عمرو ادا ڪرڻ جي سعادت
الله تبارڪ وتعاليٰ جا لک احسان جو مون کي 80 سالن کان ڪجهه وڌيڪ عمر ۾ عمرو ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي. (تاريخ 24.10.2004 کان 06.11.2004 دوارن) الله تبارڪ وتعاليٰ جا وڌيڪ احسان اهي به ٿيا جو مان ويس به اڪيلو ۽ ڪو رفيق به ساڻ ڪونه هو پر الله پاڪ هر هنڌ منهنجي مدد واسطي ڪونه ڪو رستو کولي ئي پئي ڏنو. اسدالله شيخ صاحب ٽريولنگ ايجنٽ جي معرفت پئي ويس پر هو ٽڪيٽ ڪنفرم ڪرائي ڏيڻ لاءِ ڪا واضح تاريخ ڪونه پيو ڏئي.
پوءِ منهنجي نياڻي عبدالحميد دل ٻڌرائي ته ڪراچيءَ هلئون ٿا ۽ اتي خدا پاڪ ڪندو ته ٽڪيٽ ڪنفرم ٿي ويندي. تاريخ 123.10.2004 تي ٻئي گڏجي ڪراچيءَ وياسين. ڪراچيءَ ۾ منهنجو ڀائٽيو سرفراز احمد P.I.A ۾ سروس ۾ آهي. رات جو هن وٽ ماني ٽڪي کائي پوءِ مون کيس پنهنجو پاسپورٽ وغيره ڏئي چيو ته سڀاڻي 24.10.2004 واري فلائيٽ ۾ ٽڪيٽ ڪنفرم ڪرائي ڏي ۽ اسان (مان ۽ عبدالحميد) اچي ماڊل ڪالونيءَ ۾ مسٽر عزيز الرحمان پنهنجي سؤٽ وٽ رهياسين جو اتان ايئرپورٽ تمام ويجھو پئي پيو بنسبت سرفراز احمد جي رهائش واري جڳهه جي.
صبح جو مون فون تي سرفراز احمد کان پنهنجي ڪم لاءِ پڇا ڪئي ته چيائين ته ٽڪيٽ O.K (ڪنفرم) ته نه ڪئي اٿن باقي چانس تي رکي اٿن. مان ۽ عبدالحميد پوءِ ايئرپورٽ تي وياسين ۽ وڃي ساڻس ملياسين. اتان پوءِ مون پنهنجي پٽ محمد سليم جي دوست جميل احمد سان حيدرآباد موبائيل فون تي رابطو ڪيو، جنهن چيو ته سندس سؤٽ رشيد شيخ F.I.A ۾ آهي ۽ اتي ايئرپورٽ تي ئي ڊيوٽيءَ تي آهي ان کي چئو ته ساڻس فون تي ڳالهائي، سرفراز پوءِ ان سان ملايو جنهن کي مون جميل احمد جو نياپو ڏنو ته ساڻس فون تي ڳالهائي. جنهن هن سان ڳالهائي مونکي چيو ته تون اڪيلو آهي يا ٻيو به ڪو اٿئي. مان کيس چيو ته مان اڪيلو ئي آهيان. پوءِ مون کي چيائين ته تون ترس ته انشاءَالله تنهنجي ٽڪيٽ ڪنفرم ڪرائي ٿو ڏيان. جا هن مونکي واقعي ڪرائي ڏني. رشيد صاحب وٽ ڌڻي بخش سمون صاحب ۽ ان جو ڀاءُ عبدالقادر صاحب به ان ڏينهن آيا ۽ ساڻس آفيس ۾ مليا پر هنن جي ٽڪيٽ ان تاريخ تي ڪنفرم نه ٿي سگهي.
