لاهوري محلي ۾ ورتل پلاٽ تي ناجائز قبضو
جيڪب آباد جي پوليس پوءِ لاڙڪاڻي اچي انهن کي گرفتار ڪري وٺي وڃي اي ڊي ايم (غلام مصطفيٰ) جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن کين ڏنڊا ٻيڙيون هڻائي جيل موڪلي ڇڏيو. قبضي ڪندڙن مان هڪ ڄڻي جو مسٽر غلام مصطفيٰ جي ڀيڻيوئي سان واسطو هو، انهيءَ ڪري هو وٽس ويو ۽ ان جي سفارش ڪيائين. غلام مصطفيٰ جوکئي مون کي فون تي اهو احوال ڪيو، جهن تي مون چيومانس ته ڀلي اوهان جو ڀيڻيويو فيصلو ڪري. ان کان پوءِ فيصلو ٿيو ۽ پلاٽ جو اگهه طئه ڪيو، جو ڌرين قبول ڪيو ۽ قبضي ڪندڙن هر هڪ جي قبضي ڪيل ايراضيءَ جا پئسا قسطن ۾ ادا ڪرڻ چاهيا ۽ اهڙيون ائگريمينٽون به ڪيون، پر هنن ٻه ٽي قسطن ڏيڻ کان پوءِ وڌيڪ قسطن جي رقم ڏيڻ کان بس ڪري ڇڏي.
مان ان سلسلي ۾ غلام مصطفيٰ خان ڏانهن جيڪب آباد روبرو وڃي مليس. تنهن وقت مسٽر خالد محمود سومرو صاحب اتي ڪليڪٽر هو. حال احوال ڪرڻ کان پوءِ مون کانئس پڇيو ته ڪليڪٽر صاحب اتي آهي ته مان ساڻس ملان. هن ٻڌايو ته هو اتيئي آهي. ان وقت مسٽر غلام مصطفيٰ مون کي ٻڌايو ته هن پنهنجي ڀيڻيوئي کان ٻن نياڻين جا سڱ پنهنجن ٻن پٽن لاءِ وٺڻا ڪيا هئا، پر رڳو اهڙي زباني طرح ڳالهه ٿي هئي. مڱڻو نه ٿيو هو. پر اڳتي هلي سندس ڀيڻيوئي کيس چيو ته مان پنهنجي ملڪيت سندس نياڻين نالي ڪري ڏيان، پر هن کي مون ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ هن پنهنجيون ٻئي نياڻيون ٻن پوليس آفيسرن کي پرڻائي ڏنيون. انهن پوليس آفيسرن معرفت کيس تنگ ڪرڻ لڳو آهي. ايتريقدر جو هن ايس پي دين محمد بلوچ جي معرفت ڊي ايم مسٽر خالد محمود سومري کي چيو ته اي ڊي ايم غلام مصطفيٰ جوکئي جو هڪ پٽ ڪار لفٽرن جي ٽولي سان شامل آهي ۽ ڊي ايم صاحب کان هن کي گرفتار ڪرڻ جي به اجازت وٺي ڇڏي آهي. غلام مصطفيٰ خان پوءِ مون کي چيو ته اوهان ڊي ايم صاحب سان ملڻ وڃو ٿا. جيڪڏهن هن سان چڱو رستو اٿوَ ته کيس منهنجي پارت ڪيو. مان پوءِ خالد محمود سومري صاحب جن سان سندن آفيس ۾ ملڻ ويس. زماني جا هيڏانهن هوڏانهن جا احوال ڪرڻ کان پوءِ مون کين چيو ته آفيسرن کي پنهنجي زيردست کي تحفظ ڏيڻ کپي، پر اوهان الٽو پوليس کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته ڀلي اي ڊي ايم جي پٽ کي گرفتار ڪن. پوءِ مون کي چيائين ته غلام مصطفيٰ کي دلجاءِ ڏجان ته سندس پٽ خلاف هاڻي پوليس ڪوبه قدم نه کڻندي. مون پوءِ ڊي ايم جن وٽان موٽي اچي اي ڊي ايم کي اها حقيقت ڪئي.
ملڪيت تي تڪرارن جا قصا ته اخبارن ۾ روزانو ايندا رهن ٿا، پر مان هتي فقط انهن ٿورن قصن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب سمجهان ٿو، جيڪي متاثرن مون کي روبرو ٻڌايا هئا.
