شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

چنڊ جهڙو تنهنجو مکڙو ڪريان ڇا ساراھ

چنڊ جهڙو تنهنجو مکڙو ڪريان ڇا ساراھ
هر دل جي دڙڪن رکيو جنهن سان آهي چاھ

جنهن جي هٿن سان گڏيا نفيس هٿڙا
تنهنجي مايوسي ويئي وريو تن منجھه ساھ

هوس پرست جيڪي اچن هن سامهون
ڏسيو جوڀن جو تاب نڪرين ٿو ساهه

جنهن جا نيڻ مليا هن سهڻي مورت سان
تنهن جي اندر منجھه مچي عشق آڙاھ

ڀٽڪي ويا راھ زندگي جي مقصد ۾
تنهن کي ڏسي اصل منزل سندي راھ

خادم اڄ به هن جي حسن تي جوڙي شعر
هن کي نه آ احساس ٿي ويو سو لاپرواھ

**