ڪجهه ذڪر بي لحاظ/ بي مروت زيردستن جو
شهاب الدين شيخ
هي مون وٽ منهنجي هيڊ منشيءَ واري وقت دوران تپيدار ٿي رهيو هو، هن جو ذڪر حالانڪ اڳ ڪري چڪو آهيان پر مختصر طور وري دهرايان ٿو ته هن جي جڏهن زال ڪار جي حادثي ۾ فوت ٿي وئي هئي ۽ ان جو سول هاسپٽل دادوءَ ۾ پوسٽ مارٽم پئي ڪيوو ويو، جو هن جي چوڻ تي پوليس ۽ سول سرجن کي چئي روبرو ڪرايو ۽ هو زال جو لاش دادوءَ مان لاڙڪاڻي بنان پوسٽ مارٽم ٿيڻ جي کڻائي آيو. هن جڏهن پوءِ شاپنگ سينٽر ٺهرايو ته منهنجي چوڻ باوجدو هڪ دوڪان منهنجي ڀيڻيوئي غلام نبيءَ کي ڪرائي تي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.
ذڪر انهن آفيسرن جو جن منهنجي رٽائرمينٽ بعد به ساڳي نوڪريءَ واري عزت ڏيندي منهنجا ڪم ڪيا، ڇاڪاڻ جو انهن جون ڪيل مهربانيون نه ڳائڻ نهايت احسان فراموشي ٿيندي.
مسٽر مير محمد پهنيار صاحب ڊپٽي ڪمشنر
مان جڏهن دادوءَ ۾ A.D.M هئس ته هو سيوهڻ ۾ S.D.M هيو، هو پوءِ جڏهن دادوءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو ته ڊاڪٽر يار محمد وڃي کيس منهنجو حوالو ڏئي ته هو منهنجو نياڻو آهي ۽ سندس خيرپور تعلقي ۾ زمين جي حوالي سان هڪ ڪم آهي جيڪو نه پيو ٿئي، هن کائنس پڇيو ته درخواست آندي اٿئي ته هن پاڻ سان کڻي ويل درخواست کيس ڏني، جنهن تي هن مختيارڪار خيرپور ڏانهن نوٽ لکي ڏنو ۽ بقول ڊاڪٽر يار محمد جي ته ڊپٽي ڪمشنر کيس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن تنهنجو ڪم نه ٿئي ته پوءِ تپيدار ۽ سپروائيزنگ تپيدار جيڪي ڪم نه ڪن، انهن جا نالا لکي اچجان. ڊاڪٽر يار محمد درخواست ته کڻي ويو پر تپيدار ۽ سپروائيزنگ مڙئي ڪم ڪرڻ کان نٽائيندا رهيا، هن ٻه ٽي ڪلاڪ سندن اها روش ڏسي سمجهي ويو ته هو ڪم ڪرڻ لاءِ آماده نه آهن. پوءِ هن مختيارڪار کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب کيس چيو آهي ته تنهنجو ڪم نه ٿئي ته پوءِ واسطيدار تپيدار ۽ سپروائيزنگ تپيدار جا نالا پڇيو اچان، سو کيس انهن جا نالا رڳو ڏيو ته هو موٽي وڃي صاحب موصوف کي ٻڌائي. ان بعد هنن يڪدم سندس ڪم ڪري ڏنو. (اها حقيقت ڊاڪٽر يار محمد پاڻ مون سان ڪئي هئي، حالانڪ مون نه ڊپٽي ڪمشنر کي سندس ڪم لاءِ ڪا فون ڪئي هئي ۽ نه ئي کيس ڪو ان ڏانهن ليٽر لکي يا ڪو زباني نياپو ئي ڪيو هو).
D.I.G Police ميجر خالد شيخ صاحب
مان جڏهن ميرواهه ۾ S.D.M هئس ته ميجر خالد صاهب خيرپور ضلعي جو S.P هيو ۽ اتي ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، هو جڏهن لاڙڪاڻي ۾ D.I.G ٿي آيو ته هڪ دفعو مان ساڻس ملي آيو هئس. رينجرس پوليس ڪن ڏاهاڻين ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ته انهن سان گڏ گاڏيءَ ۾ منهنجي نياڻي عبدالحميد جو ڀاءُ عبدالله به هيو، رينجرس سڀني کي وٺي اچي D.M لاڙڪاڻي مسٽر بخشل خان گداري آڏو پيش ڪيو، جنهن سڀني کي چالان ڪرائي ڇڏيو. عبدالحميد پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائڻ لاءِ مون کي چيو ته مون D.M صاحب سان فون تي ڳالهايو، جنهن ٻڌايو ته انهن جوابدارن کي چالان هن ئي ڪرايو آهي، هاڻي هو ته ڪجهه نٿو ڪري سگهي، مان کانئسن پڇيو ته D.I.G صاحب ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟ جنهن تي چيائين ته هن سان ڳالهائي ڏسو. (بخشل خان گارو ۽ مان ميرپورخاص ضلعي ۾ گڏ S.D.M ٿي رهيا هئاسين ۽ ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ به گڏ ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيا هئاسين، جنهن ڪري پاڻ ۾ دعا سلام هوندي هئي) مان پوءِ D.I.G صاحب جن کي فون ڪئي پر هو موجود نه هئا ۽ مان سندن P.A کي پنهنجو ٽيليفون نمبر نوٽ ڪرائي ڇڏيو. رات جو 10 وڳي ڌاري D.I.G صاحب فون ڪئي ۽ ڪم بابت پڇيائين ته مون کيس مٿين حقيقت ڪئي، جنهن تي چيائين ته اهو ڪم رينجرس وارن جو آهي، تنهن هوندي به هو حال في الحال ٻه ڏينهن موڪل تي وڃي ٿو ۽ موڪل تان موٽي ته ساڻس ملان. پر پوءِ مون کين وڌيڪ چوڻ مناسب نه سمجهيو، ڇو جو رينجرس وارا ڏاڍا نڀاڳا آهن ۽ مان هنن وٽ D.I.G جي عهدي واري آفيسر کي Awkward پوزيشن ۾ وجھڻ نه چاهيو. (تنهن هوندي به D.I.G صاحب جن جي اها مون رٽائرڊ ماڻهوءَ کي رات جي ٽائيم ۾ Back Ring ڪري پڇا ڪرڻ به مهرباني چئبي). ميجر خالد شيخ صاحب ائڊيشنل انسپيڪٽر جنرل پوليس ٿيو هو ۽ وفات ڪري ويو آهي.
مسٽر عبدالله ڀٽي ائڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي
بقول عزيز الرحمٰن جي ته هو مسٽر عبدالله ڀٽيءَ جي ڪورٽ ۾ پنهنجي اصيل جنهن جو هو وڪيل هو، هڪڙي ڪم لاءِ ويو، جو هن نه ڪيو. پوءِ ڪورٽ مان ڪم پورو ڪري جڏهن پنهنجي چيمبر ۾ ويو ته هن کي گهرايائين ۽ احوال وٺندي پڇيائين ته ڪهڙن شيخن مان آهين، جنهن تي هن کيس منهنجو حوالو ڏنس ته چيائين ته هو سندس مهربان آفيسر ٿي رهيو آهي ۽ ڪم ڪري ڏنائين. عزيز الرحمٰن اهو به ٻڌايو ته هن پوءِ اصل کان ٻيڻي في وصول ڪئي.