• مان جڏهن 1975ع ۾ دادوءَ ۾ ايس ڊي ايم هئس ته هڪڙي ڏينهن مسٽر محمد الياس بلوچ صاحب رٽائرڊ ايس ڊي ايم (هو لاڙڪاڻي سب ڊويزن جو ايس ڊي ايم ٿي رهيو هو) مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ ٻڌايائين ته هن نوڪريءَ دوران زمين پنهنجي ڀائٽي جي نالي ورتي هئي، پر هو هينئر کيس ان زمين جو کاتو ڦيرائي رڪارڊ ۾ سندس نالي ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري. هو مورڳو هن (محمد الياس) خلاف درخواست لکي وزيراعظم ڀُٽي صاحب جن وٽ سندس لاڙڪاڻي ۾ رکيل کليل ڪچهريءَ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ کڻي ويو آهي. جيئن ته وزيراعظم صاحب شڪايت ملڻ تي هڪدم گرفتاريءَ جو حڪم ڏيندو آهي ۽ جي اهڙي ڳالهه ٿئي ته مون کي ٻڌائجان، ته جيئن مان ڪيڏانهن کسڪي وڃان. هن اهو به ٻڌايو ته هن پنهنجي ڀاءُ کي به چيو آهي ته پنهنجي پٽ کي سمجهاءِ، پر هن رهندو کيس اهو جواب ڏنو ته هن جو پٽ سندس چئي ۾ ناهي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ محمد الياس بلوچ صاحب اچي ٻڌايو ته سندس ڀائٽئي سموري زمين ته نه لکي ڏني پر ڪجهه پاڻ وٽ جهلي، باقي ٻي لکي ڏنائين. محمد الياس وفات ڪري ويو آهي.
• مسٽر محمد اسماعيل ٻگهيو ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ ئي پڙهيو هو، پر مون کان سينيئر هو. هن به روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري هين18 گريڊ جي پوسٽ (ڪالونائيزيشن آفيسر گڊو بئراج) تان رٽائر ڪيو هو. ان مون کي هڪ ڀيري ٻڌايو ته هن نوڪريءَ دوران ڪجهه زمين پنهنجي ڀاءُ عبدالله جي نالي خريد ڪئي هئي، جا هن کيس لکي نه پئي ڏني. هن پوءِ عبدالحميد خان جتوئيءَ کي چيو جنهن اسان جو فيصلو ڪيو هو.
• هڪ ڀيري اڪبر خان لغاري جيڪو پڻ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هو، مون وٽ آفيس ۾ آيو ۽ اشرف خان لغاريءَ جا سور پئي پٽيائين. لڳو پئي ته منجهن ملڪيت تي تڪرار هو.
• مسٽر خير محمد گهانگهرو ويٺل رتويديرو مون سان ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ گڏ پڙهيو هو ۽ B.Sc پاس ڪري نڪتو، پر هو نوڪريءَ ۾ نه گهڙيو ۽ وڃي پنهنجي زمينداري ڪرت سان لڳو. خير محمد خان جو وڏو ڀاءُ پير بخش خان منهنجو ويجهو دوست هو، جو مان رتيديري تعلقي ۾ چار پنج ڀيرا تعلقي هيڊ منشي ٿي رهيو هئس. هڪ ڀيري خير محمد خان سان فون تي ڳالهائڻ ٿيو ته چيائين ته ادي (پير بخش خان) جا ڪم ڏسو ٿا. انهن ۾ به ملڪيت تان ئي تڪرار هو، پر جيئن ته هيءُ ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ معاملو هو ۽ ٻئي منهنجا دوست هئا، انڪري مون کانئس ان باري ۾ وڌيڪ تفصيل پڇڻ مناسب نه سمجهيو. نه وري هن ڪجھه وڌيڪ ٻڌايو. پير بخش خان سان منهنجي آخري ملاقات لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ فزيشن جي ڪلينڪ تي ٿي هئي. جتي ٻڌايو هئائين ته هن دل جو باءِ پاس ڪرايو آهي. وري پوءِ ملڻ نه ٿيو. خير محمد خان ۽ پير بخش خان ٻئي ڀائر وفات ڪري ويا آهن. مسٽر پير بخش خان جو فرزند علي نوازخان وڪيل مسٽر الاهي بخش خان ڪيهر وڪيل جي ڀرسان ئي رهندو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته ٻه ڀيرا الاهي بخش خان ڪيهر سان سندس آفيس ۾ ڪچهري ڪندي کيس چيو ته مسٽر علي نواز جي جاچ ڪرائي ته جاءِ تي آهي ته ملجيس. هو منهنجي دوست جو پٽ هو. دل چاهيو پئي ته ساڻس ملاقات ڪيان، پر ٻنهي موقعن تي هو اتي نه هو، پر ڳوٺ هليو ويو هو.
