آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي هڪ سفر

محمد علي شيخ صاحب پنهنجي عمر جي مختلف سالن ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا ۽ تجربا حاصل ڪيا انهن کي نهايت سليس، سهڻي ۽ آسان انداز ۾ قلمبند ڪيو اٿائين جيڪو پڙهندڙن کي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي سهڻا سبقَ آڇي ٿو. نصير مرزا لکي ٿو:
”محمد علي شيخ صاحب، لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته، وضعدار ۽ روايتن جي پاسدار شيخ گهراڻي جا اهڙا فرد آهن، جن بطور، سيلف ميڊ.... پنهنجي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان، هيٺين عهدن تان ترقي ماڻي ۽ نهايت ايمانداري سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب کي ماڻيو، ۽ جتان پاڻ، وڏي عزت آبروءَ سان 1984ع ڌاري ريٽاير ڪيو.... ته بس صاف گو ئي، سچائي ۽ شفاف هٿن سان روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ حياتيءَ جا 35 ورهيه گذاريندڙ هيءَ هڪڙي ريٽاير ۽ سيلف ميڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي آهي ۽ جنهن جو عنوان آهي: ”زندگي هڪ سفر“! يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھو، ته هي زندگي نامو آهي.
Title Cover of book زندگي هڪ سفر

دادو ضلعي جا وڪيل صاحب

• مان دادو ضلعي ۾ ٽي دفعا A.D.M، هڪ دفعو S.D.M ۽ هڪ دفعو سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيو آهيان. مجموعي طر منهنجي دادو ضلعي ۾ لڳ ڀڳ چار سالن کن نوڪري رهي آهي. ان عرصي دوران منهنجي هيٺين سينيئر وڪيلن سان دعا سلام توڙي چڱو گهاٽو رستو رهيو آهي.
• مسٽر صدرالدين خان جوڻيجو صاحب: هيءُ تمام سينيئر وڪيلن مان هو، هن جو فرزند مسٽر غياث الدين جوڻيجو جڏهن ٺٽي ضلعي ۾ A.D.M هيو ته مان شاهبندر تعلقي ۾ مختيارڪار هئس. هو مون تي نهايت ئي مهربان هوندو هو. جڏهن پروموٽ ٿي بدين ضلعي جو ڪليڪٽر هو ٿيو ته مون کيس فون تي مبارڪ ڏني. مسٽر صدرالدين خان ان کان ٿورائي ڏينهن پوءِ مون وٽ آفيس ۾ آيو ته ٻڌايائين ته جنهن وقت مون سندس فرند مسٽر غياث الدين کي مبارڪ ڏني ته هو ان وقت وٽس ويٺو هو ۽ اوهان سان وڌيڪ ڪجھه ڳالهائڻ چاهي پيو ۽ پاڻ وٽ مونکي A.D.M طور رکرائڻ چاهيائين پئي پر ان دوران مسٽر غلام حيدر چنڙ جيڪو وٽس A.D.M هيو، اهو اچي نڪتو، انهيءَ ڪري اوهان سان وڌيڪ ڪو ذڪر نه ڪڍيائين.
• مسٽر علي احمد قريشي صاحب: هن سان چڱي اچ وڃ هئي ۽ منهنجا ٻار ۽ سندس ٻار هڪ ٻئي جي گهر به ايندا ويندا هئا. هو تازو ئي وفات ڪري ويو آهي.