مسٽر رسول بخش منگي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڪمشنر صاحب سکر
مسٽر عبدالحميد منهنجي نياڻي جي لاڙڪاڻي خزاني آفيس مان ٻاهر ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ بدلي ٿي هئي جا هن منهنجي فون ڪرڻ تي رد ڪرائي.
مسٽر عبدالغفار سومرو صاحب سيڪريٽري فوڊ کاتو
منهنجي نياڻي مسٽر عبدالحميد جو ٽريئري آفيسر طور پهريون پروموشن پئي ٿيو ته هن سان مان به ڪراچيءَ گڏ ويو هئس. هو سيڪشن آفيسر ڏيٿي صاحب غلام عباس وٽ ويٺو هو ۽ پنهنجي پروموشن جي باري ۾ واسطيدار اختياريءَ وارن سان ملي آيو هو ۽ کيس سانگھڙ ۾ رکڻ جو ٻڌايو هئائون پر اڃا آرڊر نڪتو نه هو. انهيءَ دوران مون مسٽر عبدالحميد کي چيو ته مان مسٽر عدالغفار سومري صاحب سان ملڻ وڃان ٿو ۽ چوين ته تنهنجي باري ۾ چوانس ته هن پنهنجو ارادو ميرپورخاص لاءِ ڏيکاريو. مان مسٽر عبدالغفار صاحب سان ملڻ ويس ته ان وٽ مسٽر قبول محمد شيخ ويٺو هو، جنهن کي مون ته نه سڃاتو پر پاڻ ئي پنهنجو تعارف ڪندي ٻڌايائين ته هن وقت گورنر هائوس ۾ سيڪريتري آهي. اتي مون کي سندس ڪيل احسان ياد آيو ۽ کيس ٻڌايم ته اوهان جڏهن ڪوٽڙي ۾ S.D.M هيا ته منهنجي ڄامشوري واري پلاٽ تي ڪيل ناجائز قبضو اوهان مهرباني ڪري پٽرائي پلاٽ خالي ڪرائي ڏنو هو. مون پوءِ مسٽر عبدالغفار سومري صاحب کي عبدالحميد شيخ کي ميرپورخاص ۾ رکڻ لاءِ چيو، هن پوءِ فنانس سيڪريٽري محترمه رخسانه سليم کي عبدالحميد کي ميرپورخاص ۾ رکڻ لاءِ چيو ۽ وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻڌايائين ته هو ۽ مان گڏ رهيا آهيون Colleague) ٿي رهيا آهيون). جنهن تي فنانس سڪريٽري کيس چيو ته ميرپورخاص لاءِ ڪو ٻيو شيخ جاڳي پئي ته پوءِ ان تي مسٽر عبدالغفار صاحب مون کي اهو ٻڌائي ٻيوآپشن گهريو، جنهن ته مون کيس چيو ته پوءِ لاڙڪاڻي لاءِ چئوس، هن پوءِ فنانس سيڪريٽريءَ کي اهو آپشن ٻڌايو.
مان صاحب موصوف کان موڪلائي آيس ۽ عبدالحميد کي اها حقيقت ڪئي ته هن چيو ته ميرپورخاص نه ته پوءِ لاڙڪاڻي لاءِ نه پر سانگھڙ لاءِ چئوس ها. مان کيس چيو ته سانگهڙ ته اوهان کي آفيس وارا ازخود ڏين پيا، انهيءَ ڪري مون سانگهڙ لاءِ نه چيم، سندس آرڊر پوءِ سانگهڙ لاءِ ٿي ويو هو. (عبدالغفار سومرو ميرپورخاص ۾ S.D.M هو ته مان ڊگڙيءَ ۾ S.D.M هئس)
مسٽر محدم ابراهيم سومرو صاحب
دادو شهر مان ٻه سومرا ذات جون نينگريون ٻن ڄڻ سان گڏجي ڪراچي ڪورٽ ۾ مئريج ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ويون. هنن ڪراچيءَ ۾ منهنجي نياڻي عزيز الرحمٰن وڪيل وٽ ان ارادي سان ويون، جنهن ضروري ڪاغذ تيار ڪري ڇڏيا ۽ کين ٻئي ڏينهن تي اچڻ لاءِ چيائين ته جيئن کين ڪورٽ ۾ پيش ڪري ۽ هُو ڪورٽ مئريج ڪن. هيڏانهن ميهڙ مان به پوليس انهن نينگرين کي هٿ ڪرڻ لاءِ وئي ۽ اتي کين خبر پئي ته اهي ڇوڪرن سان گڏ مسٽر عزيز الرحمٰن جي آفيس ويون هيون. ڇوڪريون ته ان وقت تائين هن جي آفيس مان نڪري ويون هيون. مسٽر محمد ابراهيم سومرو صاحب ان وقت چيف منسٽر صياحب جو سيڪريٽري هيو. ميهڙ پوليس اها ڳالهه هن سان ڪئي، هو پاڻ به ميهڙ ڀرسان ئي شاهه پنجي جو ويٺل هو ۽ وڏي ڳالهه ته ڇوڪريون به سندس ئي ذات واريون هيون، ان ڪري هن ڇوڪرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڏاڍي دلچسپي ورتي، جهن پوليس کي چيو ته ان وڪيل تي به ڪارروائي ڪيو ۽ کيس وٺي ٿاڻي تي ويهاريو.
ميهڙ پوليس پوءِ مسٽر عزيز الرحمٰن کي وٺي وڃي گذري ٿاڻي تي ويهاريو، هن اتان اهڙو اطلاع پنهنجي گهر منهنجي نياڻيءَ کي ڏنو ۽ وڌيڪ کيس ائين به چيائين ته جييستائين مسٽر محمد ابراهيم سومرو صاحب پوليس کي نه چوندو، تيستائين ٻئي ڪنهن جي به چوڻ تي نه ڇڏيندا. منهنجي نياڻيءَ پوءِ مون کي لاڙڪاڻي فون ڪري سموري حقيقت ڪئي ۽ مسٽر محمد ابراهيم سومري صاحب کي چوڻ لاءِ چيائين. مون پوءِ مسٽر محمد ابراهيم صاحب کي فون ڪري کيس عزيز الرحمٰن کي ڇڏائن لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي هن چيو ته ڪم ته خراب ڪيو اٿائين پر توهان سان پراڻا تعلقات آهن، انهيءَ ڪري هو پوليس کي چوي ٿو ۽ هن جي چوڻ بعد ئي ميهڙ پوليس عزيز الرحمٰن کي آزاد ڪيو. (هتي مان اهو واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته مسٽر محمد ابراهيم سومرو شروع ۾ ٻيلي کاتي ۾ رينج فاريسٽر آفيسر هيو، جتان ڇڏي پوءِ هو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ٿيو ته منهنجو ان وقت کان وٺي ساڻن سٺو لڳ لاڳاپو هيو ۽ جڏهن به مان ڪراچيءَ ويندو هئس ته ساڻن سيڪشن آفيسر واري وقت ۾ ۽ پوءِ ڊپٽي سيڪريٽري ٿيڻ واري دور ۾ به ملڻ ٿيندو هو. هن جي ڀاءُ مسٽر غلام نبي سومرو جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ٿي رهيو. توڙي سندس سهري ميان عبدالرحمٰن خان سومري ۽ سندس سالي مسٽر خالد محمود سومرو جيڪو سکر ۾ ڪمشنر ٿي رهيو انهن مڙني سان منهنجي گهڻي وقت کان ويجها تعلقات رهيا هئا)۔
مسٽر محمد ابراهيم سومرو صاحب نوڪريءَ دوران ئي ننڍي عمر ج۾ ڪينسر جي عارضي سبب وفات ڪري ويو، جنهن جي عذر خواهيءَ لاءِ مان سندس ڳوٺ شاهه پنهنجي سندن ڀاءُ مسٽر غلام نبي سومري صاحب ۽ مسٽر خالد محمود سومري صاحب جن ڏانهن ويو هئس ۽ اهي پاڻ ان وقت موجود هئا. مان جڏهن هنن وٽ ويس ته ٻه ڄڻا اڳ وٽن ويٺا هئا، جي ڏسڻ ۾ ته ڪي آفيسر پئي لڳا پر مون کين نه سڃاتو. پوءِ چڱو وقت ويهي اهي ٻئي اٿيا ته هڪڙي پنهنجو پاڻ تعارف ڪرائيندي چيو ته عبدالغفار سومرو (جنهن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان) جنهن تي مون کين چيو ته معاف ڪجو جو مون نه سڃاتو، ڇاڪاڻ ته چڱو وقت گذري چڪو هو، ٻيو ته مان پيرسن ماڻهو سو يادگيريءَ جو ائين ئي چٽ!