مان پوءِ الله تبارڪ وتعاليٰ جي آسري 24.10.2004 تي P.I.A جي فلائيٽ ۾ جدي شريف روانو ٿي ويوس. مان عمري لاءِ احرام ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي ٻڌي ڇڏيو هو، روزي جي افطاري رستي ۾ جهاز ۾ ئي ڪرائي هيائون. جدي ايئرپورٽ تي ڪاغذن (پاسپورٽ وغيره) جي چڪاس لاءِ قطار ۾ بيهڻو پيو. قطار تمام ڊگهي هئي ۽ مان ڪافي پوئتي قطار ۾ ئي بيٺل هئس ته اتي جدي پورٽ تي ڊيوٽيءَ تي بيٺل هڪ آفيسر مون کان ڪاغذ وٺي وڃي (دري Window) تي جتي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي رهي هئي، اتان وڃي چيڪ ڪرائي مونکي واپس اچي ڏنا. هن شايد منهنجي پيرسنيءَ ڪري همدردي طور اها مهرباني ڪئي. مان پوءِ جدي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري پيس. ۽ ائين عمري تي آيل ٻيا ماڻهو به ڪاغذ چيڪ ڪرائيندا ٻاهر ايندا ويا. ٻاهر ايجنٽ ٽرپولنگ ايجنٽ هوٽل جو ووچر ڏنو هو، اهو مون هن کي ڏيکاريو، هو ماڻهن کي جدا جدا جڳهين لاءِ وئگنن ۾ موڪليندو پيو وڃي، جيڪي هن جي توسل سان آيل هئا ۽ مونکي به جنهن هوٽل مڪي مڪرمه جو ووچر مليل هو اتي پهچايائون. مان سامان هوٽل ۾ رکي عمره جي ادائگيءَ لا ڪعبت الله شريف هليو ويس. مان اڃا ڪعبت الله شريف جي طواف ڪراڻ لاءِ پهتس ته هڪڙو ماڻهو سامهون ايندو ڏٺم، جو طواف ڪري واپس پئي ويو، هن سان ٻار به ساڻ هئا. هن ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ ۾ رهندو آهي. هن مون کان پڇيو ته طواف ڪندؤ؟ جنهن تي مون کيس هائو ڪئي، هن کي الله پاڪ اُجورو ڏيندو جو ٻار ويهاري مونکي هٿ کان وٺي ڪعبت الله شريف جو طواف ڪرايائين.
مون کي پوءِ صفامره ڪرڻ لاءِ ٻڌايايئن ته هن هنڌ کان شروع ٿيندو ۽ چيائين ته هو صفامره به ڪرائي پر اتي جيئن ته ايتري ماڻهن جي پيهه نه هئي ۽ ماڻهو هڪ طرف کان مٿي وڃي، ٻئي طرف کان لٿو پئي آيو، انهيءَ ڪري مان سندس مهرباني بجا آڻيندي کيس چيو ته اوهان اها تڪليف نه ڪيو ۽ صفامروه مان پاڻ ڪيان ٿو. اهو پورو ڪري پوءِ جيئن ٻيا ڪجهه وارن جي چڳ (اتي جيڪي ڪئنچي کڻي انهيءَ ڪم لاءِ بيٺل هئا، انهن کان) ڪٽائيندا ويا ته مان به ائين ڪٽرائي هوٽل تي واپس آيس. هوٽل واري مونکي ٻڌائي ڇڏيو ته شاهه عبدالعزيز دروازي کان اچجان، جو اُهو رستو هوٽل تي ايندو آهي، ٻئي ڏينهن تي مسٽر ڌڻي بخش سمون اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ائنٽي ڪرپشن حيدرآباد ۽ سندس ڀاءُ عبدالقادر سمون پوليس انسپيڪٽر به اچي ساڳي هوٽل ۽ مون واري ڪمري ۾ ئي اچي لٿا ۽ اهي ڏاڍا سٺا رفيق ملي ويا. هو ٻئي به حيدرآباد ۾ رهندڙ آهن ۽ اسد الله صاحب وٽ ساڻن ملاقات ٿيندي رهندي هئي.