• محمد خان وڌي ۽ مولوي محمد ابراهيم ميمڻ (ٻئي ويٺل قمبر) وچ ۾ زمين تي تڪرار بابت اڳ ذڪر ڪري آيو آهيان ته مولوي محمد ابراهيم کي هارين تڪراري زمين تي قتل ڪيو هو، جنهن جو الزام محمد خان وڌي تي لڳو هو. پر پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو هو. زمين مولوي محمد ابراهيم جي وارثن کي ڏياري وئي هئي.
• منهنجن ٻن ويجھن عزيزن مسٽر غلام مرتضيٰ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مسٽر نثار احمد (ٻئي منهنجا پڦاٽ ماروٽ به هئا) جو به ملڪيت تي تڪرار هلندڙ هو. هڪ ڀيري مون کي غلام مرتضيٰ ته اهو به ٻڌايو ته تڪراري ملڪيت مان کڻڻ شيءِ تان کيس ڀاڻس نثار احمد چيو ته تون قرآن شريف کڻندين ته ان تي تنهنجو حق آهي، جنهن تي هن کيس چيو ته هو قرآن شريف کڻڻ لاءِ تيار آهي. قرآن شريف رکي هن ان تي هٿ رکي چيو ته ها ان تڪراري شيءِ تي سندس حق آهي، پر ان باوجود هو ڦري ويو.
• نثار احمد (جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان) ان جو پنهنجي ڀيڻيوئي محمد اسلم شيخ سان پئٽرول پمپ جي مالڪيءَ تي تڪرار هو ۽ قصو ان حد تائين پهتو جو نثار احمد، محمد اسلم تي ڪو ڪيس ڪري جيل ۾ وجهرايو. هو جتان پوءِ ضامن ڪرائي آزاد ٿيو. غلام مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ نثار احمد لاءِ اهو به ٻڌايو ته نثار احمد ۽ محمد اسلم جن جو فيصلو مسٽر خالد محمود سومري صاحب ڪيو هو، پر نثار احمد ان ٿيل فيصلي تان به ڦري ويو. (نثار احمد لاءِ ٻڌبو آهي ته هو ڪروڙ پتي آهي،. تبليغي جماعت جو آهي ۽ سلوار به ڀيڏيءَ کان مٿي هوندي اٿس ۽ ٻه ٽي حج به ڪيل اٿس.
ملڪيت تي تڪرارن بابت ٻه ٻڌل قصا
• سيد غوث علي شاهه (ويٺل جيڪب آباد) لاڙڪڻي ضلعي ۾ شهدادڪوٽ جو تعلقي مختيارڪار ٿي رهيو هو. هو ڏاڍي سٺي پرسنلٽيءَ وارو هو. هن نوڪريءَ دوران پنهنجي ڀائٽي جي نالي زمين خريد ڪئي هئي. ان ئي ڀائٽي سندس ئي گهر ۾ گهڙي کيس شوٽ ڪري ماري ڇڏيو هو.
• مسٽر شمس الدين سومرو (ويٺل لاهوري محلو لاڙڪاڻو) ايس ڊي ايم ٿي رٽائر ڪيو هو. هن نوڪريءَ دوران چڱي زمين مهاجرن کان ڀاءُ جي نالي تي ورتي هئي، پر اها سموري زمين ڀاڻس ڦٻائي ويو. انهيءَ ڪري مسٽر شمس الدين ڏاڍو پريشان هوندو هو ۽ ان ئي حالت ۾ ڪافي عرصو اڳ وفات ڪري ويو.