باقي ساڻس جيڪو ٻيو آفيسر هو نه هن مونکي سڃاتو ۽ نه مان ئي هن کي سڃاتو پر پوءِ ڳالهين ڪندي هڪ ٻئي کي سڃاتوسين، جو هو عبدالحفيظ سومرو صاحب هيو، جنهن مون کان گهوٽڪيءَ ۾ ڊپٽي ڪالونائيزيشن آفيسر جي چارج ورتي هئي ۽ هن سان پوءِ به هڪ دفعو جڏهن هو ائڊيشنل ڪمشنر ڪراچي هو ته سندن آفيس ۾ ملاقات ٿي هئي، هو هينئر رٽائر ٿي چڪو هو. مسٽر غلام نبي سومري صاحب جا ٻه ڀائر فيض محمد خان ۽ علي حسن خان به مسٽر محدم ابراهيم سومري جن کان اڳ فوت ٿي ويا هئا ته انهن موقعن تي به مان وٽن عذر خواهي لاءِ ويو هئس. مسٽر خالد محمود سومري صاحب جي ڀاءُ ڊاڪٽر کي ڌاڙيل ڳوٺ ۾ قتل ڪري ويا هئا ۽ جڏهن وري سندن والد بزرگوار ميان عبدالرحمٰن وفات ڪري ويو هو تڏهن به ٻنهي موقعن تي مان وٽن عذر خواهي لاءِ ويو هئس.
مسٽر شاهد عزيز صاحب
مسٽر عبدالحميد شيخ منهنجو نياڻو جڏهن سانگهڙ ۾ ٽريزري آفيسر هو، تڏهن سندس ڀاءُ عبدالله خان لاڙڪاڻي ۾ اوچتو انتقال ڪري ويو. منهنجي نياڻيءَ کيس فون تي اهڙو اطلاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو رابطو نه ٿي سگهيو. پوءِ منهنجي نياڻيءَ مونکي فون ڪئي ته مان سانگهڙ ڪنهن سان ڳالهايان ته اهو عبدالحميد کي اطلاع ڪري. مون مسٽر عبدالڪريم سريوال وڪيل کي فون ڪئي ته مسٽر عبدالحميد فون تي نٿو ملي الائي فون خراب اٿس ڇا! انهيءَ ڪري اوهان کيس سندس ڀاءُ جي وفات جو اطلاع ڏيو. هن پوءِ وڃي سندس هڪ ڪلارڪ کي اها خبر ڪئي ته عبدالحميد جتي به هجي اتي اهڙو اطلاع ڪيوس، جو اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ هو کپري ويل هو. ان ڪلارڪ کپري اهڙو اطلاع ڪيو پر عبدالحمييد اتان اڳ ئي گرهوڙي شريف جن جي درگاهه ڏانهن نڪري ويو هو. پوءِ کپري مان هن جي پٺيان ٻي گاڏيءَ ۾ وڃي کين اڌ رستي تي احوال ڪيو ۽ هو اتان ئي واپس موٽي صبح جو 5 بجي ڌاري پهتو ۽ جناز نماز وغيره ۾ اچي شريڪ ٿيو. عبدالحميد جي ڀاءُ جي خيرات جي ماني ٿي گذري ته ويٺي ويٺي چيايئن ته ٻڌي ٿو ته کيس سانگهڙ مان مٺي بدلي ڪن ٿا، سو شاهد عزيز صاحب جن کي فون ڪيو، جيئن سندس بدلي سانگهڙ مان نه ٿئي، جو ان وقت جيڪا فنانس سيڪريٽري مسز رخسانه سليم هئي سندن سالي هئي.
مان شاهد عزيز صاحب جن کي ڪراچيءَ فون تي عرض ڪيو ته فنانس سيڪريٽري صاحبه کي چوي ته عبدالحميد کي سانگهڙ مان مٺي ءَ بدلي نه ڪري، جنهن تي چيائين ته ”بھائی میں جھوٹے لوگوں کو نہیں کہتا“ جنهن تي مان وري کين عرض ڪيو ته ”سر وہ تو آپ کی سالی ہے“ جنهن تي چيائين ته ”آپ کی وجہ سے میں اس کو کہونگا“. هن پوءِ کيس چيو هوندو، جنهن جي ڪري ئي عبدالحميد جي سانگھڙ مان بدلي نه ٿي. ان کان اڳ به منهنجو پٽ محمد سليم P.T.C.L ۾ سروس لاءِ انٽرويو ڏئي آيو هو، ان وقت شاهد عزيز صاحب ائڊيشنل سيڪريٽري ڪميونييشن وفاقي حڪومت ۾ هو. مون کين اسلام آباد فون ڪري هن جي مدد ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو هو، جنهن لاءِ به دلجاءِ جهڙو آسرو ڏنو هئائين. مون وري جڏهن ٻيو دفعو کين اسلام آباد فون ڪري احوال معلوم ڪرڻ چاهيو ته ان دوران هو ان پوسٽ تان بدلي ٿي ويو هو ۽ چيئرمين نئشنل هاءِ وي اٿارٽي (Chairman National High Way Authority) ٿي ويو هو. (منهنجي پٽ محمد سليم به ٻڌايو ته P.T.C.L جا ملازم ڪورٽ ۾ ويا هئا ۽ اهو ڪم اتي ئي رڪجي ويو).
مسٽر عبدالقادر منگي صاحب ائڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو
عبدالحميد شيخ لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ هو ته ڪمشنر صاحب سندس بدلي شايد ته شڪارپور ڪئي هئي، مان سندس بدلي بند ڪرائڻ لاءِ مسٽر محمد رمضان چنه اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) ۽ مسٽر ظفر علي شر اسسٽنٽن ڪمشنر (جنرل) کي ساڻ وٺي مسٽر عبدالقادر منگي صاحب ڏانهن ان ڪم لاءِ ويس، جو منهنجي اڳ ساڻنس ڪا خاص واقفيت وڙي نه هئي پر سندن نالو ٻڌندو هئس. هن ٻنهي مسٽر محمد رمضان ۽ ظفر علي شر کين چيو ته هو ٻئي منهنجي Collegue ٿي رهيا آهن، ان ڪري منهنجو عبدالحميد جي بدلي بند ڪرائڻ وارو ڪم ڪري ڏي. جنهن تي هن کين چيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب کان اهڙو D.O Letter وٺي اچي. عبدالحميد پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو ڪمشنر صاحب جن ڏانهن اهڙو D.O Letter وٺي آيو، جنهن تي ڪمشنر صاحب خود ئي هن جي بدلي رد ڪرڻ جو آرڊر ڪري موڪليو.