حرم پاڪ ڏي نماز پڙهڻ لاءِ هنن سان ئي گڏجي ويندو هيس پر مڪي مڪرمه ۾ ترسڻ دوران مان سمورو وقت حرم پاڪ ڏانهن نماز پڙهڻ نه وڃي سگهيس، جو هوٽل کان حرم پاڪ تائين چڱو پنڌ هو، انهيءَ ڪري ڪجهه وقت هوٽل جي ڀرسان هڪ مسجد ۾ ئي پڙهي هيم، حرم پاڪ ۾ افطاريءَ جو بندوبست مخير حضرات طرفان ڪيل هوندو هو، جن جا ماڻهو هر ايندڙ کي پاڻ وٽ ئي افطاري ڪرڻ لاءِ چوندا ۽ زور به ڀريندا هئا پر جنهن کي جتي مرضي پوندي هئي انهيءَ قطار ۾ وڃي افطاريءَ لاءِ ويهندو هو. افطاريءَ لاءِ صفون حرم پاڪ کان ٻاهر ايوان ۾ ۽ حرم پاڪ جي ڇت تي لڳايون ويندون هيون. مان جڏهن حرم پاڪ ۾ نماز پڙهڻ يوندو هئس ته ڪوشش اها ڪندو هئس ته اهڙي هنڌ ويهان جتان ڪعبت الله شريف تي نظر پئجي سگهي ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان اڪثر اها سعادت حاصل ٿيندي هئي. هڪڙي جمعي جي نماز حرم پاڪ اندر پڙهڻ جي به سعادت حاصل ٿي، جيتوڻيڪ جمعي جي نماز وقت ڏاڍي رش هئي، جو مڪي مڪرمه جا رهواسي به اتي ئي نماز پڙهڻ ايندا هئا پر ڌڻي بخش سمي صاحب مونکي ان رش مان پنهنجي ڀاڪر ۾ وجھي حرم پاڪ اندر پاڻ سان گڏ صف ۾ هلي بيهاريو. جنهن لاءِ الله تبارڪ وتعاليٰ کيس اُجورو عطا فرمائي ۽ اجر ڏئي. انهيءَ دوران نظام الدين صاحب ۽ سندس ڀائٽيو به اچي هوٽل ۾ اسان واري ڪمري ۾ رهيا ۽ اهي ٻئي به نهايت سٺا رفيق ملي ويا هئا.
اسان پنج رفيق مان، محترم ڌڻي بخش خان سمون صاحب، سندن ڀاءُ عبدالقادر صاحب، محترم نظام الدين صاحب ۽ سندن ڀائٽيو مدينه منوربه گڏ ويا هياسين ۽ آخر تائين گڏ هياسين، پر مان هنن کان اڳ واپس هليو آيو هئس. مدينه منوره ۾ گهاريل ڏينهن جو ذڪر هيٺ ايندو.
مڪي مڪرمه ۾ اسان جي رهائش واري هوٽل جي ڀرسان وئگنون بيهنديون هيون، جي عمري لاءِ آيلن کي مڪي مڪرم جي ڀرپاسي ۾ زيارت واريون جڳهيون ڏيکارينديون هيون. مان به هڪڙي ڏنهن انهن جڳهن جي زيارت ڪرڻ لاءِ ٻين سان وئگن ۾ گڏجي ويس، جنهن ۾ گهڻائي مردن جي هئي ۽ ٻه چار عورتون به هيون. منهنجا ٻيا رفيق جيئن ته اڳي به هتي ايندا رهيا هئا، اهي ان وقت مون سان گڏ نه هئا.
