ڪري ويو آهي. منهنجي دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران دادو ضلع لوڪل بورڊ جون چونڊون ٿيون، مير الله بخش شاهه نئنگ واري پنهنجي فرزند غلام شاهه کي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ڪرائڻ پئي چاهيو، جنهن لاءِ هن رات ڏينهن شگر جي عارضي هوندي ڏاڍي جفاڪشي ڪئي سندس پٽ ته ڪامياب ٿيو پر سندس طبيعت تمام خراب ٿي وئي ۽ هوُ وفات ڪري ويو.
1974 ۾ جڏهن ڀُٽي صاحب جن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرايون ته تڏهن ڀُٽي صاحب جن جي لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ جي تڪ مان مولوي جان محمد عباسي جنهن جو تعلق جماعت اسلاميءَ سان هيو، ان کي اغوا ڪرايو ويو ۽ ائين ڀُٽو صاحب بنا مقابلي چونڊجي آيل قرار ڏنو ويو.
انهيءَ باري ۾ مان اڄ به انهيءَ وقت قائم ڪيل راءِ تي ائين ئي قائم آهيان ته اها سڄي نمڪ حرامي ۽ غداري محمد پنيل (جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ايس پي يا ڊي آءِ جي هيو،) ان جي ئي هئي ۽ مان ذاتي طور انهيءَ راءِ جو آهيان ته اهو سارو منصوبو اسٽئبلشمينٽ محمد پنيل کي ڳري رشوت ڏئي يا ٻي لالچ ڏيکاري کيس اعتماد ۾ وٺي جوڙيو هو، ڇو جو مولوي جان محمد عباسيءَ جو ڪو ووٽ بئنڪ ڪونه هو پر ڇاڪاڻ جو جماعت اسلامي پارٽي تمام منظم پارٽي ڄاتي وڃي ٿي، انهيءَ ڪري ئي اڳواٽ رٿيل منصوبي هيٺ ان جماعت جي ئي فرد کي اغوا ڪرايو ويو هو ته ان جي رد عمل ۾ اها ئي جماعت تحريڪ هلائي سگهندي ۽ ان جي پشت پناهي اسٽئبلشمينٽ به ڪندي رهندي.
(هتي اهو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ٿو ته ضياءَ الحق جي دور ۾ جڏهن لوڪل باڊيز جون چونڊون پئي ٿيون، تڏهن خسيس ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ميمبري لاءِ مولوي جان محمد عباسيءَ جي فرزند قربان علي عباسيءَ جي مقابلي ۾ اسان جو هڪ عزيز عبدالعزيز ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪول (جيڪو ڀُٽي صاحب جي عتاب هيٺ آيل سرڪاري ملازمن مان هيو) اهو بيٺو ته مولوي جان محمد عباسي پريشان ٿي ويو ۽ ششدر هو ۽ عبدالعزيز کي ايلاز منٿون ڪرڻ کان علاوه کيس اهو به ڏٽو ڏنو ويو ته هو کيس ملازمت ۾ ٻيهر کڻائيندا. قربان علي عباسيءَ جي مقابلي ڪرڻ تان هٿ کڻايو هو. (پوءِ ته هنن جو عبدالعزيز کي مولوي جان محمد جو ڏنل ڏٽو صرف ڏٽو ئي ثابت ٿيو، بهرحال هن پنهنجو ڪم ته کانئس ڪڍي ورتو) ان کان علاوه مولوي صاحب جن ڀُٽي صاحب جن واري پهرين اليڪشن ۾ ڏسي چڪو هو ته هن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رڳو نه پر پوري ملڪ (اولهه پاڪستان) ۾ وڏن وڏن بُتن کي ٽوڙي ڇڏيو هو. مون ته ڪن واتان ائين به ٻڌو هو ته مولوي جان محمد جن جو اليڪشن ۾ مورڳو بيهڻ جو ارادو ئي بنهه ڪو نه هو. محمد پنيل A.S.I کان وٺي خانبهادر احمد خان ڀُٽي جن جو نمڪ کائيندڙ هو. جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿئي ها تڏهن به عوام جي دلين تي ڀُٽي صاحب جن جو سحر اڃا راڄ ڪري رهيو هو ۽ پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿئي ها. ان سحر جو ثبوت 1983 جي M.R.D تحريڪ ۾ ملي ويو هو، جو ورڪرن ڦٽڪا کائيندي به “جيئي ڀُٽو” جا نعرا ٿي هنيا. ڀُٽي صاحب جن جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي ڦٽڪن جي سزا بند ڪرائي وئي هئي.
بهرحال ڀُٽي صاحب جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ تي پييپلز پارٽيءَ جي اليڪشن ۾ بيٺل اميدوارن کي هڪ ڄڻ وارو ملي ويو ۽ هنن به اهو ئي پئي چاهيو ته هو به بنا مقابلي چونڊيا وڃن، ۽ کين هڙان خرچ ڪرڻو به نه پوي ۽ نه وري پنهنجي تڪ ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ ووٽرن جي درن تي ڀٽڪڻو پوي. هوڏانهن سرڪاري آفيسر جيڪي ڀُٽي صاحب جن کان اڳيئي خائف (ڊنل) هئا، انهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه گهر ڪري وئي ته ڀُٽي صاحب جي به شايد اها خواهش آهي ته سندس پارٽيءَ جا چونڊن ۾ ٻيا بيٺل اميدوار به بنا مقابلي چونڊيا وڃن ۽ انهن اميدوارن ضلع آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پيز تي اهڙو دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو.
مان ٻين ضلعن بابت ته ڪجھه نٿو چئي سگھان پر اسان جي دادوءَ ضلع جو ڊپٽي ڪمشنر مسٽر تاج محمد قريشي صاحب ته ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو. مان پاڻ A.D.M جي حيثيت ۾ هڪ قومي اسيمبليءَ ۽ هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن جي چونڊ لاءِ رٽرننگ آفيسر مقرر ٿيل هيس. قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار رئيس علڻ خان لغاريءَ خلاف مولوي غلام مرتضيٰ ۽ صوبائي سيٽ لاءِ پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار منير احمد چنه خلاف نصرالله ڪلهوڙي نامينيشن پيپر ڀريا هئا. نامينيشن پيپرن جي چڪاس ٻئي ڏينهن تي رکيل هئي ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب جيڪو ڪوٽڙيءَ گشت ۾ ويل هو، ان اتان مونکي فون تي چيو ته مان ۽ S.D.M قريشي فيض محمد مخالف اميدوارن جي نامينيشن فارمن ۾ جيڪي رٿ ڏيندڙ ۽ تائيد ڪندڙ آهن، انهن جي لسٽ ايس پي صاحب وٽ کڻي وڃو ۽ هو پاڻ به دادوءَ پهچي رهيو آهي.
مان ۽ S.D.M اها لسٽ وڃي S.P صاحب جن کي ڏني، جنهن جي حڪمن تي انهن سڀني کي رات اندر ئي اغوا ڪري نامعلوم هنڌن تي پوليس کڻي وڃي رهايو، جنهن جي نتيجي ۾ نامينيشن پيپرن جي چڪاس وقت مخالف اميدوارن جي رٿ ڏيندڙ توڙي تائيد ڪندڙن جي حاضر نه ٿيڻ جي بهاني هيٺ نامينيشن پيپر رد ڪيا ويا ۽ پيپلز پارٽيءَ پاران بيهاريل سڀ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا. اهڙيون ڌانڌليون ضرور ٻين هنڌن تي به چڱي پئماني تي ٿيون هونديون، جنهن تي اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي، جنهن ۾ جماعت اسلامي سان گڏ ٻيون مخالف سياسي پارٽيون به شامل ٿي ويون ۽ نَوَ (9) ستارا تحريڪ سڏجڻ لڳي، جو ان ۾ ايترين مخالف سياسي جماعتن گڏجي تحريڪ هلائي. (ڳجھن هٿن جي به ان تحريڪ کي پشت پناهي هئي) جڏهن تحريڪ زور وٺندي وئي تڏهن ڀُٽي صاحب مخالف ڌرين جا ڪيترا سياسي اڳواڻ گرفتار ڪرائي جيل ۾ بند ڪرايا. انهن ليڊرن مان پروفيسر غفور احمد کي دادوءَ جي جيل ۾ نظربند ڪري رکيو ويو هو. آخر ڀُٽي صاحب انهن ليڊرن سان اڻسڌي طرح ۽ پوءِ سڌي طرح ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون.
افيئر جي 16.31.2006 آگسٽ اوري مئگزين ۾ ”شوڪت عزيز خلاف عدم اعتماد جي رٿ، جمهوريت جو پنڌ اڃا اڳتي! واري مضمون ۾ صبيح الدين غوثي جي لکيل سٽن ته: پاڪستان ۾ ڪنهن به حڪومت خلاف عوامي مزاحمت پوءِ ڀلي اها فيلڊ مارشل ايوب خان يا مرحوم ذوالفقار علي ڀُٽو جي چونڊيل حڪومت خلاف هجي ڳجھن ادارن جي ٽيڪ کان سواءِ ڪامياب نٿي ٿي سگهي“ مان پڻ اهو صاف ظاهر آهي ته ڀُٽي صاهب جي خلاف تحريڪ ۾ ڳجھن هٿن جي ئي نون ستارن وارن کي ٽيڪ هئي، جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان.
بهرحال ڀُٽي صاحب طرفان مخالف سياسي ليڊرن سان ڳاليهن ڪرڻ جي سلسلي ۾ سردار عبدالقيوم خان (آزاد ڪشمير وارو) پروفيسر غفور احمد سان ڳالهين ڪرڻ واسطي دادوءَ آيو هو ۽ مان ۽ S.D.M فيض محمد قريشي، ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن موجب پروفيسر غفور احمد کي ايريگيشن بنگلي تي وٺي وياسين، جتي سردار عبدالقوم خان ساڻس نويڪلائيءَ ۾ ڳالهيون ڪري واپس هليو ويو ۽ اسان پروفيسر صاحب کي واپس جيل تي وٺي آياسين. پروفيسر غفور احمد کي ماني جيلر جي جڳهه تان تيار ٿي اچي ملندي هئي ۽ هن جي پسنديده غذا پلو هوندي هئي.
پروفيسر صاحب جا ڪجهه عزيز ساڻس دادوءَ ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا هئا پر جيئن ته هنن ملاقات جي اجازت جو ڪوبه ليٽر گهرو کاتي کان ڪونه آندو هو، انهيءَ ڪري مون ڊپٽي سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ سان فون تي رابطو ڪري پڇا ڪئي ته سندن ملاقات ڪرائجي يا نه!؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته سندس عزيز تڪڙ ڪري ايڏانهن آيا آهن ۽ هنن جي اجازت لاءِ ڪاغذ چيف منسٽر صاحب ڏانهن موڪليل آهن. مون کين اها حقيقت ٻڌائي ۽ سندن ملاقات کان لاچاري ڏيکاري. هن پوءِ ڪجهه پئسا پروفيسر غفور احمد جن کي پهچائڻ لاءِ ڏنا، جي مون پروفيسر صاحب ڏانهن جيل تي موڪلي ڏنا. پروفيسر صاحب جو اسرار هو ته رات جو هن کي باريڪ کان ٻاهر ايوان ۾ سمهاريو وڃي، جنهن تي اسان کيس ٻڌايو ته ان مان سندس جان کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جنهن بعد هو خاموش ٿي ويو.
اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين جي خلاف شڪايتن جي انڪوائري حيدرآباد ۾ برگيڊيئر ڪندو هو، جنهن لاءِ واسطيدار (رٽرننگ آفيسر کي گهرائي ان کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي هئي ۽ سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويندو هو. دادو، جوهي واري قومي اسيمبليءَ جي ايم اين اي جي سيٽ تي علڻ خان لغاريءَ جي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏيڻ خلاف سندس مخالف اميدوار مولوي غلام مرتضيٰ جي شڪايت ٻڌڻ لاءِ مونکي به حيدرآباد گهرايو ويو هو. انهيءَ دوران مولوي غلام مرتضيٰ وفات ڪري ويو هو. مون کي جڏهن برگيڊيئر وٽ اندر گهرايو ويو ته ساڻس هڪ ميجر به ويٺل هو. وري جڏهن مولوي غلام مرتضيٰ کي حاضر ٿيڻ لاءِ ٻاهر آواز ڏنو ويو ته مون برگيڊيئر کي ٻڌايو ته هو وفات ڪري ويو آهي. تنهن تي برگيڊيئر ساڻس گڏ ويٺل ميجر کي چيو ته مون کان وڌيڪ ڪهڙي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ۽ مونکي اجازت ڏنائين ته مان ڀلي واپس وڃان پر پوءِ واپس اچڻ لاءِ ڪرسيءَ تان اٿيس ته برگيڊيئر چيو ته جيڪي توکي ڪجهه چوڻو آهي ته لکي ڏئي وڃ. پوءِ مان ٻاهر اچي ڪيل شڪايت کي رد ڪندي اهو لکي ڏنو ته مون تي ڪنهن به طرف کان يا ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کان ڪو به دٻاءُ وغيره ڪونه ڪيو ويو هو ۽ اهڙي Explanation تاج محمد قريشي پڙهي چيو ته ٺيڪ آهي ۽ ان جي ڪاپي کيس به ڏئي وڃجانءِ. پوءِ مون اها ٽائيپ ڪرائي هڪ ڪاپي برگيڊيئر کي، ٻي ڪاپي تاج محمد قريشي کي ڏني ۽ هڪ ڪاپي پاڻ وٽ رکي ڇڏي. تاج محمد قريشي صاحب ان وقت اتي ئي ويجهي ڪنهن آفيس ۾ مقرر ٿيل هو.
ڀُٽي صاحب پوءِ مخالف سياستدانن سان سڌيون ڳاليهون شروع ڪيون، سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ڪامياب به ٿيون ۽ اهڙو مسودو به تيار ڪيو ويو. اها 05.07.1977 جي رات هئي، جڏهن مسودو تيار ڪيو ويو ۽ ان تي صبح جو ئي صحيحون ٿيڻيون هيون ته جنرل ضياءُالحق جنهن جي باري ۾ چيو پئي ويو ته اُهو ان ميٽنگ ۾ موجود هو، اهو ميٽنگ مان اُٿي ويو ۽ 05.07.1977 تي مارشلا هنئي.
ريهئبليٽين متعلق هڪڙي ڪيس ۾ مون پنهنجي نوٽ سان هڪ فائيل ڊپٽي ڪمشنر صاحب تاج محمد قريشيءَ صاحب جن ڏانهن موڪليو ته هن انهي تي ڪو آرڊر پاس ڪرڻ بجاءِ “H.V.C to discuss” لکي موڪليو جيڪو مون کي ٿورو ڏکيو لڳو، ڇاڪاڻ جو H.V.C منهنجو زيردست هيو ۽ ان کي لکڻ بجاءِ هن کي مونکي Discuss ڪرڻ لاءِ لکڻ کپندو هو. مان اهو فائيل پاڻ وٽ رکي يا مورڳو پنهنجو ڏنل نوٽ ۽ ان تي ڊپٽي ڪمشنر وارا لکيل الفاظ ته “H.V.C to discuss” ڦاڙي پئي سگهيس پر مون ائين نه ڪيو ۽ فائيل H.V.C ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن وري ان تي پنهنجو وڌيڪ Further نوٽ هڻي فائيل مون وٽ کڻي آيو پر مون فائيل کانئس نه ورتو ۽ چيم ته تون ڊپٽي ڪمشنر ڏي ئي کڻي وڃ، جو هن توکي “Discuss” ڪرڻ لاءِ لکيو آهي.
بهرحال وقت گذرندو رهيو ۽چونڊن ۾ ڌانڌلين ڪرڻ جي شڪايتن تي سڄي سنڌ ۽ وڏي پئماني تي رٽرننگ آفيسرن جو بدليون ڪيون ويون ۽ مونکي بدلي ڪري S.D.M سانگھڙ مقرر ڪيو ويو. مون سان گڏ فيض قريشي S.D.M دادوءَ جي به بدلي ڪئي وئي ۽ کيس سکر ۾ ڪمشنر صاحب جن جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) ڪري رکيو ويو.
اسان اڃان چارج ڪانه ڇڏي هئي ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنهنجي بنگلي تان مون کي فون ڪئي ته هن منهنجي ۽ فيض محمد قريشيءَ جي منجھند جي دعوت ڪئي آهي پر مون کيس جواب ڏنو ته مان ماني ڪونه کائيندس. هن ڏاڍو زور ڀريو ته مان مسٽر علي احمد قريشي وڪيل (هو تاج محمد قريشيءَ صاحب جو عزيز هيو) کي گهرائي چيو ته تون صاحب موصوف کي چئو ته مان ماني ڪونه کائيندس ۽ هروڀرو مون تي زور نه ڀري. هن ساڻس فون تي ڳالهائي اها حقيقت ڪئي، جنهن بعد هو خاموش ٿي ويو.
مان اها مٿين سموري حقيقت عزت علي شاهه صاحب سيوهڻ واري کي ڪئي، جو هن جا به تاج محمد قريشي سان گهاٽا رستا هئا ۽ ڪجهه عزت به هئس ۽ عزت علي شاهه منهنجي وڃڻ بعد ساڻس اها حقيقت ڪئي هئي.
مان اڃان دادوءَ ۾ ئي هئس ته مسٽر الله ڏني خان ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي (جنهن کي ڪمشنر جي به چارج هئي، جو لاڙڪاڻي ڊويزن ڪئي وئي هئي پر اڃان ڪو ڪمشنر مقرر ڪونه ڪيو ويو هو) مونکي فون ڪئي ته سانگھڙ ضرور وڃجان، متان حدن جي ڪري نه وڃين. مون کيس چيو ته مان سانگهڙ ويندس ۽ مان لاڙڪاڻي ايندس ۽ اوهان سان به ملندس. (مسٽر الله ڏنو خان سانگھڙ ۾ ئي ڊپٽي ڪمشنر هيو، جو تازو ئي اتان بدلي ٿي لاڙڪاڻي ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو هو).
تاريخ 30.07.77 تي دادوءَ ۾ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي چارج ڇڏي ۽ لاڙڪاڻي آيس ته مسٽر الله ڏني خان جن سان 31.07.77 تي رات جو ساڻن بنگلي تي ملڻ ويس. اتي به مون کي وري چيائين ته سانگھڙ ضرور وڃجان، اتي آبهوا به سٺي اٿئي ۽ بنگلو به سٺو اٿئي. مون کين ٻڌايو ته مان رزرويشن ڪرائي ڇڏي آهي ۽اڄ رات ئي ٽرين ۾ ڪوٽڙيءَ وڃي پوءِ اتان سانگھڙ ويندس. مسٽر اشفاق احمد ميمڻ S.D.M Kotri فون ڪئي هئي ته 01.08.1977 تي مان وٽس اچي ناشتو ڪيان ۽ هو ڪوٽڙيءَ مان گاڏي ڏيندو جيڪا سانگهڙ ڇڏي ايندي. مان پوءِ 01.08.77 تي اشفاق احمد ميمڻ جن وٽ صبح جو ناشتو ڪري ان ڏينهن ئي سانگھڙ S.D.M جي چارج وڃي ورتي.
مسٽر شاهد عزيز صاحب ان وقت سانگھڙ جو ڊپٽي ڪمشنر هيو پر هُو 18.08.77 تي بدلي ٿي لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو، هن جي وڃڻ بعد مسٽر محمد صالح ميمڻ سانگھڙ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو.
مان دادوءَ ۾ ئي هئس ته آچر جي ڏينهن مان سول سرجن ڊاڪٽر غلام سرور مستوئيءَ کي سندس بنگلي تي فون ڪئي ته وڃي ساڻس ڪچهري ڪيان پر سندس نياڻيءَ ٻڌايو ته هو اسپتال ويو آهي. مان پوءِ هن کي اسپتال فون ڪري پڇيو ته آچر ڏينهن اسپتال ڪيئن ويا آهيون!؟ جنهن تي ٻڌايائين ته لاڙڪاڻي جي شهاب الدين شيخ جي زال حادثي ۾ وفات ڪري وئي آهي ۽ ان جو لاش کڻي آيو آهي. شهاب الدين ۽ مان ان دور ۾ هڪٻئي کان پاسيرا هئاسين ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ به ڪونه هوندو هو، پر اخلاقي طرح مان اسپتال وڃي ساڻس مليس ۽ کانئس پڇيم ته ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻڌايو. هن چيو ته سندس گهرواريءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿا ڪن، جيڪر اهو نه ڪن ته سُٺو. مان سول سرجن صاحب سان ان باري ۾ ڳالهايو پر هن چيو ته کيس ته اعتراض ڪونهي پر پوليس ان تي اعتراض ڪندي آهي ۽ پوئين ڏچي جي ڪري بهتر آهي ته پوليس کان لکائي ڏيو ته جيڪڏهن پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويندو ته کين ڪو اعتراض ڪونهي. ان بعد مان ڊي ايس پي مسٽر غلام محمد ميمڻ کي فون ڪئي، جيڪو سول اسپتال آيو جنهن کي مون شهاب الدين لاءِ چيو ته هي منهنجو عزيز آهي ۽ سندس گهرواري ڪار جي حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي، انهيءَ ڪري اوهان سول سرجن صاحب کي اهڙو ليٽر لکي ڏيو ته هي حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن سندس پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويندو ته کين ڪو به اعتراض ڪونهي، جنهن پوءِ اهڙو ليٽر لکي سول سرجن صاحب کي ڏنو ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪونه ٿيو ۽ شهاب الدين لاش کڻائي لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو.
مان جڏهن 1984 ۾ نوڪريءَ مان رٽائر ٿي آيس ته شهاب الدين پنهنجي رهائش واري جڳهه جي ڀرسان شاپنگ سينٽر پئي ٺهرايو، منهنجي ڀيڻيوئي غلام نبي مرحوم چيو ته شهاب الدين کي چوان ته هڪڙو دوڪان کيس ڪرائي تي ڏئي ۽ ائڊوانس به جيترو ٻين کان وٺي اهو به هو کيس ڏيندو، پر حالي في الحال اڌ ائڊوانس وٺي ۽ اڌ کيس پوءِ ڏيندو. مون شهاب الدين کي اهو چيو پر هن نه مڃيو ۽ دوڪان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.