مسٽر عبدالرشيد ميمڻ صاحب ائڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو.
ٻيو دفع وري عبدالحميد جي لاڙڪاڻي مان بدلي ٿي ته مان مسٽر عبدالرشيد ميمڻ ائڊيشنل ڪمشنر صاحب سان وڃي روبرو مليس (جو هن سان اڳ چڱي ڄاڻ سڃاڻ هئي) ۽ کيس بدلي بند ڪرڻ لاءِ عرض ڪيم ۽ هن مهرباني ڪئي ۽ بدلي بند ڪيائين. (مسٽر عبدالرشيد ميمڻ صاحب کان مان ڊگري S.D.M جي چارج ورتي هئي).
مسٽر خالد محمود سومرو صاحب ائڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو
هڪڙي ڏينهن منهنجي سؤٽ حسن الله جو پٽ جاويد آيو ۽ اچي چيائين ته هن پنهنجي سؤٽ (جيڪا سندس منڱيندي هئي ۽ منهنجي پڻ ڏوهٽي هئي) ان جي P.R.C ملڻ لاءِ ڪاغذ تعلقي آفيس ۾ ڏنا آهن پر هو چون ٿا ته اهي پورا ناهن ۽ انهيءَ ڪري هو D.M صاحب ڏانهن رپورٽ به نه پيا موڪلين، سو ان لاءِ ڪنهن کي چئو. مان پوءِ خالد محمود سومري ائڊيشنل ڪمشنر صاحب سان مليس ۽ کيس سموري حقيقت ڪئي ۽ کيس ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ چيو جو پبلڪ سروس ڪميشن ۾ انٽرويو ترت ٿيڻا هئا، جنهن ۾ اهو P.R.C ضرور پيش ڪرڻو هو. خالد محمود سومري صاحب پوءِ D.M صاحب کي فون ڪئي پر هو برگيڊيئر وٽ ميٽنگ ۾ ويل هو، هن پوءِ وري اوڏانهن فون ڪئي ته برگيڊيئر صاحب چيس ته ميٽنگ ۾ ويٺو آهي، جي اهڙو ڪو ضروري ڪم آهي ته اوهان سان ڳالهائي پر خالد محمود صاحب چيس ته نه چئي ڇڏيوس ته جنهن مهل پنهنجي آفيس ۾ اچي ته ساڻس ڳالهائي. مان پوءِ کيس پنهنجي ڏوهٽيءَ جنهن جي نالي تي P.R certificate کپندو هو اهو نالو ۽ جاويد جا نالو نوٽ ڪرايا ۽ کيس چيو ته D.M صاحب سان جاويد ملندو.
ٻئي ڏينهن تي صبح جو D.M صاحب قمبر گشت ۾ نڪري ويو هو، مان ان وچ ۾ مسٽر نظام الدين ٺٽيار مختيارڪار لاڙڪاڻي (هو منهنجي دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران اتي ئي سروس ۾ هيو) کي فون ڪئي ته اهي P.R.C وارا ڪاغذ حال في الحال پاڻ وٽ روڪجان ۽ ڪارپوريٽ D.M صاحب ڏانهن نه موڪلجان. جيستائين مان اوهان سان روبرو ملان، مون پوءِ وڃي اهي ڪاغذ آفيس مان گهرائي ڏٺا، جي بلڪل درست هئا ۽ مختيارڪار کي به چيم ته ڪاغذ پاڻ به ڏسي جنهن ڏسي چيو ته ڪاغذ بلڪل پورا آهن ۽ پوءِ هن مونکي P.R.C ملڻ لاءِ فائدي ۾ رپورٽ ڪڍي ڏني. جيڪي ڪاغذ مون وڃي D.M صاحب جي P.A مسٽر سانگيءَ کي ڏنا، جنهن P.R Certificate ٺهرائي D.M صاحب کان صحيح ڪرائي ڏنو ۽ ڪم روٽن ۾ ٿي ويو. مون اهڙو احوال خالد محمود سومري کي ڏئي ڇڏي ته متان D.M صاحب ساڻن ان باري ۾ وري ڳالهائي.
خالد محمود سومرو صاحب جڏهن سکر ڊويزن جو ڪمشنر صاحب ٿي آيو هو ته مان کين مبارڪ ڏئي آيو هئس، پر مان جڏهن کين مبارڪ ڏيڻ ويس ته ان کان اڳ سندن والد بزرگوار ميان عبدالرحمٰن خان وفات ڪري ويو هو پر ان وقت تائين مونکي اهڙي ڪا به خبر نه هئي. مان هڪ ڏينهن دادوءَ ويس ته ڊاڪٽر عبدالرزق ابڙي ڊينٽل سرجن سول هاسپٽل دادوءَ اها ڳالهه ٻڌائي ته ميان صاحب انتقال ڪري ويو آهي. مان پوءِ سندن ڳوٺ شاهه پنجي وڃي ميان صاحبن جي فرزندن سان جيڪي اتي موجود هئا، عذر خواهي ڪري آيس پر خالد محمود صاحب پاڻ سکر هو. مان ارادو ڪيو ته وٽس به عذرخواهيءَ لاءِ سکر ويندس. انهيءَ دوران عبدالحميد منهنجي نياڻي جي هڪ دوست جي بدلي نوابشاهه مان سکر ڪمشنر صاحب خالد محمود سومري ڪئي هئي ته عبدالحميد مونکي اها بدلي بند ڪرائڻ لاءِ چيو، مون کيس چيو ته مان سکر وڃڻو آهيان ۽ مونکي اهڙي درخواست لکي ڏجان ته کڻي ويندس ۽ ڪوشش ڪري ڏسندس. هن درخواست بجاءِ ان بدليءَ واري آرڊر جي ڪاپي ڏئي ڇڏي. مان جڏهن سکر وڃي خالد محمد سومري صاحب سان سندن آفيس اندر داخل ٿيس ته هو ڪرسيءَ تان اٿيو بيٺي فون تي پئي ڳالهايائين. هن جڏهن فون بند ڪئي ته مان کين سندن والد صاحب جي فوت ٿيڻ تي عذر خواهي ڪئي ۽ کين ٻڌايم ته مان جڏهن اڳ کين مبارڪ ڏيڻ لاءِ وٽن آيو هئس ته ان وت تائين مون کي اها اوهان جي والد صاحب جن جي وفات ڪري وڃڻ جي خبر نه هئي. عبدالحميد جي آرڊر جي ڏنل ڪاپي ته مون وٽ موجود هئي پر موقعي جي لحاظ کان مان دليون هڻڻ لڳس ته کيس چوان يا نه!! هيڏانهن اهو به پيو سوچيان ته عبدالحميد سان ڪهڙو وڃي ڪوڙ هڻان!
