شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

بجلي بند ٿيندي آهي ضرور

بجلي بند ٿيندي آهي ضرور
هن کاتي وارا آهن مغرور

وئي کسجي تعليم ٻارن جي
پڙهڻ لاءِ معمار آهن مجبور

جھٽڪا ڏئي ساڙين ٿا سامان
فالٽ ۾ رهڻ هنن جو دستور

روزگار وارا بنيا بي روزگار آهن
اهنج ڏيڻ سان ملين ٿو سرور

معاشي زراعت ٿي ويئي تباھ
تباهي ۾ هنن جو ڪردار آ ڀرپور

وڌي بيروزگاري ٿيا ڏوھ ڏاڍا
غريبن کان خوشيون ويون ڏور

خادم ڪهڙا ٿو تون ڏک ونڊين
سوچي من ٿي ويو آهي جھور

**