ان بعد 8_10 ڏينهن رکي مون کي فون ڪيائين ته سندس حد وارو تپيدار حمز علي ساڻس صحيح نٿو هلي، ان ڪري ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم صاحب جن کي چئي، هن جي ان تپي تان بدلي ڪرائي ڏيو. جنهن تي مون کيس چيو ته رٽائر ٿيڻ بعد مان ڪنهن کي ڪم نه چوندو آهيان.
منير احمد چنو ڌانڌلين وارين چونڊن ۾ دادوءَ تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ته ٿيو پر پوءِ ته الائي پاڻ کي ڇا سمجهڻ لڳو ۽ سندس دماغ ٺڪاڻي تي نه رهيو. مون سان فون تي ڳالهائيندو هو ته مان جيئن ساڻس سندس معتبر ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندو هئس، ائين ئي ڳالهائيندو هئس. خبر ناهي ته هن جي مرضي الائي ڇا هئي ته مان هن سان ڪيئن ڳالهايان! نيٺ هن ڪا پنهنجي اندر جي باهه پنهنجي دوست محمد حسين ڳاهي سان ئي ڪڍي، جنهن مونکي فون ڪئي ته اوهان منير چني سان ڪيئن ٿا ڳالهايو ۽ اها دانهن هاءِ ڪمان (سندس اشارو لياقت علي جتوئيءَ ڏانهن هيو) تائين ويندي. مان کيس جواب ڏنو ته مان ڪيئن ٿو ڳالهايان، ان باري ۾ ڪنهن کي به شڪايت ڪرڻي هجيوَ ته وڃي ڪريو ۽ مان پوءِ فون بند ڪري ڇڏي. مان پوءِ محمد حسين ڳاهي (جيڪو دادو ميونسپل ڪاميٽيءَ ائڊمنسٽريٽر هو) ان کي کنگھندو ئي ڪونه هئس، جو هو به سمجھي پيو. هڪڙي ڏينهن لياقت علي جتوئي، منير احمد چنو ۽ محمد حين ڳاهو مونوٽ آفيس ۾ گڏجي آيا ۽ لياقت علي جتوئيءَ هنن جي لاءِ چيو ته اهي ٻئي (منير احمد چنو ۽ محمد حسين ڳاهو) سندس دوست آهن ۽ انهن جي پارت اٿوَ، جنهن تي مون کيس چيو ته ڳاهي کي مان اوهان جي ڪري ئي عزت ڏيندو هئس نه ته هو ڪهڙي شئي آهي، جنهن بعد محمد حسين ڳاهي مون کان معافي ورتي، پوءِ ٽئي واپس هليا ويا.
1977 ۾ جڏهن نيون سب ڊويزنون پئي ٺاهيون ويون ته هڪ رات عبدالحميد خان جتوئيءَ فون ڪري چيو ته دادو سب ڊويزن کي ٽوڙي ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن تي نئين ميهڙ سب ڊويزن ٺاهن ٿا، جنهن لاءِ چيف منسٽر غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ کانئس S.D.M ۽ D.S.P مقرر ڪرڻ لاءِ نالا پڇيا آهن، سو مونکي صلاح ڏي ته ڪير ڪير رکرايان. مان S.D.M لاءِ قادر داد درانيءَ لاءِ ۽ D.S.P لاءِ پير قربان علي شاهه (پير گل شاهه جي پٽ) لاءِ مشورو ڏنو.
صبح جو فون ڪري ٻڌايائين ته S.D.M لاءِ قادر داد درانيءَ لاءِ مڃيائين، باقي D.S.P لاءِ پير قربان علي شاهه لاءِ نه مڃيائين، جو چيائين ته پير گل شاهه ممتاز علي خان ڀُٽي کي دعوت کارائي هئي، گهڻي عرصي بعد پير گل شاهه لاڙڪاڻي آيو ته مان ساڻس اها حقيقت ڪئي ته چيائين ته ممتاز علي ڀُٽو هتان گذري پيو ۽ چيائين ته تو وٽ ماني کائيندس ته مان انڪار نه ڪيو.
مان تاريخ 01.08.77 تي سانگھڙ سب ڊويزن جي S.D.M جي چارج ورتي. ان وقت شاهد عزيز صاحب ڊپٽي ڪمشنر هيو پر هو ترت ئي 18.08.77 تي بدلي ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. هن جي وڃڻ بعد محمد صالح ميمڻ صاحب ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ٿي آيو. مان جڏهن سال 1972 ۾ کپري تعلقه جو مختيارڪار ٿي ويو هئس، ان وقت سانگھڙ سب ڊويزن جنهن ۾ سانگھڙ ۽ کپرو تعلقا ۽ ٻي شهدادپور سبڊويزن جنهن ۾ شهدادپور ۽ سنجھورو تعلقا هوندا هئا.، سانگهڙ سب ڊويزن جو S.D.M مسٽر محمد بچل ميمڻ صاحب هيو ۽ شهدادپور سب ڊويزن جو S.D.M مسٽر سليم ميمڻ صاحب (مسٽر غلام الله ميمڻ جو پٽ) هالن وارو هو، سليم صاحب جو والد صاحب جڏهن ڪسٽمس ۾ ڪراچيءَ ۾ Preventive Officer هو ۽ اسان جو هڪ عزيز مسٽر عبدالرحمٰن ايڪسائيز انسپڪيٽر هو، ان سان ملڻ ويو هئس، تڏهڻ ساڻس به ملاقات ٿي هئي. جو هو ٻئي رتن تلاءَ ۾ هڪ بنگلي ۾ گڏ رهندا هئا. مسٽر عبدالرحمٰن پوءِ ڪجهه عرصو روينيو کاتي ۾ مختيارڪار به ٿي رهيو، هو هينئر وفات ڪري ويو آهي.
مسٽر غلام الله ميمڻ آخري وقت ۾ گورنر جو صلاحڪار به ٿي رهيو. هن جي باري ۾ حاجي محمد سليمان ميمڻ جئيلر هالن واري سان مسجد ۾ نماز بعد هڪ دفعي ڳالهين ڪندي هن ٻڌايو ته هو زندهه آهي ۽ اهو به ٻڌايو هيائين ته هو هڪ هوائي حادثي ۾ به زنده بچي ويو هو. سليم ميمڻ صاحب S.D.M جن سان ملاقات مسٽر محمد بچل ميمڻ صاحب S.D.M سانگھڙ وٽ ٿيندي هئي، جو جڏهن سانگھڙ ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ميٽنگ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته ٻئي ماني هن وٽ کائيندا هئاسين. سليم ميمڻ صاحب سکر ڊويزن جو ڪمشنر به ٿي رهيو، وڌيڪ خبر ڪانهي ته پوءِ هو ڪٿي ڪٿي رهيو. مسٽر غلام الله ميمڻ صاحب تازو ئي 90 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي.
پر مان جڏهن سانگھڙ سب ڊويزن جو S.D.M ٿي ويس ته ان وقت 3 سب ڊويزن هيون.
هڪڙي سانگھڙ سب ڊويزن جنهن م سانگھڙ ۽ سنجھورو تعلقو، ٻي کپرو سب ڊويزن جنهن ۾ رڳو کپرو جيڪو اڳي تعلقو هيو، ان کي سب ڊويزن ڪيو ويو هو، جنهن ۾ صرف اهو هڪ تعلقو کپرو ئي هيو ۽ ٽين سب ڊويزن ۾ شهدادپور، جنهن ۾ شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم تعلقا هئا. ٽنڊوآدم اڳ تعلقو ڪونه هو پر پوءِ شهدادپور تعلقي کي ٽوڙي ٽنڊوآدم تعلقو ٺاهيو ويو هو. هن وقت ته ٽنڊوآدم به جدا سب ڊويزن آهي.
منهنجي سانگھڙ ۾ رهڻ دوران سنجھورو تعلقو ٽوڙي ان مان ڄام نواز علي تعلقو ٺاهيو ويو هو.
هينئر ته سنڌڙي (محمد خان جوڻيجي صاحب مرحوم جو ڳوٺ) ۽ هڪ يا ٻه ٻيا به تعلقا سانگھڙ ضلع ۾ ٺاهيا ويا آهن. کپري جو S.D.M پير عبدالحق جانُ سرهندي ۽ شهدادپور جا پهريان عاشق ميمڻ ۽ پوءِ اشفاق ميمڻ هئا. مان جڏهن سانگھڙ ۾ S.D.M هئس ته خليفو محمد عاقل ۽ قاضي فيض محمد راڄڙ کپري وارا جڏهن به سانگھڙ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڪم ڪار سانگي ايندا هئا ته مونکي مڙئي منهن ڏيکاريندا هئا ۽ چوندا هئا ته هنن جي هاڻي ته سب ڊويزن کپرو ٿي وئي آهي، پر اوهان جي سر جي ڪري ئي اوهان وٽ ملڻ ايندا آهيون، جو اوهان کپري ۾ ڏاڍو سٺو هلندا هئا ۽ ڪم ڪار ڪندا هئا، باوجود ان جي جو اهو پيپلز پارٽيءَ جو دور هيو ۽ سندن واسطو پير پاڳاري صاحب جن سان هوندو هو ۽ پيپلز پارٽي سندن (پير پاڳاري صاحب) ۽ هن جي مريدن جي سخت خلاف هوندي هئي.
کپري تعلقي ۾ ان وقت عثمان چانهيو پيپلز پارٽيءَ جو مکيه ماڻهو هوندو هو.
تاريخ 09.08.77 تي حيدرآباد ۾ فوڊ سيڪريٽري مسٽر مقصود حمد شيخ صاحب جن Wheat procurement جي باري ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي ميٽنگ سڏائي هئي. جيئن ته ڊپٽي ڪمشنر شاهد عزيز صاحب جن پاڻ ان ڏينهن ڪراچيءَ پئي ويا، انهيءَ ڪري مونکي چيائون ته ان ميٽنگ ۾ تون وڃجاءِ مان رات وڃي حيدرآباد ئي رهيس. 09.08.77 تي صبح جو سيڪريٽري صاحب اڃان ڪونه آيو هو ۽ مان مسٽر مجني خان جماڻي ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد وٽ ويٺس ته هن ٻڌايو ته گذريل رات يعني 09.08.77 جي رات جو مسٽر الله ڏنو خان ميمڻ سندس هڪ نوجوان پٽ، هڪ نوجوان نياڻو ۽ ٻه ٻيا جيڪي سندس پٽ ۽ نياڻي جا دوست هئا، اهي پنج ئي ڄڻا سپر هاءِ وي تي ڪار جي حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. (هنن ٻن ٻين مان هڪڙو نوابشاهه جي انجنيئر جو نوجوان پٽ پئي ٻڌايائون ۽ ڪار به ان جي هئي). مان پوءِ وڃي سندن جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيس ۽ تڏي تي به ويس. سيد قطب علي شاهه ميمبر بورڊ آف روينو، مسٽر الله بخش سومرو ڪمشنر صاحب توڙي ٻيا ڪيترائي آفيسر ۽ ٻيا ماڻهو چڱي انداز ۾ جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا ۽ تڏي تي عذر خواهيءَ لاءِ آيا. ان وقت هلڪي هلڪي بارش به هئي. مسٽر محمد هاشم ميمڻ صاحب جن مونکي ٻڌايو هو ته ڪراچيءَ ۾ ميٽنگ رکيل هئي، جنهن کي Attend ڪرڻ لاءِ مسٽر الله ڏنو خان، ويل هو پر ميٽنگ مهمل ٿي وئي هئي پر الله ڏنو خان ميمڻ چيف سيڪريٽري سان ملي، جتي ترسيل هيو، اُتي آيو ۽ حيدرآباد پئي آيو، جو سندس ڀاءُ حامد علي صاحب حيدرآباد ۾ شايد ڊئريڪٽر سروي ۽ سٽيلمينٽ ۽ لئنڊ رڪارڊس هيو ته رات ان وٽ رهي اتان صبح جو لاڙڪاڻي ويندو. جنهن ڪري هو بس ۾ اچڻ لاءِ آيو پئي ته اتي سندن پٽ فون ڪئي ته بابا اوهان بس ۾ نه وڃو اسان جي دوست جي ڪار آهي، اسان اچون ٿا ۽ اُن ئي ڪار ۾ گڏجي هلون ٿا. تنهن ڪري مسٽر الله ڏنو خان ميمڻ ويهي رهيو ۽ پوءِ پنجئي ڪار ۾ آيا پئي ته ڪار سان حادثي ۾ فوت ٿي ويا ۽ فوتن جا لاش به ڪار جون دريون ڪٽي پوءِ ڪڍي سگهيا.
مان هڪڙي ڏينهن سردار محمد بخش ناريجي سان سندن سانگھڙ واري بنگلي تي ساڻس ڪچهري ڪرڻ ويس ته اتي محمد خان جوڻيجو صاحب به ويٺو هو ته هن سان پهريون دفعو اتي ملاقات ٿي. هو نهايت حليم طبع ۽ ڪم گو هو ۽ اُن وقت اڃان وزير اعظم نه ٿيو هو.
پير صاحب پاڳاري جي مريدن به پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن جهڙا پير کڻڻ شروع ڪيا هئا ۽ آفيسرن سان بدتميزي ڪرڻ، ڀتا وصول ڪرڻ ۽ کلم کلا منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ لڳا هئا. هڪڙي دفعي پوليس هڪڙو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سانگھڙ اسپتال ۾ کڻي اچي رکيو ۽ ايس ايڇ او لاش مٿان ٻه ٽي سپاهي بيهاري ڪم سان نڪري ويو ته ائين ڪندي ڌڻي بخش نظاماڻي ماڻهو ساڻ وٺي “ڀيڄ پاڳارا” جا نعرا هڻائيندو، لاش بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي زوري کڻائي ويو پر ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه هو.
گنگو نظاماڻي پير پاڳاري صاحب جن جو مريد جيڪو اڳ ۾ روينيو کاتي ۾ ڪوٽوار هو ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي وڃي ٺيڪا کڻڻ لڳو، انهيءَ مسٽر امتياز بارڪزئي D.S.P سانگھڙ سان ڏاڍي بدتميزي ڪئي. مسٽر عنايت الله ڀُٽو جيڪو ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر هو ان جي به پير صاحب جن جي مريدن ڏاڍي بي عزتي ڪئي هئي.
مان هڪڙي ڏينهن کنڊ جي ڊيپو ڪيپرن تي کنڊ بلئڪ ۾ وڪرو ڪرڻ تي 500 روپيا ڏنڊ وجھي کانئس ڏنڊ جي وصول ڪيل رقم خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. جنهن تي ياسين نظاماڻي جيڪو ان کنڊ جي ڊيپو ڪيپرن کان ماهوار ڀَتو وصول ڪندو هو ان مون سان فون تي ٿورو تکو مٺو ڳالهايو، جنهن تي مون الله ڏني خان شيخ مرحوم کي فون ڪئي ته پير پاڳاري صاحب جن سان ڳالهائي ۽ کين ٻڌائي ته سندن مريدن ڏاڍو آزار مچائي ڏنو آهي، انهيءَ ڪري انهن کي ڪنٽرول ۾ رکي ۽ مون پاڻ واري حقيقت به کيس ٻڌائي. الله ڏني خان جو واسطو پير صاحب جن سان ئي هيو ۽ هن پوءِ پير صاحب جن سان ڳالهايو، جنهن تي پير صاحب کيس چيو ته ڪامورا به ته ماڻهن سان سٺو نٿا هلن، جنهن تي الله ڏني خان کين منهنجي نالي ٻڌايو ته هو اهڙو ماڻهو ناهي ۽ جي اوهان پنهنجي مريدن کي ضابطي ۾ نه آڻيندا ته هو مونکي نوڪريءَ مان مورڳو رٽائر ڪرائيندا.
(اها سموري حقيقت مونکي مرحوم الله ڏني خان پاڻ ٻڌائي هئي) ان بعد پير پاڳاري صاحب جن ياسين نظاماڻيءَ جو هٿ بند ڪيو، جا مريدن لاءِ وڏي سزا هوندي هئي ۽ ان سان ٻيا مريد به ڪو واسطو نه رکندا هئا۔ پوءِ مون هڪڙي دفعي ان ياسين نظاماڻيءَ کي نهايت برن افعالن ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ڏٺو. پوءِ هڪڙي ڏينهن محمد رحيم جانوري اخبار نمائدو مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته اسان ميڙ وٺي اچون ته معاف ڪيو، جنهن تي مون کيس چيو ته منهنجو ڪهڙو توهان سان زمين تي تڪرار آهي جو ميڙ وٺي ايندا، باقي نوڪري ڪبي ته عزت سان ڪبي. ياسين نظاماڻيءَ جو ڀاءُ دادن نظاماڻي ته کلي عام منشيات جو ڪاروبار وغيره ڪندو هو پر کانئس ڪو به پڇڻ وارو ڪو نه هو. (ياسين نظاماڻي اڃان نوجوان ئي هيو جو ٻڌو هئم ته ان کي ذاتي دشمنيءَ سبب سندس مخالفن قتل ڪري ڇڏيو هو).
خدا بخش خان نظاماڻي پير صاحب جن جو مريد نهايت ئي شريف ماڻهو هو. هو هينئر M.N.A به آهي ۽ کيس سانگھڙ ۾ ڪاٽن فئڪٽري به آهي.
D.M صاحب جي آفيس جو ڪلارڪ ٻه درخواستون حاضر سروس برگيڊيئر جي پٽ ۽ ڌيءَ جون سانگهڙ ضلع مان ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ملڻ لاءِ کڻي آيو ۽ اچي چيائين ته D.M صاحب چيو آهي ته انهن جي سفارش ڪري موڪليو. مون پوءِ سفارش ڪري موڪلي ۽ ٻنهي کي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ مليا پر انهن جي خلاف ڪمشنر صاحب جن وٽ اپيل داخل ڪئي وئي ته اهي روڪيا وڃن. مونکي پوءِ لکي موڪليائون ته سرزمين تي انڪوائري ڪري نئين سر رپورٽ ڪري موڪليو. مان انڪوائري ڪري رپورٽ موڪلي ته اهي ٻئي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ملڻ جا مستحق نه آهن (Not Deserving) پر ان جي باوجود ڪمشنر صاحب جن اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ بحال ڪيا.
هڪڙي رات ادي عبدالرحمٰن شيخ ۽ سندن گهرواريءَ (ٻئي منهنجا رشتيدار هئا) ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته سندن پٽ رحيم بخش جو دادو ضلع مان ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏيو. مون کين چيو ته D.M دادوءَ جي سرشتيدار محمد بچل جانوريءَ کي فون ڪيان ٿو ۽ ان سان وڃي ڪير ملي ته هو ڪڍرائي ڏيندو، جنهن پوءِ کين ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ڪڍرائي ڏنو.
سانگھڙ - کپري روڊ تي (سانگھڙ کان تقريبن ٽن _ چئن ميلن جي مفاصلي تي) پير صاحب پاڳاري جن جو گڙنگ بنگلو جيڪو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ حڪومت بمباري ڪري تباهه ڪري ڇڏيو هو، اهو ان وقت به تباهه ئي ٿيو پيو هو، جو پير صاحب جن جي مريدن انهيءَ جي نئين سر ٺهرائڻ تي اعتراض پئي ڪيو ۽ انهن جو چوڻ هو ته اهو ڀلي يادگار طور انهيءَ حالت ۾ هجي. پوءِ جي خبر ناهي ته نئين سر ٺهيو آهي يا نه..!
سانگھڙ ضلع ۾ سم جو وڏو آزار آهي جو اڪثر سڀ وڏا واهه نارا ڪئنال، مٺرائو ڪئنال، جمڙائو ڪئنال ۽ روهڙي ڪئنال وغيره ان ضلع مان گذرن ٿا ۽ ايترا سڀ وڏا ڪئنال مان سمجھان ٿو ته ٻئي ڪنهن ضلع مان نه گذرندا هوندا. سانگھڙ شهر کان اٽڪل ميل کن مفاصلو پري سم نالو وهندو آهي ۽ اهو سم جو پاڻي وڃي هڪڙي وڏي تلاءَ ۾ گڏ ٿيندو آهي، جتان اهو سم جو پاڻي پمپنگ مشينن وسيلي مٺرائو ڪئنال ۾ ڇڏيو ويندو آهي. اتي ست پمپنگ اسٽيشنون لڳل آهن، عام طور تي سڀ هڪ وقت ته ڪونه هلائبيون هيون پر جڏهن برسات جي پاڻيءَ مان سانگهڙ شهر ۾ پاڻي اچڻ جو انديشو ٿي پوندو هو، جنهن ڪري سڀ ستئي مشينون 24 ڪلاڪ لڳاتار چالو ڪري پاڻي مٺڙائو ڪئنال ۾ وڌو ويندو هو، تڏهن وڃي سانگھڙ شهر کان خطرو ٽرندو هو.
1978 ۾ سخت بارش ڪري سانگھڙ ضلع ۾ ۽ خاص ڪري سنجهوري تعلقي ۾ بيٺل فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو ۽ سنجهوري شهر ۾ به برسات جو تمام گهڻو پاڻي بيهجي ويو هو ۽ ان جي ڪڍڻ لاءِ شهر ۾ مختلف هنڌن تي پمپنگ مشينون ڪم ڪري رهيون هيون.. انهيءَ دوران مسٽر محمد خان جوڻيجو صاحب وزير ٿيو هو. هن سنجھوري شهر وزٽ ڪرڻ جو پروگرام رکيو. ڊپٽي ڪمشنر محمد صالح صاحب جن مونکي چيو ته تون اڳ ۾ سنجهوري وڃجان ۽ وزير صاحب کي رسيو ڪجان، جتي وزير صاحب بارش جي متاثرن ۾ امداد شيون ورهائيندو ۽ پوءِ سنجهوري شهر جو دورو ڪندو. مان ان ڪري رات وڃي سنجهوري ترسيس. صبح جو وزير صاحب آيو هو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ ايس پي صاحب به وزير صاحب جن سان گڏيا آيا هئا.