آخر مون هن کي اها آرڊر جي ڪاپي ڏئي عرض ڪيو ته هي آرڊر ته مهرباني ڪري رد ڪري ڏيو. ان تي هو ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ ائڊيشنل ڪمشنر صاحب غلام حسين قريشيءَ کي فون ڪري گهرايائين ته شيخ صاحب توتي دانهين آيو آهي (غلام حسين قريشي صاحب به دادوءَ جو ويٺل هو ۽ هن سان منهنجي به چڱي گهاٽائي اڳ ئي هئي). قريشي صاحب آيو ته ان کي چيائين ته هي آرڊر شيخ صاهب جيئن چوي تيئن رد ڪري ڏجو ۽ گاڏي به ڏجو ته جتي وڃڻو هجيس اتي کيس ڇڏي اچي. مون کي پوءِ چيائين ته هو تڪڙو آهي جو کيس ڪراچيءَ ميٽنگ ۾ وڃڻو آهي. ايئن چئي هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هيٺ لٿو ته مان به ساڻس گڏ آيس، هن جي رواني ٿي وڃن بعد مان اچي مسٽر غلام حسين قريشي صاحب وٽ ويٺس ته هن آفيس سرپرنٽينڊنگٽ کي گهرائي چيو ته ان آرڊر کي رد ڪرڻ جو آرڊر تيار ڪري اچي. ان دوران مسٽر عبدالوحيد ماڪو جيڪو به ڪمشنر صاحب جن جي آفيس ۾ ئي هيو، اهو به اچي قريشي صاحب وٽ ويٺو ته ان کي منهنجي نالي چيائين ته هن انجنيئر کي گرفتار ڪرايو هو، حالانڪ ان کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو. آفيس سپرنٽينڊنٽ انهيءَ دوران اڳ نڪتل آرڊر رد ڪرڻ جو آرڊر تيار ڪري کڻي آيو، جو قريشي صاحب مونکي صحيح ڪري ۽ نمبر هڻائي ڏنو، جو مون واپس اچي مسٽر عبدالحميد کي ڏنو.
مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب رٽائرڊ ميمبر بورڊ آف روينيو
منهنجو نياڻو ڊاڪٽر رسول بخش شيخ باليشاهه ۾ پوسٽ ٿيل هو، جنهن کي ميهڙ مان اوڏانهن روزانو اوٽ موٽ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. انهيءَ دوران مان لاڙڪاڻو ڇڏي اچي حيدرآباد رهيس. هڪڙي ڏينهن مان مسٽر غلام حسين شيخ ڊئريڪٽر ڊينٽل سروسز سنڌ وٽ آفيس ۾ وڃي کيس چيو ته ڊاڪٽر رسول بخش جي باليشاهه مان ميهڙ ڊئريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ کان بدلي ڪرائي ڏي (ان وقت ڊاڪٽرن جون بدليون D.G Health) ئي ڪندو هو) پر هن پنهنجي D.G Health ۾ اميد نه ڏيکاري ۽ مورڳو ايترو ٻڌايائين ته هن سندس نياڻيءَ جو ئي ڪم نه ڪيو هو. (مسٽر غلام حسين شيخ صاحب به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو ۽ ساڻس دوستيءَ جو رستو هو). مان پوءِ کانئس صلاح پڇي ته کيس ڪنهن کان چَورائجي. جنهن تي ٻڌايائين ته D.G محمد اسحاق ميمڻ صاحب ڏيپلي جو ويٺل آهي ۽ ڏيپلائن جا ڪم مڙئي ڪندو آهي. مان پوءِ کيس چيو ته ڀلا کيس مسٽر غلام محمد ميمڻ رٽائرڊ ميمبر بورڊ آف روينيو به ڏيپلي جو ويٺل آهي ۽ هو جڏهن خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو تڏهن مان وٽس ميرواهه سب ڊويزن تي S.D.M ٿي رهيو آهيان ۽ اهو چويس ته ڪم ٿيندو، جنهن تي مسٽر غلام حسين صاحب چيو ته هن کي انڪار نه ڪندو.
مان پوءِ مسٽر غالم محمد ميمڻ صاحب جن وٽ سندن بنگلي G.O.R ڪالونيءَ ۾ وڃي ساڻن مليس. منهنجي رپورٽ ڪرائڻ تي مون کي گهرائي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريائين ۽ ٻڌايائين ته کيس Brain Stroke لڳو هو ۽ ٻاهر نه نڪرندو آهي ۽ ڊرائنگ روم ۾ به صرف منهنجي ڪري ئي آيو هو. هيڏانهن هوڏانهن جا احوال ڪرڻ کان پوءِ مون کيس ڊاڪٽر رسول بخش جي باليشاهه مان ميهڙ بدلي ڪرائن لاءِ چيو. هن پوءِ وڃي ٻه وزٽنگ ڪارڊ کڻي اچي مون کي ڏنا ۽ چيائين ته هڪڙو ڪارڊ D.G Health مسٽر محمد اسحاق ميمڻ کي ڏيان ۽ ٻئي ڪارڊ تي منهنجو ٽيليفون نمبر اٿئي، انهيءَ تي ٻڌائجان ته ڇا ٿيو!
مان پوءِ کانئن اهي ڪارڊ وٺي D.G Health آفيس آيس ۽ پهريائين مون کيس پنهنجو ڪارڊ موڪليو، جنهن تي مون کي اندر گهرايائين، مان اندر وڃي ڪرسيءَ تي ويهي کين مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب جن جو ڪارڊ ڏنو، جيڪو پڙهي چيائين ته سفارش ته ڪرڙي کڻي آيو آهين. خير پوءِ جيڪي وهيو واپريو اهو ته هڪ ڊگهو قصو آهي. بهرحال اتي مونکي ٽي چار ڪلاڪ ويهڻو پيو، جو مان چاهيو پئي ته ڪم جيئن اڄ ئي ٿئي ۽ ڏٺم ته هن به اهو ئي پئي چاهيو ته مونکي ڪم ان ڏينهن ئي ڪري ڏئي. ايتري ۾ ٻپهري جي نماز جو ٽائيم ٿيو ۽ پاڻ نماز لاءِ اٿيو ته مان کين چيو ته مان به مسجد (جيڪا اتي ئي ڀرسان هئي) ۾ نماز پڙهي اچان ٿو. مان نماز پڙهي موٽي اچي سندن آفيس ۾ ويٺس ته هن ڊاڪٽر صاحب جي بدلي جي آرڊر جي ڪاپي (جيڪو هن اڳي ئي صحيح ڪري ڇڏيو هو) مونکي ڏني، جيڪا مان کانئن وٺي ۽ مهرباني چوندي کڻي آيس.
مان پوءِ مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب جن سان ٻه ٽي دفعا فون تي احوال ٻڌائيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي چوڻ مطابق ته احوال ٻڌائجان ۽ مون چاهيو ته کين ٻڌايان ته D.G Health صاحب جن مهرباني ڪري بدليءَ جو آرڊر ڪري ڏنو آهي پر ساڻن فون تي رابطو نه ٿي سگهيو. ٻئي ڏينهن به اهڙي ڪوشش ڪيم پر تڏهن به ساڻن ڳالهائڻ نه ٿي سگهيو. پوءِ آرڊر جي فوٽو ڪاپي ڪرائي ان تي ڊاڪٽر رسول بخش جي نالي آڏو ٽڪ ڪري لفافي ۾ وجهي پاڻ کڻي سندس بنگلي تي ويس ته بيل وڄائڻ تي هڪڙي ڪِڪي جيڪا وٽن ڪم ڪندي هئي اها آئي، جنهن کان صاحب موصوف جن جي پڇا ڪيم ته چيائين آرام ۾ آهن ۽ وڌيڪ اهو ٻڌايائين ته ٻن ڏينهن کان فون به خراب آهي. مان پوءِ لفافو جنهن ۾ آرڊر جي فوٽو ڪاپي هئي، اهو اها ڪِڪيءَ کي ڏئي چيو ته جنهن مهل صاحب جن آرام مان اٿن ته کين هي لفافو ڏجان.
مسٽر غلام محمد ميمڻ صاحب جن جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر صالح ميمڻ صاحب (جيڪو هيلٿ سيڪريٽري به ٿي رهيو هو) اهو وفات ڪري ويو ته مان صاحب موصوف جن وٽ عذر خواهي ڪرڻ ويو هئس. ان وقت سندن هڪ فرزند جنهن لاءِ ٻڌايائين ته ڊاڪٽر آهي، اتي اچي نڪتو ته ساڻن منهنجو تعارف ڪرايائين ۽ چيائين ته هي سندن فرزند جڏهن ننڍو هوندو هو ته مان وٽس خيرپور ۾ S.D.M ٿي رهيو هئس. ان کان بعد وري ساڻن ملاقات نه ٿي آهي. جو مان به گهڻو ٻاهر نڪرڻ جهڙو ناهيان ۽ هو به اڪثر ڪري خوش نه ٿو گذاري، انهيءَ ڪري هروڀرو وڃي کين خفي ڪرڻ پسند نٿو ڪيان، جو جيئن مٿي چئي آيو آهيان ته جڏهن پهريون دفعو وٽن ويو هئس ته پاڻ ٻڌايو هيائون ته کين برين سٽروڪ لڳو هو ۽منهنجي ڪري ئي ڊرائنگ روم ۾ آيو هو.
مسٽر محمد بخش سومرو ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو
منهنجي ڀيڻيوئي حاجي پير بخش جو دادوءَ ۾ برف جو ڪارخانو هو، ان ڪارخاني جي لڳ سامهون هڪڙو روينيو جو پلاٽ خالي پيل هو. جيڪو هن پنهنجي نالي گرانٽ ڪرائڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ هن آفيس جي ڪلارڪن کان نوٽ تيار ڪرائي فائل به پاڻ وٽ رکيو ۽ مونکي فون ڪيائين ته ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسٽر محمد بخش سومري ۾ سندس ڪم آهي انهيءَ لاءِ اچي کيس پارت ڪري ۽ ڪم ڪرائي ڏي. جو هن جي بدلي به ٿي آهي ۽ خبر ناهي ته وري الائي ڪير اچي. مسٽر محمد بخش سومرو لاڙڪاڻي جو ئي ويٺل هيو ۽ اسان ٻئي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جن جي آفيس ۾ نوڪريءَ ۾ گڏ رهيا هئاسين. مان پوءِ لاڙڪاڻي مان دادوءَ اچي حاجي صاحب کان سندس ڪم بابت پڇيو ته هن مٿيون ڪم ٻڌايو. پوءِ مان ۽ حاجي صاحب گڏجي سندس بنگلي تي وياسين ۽ مان مسٽر غلام نبي خان سومري وڪيل کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو هئس. ڇاڪاڻ جو هو چارج ڇڏي چڪو هو، انهيءَ ڪري مون سوچيو ته متان اهو بهانو ڏئي لنوائي نه وڃي ۽ غلام نبي سومري صاحب جو ڪجهه نه ڪجهه لحاظ رکي (جو سندس ذات وارو هو) ۽ ائين ڪم ڪري. حاجي صاحب پوءِ اهو فائيل هن کي ڏنو، جنهن تي هن وچٿرو نوٽ هڻي فائيل واپس ڪيو. وري به شابس هجيس جو فائيل تي نوٽ هڻي اڳتي ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڏانهن ڏياري موڪلڻ لاءِ ڏنائين. حاجي صاحب پوءِ اهو فائيل کڻي وڃي ڊپٽي ڪمشنر آفتاب قريشي صاحب جي P.A نظام الدين ٺٽيار کي ڏنو ۽ هن جي ئي معرفت ڏي وٺ ڪرائي پلاٽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کان گرانٽ ڪرايو ۽ اهو ميمبر بوڊ آف روينيو غلام عباس سومري صاحب جن کان ڪنفرم ڪرائي پلاٽ جي قيمت مقرر ڪرائي خزاني ۾ چالان ذريعي جمع ڪرائي پلاٽ رڪارڊ ۾ پنهنجي نالي داخل ڪرائي ڇڏيو.
مسٽر الهه بچايو چانڊيو، اسسٽنٽ ڪمشنر دادو
مٿيون پلاٽ حاجي صاحب جي نالي رڪارڊ ۾ ته داخل ٿيل هو پر جيئن ته اهو خالي پيل هو ۽ هو به ڪافي وڏو ته ايريگيشن کاتي جي ڪنهن آفيسر اچي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب کي غلط خبر ڪئي ته مذڪوره پلاٽ ايريگيشن کاتي وارن جي ڪالونيءَ جو پلاٽ آهي، انهيءَ ڪري ان جو قبضو کين ڏياريو وڃي. جنهن تي هن اهڙو پوليس کي ليٽر لکي موڪليو ته ان پلاٽ جو قبضو ايريگيشن کاتي وارن کي ڏياريان. حاجي پير بخش خان انهيءَ دوران وفات ڪري ويو هو. پر منهنجي پٽ غلام ياسين (جيڪو سول اسپتال دادوءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر هو) کي اها خبر پئي ته هن مونکي لاڙڪاڻي فون تي اهو احوال ڏنو. مان هڪدم دادوءَ آيس ۽ اچي الله بچائي صاحب سان آفيس ۾ مليس (مان جڏهن سانگھڙ ۾ S.D.M هئس ته الهه بچايو چانڊيو مون وٽ زيردست هيڊ منشي ٿي رهيو هو) ۽ کيس چيم ته چانڊيا صاحب رڪارڊ به ڏسو ٿا يا نه ۽ ائين ئي کڻي ٿا پوليس کي ليٽر لکو. جنهن تي چيائين ته سائين مون کي خبر پئي ته پلاٽ اوهان جي عزيزن جو آهي، انهيءَ ڪري هن اهو ليٽر پوليس کان واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ايريگيشن وارن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
وري به شابس هجيس جو صحيح خبر پوڻ تي پرپٺ ئي ليٽر واپس وٺي ڇڏيائين نه ته ايريگيشن وارن کي پوليس ان ليٽر جي آڌار تي پلاٽ جو قبضو ڏئي ڇڏي ها ته هو ته پوءِ شينهن ٿي وڃن ها ۽ وڏو رولو بڻجي وڃي ها، ايئن پوءِ قبضو به وڏي تڪليف بعد ئي ملي ها.
جتي پنهنجي زندگيءَ جي گهڻن ئي قصن ڪهاڻين ۽ لاهن چاڙهن جو داستان لکي آيو آهيان، اتي پنهنجن ٽن مائٽن جي ڪيل قربن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان، جيئن انهن کي وساري وڃڻ ڪري پوءِ پڇتاءُ نه ڪرڻو پوي.