جبل ثود، جبل نور، (غار حرا)، نزولِ قرآن پاڪ، جبل رحمت ۽ ڪن ٻين جڳهين جي زيارت نصيب ٿي. جبل رحمت تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل هئي، جا اٽڪل 150 ڏاڪا يا اڃان به ڪجھه وڌيڪ ڏاڪا مٿي هئي پر چڙهڻ ۾ ڏاڍي سولي هئي ۽ روزي هجڻ باوجدو ڪا تڪليف محسوس نه پئي ٿي. رحمت جبل تي مٿي هوندي به اُٺ ماڻهن کي سير ڪرائڻ لاءِ ويٺا هئا، جي نهايت خوبصورت سينگاريل هئا. اتي وڻج، واپار به چڱو پئي هليو، جنهن ۾ تسبيهون، عطر، واچون رنگين چمڪدار پٿر جي اڪثر منڊين ۾ ٻڙي طور وجھڻ ۾ ڪم ايندا آهن ۽ ٻين اهڙين شين جو ڪافي سٽاءُ رکيل هو. اهي زيارتون ڪرائي وئگن اچي اسان کي حرم پاڪ جي ڀرسان ڇڏيو ۽ اهو نماز پڙهڻ جو ٽائيم هيو ۽ اچي حرم پاڪ ۾ نماز ادا ڪئيسين. وئگن واري في ماڻهوءَ 10 ريال ورتا هئا.
مان مڪي پاڪ پهچڻ کان ٻه ڏينهن بعد ڪراچيءَ پنهنجي نياڻيءَ کي پنهنجي خيريت سان پهچڻ جو احوال ڏنو، جو منهنجي پهريائين Internation P.C.O ڏٺل نه هئو ۽ جڏهن منهنجي رفيق ڌڻي بخش خان ۽ عبدالقادر صاحب حيدرآباد ڳالهائڻ پئي ويا ته مان به انهن سان گڏجي ويس ۽ P.C.O تان ڪراچيءَ پنهنجي نياڻيءَ سان ڳالهايو، مڪي پاڪ مان شايد ته هڪ دفعو پوءِ به ڪراچيءَ ڳالهائڻ ٿيو هو. P.C.O ۾ چڱا خاصا الڳ الڳ بوٿ ٺهيل هئا. جنهن ۾ اندر وڃي هر هڪ خلاصي نموني ۾ آرام سان ڳالهائي پئي سگهيو ۽ چارجز جي سلپ ڪائنٽور تي اچي پئي وڃي، جتي Payment بوٿ نمبر ڏسي ورتي پئي وئي ۽ ڪال چارجز به ڪا گهڻي نه هئي.
مڪي مڪرمه مان پوءِ مديني منور ڏانهن پنج ئي رفيق گڏجي روانا ٿياسين. مڪي مڪرمه ۾ هوٽل جو ووچر جن ڏينهن ۽ راتين لاءِ مليو هو، ان کان اتي وڌيڪ عرصو رهڻ ٿيو، جنهن ڪري انهن واڌو ڏينهن جو في ماڻهو 16 ريال هڪ ڏينهن جي حساب سان ادا ڪيوسين. مدينه منور روانگيءَ وقت به رفيقن منهنجو سامان موکي کڻڻ نه ڏنو ۽ ان سامان جي کڻڻ جي به هنن تڪليف ڪئي ۽ مدينه منور ۾ هوٽل تائين هلڻ لاءِ به هنن ئي مون وارو سامان پاڻ سان کنيون.
مدينه منوره ۾ به هوٽل مسجد نبويءَکان ڪجهه پري هو انهيءَ ڪري مان سڀ وقت ته نماز پڙهڻ اوڏانهن نه وڃي سگهندو هوس پر تڏهن به ڪوشش ڪري جيترو وقت وڃي سگهندو هئس ته ويندو هئس، باقي ٻيا وقت هوٽل ڀرسان هڪ مسجد ۾ پڙهندو هئس. منهنجا ٻيا سڀ رفيق هر وقت جي نماز مسجد نبويءَ ۾ ئي پڙهدا هئا ۽ نه رڳو ايترو پر هو مڪي مڪرمه ۾ گهڻو وقت رهندا ئي حر م پاڪ ۾ هئا ۽ ساڳي طرح مدينه منور ۾ به گهڻو واقت مسجد نبويءَ ۾ ئي رهندا هئا ۽ ٻه ٽي، ٻه ٽي وقت نماز اتي پڙهي پوءِ هوٽل تي ايندا هئا، هو تراويحون به حرم پاڪ ۽ مسجد نبويءَ ۾ پڙهي پوءِ ايندا هئا. مونکي به ڪجهه تراويحون اتي پڙهڻ خدا نصيب ڪيون. جنت البقيع ۾ به وڃڻ نصيب ٿيو ۽ اتي قُل پڙهي سڀني کي بخشيا ويا. مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪڙو دروازو عورتن لاءِ مخصوص ٿيل هو ۽ ان دروازي مان ڪنهن به مرد کي لنگهڻ نه ڏنو ويندو هو، انهيءَ ڪري نماز پڙهڻ لاءِ به هڪ حصو مسجد نبويءَ اندر خواهه ٻاهر ايوان ۾ عورتن لاءِ ئي مخصوص هوندو هو ۽ ٻاهر ايوان ۾ مخصوص هنڌ جي چوڌاري قناتون هڻي بند ڪيو ويندو هو. جنت البقيع روضي رسول الله ڪريم صه جن جي ويجهو آهي.
مدينه منوره ۾ به جمع جي نماز مسجد نبويءَ اندر پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي ۽ روزي رسول الله صه جي ڄاري ڀرسان ٻه دفعا گذرڻ جي سعادت به حاصل ٿي، اتي ترسڻ نه پئي ڏنائون، مدينه منوره ۾ مان، محترم نظام الدين صاحب ۽ سندن ڀائٽيي 50 ريالن ۾ ٽئڪسي ڪري متبرڪ جڳهين جي زيارت ڪرڻ لاءِ وياسين ۽ مسجد قبا ۽ مسجد قبلتين ۾ نفلن پڙهڻ جي سعادت ماڻيسين. ٽئڪسي وارو رستي سان متبرڪ جڳهين ڏانهن اشارا ڪندي ڏسيندو هليو پئي، هڪڙي هنڌ جهنگلي جي اندر اشارو ڪري چيائين ته اها حضرت امير حمزه رضه رسول ڪريم صليه الله عليه وسلم جن جي پياري چاچي جي مزار آهي. مسجد جِنُ ۽ مسجد خيف وٽان به گذر ٿيو. مسجد خيف وٽ ٽئڪسي مان لٿاسين ته اتي نفل پڙهجن پر مسجد بند پئي هئي. ٽئڪسي واري هڪ هنڌ ٻڌايو ته هيءَ اها جڳهه آهي جتي جڏهن رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن مڪي مڪرمه مان هجرت ڪري مدينه منوره اچي تشريف فرما ٿيا هئا ته نينگرين دڦ وڄائي سندن استقبال ڪيو هو. ان هنڌ هن وقت روڊ ٺهيل هو، هن هڪ هنڌ ٽئڪسي روڪي پري اشارو ڪري ٻڌايو ته اتي ٽن يارن سڳورن جي نالن سان مسجدون تعمير ٿيل هيون پر حڪومت جو ارادو آهي ته اتي هڪ شاهي مسجد تعمير ڪجي ان لاءِ اُهي ٽئي مسجدون شهيد ڪيون ويون آهن.
ڌڻي بخش صاحب ۽ نظام الدين صاهب جي ڀائٽي جو مسجد نبوي ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ جو پختو ارادو هو، انهيءَ ڪري اهي رمضان المبارڪ جي عيد اتي ئي ڪري پوءِ واپس موٽڻا هئا. هنن جي اعتڪاف ۾ ويهڻ ڪري عبدالقادر صاحب ۽ نظام الدين صاحب جن کي گهڻو وقت مسجد نبويءَ ۾ ئي هنن جي سڏ سلوه يا شئي شڪل آڻي ڏيڻ لاءِ ترسڻو پيو پوي. وڌيڪ ته مون کي پيرسنيءَ سبب ڪجهه پيٽ جي تڪليف به ڪنهن ڪنهن وقت ٿي پوندي آهي ۽ پيشاب جو به عارضو رهندڙ آهي، انهيءَ ڪري مون رفيقن عبدالقادر ۽ نظام الدين جن کي چيو ته مونکي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڪنفرم ڪرائي ڏيو، جن ويچارن ٻن ٽن ڏينهن لڳاتار ڪوشش ڪري مون کي 6 نومبر 2004 جي صبح واري فلائيٽ جيڪا 8 وڳي ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿيڻي هئي ان ۾ سيٽ ڪنفرم ڪرائي ڏني. مان انهيءَ دوران هڪ دفعو انهيءَ آفيس جتي ٽڪيٽ ڪنفرم ڪئي پئي وئي، ڏانهن ويو هئس پر اتي ماڻهن جي پيهه ڏسي مون چيو ته هتي منهنجي ڀيڻي ناهي. محترم نظام الدين ۽ محترم عبدالقادر صاحب ٻئي جوان ۽ چست ماڻهو هئا، جن همت ڪري مونکي ان مٿين فلائيٽ ۾ سيٽ ڪنفرم ڪرائي ڏني.
تاريخ 5 نومبر 2004 جمع ڏينهن مسجد نبويءَ ۾ جمع نماز ادا ڪري عبدالقادر خان ۽ مان بازار ۾ اچي ڪجهه اجوا ۽ ڪجهه ٻي جنسن جي کجورخريد ڪري هڪ ٿيلهيءَ ۾ وجهرائي هوٽل تي آياسين. آبِ زم زم اتي نظر نه آيو، انهيءَ ڪري نه وٺي سگهيس. هوٽل تي اچي ڪجهه، سامان ڪجهه پنهنجي ٿيلهي ۾ ۽ رهيل ميرا ڪپڙا ۽، ڪنواس واري ٿيلهي جنهن ۾ کجي پيل هئي ان ۾ وجھي پئڪ ڪري ۽ ٿيلهي چڱي طرح ٽيپ سان بند ڪري عبدالقادر صاحب ٻنهي ٿيلهين ۾ ٿيلهيءَ تي منهنجا نالا لکي سامان تيار ڪيو، ائين ڪندي رفيق نظام الدين صاحب به هوٽل تي آيو ۽ پوءِ ٽئي گڏجي جتي جدي پاڪ لاءِ وئگنون بيهنديون هيون، اتي آياسين. هوٽل مان سامان به هنن مونکي کڻڻ نه ڏنو ۽ منهنجو سامان به هُو کڻائي آيا.
مان 5 نومبر 2004 ڪراچي پنهنجي نياڻي کي فون تي 6 تاريخ تي صبح واري فلائيٽ ۾ پهچڻ جو اطلاع ڪري ڇڏيو هو. وئگن ۾ ڪجهه مسافر اڳ ئي ويٺل هئا، انهن مان هنن هڪ پئسينجر کان پڇا ڪئي ته هو ڪيستائين ويندو، جنهن تي هن کين ٻڌايو ته هو به جدي شريف وڃي رهيو هو، جنهن کي هنن منهنجي پارت ڪئي ته جتي وئگن هلي مسافر لاهي اتان مون کي حاجي ڪئمپ (جتان اسان واري فلائيٽ هلڻي هئي، ان کي حاجي ڪئمپ تي سڏيائون) لاءِ ٽئڪسي ڪري ڏجو. جنهن اتي پهچي مونکي ٽئڪسي ڪري ڏني. جنهن لاءِ مان هن جو نهايت احسانمند آهيان، ڇاڪاڻ جو هو عربي ڄاڻي پوي ۽ ٽئڪسي وارن سان ڳالهائي پئي سگهيو، نه ته مونکي تڪليف کي مُنهن ڏيڻو پوي ها، ڇو جو هڪ ته رات جو ٽائيم هو ۽ رش به ڏاڍي هئي ۽ اڪثر ٽئڪسي گاڏيون به خالي مشڪل سان پئي نظر آيون، جنهن ڪري مون کي به ٽئڪسي ڪافي دير سان ملي. ان مسافر کي به جدي شريف کان ٻاهر حاجي ڪئمپ واري رستي تي ئي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃڻو هو، جيڪو به مون سان گڏيو هليو. هو اهڙو شريف انسان هو، جنهن مون کي ٽئڪسيءَ جي ڪرائي لاءِ به پئسا ڏيڻا چاهيا پر مون هن جي ڪافي زور ڀرڻ باوجود نه ورتا ۽ مون کي اهي وٺڻ به گهربا هئا، جو اها احسان فراموشي ٿئي ها، هن ويچاري مدد ڪري ٽئڪسي ڪري ڏني هئي.