وزير صاحب جن متاثرن ۾ امدادي شيون ورهائي پوءِ شهر جي دوري ڪرڻ لاءِ هليو. مون مختيارڪار سنجهوري نور محمد ابڙي کي پوليس جي پائلٽ گاڏيءَ ۾ اڳيان ويهڻ لاءِ چيو ۽ کيس چيم ته جتي جتي پمپنگ مشينون پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، اتي اتي گاڏي روڪرائي، ته جيئن وزير صاحب جن پاڻ ڏسندا هلن.
پوليس پائلٽ گاڏي پٺيان وزير صاحب ۽ ايس پي صاحب گاڏي ۾ هئا، جا ايس پي جي ئي گاڏي هئي ۽ هو پاڻ ڊرائيو ڪري رهيو هو. ان جي پٺيان مان پاڻ واري جيپ ۾ ويٺو هئس ته سردار محمد بخش ناريجي مون کي چيو ته سندس ڪار ايڏي بارش واري پاڻيءَ ۾ نه هلي سگهندي، انهيءَ ڪري هو منهنجي جيپ ۾ ويهندو ۽ مان هن کي پاڻ سان گڏ جيپ ۾ ويهاريو. اڃان گاڏين هلڻ شروع نه ٿيون هيون جو مان ڏٺو ته ايس پي واري گاڏي ۾ پٺيان دري کولي اخباري نمائندا ويهندا پئي ويا ۽ آخر ۾ اسان جو مانوارو ڊپٽي ڪمشنر صاحب ان ايس پي واري گاڏيءَ ۾ آخر ۾ پٺيان چڙهي دريءَ وٽ ويٺو. مان اهو ڏسي سردار محمد بخش خان ناريجي کي چيو ته اوهان وزير صاحب جن کي چئو ته D.M صاحب کي ته اڳيان پاڻ سان ويهاري (وزير صاحب ۽ سردار محمد بخش ناريجي جا پاڻ ۾ گهاٽا تعلقات هئا ۽ ان ڏينهن صبح جو ناشتو به وزير صاحب هن وٽ ئي ڪيو هو) پر سردار محمد بخش ناريجي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي لاءِ چيو ته اهو اتي ٺيڪ آهي. پوءِ جڏهن گاڏيون هلي پهرين پمپنگ مشين وٽ رڪيون ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب ايس پي واري گاڏيءَ مان پٺيان دريءَ کان هيٺ لٿو ته مان وڌي وڃي کيس چيو ته اوهان پٺيان ڇو ٿا ويهو، اوهان مون واري جيپ ۾ ويهو ۽ مان پوئتي ايندڙ ٻين گاڏين مان ڪنهن هڪڙي گاڏي ۾ وڃي ويهندس پر هن چيو ته هُو اتي ٺيڪ آهي. پوءِ پنجن _ ڇهن هنڌن تي جتي جتي پمپنگ مشينون لڳل هيون، اتي هر هنڌ ڊپٽي ڪمشنر اتي ئي گاڏيءَ ۾ پٺيان ويهندو هليو. وزير صاحب شهر گهمي ٻاهر ڪي چڪ به گهمڻ هليو ،جتي فصلن کي نقصان پهتل هو ۽ پوءِ پريس ڪلب به هليو ته اسان جي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن جي اهائي حالت هئي.
ڊپٽي ڪمشنر محمد صالح صاحب جن کي پنهنجي ڪرسيءَ جي شان جي به تميز ڪانه هوندي هئي، جو هن وٽ جڏهن به آفيس ۾ منهنجو يا زميندارن جو وڃڻ ٿيندو هو ته سندن پاسي ۾ رکيل سڀ ڪرسيون تپيدارن سان ڀريون پيون هونديون هيون، اڪثر تپيدار سانگھڙ تعلقي منهنجي سب ڊويزن جا ئي وٽس ويٺا هوندا هئا، جو هو ڪنهن وقت ۾ سانگھڙ ۾ مختيارڪار ٿي رهيو هو. تپيدار ايترا ته رذيل طبيعت جا هوندا هوندا هئا، جو مان جڏهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ڪنهن ڪم سانگي ويندو هئس ته اهي تپيدار ڪرسين تان اٿندا به نه هئا، انهيءَ ڪري مون ڊپٽي ڪمشنر وٽ وڃڻ تمام گهٽ ڪري ڇڏيو هو. زميندار به مون وٽ اچي ڊپٽي ڪمشنر جا اهي ئي سور پٽيندا هئا ته هو تپيدارن جي موجودگيءَ ۾ هن وٽ ڪيئن ويهي کيس ڪو ڪم ڪار چون يا گفتگو ڪن.
هڪڙي ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر صاحب ميجر اقبال کي منهنجي آفيس وزٽ ڪرائڻ لاءِ وٺي آيو. مون ٻنهي کي پنهنجي ڪرسي آفر ڪئي پر ٻنهي مان ڪو به نه ويٺو ۽ هو منهنجي سامهون رکيل ڪرسين تي ويٺا، وچ ۾ منهنجي آفيس واري ٽيبل پيل هئي، (ميجر اقبال شروع ۾ جڏهن ضياءُالحق ......... مارشل لا هنئي ته دادوءَ ۾ مقرر ٿيو هو ۽ مان ان وقت دادوءَ ۾ اڃان A.D.M هئس).
ڊپٽي ڪمشنر صاحب ميجر اقبال کي منهنجي لاءِ چيو ته هي سينيئر ۽ هوشيار S.D.M آهي، جنهن تي هن مشڪي کيس وراڻيو ته هن سان سندس اڳ واقفيت آهي. ڪجهه وقت ترسي پوءِ ٻئي هليا ويا.
خير محمد جوڻيجي جن جي بڪار ڍنڍ هوندي هئي ۽ ڍنڍ جي پريان سندن هڪ سهڻو بنگلو به ٺهيل هو. هن ڪمشنر صاحب الله بخش خان سومري جن جي ان بنگلي تي دعوت ڪئي هئي ۽ مونکي به دعوت مليل هئي پوءِ مان به ڪمشنر صاحب جن سان گڏ ٻيڙي ۾ ڍنڍ پار ڪري ان بنگلي تي ماني کاڌي هئي. خير محمد جوڻيجو پوءِ ڪنهن وقت ۾ وزير به ٿي رهيو.
شايد ته خير محمد جوڻيجي جو ڀاءُ مسٽر علي خان جوڻيجو نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير ٿي رهيو هو، سانگھڙ ضلع ۾ ڄامن جي زرعي زمين لئنڊ رفارمس هيٺ ويل هارين کي ڏني وئي هئي پر ڄامن انهن هارين کي زمين جو قبضو نه پئي ڏنو ۽ زمين جي پئدائش جو به هاريءَ طور حصو نه پئي ڏنو. جنهن خلاف هارين ڄامن جي کين لئنڊ رفارمس هيٺ مليل زمين جي قبضي ملڻ ۽ رڪارڊ ۾ زمين سندن کاتي ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي، جيڪا مون وٽ انڪوائري ڪري رپورٽ ڪرڻ لاءِ موڪلي وئي هئي. مان سرزمين تي وڃي انڪوائري ڪئي ۽ هارين جا بيان رڪارڊ ڪري ۽ روينيو رڪارڊ ڏسي هارين جي فائدي ۾ رپورٽ ڪڍي ته هارين جون ڪيل شڪايتون جائز هيون ۽ ساڻن زيادتي ٿيندي رهي آهي، جو هنن کي صرف هاري ئي ڪري ليکيو وڃي ٿو. مسٽر علي محمد خان شيخ سيڪريٽري سروسز ائنڊ جنرل ائڊمنسٽريشن جن مونکي ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته ڄام امير علي (جيڪو ان وقت مجلس شورا جو ميمبر هو) چيف سيڪريٽريءَ صاحب جن وٽ منهنجي خلاف شڪايتون پيو ڪري سو ڳالهه ڇا آهي!؟. مون صاحب موصوف جن کي چيو ته مون ڄام امير علي ته ڏٺو به ڪونهي، باقي مون هنن خلاف هارين جي ڪيل درخواست تي انڪوائري ڪري ڄامن خلاف رپورٽ ڪڍي آهي. ڪمشنر صاحب مسٽر الله بخش سومري صاحب جن وري شهدادپور جي S.D.M مسٽر محمد ايوب ٻانڀڻ جن کي انڪوائري ڪري رپورٽ ڪرڻ لاءِ لکيو، جنهن ته مون کان به وڌيڪ خراب رپورٽ هنن ڄامن خلاف ڪڍي جا ڳالهه محمد ايوب ٻانڀڻ صاحب جن پاڻ ڪئي هئي ۽ اهو به ٻڌايائين ته ڄامن جا ماڻهو وٽس ٻه لک روپيا به کڻي آيا هئا پر هن کانئس نه ورتا.
اها ڳالهه مونکي مسٽر خسرومل ماڻڪاڻي سيڪريٽري بوڊ آف روينيو به ڪئي هئي ته محمد ايوب ٻانڀڻ صاحب پاڻ مون کان وڌيڪ خراب رپورٽ ڄامن خلاف موڪلي آهي. (پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن رپورٽن جو ڪو اثر ڪونه ٿيو، رڳو مار هيٺين زيردستن تي ٿيندي آهي) مسٽر محمد ايوب ٻانڀڻ صاحب جوانيءَ ۾ ئي يرقان جي عارضي ۾ مبتلا ٿي وفات ڪري ويو). مسٽر خسرو مل کي سندس زمين تي قتل ڪيو ويو هو
سانگهڙ جيئن ته نئون ضلعو ٺهيو هو، انهيءَ ڪري بنگلا به نوان ٺهيا هئا ۽ سٺي حالت ۾ هوندا هئا. D.M صاحب، A.D.M ۽ S.D.M جي بنگلن جي چوڌاري چڱي ٽي _ چار ايڪڙ زمين به ڇڏيل هئي. مون واري بنگلي ۾ انبن ۽ ليمن جا وڻ به هوندا هئا ۽ ڪجهه ايراضيءَ ۾ مان ڀاڄيون ڪريلا، ڀينڊيون، مرچ وغيره ۽ ٻن ايڪڙن کن جي ايراضيءَ تي ڪڻڪ به جو فصل ڪرائيندو هئس. ڊپٽي ڪمشنر جي بنگلي جي چوڌاري ته تمام گهڻي ايراضي ڇڏيل هوندي هئي، جنهن ۾ هو ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون وغيره جو فصل ڪرائيندو هو.
سب ڊويزن ليول تي اکين جي ڪئمپ به اسپينسر هاسپٽل جي ڊاڪٽر رضويءَ جي تعاون سان لڳرائي وئي، جنهن جو افتتاح گورنر ارباب جهانزيب کان ڪرايو ويو هو، ڊاڪٽر رضوي صاحب پاڻ به آيو هو، ڪئمپ ۾ ڪيترن مريضن جي اکين جو آپريشن ڪيو ويو هو ۽ ڪيترن جي چڪاس ڪئي وئي هئي ۽ کين دوائون به ڏنيون ويو هيون.