• بشير احمد ولد حبيب الله شيخ
تعارف: هي منهنجي سڳي سؤٽ ۽ سڳي ماسيءَ جو فرزند ارجمند آهي.
هن ۽ منهنجو گهر لڳو لڳ آهن. منهنجي جڳهه سندس جڳهه کان گهڻو اڳ جي ٺهيل هئي ۽ بعد ۾ رستي مٿي ٺهڻ ڪري جڳهه هيٺ ٿي وئي هئي، انهيءَ ڪري برسات جي وقت يا گندي پاڻيءَ جي نالين ۾ وهڪري رڪجڻ ڪري اهو منهنجو گهر ۾ اچي ويندو هو ۽ پاڻي ڪڍڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي هئي. بشير جي جڳهه ڪافي پوءِ جي ٺهيل آهي، جيڪا پهريائين هڪ شاهه صاحب ٺهرائي هئي، جن کان هن خريد ڪئي آهي پر اها روڊ کان چڱو مٿي آهي، جنهن ڪري هن سان مون وانگر مٿيون آزار نه آهي. هڪ موقعي تي تمام گهڻو نالين جو ڪِنو پاڻي توڙي برسات جو پاڻي منهنجي جڳهه ۾ اچي ويو ته هن شخص پنهنجي گهر جي ڪوٺي تي بيهي ڏند ٽيڙي منهنجي موجودگيءَ ۾ منهنجي گهرواريءَ کي چيو ته ڀاڄائي پاڻي اچي ويو آهي ڇا! ۽ ٺٺولبازي ڪرڻ لڳو، مان ان وقت رٽائر ٿي آيو هئس ۽ منهنجي ڪمزور مالي حالت جي هن کي بخوبي خبر هئي ۽ هن کي اهو يقين ٿي ويو هيو ته مان جڳهه اڳي پوءِ نيڪال ڪندس جو هن مون ۾ ايتري وسعت نه پئي سمجھي ته ڪو جاءِ ڊهرائي مٿي ڪري ٺهرائي سگهندس. اهو مان به قبول ڪيان ٿو ته هن جو اهو گمان بلڪ درست هو. منهنجي اها مجبوري ڏسي مون کان 1000 فوٽ ايراضي پنهنجي گهر مان (جيڪا هن جي جڳهه سان لڳ پٽي هلي پئي وڃي) کيس ڏيڻ لاءِ منهنجي ڀاڻج انعام الله شيخ جي معرفت گهر ڪرڻ لڳو، جنهن لاءِ انعام الله پڻ مون تي ڪيترا ڀيرا زور ڀريو پر مان هميشه کيس انڪار ڪندو رهيس.
بس الله تبارڪ وتعالي نهايت غفور ۽ رحيم آهي ۽ جڏهن به پنهنجي ڪنهن گنهگار بندي تي پنهنجو فضل وڪرم ڪرڻ چاهي ٿو ته سڄي دنيا جي مخالفت ڪجھ به بگاڙي نه ٿي سگهي. مون تي به الله تبارڪ وتعاليٰ پنهنجو وڏو ڪرم ڪيو، جو مونکي پنهنجي سڄي جڳهه ڊهرائي پٽ ڪري نئين سر ٺهرائڻ لاءِ واهه پٽي ڏني، جو هڪ ڏينهن مان ان پريشانيءَ واري حالت جو پنهنجي ڏوهٽي ڪليم الله سان ذڪر ڪيو ته هن مونکي چيو ته بابا سست نه ٿيو، ماشاءَ الله ڪري جڳهه ڊهرائڻ شروع ڪيو ۽ الله پاڪ سڀ ڀلي ڪندو.
مان الله پاڪ تي ڀروسو رکي سيپٽمبر 96 ۾ پوري جڳهه ڊهرائڻ شروع ڪئي، منهنجي جڳهه جي جملي ايراضي 3081 چورس فوٽ هئي، ان مان اتر منهن پلاٽ جو 1108 چورس فوٽ ايراضي وارو ٽڪرو وڪري لاءِ خالي ڇڏي باقي 1973 چورس فوٽ ايراضيءَ تي ڏکڻ منهن نقشو L.D.A لاڙڪاڻي کان بحال ڪرائي جاءِ ٺهرائڻ شروع ڪيم. مون نئين جڳهه گرائونڊ ليول کان چار فوٽ مٿي رکي ٺهرائڻ شروع ڪئي ته الله پاڪ جي فضل وڪرم سان پنهنجي ڏوهٽي ڪليم الله شيخ ۽ ڀاڻيجو نظام الدين ۽ ٻين مٽن مائٽن کان قرض طور مالي مدد ملندي پئي وئي ۽ ڪم ۾ ڪا رڪاوٽ نه پئي. بشير خان کان اهو سَٺو نه پئي ٿيو ۽ هن منهنجي خلاف ميونسپل ڪارپوريشن توڙي لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اختيارن کي درخواستون ڪري اجايا سجايا بهانا ڏئي منهنجي جڳهه جو ڪم بند ڪرائڻ چاهيو پر مان هن جي سڀني اعتراضن دور ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اختيارين کي لکت ۾ ڏنو، جن پوءِ کيس درخواست جي جواب ۾ لکي موڪليو ته هن جي جڳ بحال ڪيل نقشي موجب ٺهي رهي آهي ۽ سندس اعتراض غلط آهن. هن اهو به منهنجي خلاف دانهيون ته مون 36 فوٽ رستي ۾ رڪاوٽ ڪئي آهي، جنهن تي ميونسپل جو اينڪروچمينٽ آفيسر گل محمد گاد سرزمين ڏسڻ لاءِ آيو ۽ ڏٺائين ته رستي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هئي ۽ ايترو به اظهار ڪيائين ته ماڻهو به ڏسن ڪونه رڳو ڪوڙ تي پيا دانهون ڪن ۽ هو مطمئن ٿي هليو ويو.
مان جيڪو 1108 چورس فوٽ ايراضي وارو پلاٽ جو ٽڪرو وڪري لاءِ خالي رکيو هو ان لاءِ منهنجو ڊاڪٽر امان الله سان سودو طئه ٿي ويو ته اهو به هو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ وڃي ڊاڪٽر امان الله شيخ جي عزيز قربان شيخ جي ڪپڙي واري دوڪان تي کيس چيائين ته ڊاڪٽر کي حرام جا ڏوڪڙ ٿيا آهن ڇا جو ايترن پئسن ۾ کانئس پلاٽ ٿو وٺي ۽ مان کيس (بشير) کي سستو پيو ڏيان پر هنن هن جي ان ڳالهه کي ڪشي نه باشي ڪري ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر صاحب مون کان اڳ طئه ٿيل اگهه ۾ پلاٽ خريد ڪري ورتو.
الله پاڪ جي فضل وکرم سان منهنجي جڳهه مڪمل طرح تيار ٿي وئي ۽ ان ۾ ڪمرن جي گنجائش به اڳين جاءِ جيتري ئي آهي. البت ايوان ٿورو گهٽيو پر جڳهه جو نقشو ڏاڍو سٺو آهي. مان نومبر 1997 ۾ اُن نئين جڳهه ۾ وڃي ويٺس. اپريل 1998 ۾ مون پنهنجي ننڍي پٽ محمد سليم جي شادي ڪرائي، ان وقت هو قومي بچت اسڪيم ڊئريڪٽوريت سکر ريجنل آفيس ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر هو. هن کي اتي 6 سال سروس ڪندي گذريا ته حيدرآباد ريجنل آفيس ۾ بدلي ڪري رکيو ويو. انهيءَ ڪري منهنجي پٽن محمد سليم ۽ وڏي پٽ ڊاڪٽر غلام ياسين ارادو ڏيکاريو ته جڳهه نيڪال ڪجي ۽ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪجي پر جڳهه جي مناسب قيمت اسان جي تقاضا موجب نه پئي ملي، انهيءَ ڪري جڳهه وڪرو نه ڪئيسين. البت اسٽيٽ ايجنسيءَ وارو نثار شيخ صاحب خود مڃي پيو ته جيڪا رقم اسان گهرون پيا جڳهه اوترو واقعي لهي. هن اهو به ٻڌايو ته جڏهن به ڪو گراهڪ کيس جڳهه وٺي ڏيڻ لاءِ چوندو هو ته هو اڳ ۾ ان گراهن کي اسان واري جڳهه ئي ڏيکاريندو هو، جا نقشي جي لحاظ ۽ روشني توڙي وينٽيلينس (هوا جي گذاري) جي لحاظ کان نهايت بهترين هئي. (نثار شيخ صاحب لاڙڪاڻو ڇڏي هاڻي ڪراچي ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي آهي). خير اسان ان جڳهه ۾ نومبر 1997 کان 02.05.2000 تائين رهياسين ۽ تاريخ 03.05.2000 تي جڳهه بند ڪري حيدرآباد شفٽ ٿي آياسين. ڪن خانگي ماڻهن جڳهه ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ چيو پر اسان انهن کي انڪار ڪري ڇڏيو.
بس الله تبارڪ وتعاليٰ جڏهن پنهنجي مهربانيءَ جي نظر ڪنهن بندي تي ڪري ٿو ته اهو ئي واهه پٽي ٿو ڏئي، ائين اسان تي سندن ڪرم ٿيو جو فوجي فائونڊيشن وارن منهنجي ان جڳهه ۾ ڊسپينسري کولڻ لاءِ 8 هزار روپيا ماهوار ڪرائي تي اها جڳهه ورتي ۽ اهڙي ائگريمينٽ پهريان 3 سالن لاءِ 21.06.2001 کان 20.06.2004 تائين ٿي، جنهن لاءِ هنن 12 مهينن جو يڪمشت ڪرايو 96 هزار روپيا اڳواٽ ڏنو ۽ پوءِ هر مهيني 8 هزار روپيا ڏيندا رهيا. پهرين ائگريمينٽ جي مدي پوري ٿيڻ بعد وري وڌيڪ ٻين ٽن سالن لاءِ 20.06.2004 کان 21.06.2007 تائين ساڳي ڪرايو 8 هزار ماهوار سان ائگريمينٽ ٿيل آهي، جنهن لاءِ به هنن 12 مهينن جو ڪرايو 96 هزار روپيا ڏنو هو ۽ هاڻي ماهوار 8 هزار روپيه بنا گهرڻ جي ئي ڏيندا رهندا آهن.
جڏهن لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو آهي ته مڙئي ڊسپينسري جي I/C Doctor مسٽر محمد علي کوکر صاحب سان ملڻ وڃبو آهي ۽ جڳهه چڱي طرح Maintain ڪندو پيو اچي ۽ شروعاتي حالت (Condition) ۾ ئي آهي.
منهنجو ماروٽ منهنجي سڳي مامي محمد عمر جن جو فرزند
هي قمبر ۾ واپڊا ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هو ته هڪڙي ڏينهن قمبر شهر ۾ لڳل ناجائز ايئرڪنڊيشنرن جي ڇاپن هڻڻ لاءِ نڪتو. هن ٻين سڀني ماڻهن کي ڏيتي ليتي ڪري ڇڏي ڏنو ۽ فقط منهنجي نياڻي حبيب الله کي قمبر ٿاڻي وارن جي حوالي ڪري آيو. منهنجي نياڻي هن کي منهنجي رشتيداريءَ وارو حوالو به ڏنو پر هن ڪو شرم حياءُ نه ڪيو ۽ واپس لاڙڪاڻي موٽي آيو. مون کي پوءِ منهنجي ڏوهٽي قمبر مان فون ڪئي ۽ مان وڃي حبيب الله سان ٿاڻي تي مليس، جنهن مٿين حقيقت ٻڌائي. اتان پوءِ ٽئڪسي ڪري مان لاڙڪاڻي هن جي در تي ويس ۽ کيس چيم ته حبيب الله جي ته جان ڇڏائي، جنهن بعد هن قمبر ٿاڻي تي فون ڪئي ۽ هنن پوءِ حبيب الله کي ڇڏي ڏنو. منهنجو حوالو ڏيڻ بجاءِ هو به ٻين وارو طريقو اختيار ڪري ها ته اها نوبت نه اچي ها، جو اڄ شناس موڪلائي وئي آهي.
مشتاق صاحب ولد حسن الله شيخ
تعارف: عجيب اتفاق جو هن جي به مون سان ساڳي بشير احمد جهڙي ئي رشتيداري آهي ۽ منهنجي ٻئي ساڳي سؤٽ حسن الله (حبيب الله جي ننڍي ڀاءُ) ۽ منهنجي ننڍي ماسيءَ جو پڳدار پٽ آهي.
هڪڙي ڏينهن مان اوطاق ۾ ويٺو هيس ۽ در کليو پيو هو جو هڪڙو سفيد پوش ماڻهو هليو آيو ۽ مون کان پڇيائين ته مان کيس سڃاڻان ٿو يا نه! جنهن تي مون هن کي انڪار ڪندي چيو ته مان کيس نه ٿو سڃاڻان. هن پوءِ پنهنجو نالو محمد بچل جکرو ٻڌايو. (ڪنهن وقت ۾ هو ڏوڪريءَ ۾ مختيارڪار هو ته مان هن وٽ زيردست هيڊ منشي ٿي رهيو هئس پر ان کي گهڻو عرصو ٿيو هو، جنهن ڪري مان هن کي سڃاڻي نه سگهيس). هن پوءِ حال احوال ڏيندي چيو ته سندس رتيديري ۾ سارين جو سيلر ڪارخانو آهي ۽ هن کي بئنڪ مان قرض وٺڻو آهي ۽ ٻڌو اٿائين ته بئنڪ جو مئنيجر منهنجو عزيز آهي، انهيءَ ڪري کيس سندس پارت ڪيان ته قرض منظور ڪري. مشتاق صاحب ئي اتي ان وقت مئجينجر هيو، جنهن کي مون فون ڪئي پر انڪار ڪري ڇڏيائين، مون پوءِ اهڙي حقيقت اچي جکري صاحب کي ڪئي جو خاموش ٿي هليو ويو. مشتاق انڪار جو جواز اهو ٻڌايو ته محمد بچل جکري کي رتيديري ۾ ڪارخانوئي ڪونهي. مان هن سان وڌيڪ بحث ڪونه ڪيو. اڳي چوندا هئا ته ڏائڻ به هڪ گھر ٽاريندي آهي پر اهو زمانو گهڻو اڳ گذري ويو ۽ موجوده نفسانفسيءَ واري دور ۾ دنيا ميڙڻ جي هوس هڪ به گهر ٽارڻ ڇڏي ڏنو آهي.