• مسٽر خادم حسين شيخ صاحب: هن جو قصو به عجيب آهي. خدا پاڪ جنهن تي راضي ٿيندو آهي ته ان کي صحيح سمجھه ڏيندو آهي پر جڏهن پنهنجي ڪنهن بندي تي ناراض ٿيندو آهي ته ان جي مت ئي کسي ڇڏيندو آهي. اهو سڀ انسان جي مقدر جو ئي معاملو سڏبو آهي. مسٽر خادم حسين شيخ جو قصو پهرين ڪئٽيگري يعني خدا پاڪ طرفان صحيح سمجھه ڏيڻ جو آهي. اهو مختصر قصو ڪجهه ائين آهي ته مان جڏهن سال 1974 ۾ 17.04.74 تي ڪراچي مان ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ هئڻ وقت اتان بدلي ٿي دادوءَ ۾ اچي A.D.M جي چارج ورتي ته مسٽر خادم حسين ان وقت ڪليڪٽر صاحب جي آفيس ۾ پٽيوالو هو، جو ان وقت هن جي مئٽرڪ به پاس ڪيل نه هئي جو کيس ڪلارڪي ملي. هڪڙي ڏينهن سندس والده منهنجي گهر آئي ۽ منهنجي گهرواريءَ کي چيائين ته مون کي چوي ته خادم حسين کي ڪلارڪي وٺرائي ڏي. مون سان منهنجي گهرواريءَ اها ڳالهه ڪئي، مان کيس چيو ته هن جي مئٽرڪ ئي پاس ڪانهي، ان ڪري اڳ ۾ مئٽرڪ پاس ڪري. خادم حسين خان جو وڏو ڀاءُ نياز صاحب ان وقت سول اسپتال دادوءَ ۾ سول اسپتال جي دوائن جو اسٽور ڪيپر هيو، ان وقت مسٽر غلام سرور مستوئي اسپتال ۾ سول سرجن هو، جنهن سان به منهنجو گهاٽي دوستيءَ جو رستو هو، ان ڪري وٽس اسپتال خواهه جڳهه تي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. مون پوءِ هڪ دفعي نياز کي چيو ته پنهنجي ڀاءُ خادم حسين کي چوي ته گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ ته پاس ڪري. خدا جي قدرت جو خادم حسين پوءِ پڙهائيءَ ڏي ڏاڍو توجهه ڏئي ۽ خوب محنت ڪري مئٽر ته ڇا پر L.L.B ڪري دادوءَ ۾ ئي وڪالت شروع ڪيائين ۽ هڪ قابل وڪيل ثابت ٿيو آهي ۽ هينئر ته تمام سينيئر وڪيلن مان آهي. مسٽر خادم حسين ڪجھه وقت ته هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿي رهيو. هن جو جونيئر مسٽر نور احمد سومرو منهنجي 11.04.84 تي رٽائرمينٽ تائين D.M صاحب جو سرشتيدار هيو، اهو پڻ پوءِ استعيفا ڏئي L.L.B ڪري مسٽر خادم حسين جو جونيئر ٿي رهيو ۽ هو به سٺو وڪيل ثابت ٿيو آهي. هينئر خبر ناهي ته هو اڃان اتي آهي يا ان کان الڳ آهي.
• مسٽر غلام نبي سومرو صاحب: (سنڌ سرورس ٽربيونل جو موجوده چيئرمين) 1935 ڌاري جڏهن مان ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا ورتي، تڏهن ميان عبدالرحمٰن خان سومرو (مسٽر غلام نبيءَ جو سهرو) به اتي ئي پڙهندو هو. مون کان ڪافي سينيئر هيو پر ساڳي اسڪول ۾ پڙهڻ ڪري پاڻ ۾ دعا سلام رهندي هئي. ان وقت کان وٺي هن خاندان سان رستو رهندو اچي (يعني لڳ ڀڳ 75 کان) ميان عبدالرحمٰن صاحب کان علاوه سندس پٽ خالد محمود سومرو صاحب جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري رهي رٽائر ٿيو آهي ۽ مسٽر غلام نبي سومري صاحب جي ڀاءُ مسٽر محمد ابراهيم خان مرحوم سنڌ جي چيف منسٽر جو سيڪريٽري ٿي رهيو هو، انهن بابت ڪافي ذڪر اڳ ئي ڪري آيو آهيان ۽ انهن ٻنهي جا مون تي گهڻائي احسان ٿيل آهن، جن جو ذڪر به اڳ گهڻن هنڌن تي ڪري آيو آهيان. مسٽر غلام نبي سومري صاحب جي نياڻي ۽* منهنجي نياڻي دادوءَ ۾ گڏ پڙهيون آهن. هن جي جڳهه به منهنجي رهائش واري بنگلي جي سامهون هوندي هئي، اسان ٻنهي جو گهرو اچڻ وڃڻ جو رستو هوندو هو. مسٽر غلام نبي سومرو هينئر ڪراچيءَ ۾ سيٽل آهي ۽ مسٽر خالد محمود سومرو صاحب رٽائر ٿيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي آهي. ٿورو وقت اڳ ٻنهي سان فون تي به ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٿيو هو. مسٽر غلام نبي سومرو ڪجهه وقت هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿي رهيو آهي. سندس ڀاءُ وفات ڪري ويو هو ته مان سندس ڳوٺ شاهه پنجي تعزيت لاءِ ويو هئس پر هُو اتي موجود نه هو ۽ لاڙڪاڻي هليو آيو هو. (ان وقت هو هاءِ ڪورٽ جو جج هو) مون پوءِ لاڙڪاڻي ۾ چيمبر ۾ چاءِ جي وقفي دوران ساڻس تعزيت ڪئي ۽ مونکي ڏسي چيائين ته هن سمجھيو پئي ته مان ڪمزور ۽ پيرسن ٿي ويو هوندس پر شڪر آهي جو خدا تعاليٰ اوهان جي صحت اڃان اڳ جهڙي ئي رکي آهي.