ڪنڊياري آئوٽ پوسٽ ۾ اندر ٻن وساڻ ذات جي ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو ويو هو، آئوٽ پوسٽ ڪنڊياري وچ شهر ۾ هوندي هئي، انهيءَ ڪري گولين جا آواز ڪيترن ئي ماڻهن ٻڌا هئا، مونکي D.M صاحب جڊيشل انڪوائري ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو پر S.P صاحب نياز احمد صديقيءَ جي مرضي هئي ته جڊيشل انڪوائري نه ٿئي. بهرحال مان جڊيشل انڪوائري ڪئي ۽ ان ۾ پوليس چوڪي جي انچارج محمد علي ۽ ٻين ٻن سپاهين کي انهن قتلن ۾ ملوث هجڻ جي رپورٽ ڏياري موڪلي جا D.M جي آفيس ۾ خبر ناهي ته ڪنهن گم ڪرائي ڇڏي، ڇاڪاڻ جو جڏهن اهو ڪيس جيڪو حيدرآباد اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ هلندو هو ته اتي ڪيس ۾ جڏهن مان شاهدي ڏيڻ ويس ته مسٽر آفتاب آخوند جيڪو سرڪار طرفان ڪيس هلائيندو هو، ان مونکي چيو ته اوهان جي ڪيل جڊيشل انڪوائريءَ واري رپورٽ ته ڪيس جي ڪاغذن ۾ موجود نه آهي، ته مون کيس ٻڌايو ته مون رپورٽ D.M صاحب جن کي موڪلي هئي. بهرحال مون وٽ رپورٽ جي آفيس ڪاپي موجود آهي ۽ مونکي ٻي شنوائيءَ جي تاريخ ڏيو ته ان تي مان اها ڪورٽ سڳوريءَ ۾ پيش ڪندس. مان پوءِ ان تاريخ تي رپورٽ جي آفيس ڪاپي ڪورٽ ۾ پيش ڪئي، جا رڪارڊ تي سرڪاري وڪيل آفتاب آخوند رکرائي منهنجي شاهدي وٺرائي.
مان ته پوءِ بدلي ٿي ويو هئس پر خبر پئي هئي ته پوليس آئوٽ پوسٽ ڪنڊياريءَ جي انچارج محمد عليءَ کي ڪورٽ ڦاسيءَ جي سزا ۽ ٻن سپاهين کي جيل جي سزا ڏني هئي پر ان کان علاوه هڪڙو سپاهي جيڪو واقعي وقت پوليس چوڪيءَ ۾ موجود ڪونه هو ۽ ٻاهر ننڊ پيو هو، ان ڪري مان ان کي پنهنجي رپورٽ ۾ ملوث نه ڪيو هو، ان کي به ڪورٽ جيل جي سزا ڏني هئي.
اسپيشل ملٽري ڪورٽ جو پرزائيڊنگ آفيسر برگيڊيئر هو ۽ ٻن ٻين ميمبرن ۾ هڪ ميجر ۽ مئجسٽريٽ آفتاب احمد صديقي هئا. ميجر ضمير هيو، جيڪو سانگھڙ ۾ به رهي ويو هو. ان دور ۾ سيشن ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس هلائڻ لاءِ سيشن جج صاحب شروع ڪندو هو ته ان جي روز شنوائي ڪري ڪيس هلائي مڪمل ڪندو هو ۽ ان بعد ٻيو ڪيس هلائڻ شروع ڪيو ويندو هو، پر جيڪڏهن ڪيس هلندي سيشن جج بدلي ٿي ويندو هو ته اهو (part heard) ڪيس اهو ساڳيو جج ڪٿي به هوندو هو ته اهو اتان اچي ڪري ساڳيو ڪيس ٻڌي مڪمل ڪندو هو ۽ فيصلو ڪندو هو.
هڪ دفعي قاضي خدا بخش سيشن جج هڪڙو هن جو اڌورو رهيل ڪيس ٻڌڻ آيو ته مون هن جي دعوت ڪئي، جو هو ڪراچيءَ ڪاليج واري زماني کان دوست هوندو هو. مون ان دعوت ۾ پنهنجي ڪجهه دوست آفيسرن سول سرجن غلام سرور مستوئي صاحب، سيشن جج شمس الدين صديقي صاحب، مسٽر دين محمد شيخ انجنيئر هاءِ ويز ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جن کي به مدعو ڪيو هو. جنهن وقت سڀ اچي گڏ ٿيا ته مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب (محمد صالح ميمڻ صاحب) کي فون ڪئي ته سڀ مهمان اچي ويا آهن ۽ اوهان اچو ته چيائين ته کيس ڏاٺ ۾ سُور آهي، انهيءَ ڪري هو نٿو اچي سگهي ۽ نه ئي آيو. خير پوءِ جيڪي موجود هئاسين انهن ماني کاڌي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جا ڪي مهمان آيا، جن جي هن دعوت ڪئي هئي ۽ پنهنجي P.A مقبول احمد کي به ڪو منهنجي لاءِ چيائين ته دعوت ۾ اچي. P.A مقبول احمد پوءِ مونکي فون ڪري ڊپٽي ڪمشنر صاحب طرفان دعوت جو ٻڌايو، جنهن تي مون کيس چيو ته صاحب موصوف پاڻ نٿو چوي ۽ کيس ٻڌائي ته مان ڪونه ايندس ۽ پوءِ مان نه ويس.
ڪجهه ڏينهن بعد وري مسٽر احمد خان بارڪزئي جيڪو به ڪراچيءَ ڪاليج واري وقت کان دوست هئو، اهو سانگھڙ ۾ اڌ هلايل (Part Heard) ڪيس هلائڻ آيو ته مون سندس دعوت ڪئي ۽ ان ۾ به پنهجن ساڳين دوست آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب (محمد صالح ميمڻ) کي به دعوت ڏني پر ڊپٽي ڪمشنر صاحب هن ڀيري به نه آيو. وري ان کان ڪجھه عرصو بعد ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڪا دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ مونکي به دوعت ڏنائين پر وري مان به ان دعوت ۾ نه ويس.
جيئن مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سخت بارشن ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ پر سڀ کان گهڻو فصل (ساريالي فصل) کي نقصان سنجھوري تعلقي (سانگھڙ سب ڊويزن) ۾ ٿيو هو. مسٽر تاج محمد قريشي ڊپٽي ڪمشنر صاحب جنهن وٽ مان دادوءَ زيردست A.D.M ٿي رهي آيو هئس ۽ بدلي ٿيڻ تي مون سندن دعوت به نه کاڌي هئي، ان جي زمين به سنجھوري تعلقي ۾ هئي ۽ اها به تمام گهڻي برسات جي ڪري متاثر ٿي هئي. مان آفيس ۾ ويٺو هئس ته هو اوچتو آيو ۽ اچڻ سان چيائين ته محمد علي تنهنجي مون تي ميار آهي، جنهن تي مون کين چيو ته نه سائين اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي (هن کي شايد عزت علي شاهه منهنجي سندن دعوت نه کائڻ جو سبب منهنجي دادوءَ مان بدلي ٿي وڃڻ بعد ٻڌايو هجي، جو مون ان سان ئي اهو ذڪر ڪيو هو) پوءِ مونکي چيائين ته سندس زمين جي ساريالي فصل کي ڏاڍو نقصان پهتو آهي، سو ان جي پارت اٿوَ، جيئن ڍل نه چٽي پئجي وڃي.
ساڻس سندس ڪمدار به آيل هو، جو ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺو هو، ان کي گهرائي منهنجي روبرو ڪرايائين ته هي ڪڏهن ڪم ڪار لاءِ اچيوَ ته مڙئي خيال ڪجوس. مان فصلن جي چڪاس وقت ڏٺو ته سندس زمين واري سڄيءَ ديهه ۾ گهڻو نقصان ٿيل هو، جنهن ڪري مون اهڙي رپورٽ ڪڍي ۽ سڄي ديهه جي فصلن کي سؤ سيڪڙو ڍل جي معافي ملي.
هڪ ڏينهن تاج محمد قريشي صاحب جي ڪمدارر جهول مان فون ڪئي ته سؤ ٻاچڪا ڀاڻ جا کپندا هئس، مون کيس چيو ته جڏهن ڀاڻ اچي ته ٻڌائجان. هن ٻڌايو ته سائين ڀاڻ جي ٽرڪ آئي آهي ۽ ڊيپوءَ وارو پاڻ لهرائي پيو. مون کيس چيو ته ڊيپو ڪيپر کي چئو ته مون سان فون تي ڳالهائي، جنهن کي مون چيو ته تاج محمد قريشي صاحب جن جي ڪمدار کي 100 ٻاچڪا ڀاڻ جا ڏي، جيڪي هن کيس ڏنا. سانگهڙ ۾ عيد ميلادالنبيءَ جو جلوس نڪتو پئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر صاحب محمد صالح ميمڻ جن کي ڪرڻ جو پروگرام هيو، پر هن مونکي چيو ته مان وڃي اڳواڻي ڪيان، جنهن ڪري مان وڃي ڪئي. جهول ۾ نئشنل بئنڪ جي برانچ کولي پئي وئي، جنهن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي ڪرڻو هو پر عين وقت تي مونکي چيائين ته مان وڃان ۽ مان وڃي افتتاح ڪيو. سانگهڙ ۾ ورڪشاب ويجهو بوهي منڱن جي گهڻي پئداوار ٿيندي هئي ۽ آبادگار اورنگزيب بوهي منڱن جا ٻاچڪا ڀري موڪليندو هو، هن ٻڌايو ته گدڙ رات جو زمين کوٽي بوهي منڱ کائي ڏاڍو نقصان ڪري ويندا آهن، انهيءَ ڪري رات جو ڏاڍي چوڪيداري ڪرڻي پوي ٿي. بوهي منڱ وارياسي زمين ۾ پوکيا ويندا آهن، انهيءَ ڪري گدڙن کي کوٽڻ به سولو لڳندو آهي.
خدا بخش خان ڪيريو جهول جو زميندار مون وٽ محمد هاشم صاحب جن جو ليٽر کڻي آيو، جنهن ۾ هن سندس پارت لکي موڪلي هئي. مون خدا بخش خان ڪيريي کان احوال ورتو ته ٻڌايائين ته سندس ڀائٽيو محمد حسن ڪيريو ساڻس سڌو نٿو هلي، انهيءَ کي تاڪيد ڪيو، جنهن تي مون محمد حسن کي نوٽيس ڪڍيو پر هو پنهنجي چاچي خدا بخش خان سان ٺهي ويو ۽ خدا بخش خان اچي ٻڌايو ته چاچو ڀائٽيو پاڻ ۾ ٺهي ويا آهيون.