حاجي ڪئمپ تي ان فلائيٽ وارا گهڻا ئي ماڻهو اڳ ئي پهچي ويا هئا، مان به سامان رکي بئنچ تي ويٺس ۽ سوچيم ته سعوديءَ مان موٽندي اهي ٻئي شيون هڪ کجور ۽ ٻيو زم زم جو پاڻي ته سوکڙيو هونديون آهن ۽ سوچيم پئي ته زم زم جو پاڻي هتي ئي ملي وڃي ته وٺي وٺجي. ائين سوچيندي مان ڀرسان ئي ويٺل هڪ مسافر کان پڇا ڪئي ته هتي زم زم جو پاڻي ملندو، هن چيو ته ملندو پر اوهان اتي ترسو ۽ هو پاڻ وڃي پڪ ڪري اچي ٿو. پوءِ موٽي اچي ٻڌيائين ته زم زم جي پاڻيءَ جا ڪينَ ملي سگهن ٿا پر ٿورو پري آهن. هو پوءِ مون سان گڏجي اوڏانهن هليو، جتان مون هڪ وڏو ڪين زم زم جي پاڻي جو خريد ڪري، ڪين کڻڻ لاءِ ان ۾ هٿ وڌو ته هن مون کي ڪين، کڻڻ نه ڏنو، پوءِ هن پاڻ ويچاري سموري واٽ اهو ڪين کڻي منهنجي سامان وٽ اچي رکيو ۽ ان تي نالو به لکيائين، هُو پنجاب جو ويٺل هو ۽ شايد لاهور پئي ويو. ماڻهو نهايت شريف پئي ڏٺو ۽ الله پاڪ سندس ڪيل مهربانيءَ جو کيس اجر عطار ڪري. پوءِ جنهن وقت ڪائونٽر تي مسافرن کان سامان وٺڻ جو مرحلو شروع ٿيو ته ايئرپورٽ جي عملي هر هڪ مسافر جي سامان جو وزن ڪري مقرر حد کان وڌيڪ سامان جو ڪرايو وصول ڪندا پئي ويا، جڏهن منهنجو سامان توريائون ته اهو ان مقرر وزن اندر هو، جنهن ڪري مون کان وڌيڪ ڪجهه به وصول نه ڪيائون ۽ منهنجا ٽئي ننگ 11. ٿيلهو 2. کجور واري ٿيلهي ۽ 3. زم زم جي پاڻي وارو ڪين مون کان وٺي پنهنجي حوالي ڪري مون کي فارغ ڪيو ويو. جيئن جيئن مسافر فارغ ٿيندا ويا، ائين ئي هڪ مقرر ٿيل هال ۾ اُهي سڀ ويهندا ويا، مان به فارغ ٿي اچي ان هال ۾ ويٺس. جهاز ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اسان کي ٽن هنڌن تي ويهڻو پيو. فلائيٽ ٻه ڪلاڪ کن ليٽ ٿي وئي ۽ صبح جو 8 وڳي بجاءِ ساڍي نائين بجي يا ڏهين بجي جدي شريف کان رواني ٿي ۽ ڪراچيءَ منجھند جو لڳ ڀڳ 2 وڳي پهتي.