• قاضي قطب الدين ۽ سندس ننڍي ڀاءُ نظير احمد جو ملڪيت تي جهڳڙو رهندو هو. جڏهن به قاضي قطب الدين مون وٽ آفيس ۾ ايندو هو ته مڙئي پنهنجي ڀاءُ نظير احمد جا سور پٽيندو هو. (ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ٻئي ڀائر جدا جدا مائرن مان هئا). سيد غوث علي شاهه لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شهدادڪوٽ تعلقي جو مختيارڪار ٿي رهيو هو. هو شايد خيرپور جي رهندڙ ڪنهن پنهنجي آفيسر جو ستايل هو، جو چوندو هو ته ڪوفي جا سڀ ماڻهو خيرپور ۾ گڏ ٿيا آهن۔
مسٽر عبدالوهاب خان شيخ جنهن ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ڪيو هو اهو اصل خيرپور شهر جو ويٺل هو. هو ڪنهن وقت ۾ نارا هاءِ اسڪول خيرپور ۾ سيد غوث علي شاهه (اڳوڻي وزيراعليٰ) جو استاد ٿي رهيو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي پٽ جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ وٽس ويو ته هو (غوث علي شاهه) ساڻس ڇهن ڏينهن کان پوءِ مليو. پر خبر ناهي ته سندس ڪم به ڪيائين الائي نه. پر عبدالوهاب شيخ چوندو هو ته سرڪاري رٽائر ٿيل ملازم کي گولي هڻي ڇڏجي.
منهنجو تجربو ته ائين ٿو چوي
مان اڳ ٽن ڪيل تجربن جو ذڪر پڻ ڪري آيو آهيان. سرڪاري آفيسر ڪيڏي به وڏي عهدي تي رهي رٽائر ٿئي ۽ نوڪريءَ دوران وڏيرن جا ڪم ڪاريون به ڪري، پر هن جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ انهن ئي وڏيرن وٽ پنهنجي تڪ جي هڪڙي ووٽر جيتري به اهميت نه هوندي آهي. مون اهڙن ئي پنهنجن تجربن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ ڪيو آهي.
مان سال 1960ع ۾ جڏهن وارهه تعلقي ۾ هيڊ منشي هوس ته مون وٽ مسٽر علي اڪبر پيچوهو، ويٺل لعلورائنڪ، ڪمين ڪارين ايندو رهندو هو. تنهنڪري ساڻس سٺي ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي هئي، جيڪا منهنجي وارهه تعلقي مان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ به قائم رهندي پئي آئي. سال 1967ع ۾ جڏهن مان ڪليڪٽر صاحب جن جي آفيس ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ هوس ته هڪڙي ڏينهن مسٽر عبدالوهاب شيخ صاحب، جيڪو تنهن وقت لاڙڪاڻي سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، ان فون ڪئي ته علي اڪبر پيچوهي کي سڃاڻو. مون کيس چيو ته هڪڙو علي اڪبر پيچوهو، جيڪو سڄو ڏينهن ڇوڪرن جي ڪڍ هوندو آهي، انهيءَ کي ته مان سڃاڻان. جنهن تي هو کليو ۽ چيائين ته هو ڪم سان اچيوَ ٿو ۽ سندس ڪم ڪرائي ڏجو. علي اڪبر پيچوهو پوءِ مون وٽ آيو ۽ مشڪي چيائين ته يار منهنجي پت خراب ڪري ڇڏيئي. مون چيومانس ته مان توکي نه پيو سڃاڻان ڇا، جو تو وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب کان فون ڪرائي آهي. (کيس شايد رائيس مل جي لائسنس ٿي کپيو يا ڪو ٻيو ڪم هو، بهرحال مون سندس اهو ڪم ڪرائي ڏنو).
ڪافي سال گذرڻ کان پوءِ مان هڪڙي رات وي آءِ پي روڊ سان پيادل پئي ويس ته علي اڪبر خان رستي تي سامهون ملي ويو. ڏاڍو پريشان پئي لڳو. مون کيس اهڙي حالت ۾ ڏسي کانئس پڇيو ته خير ته آهي. هن ٻڌايو ته کيس دل جي تڪليف جو عارضو آهي. هو هينئر وفات ڪري ويو آهي. (علي اڪبر خان پيچوهو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جن جي نهايت ويجھن ۽ اعتماد وارن ماڻهن مان هو).