جمع جو ڏينهن هو جو مان ڳوٺ اچڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب (محمد صالح ميمڻ) کان سندن بنگلي تي موڪل وٺڻ ويس. سانگھڙ ۾ سڀ روينيو آفيسرن جا بنگلا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس توڙي S.P جو بنگلو ۽ ايريگيشن ريسٽ هائوس هڪ ٻئي جي ويجها آهن ۽ انهيءَ ڏينهن منهنجي جيپ به خراب هئي، انهيءَ ڪري مان پيادل ئي هليو ويو هئس ۽ پٽيوالو به گڏ ڪونه کنيو هيم. مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب وٽ ويٺو ئي هئس ته کيس ميجر اقبال فون ڪئي ته سندن يونٽ سانگھڙ مان وڃي پيو ۽ ميجر ضمير جو يونٽ اچي ٿو، انهيءَ ڪري S.D.M کي موڪليو ته هن کي جڳهيون ڏيکاري، جتي هن جي يونٽ جا جوان ڪئمپ ڪندا. مان پوءِ پيادل ئي اڪيلو ايريگيشن ريسٽ هائوس تي ويس ۽ مٿي اتي ويس جتي ٻئي ميجر ويٺا هئا. اتي چانهه پيئڻ بعد ميجر اقبال چيو ته ميجر ضمير سان گڏجي وڃي ڪئمپ هڻڻ لاءِ موزون جڳهه ڏيکاريان. پوءِ ميجر ضمير ۽ مان گڏجي ايريگيشن ريسٽ هائوس جي گيٽ تي پهتاسين، جتي ميجر جي گاڏي بيٺي هئي ته هو جيپ جي اڳين دري کولي ويهي پيو ۽ مون کي چيائين ته پويان ويهه پر مون پويان ويهڻ کان کيس انڪار ڪيو ۽ مون کيس چيو ته مان پنهنجي جيپ کڻي ٿو اچان. منهنجي جيپ ته خراب هئي ان ڪري مان ڊپٽي ڪمشنر صاحب واري جيپ ڪڍرائي، ان ۾ چڙهي ويس ۽ ريسٽ هائوس پهچي جتي ميجر ضمير پنهنجي جيپ وٽ بيٺو هو، ان کي چيو ته مان اڳ ۾ ٿيان ٿو ۽ اوهان منهنجي پويان اچو ته اوهان کي جڳهيون ڏيکاريان ۽ اهي کيس ڏيکاري موٽي آيس. اهو ميجر ضمير اسپيشل ملٽري ڪورٽ حيدرآباد جو پوءِ ميجر ٿيو هو.
جنرل اقبال گورنر، سانگھڙ ۾ کليل ڪچهري رکي هئي، جنهن ۾ هو سڀ صوبائي سيڪريٽري پاڻ سان وٺي آيو هو. انهيءَ ڪري اسان ضلعي جي زميندارن جو گاڏيون گهرايون هيون ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيو ته سيڪريٽرين کي گاڏين ۾ ويهڻ لاءِ گائيڊ ڪجان ۽ پاڻ هيلي پئڊ تي آيو. جڏهن گورنر صاحب ۽ ساڻس گڏ سيڪريٽري هيلي پئڊ تي لٿا ته ڪمشنر صاحب الله بخش سومرو به گورنر صاحب سان گڏ هيو ۽ ٻئي اچي هڪڙي ڪار ۾ ويٺا ۽ مان سيڪريٽرين کي گاڏين ۾ ويهڻ لاءِ گائيڊ پئي ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب هڪ ڪار ۾ ويهي پيو ته ڪمشنر صاحب هن کي گهرائي پاڻ سان گڏ ويهاريو ته تون ضلعي جو هيڊ آهين. (You are head of district) تون هتي ساڻس گاڏيءَ ۾ ويهه، جنهن ۾ گورنر صاحب به ويٺل هو. گورنر صاحب پوءِ کليل ڪچهري ڪري واپس روانو ٿي ويو.
مسٽر امداد الله خان انڙ جنهن تي ڇهن حرن جي مارائڻ جو ڪيس پئي هليو ۽ حيدرآباد ۾ نارا جيل ۾ نظربند هيو ته هڪ دفعو ساڻس جيل تي ملاقات ڪري آيو هئس، مون جيل سپرنٽينڊنٽ کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيو، جنهن يڪدم ساڻس ملاقات ڪرائي.
مير علي احمد خان ٽالپر دفاعي وزير (Defence Minister) هڪ ڏينهن سانگھڙ دوري تي آيو ته ايريگيشن ريسٽ هائوس جيڪو آرمي وارن جي حوالي هيو، اتي جهانداد خان D.M.LA Hyd (ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد) به آيو جو وزير صاحب جن سان چانهه پي واپس روانو ٿي ويو. وزيرر صاحب جن پوءِ مٿان لهي اچي هيٺ هڪڙي ڪمري ۾ اخباري نمائندن سان ڳالهائڻ ويٺو، ڪمري ۾ هڪ پراڻو گلم ۽ معمولي فرنيچر رکيل هو، مان به وزير صاحب جن سان گڏ پاسي ۾ ويٺل هئس. جيئن ته ريسٽ هائوس آرمي وارن جي حوالي هيو، ان ڪري اسان روينيو وارا اتي ڪنهن جو بندوسبت ڪونه ڪندا هئاسين. مونکي ڪمري جي حالت، پراڻو گلم پيل ۽ معمولي فرنيچر وزير صاحب جن جي ويهڻ لاءِ ڏسي سندن حالت تي رحم آيو ۽ دل ۾ چيم ته اها ڪهڙي وزارت آهي پوءِ خانبهادر محمد ايوب کهڙي صاحب) جن جي اقتدار ۾ وقت ٻڌل قصا، ياد اچڻ لڳا.
1.جڏهن پاڪستان ٺهيو ته کهڙو صاحب سنڌ جو پهريون وزير اعليٰ منتخب ٿيو. هڪڙي ڏينهن هن ڪمشنر سنڌ انگريز علي elea صاحب کي پاڻ وٽ آفيس ۾ گهرايو ته هو سندس آفيس ۾ سگريٽ پيئندي گهڙيو، جنهن تي کهڙي صاحب جن هن کي سخت ڇنڊ پٽي ته ڪمشنر صاحب سگريٽ ٻاهر ڦٽي ڪري پوءِ وٽس آفيس ۾ آيو، پر هو پوءِ استعيفا ڏئي ولايت هليو ويو.
2.ڪراچيءَ ۾ جڏهن فرقيوارانا فساد شروع ٿيا ته هن ماڻهن جي عزت، جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جو پنهنجو فرض پورو ڪرڻ خاطر هڪ سپاهي ساڻ کڻي کليل جيپ ۾ فسادن واري جڳهه ڏانهن روانو ٿيو ۽ فسادن بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.
3.کهڙي صاحب جي پنهنجي ڳوٺ عاقل ۾ سندس ڀائٽين جا طهر ٿيڻا هئا ۽ انهيءَ بندوبست جي نظردارري پئي ڪئي، ٻڌڻ ۾ آيو هو ته جنرل محمد ايوب جيڪو ان وقت ڪمانڊر ان چيف هيو، جو شاميانن جي ٻاهر بيٺل هو ۽ عبدالفتاح ميمڻ وڪيل، جيڪو کهڙي صاحب جن سان اندر گڏ پئي هليو، انهيءَ کيس چيو به ته آرمي ڪمانڊر ان چيف محمد ايوب خان ٻاهر بيٺو آهي، ان کي ته اندر گهرايو پر خانبهادر کهڙي صاحب جيڪو ان وقت (Defence Minister Pakistan) دفاعي وزير پاڪستان هيو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ جنهن مهل سمورو بندوبست مڪمل ٿي چڪو، ان بعد ئي کيس اندر گهرايائين.
4. حالانڪ 1958 ۾ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ته هن جو پهريون نشانو خانبهادر محمد ايوب کهڙو ئي هيو، جنهن کي هن “پروڊا“ ۽ “ايپرو“ وغيره هيٺ آندو. پر خانبهادر محدم ايوب کهڙي صاحب پنهنجي اقتداري دور ۾ جن جن عهدن تي فائز رهيو ته وڏي شان مان سان رهيو ۽ سندس وڏو دٻدٻو هوندو هو.
(ان جي برعڪسس مير علي احمد ٽالپر صاحب جيڪو به ساڳي ئي عهدي دفاعي وزير پاڪستان (Defence Minister Pakistan) تي فائز هيو، ان جي جيڪا ڪسمپرسيءَ جي ۽ رحم جوڳي حالت ڏٺم، ان جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان).
(البت کهڙي صاحب جن جيڪو سنڌ تي ون يونٽ مڙهڻ جو ڪم ڪيو ان سنڌين کي نقصان پهچايو جو سندن ڪم ڏکيا ٿيندا ها جو ”گاديءَ جو شهر“ لاهور هو)
ٻين صوبن جي ته خبر ڪانهي باقي خيرپورميرس رياست ۾ ان وقت جي والي رياست وزيراعظم رياست ۾ جيڪي ملازم جنهن جنهن به گريڊ ۾ پڪو (Confirm) ڪري ڇڏيو پر کهڙي صاحب سنڌ ۾ ائين نه ڪيو.)
عيدالضحيٰ جو موقعو هو جو مان خدا بخش خان ڪيرئي جهول جي زميندار (سندس ڳوٺ جهول ڀرسان ولي محمد ڪيريو هيو، جنهن ۾ سندس هڪ عاليشان بنگلو باغ ۽ وڏي ڪشادي اوطاق جنهن ۾ مسجد پڻ ٺهيل هئي، جهول ۾ به سندس جڳهه هئي ۽ ڏينهن جو اڪثر ان جڳهه ۾ ترسندو هو) کان سندس ڪار وٺي ان ۾ پوري فئملي سميت حج کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي پئي آيس. ڪار مون واري جيپ جي ڊرائيور غلام رسول پئي هلائي. ڪوٽڙيءَ کان اٽڪل 20 ميل کن مفاصلي تي پهتاسين ته ڪار پل تي چڙهي ۽ ڪار جي بلڪل سامهون اوچتو هڪ ٽرڪ پل تي ظاهر ٿي، ڊرائيور يڪدم ڪار کي ٽرڪ کان بچائڻ لاءِ پاسي (سائيڊ) تي ڪئي ته ان سائيڊ تي چڱا وڏا پٿر پيل هئا ۽ ڪار انهن پٿرن تي چڙهي وئي ۽ پٿرن لڳڻ ڪري ڪار جو چيمبر جنهن ۾ موبل آئل هو، اهو ٽٽي پيو ۽ موبل آئل سمورو نڪري ويو، جنهن ڪري گاڏي بند ٿي وئي پر الله پاڪ جا لک شڪرانا جو ٽرڪ سان حادثي ٿيڻ کان بچي وياسين ۽ ڪنهن کي ڪو ڌڪ نه لڳو.
اهو قريبن سج لهڻ جو وقت هو، مان پوري فئملي ميمبرن سان ڪار مان لاهي روڊ تي ڪنهن گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺو ئي هئس ته الله تبارڪ وتعاليٰ جن جي اوچتو مدد اچي پهتي، جو ان وقت شفيع محمد ساند ايگزيڪٽو انجنيئر بلڊنگس ۽ مان دادوءَ ۾ گڏ رهيا هئاسين، اهو ڪار ۾ اچي لنگهيو ۽ مون کي روڊ تي بيٺل ڏسي ڪار روڪي مون کان اتي بيهڻ جو سبب پڇيائين، جنهن کي مون ساري حقيقت ڪئي. هن پوءِ اتي روڊ تي جيڪو ليبر بيٺو هو ان کان مون واري ڪار ڌڪرائي دڙي تي ڪري بيهاري ۽ انهن کي ڪار جي پارت پڻ ڪئي ۽ مونکي چيائين ته هاڻ سج لهڻ تي آهي، انهيءَ ڪري ڪا گاڏي ڪانه ملندي ۽ سندس ڪار ۾ حيدرآباد هلان، جو هو عيد تي ڳوٺ حيدرآباد پئي ويو. ساڻس ڪار ۾ پٺيان هڪ ملنگ ويٺو هو، جنهن کي هن چيو ته ملنگ توهان هتي لهو ته مان هنن کي کڻي وڃان. مان پوءِ فئملي سميت هن سان گڏجي حيدرآباد آيس ۽ ڊرائيور غلام رسول کي مان ڪار وٽ ئي ترسايو.
شفيع محمد خان ساند مون کي پنهنجي جڳهه تي هلي ترسڻ لاءِ چيو پر مون هن کي چيو ته منهنجو سؤٽ ظفرالدين شيخ لطيف آباد ۾ رهندو آهي، مون کي اتي هلي ڇڏيو. هو مونکي اتي پهچائي هليو ويو. مان ٻارن کي اتي ظفرالدين جي گهر ترسائي مجني خان جماڻيءَ A.D.M حيدرآباد وٽ آيس ۽ سندس جيپ وٺي، هڪ مستري ساڻ ڪري گاڏي ٽوچنگ ڪرائي آڻي A.D.M جي بنگلي تي ڇڏي، جو رات جا 3 ٿي ويا هئا ۽* گئراج سڀ بند ٿي ويا هئا. ٻئي ڏينهن تي حج جو ڏينهن هيو، ان ڪري ان ڏينهن به سڀ موٽر گئريج بند هيا ۽ مان 250 روپيا ۾ ٽئڪسي ڪري سانگھڙ موٽي ويس ۽ عيد اتي وڃي ڪيم. لاڙڪاڻي لاءِ ٽئڪسي وارو 800 روپيا گهري رهيو هو، انهيءَ ڪري مان سانگھڙ لاءِ موٽي وڃي عيد ڪئي. مان پوءِ خدا بخش خان ڪيرئي کي اها حقيقت ڪرڻ لاءِ ڊرائيور موڪلي اطلاع ڪرايو ته سندس ڪار A.D.M جي بنگلي تي بيهاري آيو آهيان، جيڪو پوءِ وڃي گاڏي ٺيڪ ڪرائي ڪاهي آيو. مون کانئس پڇيو ته گهڻو خرچ ٿيو آهي ته پئسا ڏيانوَ پر هن خرچ بابت نه ٻڌايو.
خدا بخش خان راڄڙ (اڳوڻو ضلع ناظم سانگھڙ) ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي درخواست ڪئي ته پيپلز پارٽيءَ واري دور ۾ حاڪم علي جوڻيجو سندس هڪ لک روپين جون ڦٽيون زوريءَ کڻائي ويو هو، جا رقم کيس ڀرائي ڏني وڃي. ڊپٽي ڪمشنر صاحب (محمد صالح ميمڻ) اها درخواست مون ڏانهن انڪوائري ڪري رپورٽ ڏياري موڪلڻ لاءِ موڪلي. حاڪم علي جوڻيجو، غلام حيدر خان وساڻ جن جو ماڻهو هو، مان ان درخواست ۾ ڄاڻايل الزامن بابت انڪوائري ڪري ئي رهيو هئس، جو ان هلندي هڪڙي ڏينهن منهنجي عزيز مسٽر عبدالعزيز جيڪو گهاري پيپر مل ۾ نوڪري ڪندو هو، ان فون ڪئي ته غلام حيدر خان وساڻ، نياز محمد وساڻ، غلام علي وساڻ ۽ ٻيا ٻه گاڏيون ڀري آيا آهن ته هو مونکي پارت ڪري ته رپورٽ حاڪم علي جوڻيجي جي خلاف نه ڪڍان ۽ هو 20000 روپيا به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مان کيس مذاق ڪندي چيو ته مخالف ڌر جيڪڏهن وڌيڪ ڏئي ته پوءِ جنهن تي چيائين ته هي 40000 روپيا (چاليهه هزار رويپا) ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. ان تي مون کيس چيو ته وساڻ کان پئسا وٺي سندن ڪم ڪيان ته پوءِ تنهنجي وساڻن وٽ جيڪا خانبهادر غلام محمد خان وساڻ جي وقت کان عزت آهي پوءِ اها ته نه رهندي. اوهان کين خاطري ڪرايو ته مان سندن ڪم ڪندس. (هتي اهو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان ته منهنجو مائٽ عبدالعزيز شيخ ميرپورخاص ضلعي ۾ گهڻو عرصو ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿي رهيو هو ۽ هن جو خانبهادر غلام محمد خان وساڻ جن سان ڏاڍو گهاٽو رستو ٿي ويو هو، ايتريقدر جو جڏهن عبدالعزيز جي ڊئريڪٽر ايڊوڪيشن سنڌ (B.K Shaikh) ميرپورخاص ضلع مان بدلي ڪئي ته خانبهادر غلام محمد خان وساڻ هن کي ٻه دفعا اها بدلي بند ڪرڻ لاءِ چيو پر هو ٽال مٽول ڪندو رهيو. جنهن تي خانبهادر ملڪ امير محمد خان گونر ويسٽ پاڪستان جيڪو سنڌ ۾ صرف ٻن ڄڻن هڪ خانبهادر غلام محمد خان وساڻ ۽ ٻيو عبدالحميد خان جتوئيءَ سان ٺهيل هو، جن کي B.K Shaikh خلاف شڪايت ڪئي، جنهن B.K Shaikh جي تار تي بدلي ڪري کيس پشاور موڪليو، جنهن تي B.K Shaikh صاحب عبدالعزيز کي چيو ته خانبهادر صاحب کي چوي ته سندس پشاور بدلي بند ڪرائي پر هن کيس چيو ته هو ڪهڙي منهن سان خانبهادر کي چوي جو هن اوهان کي ٻه دفعا سندس ميرپورخاص مان بدلي نه ڪرڻ جو چيو پر اوهان نه مڃيو. نياز محمد وساڻ، خانبهادر غلام محمد خان وساڻ جو ڀاڻيجو هو ۽ عبدالعزيز سان گڏ پڙهيو هو، انهيءَ ڪري ئي مون عبدالعزيز جي وساڻن وٽ عزت برقرار رکڻ خاطر کيس چيو ته تون چوين ته دلجاءِ ڪن ۽ مان سندن ڪم ڪندس). عبدالعزيز کي ڀُٽي صاحب جڏهن نوڪريءَ مان ڪڍيو هو ته هن کي پيپرمل ۾ نوڪري وساڻن ڏياري هئي، پر الائي ڇو وساڻ صاحبن کي يقين نه پئي آيو جو اچي منهنجي هيڊ منشي الهه بچائي چانڊئي کي چيائون ،جنهن مونکي چيو ته رئيس غلام حيدر خان وساڻ جن پئسا ڏين ٿا ته مان سندن ڪم ڪيان. جنهن تي مون کيس چيو ته مونکي عبدالعزيز چيو آهي ۽ مان کانئن پئسا نه وٺندس. مون هن کي ايترو به چيو ته رپورٽ ته کڻي مان لکندس پر ٽائيپ ته تون ڪندين ۽ توکان ته ڪا ڳالهه لڪل ڪانه رهندي.
خير مان انڪوائري ڪندو رهيس ۽ ڌرين جا ۽ سندن شاهدن ۽ ڪن ٻين جا بيان ورتا، جن مان ضمير چوي پيو ته درخواستگذار خدا بخش خان راڄڙ سان زيادتي ٿيل آهي ۽ حاڪم علي جوڻيجو برابر قصوروار پئي ڏٺو پر عبدالعزيز جي سر جي خاطر مان پنهنجي ضمير جي خلاف حاڪم علي جوڻيجي جي فائدي ۾ رپورٽ لکي ڪاغذ ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن موڪليا، جنهن فائيل ڪري ڇڏيا ۽ خدا بخش خان راچڙ جو حق غضب ٿي ويو. (مون پنهنجي سموري 35 سالن (پنجٽيهه سالن) جي نوڪري واري عرصي دوران اهو ئي دانسته طور ضمير جي خلاف ڪم ڪيو هو، باقي ٻيو ڪو اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿي ويو هجي ته ممڪن آهي).
اهو سال 1978 جو قصو آهي پر منهنجي دل تي بار رهندو پئي آيو، آخر سال 1998 ۾ مون عبدالڪريم سريوال وڪيل کي سانگھڙ فون ڪئي ته مون کي خدا بخش خان راڄڙ سان ملڻو آهي پر هن ٻن ٽن دفعن چوڻ بعد اهو ئي ٻڌائيندو رهو ته هو اڪثر ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو ان وقت M.N.A هيو ۽ سانگھڙ ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي پر گهڻو ترسندو ناهي. پوءِ آخر مون وڪيل مسٽر عبدالڪريم سريوال کي چيو ته منهنجو ٻيو ڪم ڪونه اٿس، باقي منهنجي پاران چئجانس ته هن چيو آهي ته اوهان جي حاڪم علي جوڻيجي خلاف ڪيل درخواست تي مون حاڪم علي جوڻيجي جي فائدي ۾ رپورٽ ڪڍي اوهان سان زيادتي ڪئي هئي اها معاف ڪري.
پوءِ وري ڪجهه ڏينهن رکي مون مسٽر عبدالڪريم سان فون تي حال احوال پڇڻ لاءِ ڳالهايو ته هن ٻڌايو ته هن خدا بخش خان راڄڙ سان مون وارو ذڪر ڪڍيو هو ته هو کلي ويٺو ۽ چيائين ته کيس ته ياد ڪونهي پر مون کيس معاف ڪيو، اهو ٻڌڻ بعد وڃي منهنجي دل جو بار هلڪو ٿيو.
قصا 6 حرن جي ۽ امين فقير جي مارائڻ جا جيئن مون سانگھڙ ۾ ٻُڌا. (ڪوڙ جو بار ٻڌائيندڙن جي ڳچيءَ ۾)
6 حرن جي مارائڻ جو قصو
اهي ڇهه ئي حر جيل ۾ هئا جو انهن کي زوري اتان ڪڍرائي مارڻ لاءِ وٺي ويا. ايس پي ڪليار شبير صاحب هيو، جو پنهنجا سپاهه جا ماڻهو ساڻ وٺي ويو هو. سرزمين تي پنهنجي عملي جي جنهن به سنڌي پوليس واري يا صوبيدار کي حرن کي مارڻ لاءِ چيائين پئي ته هنن کيس انڪار ڪندي پنهنجا بيلٽ لاهي پئي ڏنا، پر پوءِ هڪ پنجابي صوبيدار هنن کي گوليون هڻي ماريو.