• مسٽر نصر الله ڪلهوڙو صاحب: هن جو واسطو پير پاڳاري صاحب جن سان هوندو هو جو آخر تائين قائم رهيو، هو مجلس شورا جو ميمبر به ٿي رهيو هو. هن جو ڌانڌلين وارين چونڊن ۾ (جنهن جي خلاف تحريڪ هلي هئي) دادوءَ واري صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو هو ۽ سندس مقابلو منير احمد چني سان هيو پر سندس نامينيشن پيپر رد ڪيو ويو هو ۽ منير احمد چنو بنا مقابلي چونڊ ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو. مان ان تڪ جي اليڪشن لاءِ رٽرننگ آفيس هيس مسٽر نصر الله خان ڪلهوڙي ڪورٽن ۾ ڪيسن کان فارغ ٿي مون وٽ ڪافي دفعا اچي ڪچهري ڪئي هئي، هو چانهه جو موالو هو. وفات وقت هن جي عمر ايڏي وڏي نه هئي، مان هن جي پوئنرن سان تعزيت ڪرڻ ويو هئس. مان دادوءَ ۾ قومي اسيبملي جي سيٽ لاءِ به رٽرننگ آفيسر مقرر ٿيو هئس جتان علڻ خان لغاري بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو.
• مسٽر عبداللطيف قريشي وڪيل: هيءُ پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل هو ۽ ڪجهه وقت هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿي رهيو هو. هڪ دفعي سندس ايڪسيڊنٽ ۾ ڄنگھه ۾ فرئڪچر ٿي پيو هيو ته مان کانئس طبع پرسيءَ لاءِ به ويو هئس، هو وفات ڪري ويو آهي.
• پير مظهر الحق صديقي (موجود سينيئر صوبائي وزير صاحب): هن ايل - ايل - بي ڪرڻ بعد وڪالت جي شروعات 1974 ۾ دادوءَ مان ڪئي. مان 17.04.1974 تي جڏهن دادوءَ ۾ A.D.M جي چارج اچي ورتي هئي ته ان کان ٿورن ئي ڏينهن بعد کيس سندس ڏاڏي پير الاهي بخش صاحب (اڳوڻي صوبائي وزير اعليٰ) انهن مون سان ۽ ٻين آفيسرن سان سندس تعارف ڪرايو هيائين ۽ ٻڌايو هيائين ته هُو هتي دادوءَ ۾ وڪالت ڪندو پير مظهر الحق صاحب جي والد پير شاهنواز خان جي شادي حيدرآباد مان قاضي عبدالقيوم خاندان مان ٿيل هئي. پير مظهر الحق پوءِ ترت ئي سياست ۾ پير پاتو ،جنهن ڪري پوءِ سندس جونيئر مسٽر شمس الدين اڪثر ڪري ڪورٽن ۾ ڪيس هلائڻ ايندو هو. پير مظهرالحق منهنجي A.D.M واري عرصي ۾ منهنجي ڪورٽ ۾ به چڱا ڀيرا ڪيس هلائڻ لاءِ Appear ٿيو هو. هو جڏهن پهريون دفعو صوبائي اليڪشن ۾ پ پ ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ خدا تعاليٰ جي مهربانيءَ سان ڪامياب به ٿيو ته مان پنهنجي وڏي پٽ غلام ياسين سان گڏ کيس مبارڪ ڏيڻ ويو هئس ته وٽس ڪافي ماڻهن جي رش هئي، پوءِ مونکي چيائين ته فارغ ٿيان ته پوءِ پاڻ ٻئي ڪمري ۾ هلي ڪچهري ڪيون ٿا ۽ پوءِ اسان ئين ئي ڪيو هيوسين. هن دفعي واري وزارت کان اڳ به جڏهن صوبائي وزير ٿي رهيو هو تڏهن به ساڻس ٻه چار دفعا ملاقات ٿي هئي، جيڪا ڪڏهن دادوءَ ۾ ته وري ڪڏهن ڪراچيءَ سندس آفيس ۾ ٿي هئي. هو نهايت سهڻي نموني ملندو هو ۽ ساڻس ڪافي وقت ڪچهري ٿيندي هئي. سال 2011 ۾ منهنجي ڏوهٽي (منهنجي نياڻي عبدالحميد جي ڌيءَ) جاگرافيءَ ۾ M.Sc ڪئي هئي ۽ پوءِ ليڪچرار جي عهدي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جي ورتل امتحان ۾ به ڪامياب ٿي ته سندس پوسٽنگ شهدادڪوٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار طور ٿي پر هوءَ اوڏانهن Join ڪرڻ نه وئي هئي، ان دوران حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ ڪا تقريب رکيل هئي، جنهن جي صدارت به پير مظهر الحق صاحب جن کي ڪرڻي هئي پوءِ منهنجي نياڻي عبدالحميد چيو ته پير صاحب کي چوان ته سندس نياڻيءَ جي پوسٽنگ هتي (حيدرآباد) ۾ ئي گهورنمينٽ ڪاليج ۾ ڪري. اسان ٻئي (مان ۽ منهنجو نياڻو عبدالحميد) گڏجي پبلڪ اسڪول (جتي تقريب رکيل هئي) اتي وڃي ويٺاسين ته ٿوري ئي وقت ۾ پير مظهرالحقن صاحب آيو ته صحافي کيس چوڌاري وڪوڙي ويا، هو انهن سان ڳالهائڻ بيٺو، ان بعد پوءِ جڏهن اسٽيج تي چڙهيو ته مان ۽ عبدالحميد اڳ ئي اتي وڃي بيٺا هياسين، ڇاڪاڻ جو هو اسٽيج تي وڃي صدارتي ڪرسيءَ تي ويٺو ته پوءِ ساڻس ملڻ ۽ ڳالهائڻ نه ٿي ٿي سگهندو. پوءِ جڏهن صحافين کان فارغ ٿي مٿي اسٽيج تي چڙهيو ته اسان ٻنهي سان نهايت سهڻي نموني ملي ۽ بيهي مون کان مسٽر فيض محمد قريشي ۽ ٻوڙي امداد علي شيخ (اهي ٻئي به دادوءَ ۾ S.D.M ۽ A.D.M ٿي نوڪري ڪري ويا هئا. امداد علي شيخ جيئن ته ٻوڙو هوندو هو، ان ڪري هن کي هميشه امداد علي ٻوڙو ڪري سڏيندا هئا). بابت احوال ورتائين ته مون کيس ٻڌايو ته فيض محمد قريشي ته وفات ڪري ويو آهي، باقي ٻوڙي امداد عليءَ لاءِ کيس ٻڌايم ته هو شڪارپور ۾ رهندو آهي ۽ ساڻس ڪو رابطو نه ٿيندو آهي. پوءِ مون کيس اتي سندس بيهڻ وقت پنهنجو ڪم ٻڌايو ته منهنجي ڏوهٽيءَ جي پوسٽنگ جو شهدادڪوٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار وارو آرڊر رد ڪري کيس حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ پوسٽنگ ڪرائي، جيڪو هن ڪري ڏنو ۽ منهنجو نياڻو عبدالحميد پوءِ ڪراچيءَ وڃي اهڙو آرڊر کڻي آيو ۽ هينئر منهنجي ڏوهٽي هتي حيدرآباد ۾ ئي ان ڪاليج (ان ڪاليج کي اڪثر ڪري زبيده ڪاليج به چوندا آهن) ۾ سيپٽمبر 2011 کان ليڪچرار طور نوڪري ڪري رهي آهي.
• مسٽر قمرالدين ڪلهوڙو وڪيل: هيءَ منهنجي ڪورٽ ۾ ته شايد ڪڏهن Appear نه ٿيو هو، باقي D.S.P نثار بلوچ جي قتل ڪيس ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ هڪ جوابدر جو Pauper Advocate (وڪيل) طور Appear ٿيو هو. مان ان ڪورٽ ۾ مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ميمبر هئس، هن البت هڪ دفعي منهنجي آفيس ۾ ڪچهري ڪندي هڪ عجيب قصو ٻڌايو هو، جو هينئن آهي ته وڪالت شروع ڪرڻ کان اڳ هو S.P دادوءَ جي آفيس ۾ Sheet Clerk هو، جو هڪ ڏينهن مٿي ڄاڻايل نثار بلوچ D.S.P ان وقت ڪنهن ٿاڻي تي انسپيڪٽر هو ته هڪ بزرگ کي گرفتار ڪري آيو هو ته ان بزرگ جو هڪ مريد کيس (مسٽر قمرالدين) کي پنهنجي مرشد جي سفارش ڪرڻ آيو ته نثار بلوچ انسپيڪٽر لڳ ڀڳ 100 يان ان کان به ڪجھه وڌيڪ ان بزرگ صاحب جي ڪن عورتن سان گڏ Vulgar نڪتل فوٽو سندس ميز تي رکي ڏيکاريا ۽ چيائين ته بزرگ کان پڇي پڪ ڪيو ته اهي سندس ئي قبضي مان ورتل آهن يا نه!؟ بزرگ چپ ئي بيٺو رهيو، باقي سندس مريد جيڪو پنهنجي مرشد جي سفارش ڪرڻ آيو هو، اهو آهي فوٽو ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو.