شاعري

سمنڊ ڪنارو

هي ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار خادم گهراڻي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. سائين خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، وسيلا نه هجڻ سبب سندس ڪتاب ڇپجي ڪونه سگهيا آهن. پر پنهنجون ادبي تخليقون آنلائين ڪتاب گهر ذريعي ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي. سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آهي جو پاڻ پنهنجون لکڻيون ۽ شاعري اسان ڏانهن موڪليندو رهي ٿو.
Title Cover of book سمنڊ ڪنارو

مچ مچيو اچي اهل قلم سارا مليا

مچ مچيو اچي اهل قلم سارا مليا
گيت ويون ڏوهيڙا سگھڙن ٻول ٻوليا

سارا درمان ويا ڀسم ٿي محفل ۾
اندر ۾ لڪل جذبا مورن جيان ٽليا

چهرن تان اداسي ويئي آهي لهي
جيڪي نه مرڪن سي آهن مرڪيا

دنيا جي دورنگي ۾ ڦاٿل انسان
زندگي جو مقصد ماڻڻ لئه آهن هليا

چوطرف ستارن جهڙي اڀري جھر مر
هر طرف سنڌ ثقافت جا رنگ جھرڪيا

خخادم گھري رب کان دعا سدا رهي رونق
ديسي پرديسي جت ئي ماڳ تي آهن مڙيا

**