مان جهاز مان لهي جتي سامان ڪٺو ٿيڻو هو، ٻين سان گڏ اتي پهچي پنهنجو سامان گڏ ڪري کينم پئي ته منهنجو پٽ محمد سليم ان سامان واري ڪمري ۾ اندر آيو ۽ پوءِ ٻئي سامان کڻي ٻاهر آياسين، جتي منهنجي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ نياڻي، سندس پٽ ڪاشي ۽ منهنجو نياڻو ڊاڪٽر يار محمد موجود هئا. پوءِ سڀئي گڏجي منهنجي ڏوهٽي واري ڪار ۾ سندن گهر آياسين ۽ ڪجهه وقت اتي ترسي رات جو ئي اتان روانو ٿي اچي خير خوبيءَ سان بحفاظت حيدرآباد پهتس. منهنجو پٽ جيڪو حيدرآباد کان ڪراچيءَ آيو، اهو به مون سان گڏجي واپس آيو. منهنجن چئني رفيق محترم ڌڻي بخش خان سمون، سندس ڀاءُ عبدالقادر خان، نظام الدين ۽ سندس ڀائٽيي مديني منوره ۾ ئي عيد ڪري پوءِ حيدرآباد واپس آيا ۽ مان نظام الدين جي ڀائٽيي کان سواءِ ٻين سڀني کي عيد مبارڪ ڏئي آيو هئس، جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته هو رائيونڊ ويل هو. الله تبارڪ وتعاليٰ جا لک شڪرانا جنهن پنهنجي هن بندي کي عمرو ڪرڻ جي سعادت ۽ جاڳندڙ اکين سان ڪعبة الله شريف ۽ روضي رسول الله ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي زيارت نصيب فرمائي. (البت زندگيءَ ۾ حج جو فرض ادا نه ڪرڻ جو ڏاڍو ارمان آهي).
ميان علي محمد قادريءَ متعلق “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ڪتاب ۾ مون پڙهيو آهي ته سندن شادي پنهنجي ننڍي مامي ميان نور محمد جي نياڻي ۽ ميان غلام سرور “فقير” جي ڀيڻ غلام بيبيءَ سان ٿيل هئي. هن جي پنهنجي گهرواري سان ڏاڍي محبت هئي، سندس زال جواني ۾ وفات ڪري وئي، جنهن جو کيس جنون جي حد تائين صدمو رسيو. فقيري اختيار ڪري پنهنجي گهر واري جي مزار تي پکو اڏي الله جي عبادت ۾ ڏينهن رات مشغول ٿي ويو. هو هر وقت خدا کان اهو سوال گهرندو هو ته سندس گهرواري وري زنده ٿئي. اهڙي ريت ٻه سال گذري ويا. هڪڙي ڏينهن ڏٺائين ته سندس گهرواري مزار جي ويجهو بيٺي هئي. جنهن کيس چيو ته “فقير صاحب مان هتي خوش آهيان، اوهان زماني کي وڃي مُنهن ڏيو.” ان کان پوءِ قادري وري زماني جي ڪمن ۾ مشغول ٿي ويو، (اها به مان سندس گهرواري جي چوڻ جي بجا آوري ئي سمجهان ٿو) پر برعڪس ان جي مغل شهنشاهه پنهنجي پياري ملڪه (راڻيءَ) جي وفات بعد سند محبت ۾ مٿانئس ڪيڏو شاهي خزانو لٽائي ۽ ڪافي وقت بعد “تاج محل” مقبرو اڏائي ساڻس محبت هئڻ جي پاڻ کي ته تسڪين ڏني ۽ ان بابت دنيا ۾ ڍنڍورو به ڏياريو پر پنهنجي راڻيءَ سان محبت جي هجڻ جو اظهار “فقير” ميان علي محمد قادريءَ جو پنهنجي گهرواري وانگر نه ڪري ڏيکاريو.
***