پنهنجي پاران
جڏهن کان مون ادبي دنيا ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان مون لکڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. شروع ۾ ٻارن جي صفحن ۾ ڪهاڻين سان گڏ ڪجھه شاعري به لکندو هوس، جڏهن صحافت جي دنيا ۾ آيس ته مون روزاني مهراڻ حيدرآباد ۾ گونگي جا گفتا، روزاني الوحيد ڪراچي ۾ آخر ڇو ؟ روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد ۾ سچ ۽ سرهاڻ جي نالي سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا . جڏهن روزاني برسات ڪراچي حيدرآباد آئي ته ان ۾ مختلف ڏينهن جي حوالي سان پيج ڪڍڻ ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. مون شاعريءَ تي تمام گھٽ ڌيان ڏنو آهي . هن ڪتاب ۾ جيڪا مون کي پنهنجي شاعري ملي سگھي ان کي سهيڙيو آهي .
آئون دوستن جي راءِ جو منتظر رهندس . شاعري تمام ڏکي آهي، شاعري اندر جو اڌمو، اندر جو آواز آهي . دوستن کي گذارش آهي ته دعا ڪن جيئن منهنجي صحت سالم رهي ۽ آئون ڪجھه نه ڪجھه لکندو رهان .
خادم گهراڻو